Saturday 22 November 2014

شبنم گل

                                روڙيو رَتا گُلَ
                               اڱارو 04 فيبروري 2014ع

ڪارونجهر جي ساوَڪ جي وچ ۾ مور رقص ڪري رهيو هو، مورَ جا سُهڻا پَرَ ساوا، نِيرا، ناسي، ڪٿي هلڪا ته ڪٿي گهرا وجد جي ڪيفيت ۾ هئا. مور سان گڏ سڄي ساوڪ ۽ جهنگ ڄڻ نَچي رهيا هئا. مور ڪو عام پکي نه آهي. هن پکيءَ جي من ۾ صوفي رقص ڪري ٿو. ديوانگي رقص ڪري ٿي، محبت ڦيرا پائيندي آهي. مي رقصم.... مي رقصم.... هِي ٿر جو اصلي جوڳي آهي. الهامي ڪيفيت ضروري ناهي ته، انسانن کي محسوس ٿيندي هجي. اها ڪيفيت جڏهن به مورَ جي من ۾ لهي ٿي، ته هو پنهنجا پر ڦهيلائي سُونهن ازل کي ڀيٽا ڏئي ٿو. پکي حساس ٿين ٿا، برسات کان اڳ کين پروڙ پئجي وڃي ٿي، ته بارش ٿيڻ واري آهي. اُن وقت سڄي فِضا سندن ٻولين سان گُونجي اُٿي ٿي.ساڳيءَ ريت ڌرتي ڌٻڻ کان اڳ به پکي اهو ڳُجهه پروڙي وٺندا آهن. ٿر جو جوڳي (مور) بيمار آهي. ٿر جي سوين ڳوٺن جي سروي ٿي چڪي آهي. هزارين مورن کي ويڪسين لڳي چڪي آهي، پر ٿر ۾ اڄ به روز ڪٿي نه ڪٿي مور مري ٿو، ڪنهن زماني ۾ اسان جي گهر ۾ به مور هوندا هئا. هِي پکي پيار جي علامت آهي. محبت، جيڪا ماڻهن مان رُخصت ٿيندي پئي وڃي، شايد مورن کي اها خبر پئجي وئي آهي.
ننگر پارڪر کان ساڙڌڙي ويندي هڪ خوبصورت رستي تي هلندي ٿر جي نِج سُونهن کي پَسي رهيا هئاسين. ان خوبصورت پيچري تي هڪ وسيع دُنيا آباد آهي. ڪارونجهر جي پهاڙن جي وچ مان وهندڙ نديءَ گورڌڙو جو ڪنارو ڏيئي اڳتي هلي رهيا هئاسين، ته گورڌڙو جا مڌر سُر ڪنن ۾ امرت اوتي رهيا هئا. ان رستي جي ٻنهي پاسي کان جهنگلي ٻوٽا اکين کي ٿَڌاڻ بخشين ٿا. جهنگلي گُل ماکيءَ جي مکين سان جهنجهيل هئا. عام چوڻي آهي ته، ”ڪارونجهر ٽڪريءَ  مان هر روز سوا سير سون پيدا ٿئي ٿو“. چوڌاري ڪيترن قسمن جا وڻ ۽ ٻوٽا آهن، جن ۾ ماکيءَ جا مانارا صاف نظر اچن ٿا. هتي پيدا ٿيندڙ ماکي نج ۽ تمام گهڻي فائديمند آهي. ان کان علاوه وسڪاري بعد هتي انيڪ جڙي ٻوٽيون پڻ نسري پون ٿيون، جيڪي دوا طور استعمال ٿينديون آهن. وڻ ٽڻ ۽ ٻوٽا جَهجها هئڻ ڪري هتي ڪاٺيون، کئونر، گگر، گاهه، انيڪ ميوا ۽ ماکيءَ جي گهڻائيءَ سبب روز مقامي ماڻهن کي روزيءَ جو سبب مليو پوي. ان جهنگ ۾ پکين جون ٻوليون، پاڻيءَ جي وهڪري جو ترنم، جِيتن جا آواز، ان گهري خاموشيءَ ۾ نمايان لڳن ٿا. خاص ڪري وهندڙ پاڻيءَ جو آواز جيڪو زندگيءَ جي رواني ۽ تسلسل جي علامت آهي. پاڻي ذهني تخليق جي اوسر ڪري ٿو. وهندڙ پاڻيءَ ۾ زندگيءَ جي حرارت موجود آهي. ان کان اڳ جڏهن برساتن دوران ننگر پارڪر آيا هئاسين، ته پهاڙن مان وهندڙ جِهرڻا حَسين ڏيک ڏيئي رهيا هئا. آسمان تي ڪارا بادل تَري رهيا هئا. پهاڙن مان وهندڙ جِهرڻا ۽ نالا ڏسي ائين محسوس ٿيو هو، ڄڻ گلگت ۾ گهمي رهيا هجون. پاڪستان جي اُترين علائقن جي جَهلڪ نه فقط ننگر پارڪر مان اچي ٿي پر گورک هل اسٽيشن تي وڃي به نٽيا گلي جي ياد تازي ٿي وئي. سنڌ هڪ خوبصورت خطو ۽ قدرتي وسيلن سان مالا مال آهي پر  اُنهن وسيلن کي سير و سياحت لاءِ پڻ ايترو ڪارآمد نه بڻايو ويو آهي. هن رستي تي هلندي اسان جي قافلي جا پانڌيئڙا ڪڏهن ڪٿي ويهي پاڻيءَ ۾ پير پُسائيندي ڪچهريءَ ۾ مشغول ٿي وڃن ٿا، ته ڪڏهن وڻن جي ڇانوري جي مهڪيل هوا مان لطف اندوز ٿين ٿا.وهندڙ پاڻيءَ جي ان آواز ۾ هڪ عجيب سُڪون آهي. شهر جا ٿَڪل ذهن، جيڪي خوف ۽ دٻاءُ واري زندگي گذارين ٿا. هتي اچي پاڻ کي ٻيهر فطرت سان جُڙيل محسوس ڪن ٿا. يورپ ۾ پاڻيءَ جي انهن سُڪون بخشيندڙ آوازن وسيلي علاج ٿئي ٿو، جنهن کيHealing Sounds (شفا بخشيندڙ آواز) سڏيو وڃي ٿو. تبت ۽ چائنا جا طبي فلسفي چون ٿا ته، ڪائنات ۾ موجود فطرت جا آواز انساني جذبن ۽ احساسن جي ترجماني ڪن ٿا. جيئن گجگوڙ دٻيل ڪاوڙ ۽ جارحيت جو اظهار آهي، ته برسات اندر جي اڌمن کي ٻاهر ڪڍي ڌوئي ڇڏي ٿي. جيئن ته روئڻ کانپوءِ انسان هلڪو ٿي وڃي ٿو، ائين بهار انساني چهري تي مُرڪ سَمان آهي ۽ خِزان زندگيءَ جي بي ثباتيءَ جي مظهر. اهڙيءَ ريت انساني مِزاج به انهن موسمن جي تابع آهي.
جين مت يا ٻڌ ازم جي اها فلاسافي آهي ته، سوچ ۽ ذهن کي خاموشيءَ جي چادر ۾ ويڙهي ڇڏجي، ڇو ته خاموش ذهن زندگي ۽ فطرت کي گهرائيءَ ۾ وڃي محسوس ڪري ٿو. وڳوڙي ذهن زندگيءَ جي  حقيقت سمجهڻ لاءِ تيار نه هوندو آهي. سانت، سهپ ۽ سمجهه آهي. اهي گڻ انسان کي مهانتا عطا ڪن ٿا. پرفيوم لڳل وِجود کي زمين جو هڳاءُ ڪڏهن به محسوس نه ٿيندو. ائين ئي انساني ذهن آهي، جيڪو اجايو خواهشن جي گوڙ ۾ وڃائجي زميني حقيقتن کان پري ٿي وڃي ٿو. ساڙدڙي ڏانهن ويندڙ اهو رستو خاموشي ۽ فطري آوازن جي دُنيا سان تعلق کي ٻيهر جوڙي ٿو.سامهون ساڙڌڙو نظر اچي رهيو هو. نصرت رانجهاڻي به اڪثر ٻارن سميت اهڙن ڏُکين ڀِٽن ۽ رستن جي ور وڪڙن ۾ گڏ هوندي آهي. هن ڀيري ڪراچيءَ کان منهنجي سهيلي سُنيتا گانڌي ۽ سندس ور هريش ڪَهي آيا آهن. سمورو قافلو شِو جي مندر وٽ پهتو. شِو قديم ديوتا آهي. شِو ديوتا جي پوڄا آرين جي آمد کان اڳ سنڌ ۾ ٿيندي هئي. رگ ويد ۾ شِو جو ذڪر رُدر جي نالي سان موجود آهي. رگ ويد ۾ رُدر طوفان جو ديوتا هو. ان کانسواءِ هو موسيقي، گيتن جو بادشاهه، علاج ڪرڻ وارو ۽ سِجَ جيان روشن ۽ خوشحاليءَ  جو ديوتا پڻ سمجهيو وڃي ٿو. هتي قدرتي نظارن سان گڏ هندن جا تيرٿ آستان به آهن. جن ۾ ساڙڌڙو، ڀيم ڪن، انچليشور، گئو مکي، جهرڻو، ٻائن جو ٻيسڻو ۽ چندن گڍ وغيره شامل آهن. هڪ عجيب خاموش حُسن فِضا ۾ تري رهيو هو. مرگهه ڪنڊ تلاءُ جون لهرون ڪيترين ارٿين جا راز پنهنجي وِجود ۾ سموئي ڇلي رهيون هيون، جنهن جي سنيتا وضاحت ڪندي ٻڌايو ته، هندو پنهنجي عزيزن جي ارٿين (رک) کي پاڻيءَ ۾ پروڻ ڪندا آهن. هڪ لحاظ کان انسان مرڻ کانپوءِ ٻيهر ڪڏهن زمين جي هَنج وڃي ٿو وسائي يا درياهن جو وجود سندس آخري آرامگاهه بڻجي ٿو.
قديم پِپرن ۽ بَڙن جا پاڇا مرگهه ڪنڊ جي پاڻين ۾ تَري رهيا هئا. اهي وڻ به پنهنجي ساهن ۾ آس وندين اکين جون آشائون سانڍي سندن همراز ٿي نظر آيا. جڳهين، علائقن ۽ خطن جو الڳ تاثر ٿئي ٿو. اُتي نه فقط زمين جي قوت محسوس ٿئي ٿي پر صوفي ۽ ساڃهه وندن جي قوت ڌارا به فِضائن ۾ گردش ڪندي رهي ٿي. هونئن به عبادت گاهون جيڪي ماڻهن جي ميڙن جون مرڪز آهن، قوت جو محور سمجهيون وينديون آهن. حقيقت اها آهي ته، ٿر جي ثقافت جيتري دلڪش آهي، اوترا ئي مسئلا ٿر واسين کي درپيش آهن. هنن ئي علائقن ۾ خوفناڪ نانگ، بلائون ۽ وِڇون به ٿين ٿا. جن کان ڏَنگجڻ بعد ماڻهن کي بروقت طبي امداد نه ملندي آهي. ٿر ۾ صحت و صفائي، مناسب غذا ۽ صاف پاڻيءَ جي اڻاٺ آهي. ٿر جي مسئلن ۽ مجبورين کي نجي تنظيمون ڪيش ڪرائين ٿيون پر ٿري ماڻهن جي زندگيءَ ۾ ڪابه تبديلي نه ٿي اچي. هن زمين تي گهڻو ڪجهه آهي. اهي پهاڙ معدنيات سان ڀريا پيا آهن، ٿر ۾ ڪوئلي جون کاڻيون دريافت ٿي چُڪيون آهن. ٿر جي هُنرن ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ پنهنجي انفراديت مڃرائي آهي. گهڻو ڪجهه تبديل ٿي سگهي ٿو، پر تبديلي سمجهه ۽ سچائي گُهري ٿي. ساڳيءَ ريت اهو ٿر آهي، جنهن هميشه تخليقڪارن جي ڏات کي اُجاريو آهي، جيڪي هتي جي فطري سُونهن ۽ سانت کان تحرڪ وٺي گيت سَرجين ٿا. جيئن شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ  جي ڪلام ۾ ٿر جي موسمن جو ذڪر ملي ٿو. ٿري ماڻهو پنهنجي زمين سان محبت ڪري ٿو. ان ئي سِڪَ، محبت ۽ اُڪير جا چِٽَ ڀِٽائيءَ پنهنجي لازوال سُرن ۾ چِٽيا آهن. ٿر جا جهنگلي گُل، ٻُوٽا ۽ وَڻَ سندس شاعريءَ جو محور بڻيا آهن. ٿر جي سر زمين تي جنم وٺندڙ ماروي حب الوطنيءَ  جو هڪ سُنهري مثال آهي. غربت جي باوجود به خوشي، بي فڪري ۽ سر شاريءَ جو احساس ٿر جي ماحول مان ملي ٿو.


No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو