Monday 15 December 2014

انيتا شاھ

احساس ڪمتريءَ ۾ ورتل 
ذهن ۽ رسمن جيبيماري!
جمع 19 نومبر 2004ع

سنڌي ڪتاب پڙهندڙن کي رب سائين دنيا ڏانهن هڪڙي دري کولي ڏني آهي، جنهن کي توهان مان گهڻا الطاف شيخ جي نالي سان سڃاڻيندا هوندا، الطاف شيخ جي سفر نامن جوڳاڻيٽوهي سٽون توهان تائين پهچڻ تائين يقينن 100 کي پهچي چڪو هوندو، ڇاڪاڻ جو اهو اڻ ٿڪ کاهوڙي روز اٽڪل چار ڪلاڪ نان اسٽاپ لکي ٿو ۽ ذري گهٽ هر مهيني سندس ڪو نهڪو نئون سفرنامو ڇپجي مارڪيٽ ۾ پهچي ٿو. الطاف چاهي ٿو ته هن پنهنجي تجزئي،مطالعي ۽ مشاهدي وسيلي جيڪو به پڙهيو، پروڙيو ۽ پرايو آهي، سو پنهنجي دُکي ديس واسين سان ضرور ورهائي. هو اهو به چاهي ٿو ته سڄي دنيا جي انهن قومن جيڪي اسان جيتريون يااسان کان به ڪجهه قدر وڌيڪ پوئتي پيل هيون، پر هاڻي لاڳتي محنت ۽ جدوجهد سان ڪنهن ڪنڌيءَ وڃي لڳيون آهن، تن جي روشن مثالن سان اسان جي ضمير ۽ شعور ۾ اتساهه جاڳائي.گهڻا گهڻا سال اڳي الطاف شيخ جو ڪو سفرنامو پڙهيو هئم، جيڪو ڪنهن انڊونيشيا، ملائيشياٽائپ نالي ملڪ بابت هئو. ڪتاب جو نالو به چڱو هوندو، پر مون کي انهيءَ سڄي واقعي مانجيڪو ياد رهجي ويو آهي، سو اهو آهي ته انهيءَ ۾ هڪڙو باب انهيءَ ملڪ جي شاديءَ جيرسمن ۽ خرچ پکي بابت هئو، جنهن ۾ ٿلهي ليکي اهو چيل هو ته ڪنوار ۽ گهوٽ جا شاديءَجي موقعي تي پائڻ وارا لباس ڀاڙي تي ملندا آهن. شاديءَ جي موقعي سُڪن بسڪيٽن سانمهمانن جي ڏاٺ ڪوسي ٿيندي آهي. هر مهمان پنهنجي حساب سان سڏ ڀريندو آهي. (يعني پئساڏيندو آهي) مهمان آيا، بسڪيٽ کاڌا، گهوٽ ڪنوار سان ياد گار فوٽو ڪڍرايا، پئسا ڏنا، ڪله  ڏٺاسين گهوٽ ڪنوار خوش ويٺا هئا. اها ته هئي شادي جي وارتا، هاڻي ٻڌو ته گهوٽ ڪنوارشادي جي خرچ پکي جو ليکو ڪيئن ڇڏايو. شاديءَ ۾ جيڪو پوئو يعني پئسا مليا، تن مانبسڪيٽن جو خرچ، شاديءَ جي وڳن جو ڀاڙو، فوٽوگرافر جو خرچ وغيره وغيره ڪٽي،جيڪو باقي بچيو، تنهن مان جُوان هني مون جو جهان به وڃي ڪري ايندا، يا گهر جي لاءِڪو سامان سرڙو وٺندا. انهيءَ ملڪ جي سدورين شادين ۾ گهوٽ ڪنوار ۽ سندن مائٽ شادينتي ٿيندڙ بي انتها خرچن کان آجا لڳا پيا آهن. اهو حوال پڙهي سوچيو هئم ته ڪاش ڪڏهناسان جي قابل قوم تي به عقل ۽ دانش جي ڪا برسات ٿئي ۽ انهن جاهلاڻين ريتن رسمن مانجند آجي ڪرڻ جهڙا ٿي پون، جن جي ڳري بار هيٺ اسان جا ساهه سُڪا پيا آهن. اسان جيملڪ ۾ شاديءَ جي ڏڻ ۾ ڏينهون ڏينهن نون اسمن جا اضافا ٿيندا وڃن ٿا. مثال طور ڪنوارجي لانئون لهڻ واري وڳي جو مُلهه پنجن هزارن کان وٺي ڏهن پندرهن لکن کي وڃي ڌڪ ٿوهڻي، جيتوڻيڪ اهي وڳا سڳوريون سڄي حياتيءَ ۾ هڪ ڀيرو مس پائن ٿيون، پر انهيءَ هڪڀيري جي شوق تي بي انتها خرچ ڪيو وڃي ٿو. مون کي نٿو سمجهه ۾ اچي ته شاديءَ ۾ڪرائي تي وڳا وٺي پائڻ ۾ ڪهڙو عيب آهي، سو به هڪ اهڙو وڳو جيڪو سڄي ڄمار ۾ رڳوهڪ ڀيرو ئي پهربو آهي. هاڻي اچون ٿا ته شادين ۾ گهرايل مهمانن جي انگ ۽ ماني تي!ـ

ٻڌجي ٿو ته اڄڪلهه شادين جا ڪاڄ ڪاروبار جي شڪل وٺندا وڃن پيا. حالت اها آهي،جو جيڪڏهن اڄ صبح سان توهان جي ڪنهن سان سلام دعا ٿي ته اڄ شام ئي توهان جي در تيشادي جي دعوت پڄي ويندي. سنڌ جي ننڍن شهرن ۾ ته ايڏي مصيبت آهي، جو شادين جي مند ۾هڪڙي هڪڙي گهر کي ڏهه ڏهه جدا جدا دعوتن جي ڪوٺ هجي ٿي. اهي خبرون ٻڌي مونکي پنهنجي هڪڙي اسڪول جي دور جي ڪلاس مئٽ ياد اچي وئي، جيڪا ڪجهه مهينن لاءِهڪ نه ٻئي ڏينهن اسڪول اچي ڪا نه سگهندي هئي ۽ ذري گهٽ هر هفتي کيس ٽيچر موڪلڪرڻ تان سزا ڏيندي هئي. هوءَ ٻڌائيندي هئي ته رات جو شادين تان دير سان موٽڻ جي ڪريهوءَ صبح جو سوير اٿي ڪا نه سگهندي آهي، جنهن ڪري اسڪول کان موڪل ڪرڻيپوندي هئس. هر شام کين ٻه کان ٽي دعوتون هونديون هيون، جن ۾ وڃڻ لاءِ ڇهن ڀاتين تي ٻڌلسندن آڪهه ٻن يا ٽن ٽولن ۾ ورهائجي سڏ ڀرڻ ويندي هئي. هڪ ڀيري مون کانئس خيريت مانپڇيو، توهان جي خاندان ۾ ايڏيون شاديون ڇو ٿيون ٿين؟ چيائين، ”سڀئي ته اسان جي خاندانجون دعوتون ڪونهن، ڪي دعوتون بابا کي ملنديون آهن، ڪي ادا کي، ڪي ادي کي، پرسڀني ۾ وڃڻ ضروري آهي؟“ پڇيومانس، ضروري ڇو؟ چيائين، ”انهيءَ ڪري جو ٻن مهيننکان پوءِ منهنجي وڏي ڀاءُ جي شادي آهي، جيڪڏهن اسان شادين ۾ ڪو نه وينداسين ته پوءِاسان جي سڏ تي ڪير ايندو؟ اسان جو ته خرچ ئي اجايو ٿي ويندو؟“ مون کي ياد آهي تهمنهنجي اُها ڪلاس فيلو اڪثر هوم ورڪ ڪري ڪا نه ايندي هئي ۽ امتحانن ۾ فيل ٿيڻ بهسندس معمول هئو، جنهن لاءِ مان سمجهان ٿي ته هن جيترو يا هن کان به وڌيڪ ڏوهه سندسمائٽن جو هئو، جن لاءِ پنهنجن ٻارن جي تعليم کان وڌيڪ اهميت ڪاڄن ۾ وڃڻ جي هئي. اهاڳالهه ياد ڪري مون سوچيو ته جن به خاندانن ۾ اهڙي قسم جي صورتحال هوندي آهي، اتي ٻياخرچ پکا ۽ مصيبتون ته الڳ، پر انهيءَ سان گڏو گڏ ٻارڙن جي تعليم ۽ ٻيا ٽائيم ٽيبل ڪيڏي نهخراب نموني متاثر ٿين ٿا. گذريل اڌ صديءَ ۾ سنڌ جي ٻهراڙين مان شهرن ۾ جيڪا لڏپلاڻ ٿيآهي ۽ انڌو منڊو جيڪو مڊل ڪلاس اڀريو آهي، يعني اهي خاندان جيڪي تعليم ۾ اڳڀرا ٿيا آهنيا غريب خاندان سان تعلق هجڻ جي باوجود جن پنهنجن اولاد کي ڪنهن هنڌين ماڳين رسايوآهي، انهن کان جيڪڏهن توهان پڇندئو ته هو توهان کي ٻڌائيندا ته ڪيئن نه کين پنهنجي گهرکي تمام گهڻي سوشلائيزيشن کان روڪڻو پيو ۽ غير ضروري مٽن مائٽن سان اچڻ وڃڻ کيگهٽائڻو پيو، جنهن جي نتيجي ۾ سندن ٻار تعليم ۽ ترقيءَ تي توجهه نه ڏئي سگهيا ـ

اهو سمجهڻ گهرجي ته ڪنهن به شيءِ جي زيادتي غلط آهي. دنيا ۾ سڀني حدن جون بهڪي سرحدون آهن ۽ جيڪي انسان، خاندان يا قومون جيستائين پنهنجي زندگي گذارڻ لاءِ ڪيبارڊر ڪو نه جوڙيندا، جيستائين ڪي حدون مقرر نه ڪندا، تيستائين بدحالي ۽ بدتريءَ جوشڪار رهندي ڪا به اوچائي ماڻڻ جي قابل ٿي ڪو نه سگهندا. جيئن ڪنهن اردو شاعر چيوآهي ته،


هي سٽون لکندي منهنجي آفيس ۾ ڪم ڪندڙ هڪ غريب پٽيوالو مون وٽ آيو، جنهن وٽپنهنجي بيمار ڌيءُ جي دوا جي لاءِ سئو پنجاهه کن رپين جيتري به گنجائش ڪا نه هئي. انهيءَماڻهو جي وارتا تي مون کي افسوس ٿيو ۽ اهو ئي سوچيم ته جي هن کي سڀاڻي انهيءَ ئينياڻيءَ اٿارڻ جا اپاءُ ڪرڻا پيا ته ويچارو اهو سڀ ڪجهه ڪٿان ڪندو؟ جيتوڻيڪ سنڌيمعاشري ۾ اڃا سوڌو هيٺئين ۽ وچولي طبقي ۾ شادي جي مانيءَ جو ذمو گهوٽيتن تي آهي، پراهي ريتون رسمون به عجيب غريب شڪل اختيار ڪنديون وڃن پيون. جيئن اسان جي هڪڙيسهيليءَ سان ٿيو جو گهوٽيتن پاران شادي تي رواج موجب بي انتها خرچ ڪيا ويا، پر شاديءَکان پوءِ ويچاريءَ کي پتو پيو ته اهي سڀ خرچ رکت تي ڪيا ويا هئا ۽ شادي کان پوءِ کيسپنهنجي مائٽن جي ڏنل پئسن مان اهي خرچ ڀرڻا پيا. اجائي نمائش ۽ شوبازيءَ جي اها بيماريڏينهون ڏينهن وڌندي ئي وڃي ٿي ۽ اهو مسئلو رڳو سنڌ جو ڪونهي بلڪه ننڍو کنڊ سڄو ساروانهن ڪوڙين ريتن رسمن جي ڪري اندران ئي اندران کاڄندو پيو وڃي. شاديءَ جي مختلف رسمن رواجن تي ايترو گهڻو خرچ ڪيو وڃي ٿو جو اڪثر نون پرڻيل جوڙن جي نئين زندگيءَ جي شروعات قرضن جي ڳاراڻن ۾ ڳرندي وڃي ٿي ـ

پاڪستان جي سپريم ڪورٽ جو ساراهه جوڳو فيصلو: شادين ۾ ٿيندڙ اجاين خرچن تي پابندين جي سوچ جي شروعات جنرل ضياءُ الحق جي زماني کان وٺي ٿي هئي، پر انهيءَ چڱي ڪم تي عمل پيرا نواز شريف ٿيو هو، جنهن شادين تي ٿيندڙ دعوتن تي سختي سان پابندي هنئي. جيتوڻيڪ پاڪستان جهڙي ملڪ ۾ ڪنهن به قانون تي مڪمل طور عمل ٿيڻ ذري گهٽناممڪن آهي، پر تڏهن به نواز شريف جي دور ۾ گهڻن ئي مسڪينن جا اڇا ڪپڙا بچيا پياهوندا هئا، پر جيئن ئي نواز شريف جي حڪومت لٿي تيئن وري ساڳي ماني ساڳ سان واريڪار ٿي ويئي. ٻڌجي ٿو ته پنجاب حڪومت شادين جي انهيءَ ڪار گذاري کي اک هيٺرکندي 300 مهمانن ۽ هڪ طعام جي پابندي هڻي ڇڏي. پر اها پابندي رڳو ڪاغذيڪارروائين تائين محدود هئي. نيٺ اهو ڪيس سپريم ڪورٽ وڃي پهتو، جنهن 5 نومبر تينواز شريف دور واري ساڳي پابندي هڻي ڇڏي. يعني شادي جي موقعي تي غير ضروريخرچ، گهرن کان ٻاهر چراغان تي پابندي هنئي وئي آهي. نه رڳو ايترو، پر شاديءَ جي موقعيتي ٿيندڙ ونواهه، ميندي ۽ ٻين لاڳاپيل رسمن ۽ رواجن کي به غير اسلامي قرار ڏنو ويو آهي ـ

ڏٺو وڃي ته سپريم ڪورٽ جو اهو فيصلو باقائدي ساراهه لهڻي، پر ڪهاڻي انهيءَفيصلي تي ئي ختم نه ٿيڻ گهرجي. ڏاج جهڙي لعنت کي ٻنجو ڏيڻ جي لاءِ پڻ ڪن اپائن جيگهرج آهي، ڇاڪاڻ جو غريب والدين پاران اڄڪلهه جي مروج روايتن موجب جيڪڏهننياڻيءَ کي ڏاج نٿو ملي ته شادي ٿيڻ کان پوءِ هو يا ته سڄي عمر ساهرن ۽ مڙس جي مهڻن،طعنن ۽ موچڙي ۾ گذارين ٿيون يا وري جيئن پنجاب ۾ ٿئي ٿو جو مورڳو ڏاج گهٽ آڻڻ جيڏوهه ۾ مايون مارڻ جا ڪيس اڪثر ٻڌبا رهن ٿا. انهيءَ ئي ڪري ڪيترين نياڻين جا مائٽگهٽ ڏاج يا ڏاج نه ڏيڻ جي مهڻي کان بچڻ لاءِ ۽ ڏاج جا خرچ سهي نه سگهڻ ڪري ڌيئرن کيويهاري مٿا اڇا ڪريو ڇڏين ٿا. ڏاج جي اها رسم ڪاهجي وڃي انهيءَ حد تائين پهتي آهي جوڪٿي ڪٿي ته پُٽن جي شادين جا فيصلا ئي اهو نظر ۾ رکي ڪيا وڃن ٿا ته ڪهڙي خاندانجي ڇوڪري سڀ کان وڌيڪ ڏاج کڻي اچي گهر ڀريندي. ڏاج جي مقابلي جي انهيءَ جنگ ۾ڪس وري به غريبن کي! تنهن ڪري ڪورٽ سڳوريءَ کي نهايت سنجيدگيءَ سان ڏاج جيلعنت مان جند آجي ڪرڻ بابت به ڪو حل ڪڍڻ کپي ته جيئن اسان جو غريب عوام گهٽتائي جي انهيءَ احساس مان نڪري سگهي. اهو ته احوال هئو ڏاج جو، پر ڪهاڻي اڃا اڳتي بهآهي ـ

هي قصو ڏاج ۽ شادي جي فضول خرچين تي ئي ڪوتاهه ڪو نه ٿو ٿئي، بلڪه هاڻي تهصورتحال اتي اچي بيٺي آهي، جو مرڻ به پرڻجڻ جيان ئي مهانگو ٿي پيو آهي. ڪنهن غريبجي گهر جو ڀائي مئو، سو ته گهوريو مُرڳو ڪانڌپن، ختمن، ٽيجهن، ڏهن، چاليهن، ٻارهن ۽ٻين شين تي حد کان وڌيڪ لاڳاپيل مصيبتن جا خرچ ماڻهن کي قرضن جي ڪوٽن هيٺان ڏيوڇڏين ٿا. انهيءَ سڄي کٽراڳ پويان هڪ ئي فلسفو آهي ته ماڻهو ڇا چوندا؟ جيتوڻيڪ مذهبوٽ به مٽي جي آجپي لاءِ اهڙو ڪو خيال ڪونهي ته ڪو مرتئي تي جيڏا مانين تي وڏا خرچڪبا اوڏو ڪو مرهيات جي قبر جي عذاب ۽ ٻين عذابن منجهان جند آجي ٿيندي ۽ روز قيام تي پلصراط تان لنگهڻ ۾ آساني ٿيندي، پر رواجن جو انهيءَ سان ڇا ته مذهب ۽ قانون ڇا ٿاسيکارين؟ توهان پاڻ اکين سان ڏٺو هوندو ته ڪيئن غريب ماڻهو (۽ اڄڪلهه سنڌ ۾ پاڻيءَ جيکوٽ کانپوءِ ته زميندار غريبن کان به غريب تر حالتن ۾ آهن) قرض وٺي رکتون ڪري اضافيخرچ ڪري ڪانڌپن، جماڻن ۽ ٻارهن تي لکين رپين جي خرچن سان مانيون ڪن ٿا. انهيءَڳالهه کي به نظرانداز نه ڪرڻ کپي ۽ پاڪستان جي قانون ساز ادارن کي انهيءَ تي تحقيق ڪري ڪي سخت قانون ٺاهڻ گهرجن. مرڻ پڄاڻان، جيڪي خرچ ٿين ٿا، سي ته ٿين ئي ٿا، پرشوبازي ۽ هلڪڙائپ جي انهن مڙني ڪاروبارن ۾ هڪ نئين وهنوار جو واڌارو گذريلڏهاڪن ۾ اڀري مٿي آيو آهي. اُهو آهي، افطار پارٽين جي نالي ۾ اضافي خرچ. پاڪستان جيسياسي تاريخ ۾ به دين اسلام جي تاريخ جيان ماهه رمضان جو ذڪر سونهري حرفن ۾ ڪيوويندو، ڇاڪاڻ جو پاڪستان جي عظيم سياستدانن، اديبن ۽ سماج سڌارڪن ڪجهه وقت کانوٺي رمضان جي هر بابرڪت ڏينهن ۽ رات کي جيئن مصرف ۾ آندو آهي ۽ فيض حاصل ڪيو آهي، انهيءَ جدوجهد ۽ جذبي کي تاريخ جا ورق وسارڻ جي سگهه ڪو نه ڪريسگهندا. نه ئي وري ڪو انهن ڪارنامن جون ساروڻيون ئي يادن جي ڦرهي تان ميساريسگهبيون. ننڍن شهرن ۾ رمضان المبارڪ دوران شهرن ۾ هر روزي تي اٿاهه خرچن سانڪيل انيڪ افطار پارٽيون ٿين ٿيون، جن کي ماضي، حال ۽ متسقبل جي اڀرندڙ ۽ وهائوستارن جي سنگت سان سرفراز ڪيو ويندو آهي. افطار پارٽين ۾ شرڪت لاءِ لازمي ناهي تهڪو انهيءَ جا مک مهمان ۽ شريڪ ٿيندڙ ڀينرون ۽ ڀائر روزائتا به هجن، پر روزو ڇوڙڻجو عمل به هڪ افضل عبادت طور ڳڻجڻ لڳو آهي. بهرحال طعامن، ڪلامن ۽ مشروبنجون اهي مذهبي محفلون رات وهامڻ تائين هلنديون رهنديون هيون، جن ۾ قوم جي رت ڳاڙيندڙ زخمن تي پها رکڻ بابت ڳُوڙها نقطا سوچ ۽ ويچار هيٺ آندا وڃن ٿا. منهنجي خيال ۾ته انهن نام نهاد افطار پارٽين تي ٿيندڙ خرچن بابت به ڪي حدون ۽ حساب مقرر ڪرڻ کپن.مان ته ڀانيان ٿي ته حڪومت سان گڏو گڏ علماءِ ڪرام کي به مرڻ، پرڻجڻ ۽ ٻين تقريبات جيفضول خرچين تي کُليءَ طور تي روشني وجهڻ گهرجي ته جيئن اسان جي ڪمزور عقيدن واري عوام کي سمجهه ۽ ڄاڻ ملي سگهي ۽ من سندن زندگيون انهن رسمن رواجن مان آجيونٿي سگهن ۽ هو ڪنهن حد تائين سڪون سان نه رڳو جي سگهن، پر مري به سگهن ـ

بهرحال هي ڏيکاءَ واريون رسمون هڪ لحاظ کان ڄڻ ته اسان وٽ بيماريءَ جي صورتاختيار ڪري ويون آهن، اهڙيون ڄورون بڻجي پيون آهن، جيڪي اسان جي سماج کي اندرانئي اندران رت چوسي بي ستو ڪري رهيون آهن. ڏيکاءَ ۽ شوبازيءَ جو اهڙو ماحول جڙي پيوآهي، جو جيڪڏهن ڪا هڪ ڌر ڪنهن ڪاڄ تي 10 ديڳيون لاهي ٿي ته ٻي ڌر ان کي ماتڏيڻ لاءِ 0 2 ديڳيون نه لاهڻ کي پنهنجي گهٽتائي سمجهي ٿي. هيءُ ڪمتريءَ جو احساسآهي، جيڪو احساس کان وڌيڪ بيماري بڻجي پيو آهي، ان بيماريءَ کان معاشري جي نجاتلاءِ اسان کي ڪي غيرمعمولي فيصلا ڪرڻا پوندا ـ

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو