Saturday 22 November 2014

قادر لاشاري

                     ڪاڇي م قائم ٿيل وڏيرن
           جون ڪورٽون ۽ اڻلڀ انصاف
                        ڇنڇر 14 سيپٽمبر 2013 ع


اها ڳالهه ٻڌي اوهان کي حيرت ٿيندي ته ڪاڇي ۾ هڪ ڳوٺ اهڙو به آهي، جنهن جو نالو ئي ”وڏيرن جو ڳوٺ“ آهي. صدين کان قائم هن ڳوٺ ۾ ڪو به غريب نه ٿو رهي، سڀ وڏيرا رهن ٿا، جيڪي مختلف قبيلن ۾ ٿيندڙ تڪرارن جا جرڳا ڪن ٿا. هي ڪو قبيلائي علائقو ناهي، هتي چونڊون به ٿين ٿيون، چونڊيل نمائندا به آهن. مختيارڪار کان ويندي دادو ۾ سيشن ڪورٽ به آهي، پر وڏيرن پاران جرڳن جا باقاعده ڏينهن مقرر ٿيل آهن. هي سلسلو اڄ جو ناهي، ورهين کان اهو سلسلو جاري آهي، پر ڪجهه ئي ڏينهن کان ڪاڇي جي انهن قاضين ڪجهه عجيب قسم جون فتوائون ڏيڻ شروع ڪيون آهن. هڪ مهيني ۾ ٿيل جرڳن جي ذريعي مختلف ماڻهن تي هڪ ڪروڙ رپيا ڏنڊ پئجي چڪو آهي. هڪ عورت کي جرڳي ذريعي قتل ڪيو ويو آهي، ۽ هڪ نوجوان کي ڳوٺ نيڪالي ڏني وئي آهي. فضل جمالي ڳوٺ جي نوجوان کي ڳوٺ نيڪالي جي سزا ٻڌائي وئي آهي، جيڪو هاڻ پنهنجي اباڻي ڳوٺ کي ڇڏي ٻئي علائقي ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي. ڳوٺ نيڪاليءَ جي سزا هيٺ ايندڙ نوجوان يونس جمالي جو ڏوهه اهو هو ته هن غلطي مان يا ڄاڻي واڻي علائقي جي هڪ بااثر گهراڻي سان تعلق رکندڙ ڪنهن همراهه جي گهر واري موبائيل نمبر تي مس ڪال لڳائي، مس ڪال جو جرڳو ان ئي ”وڏيري جي ڳوٺ“ جي قاضي ڪيو، جنهن نوجوان يونس جمالي کي نه رڳو ڳوٺ نيڪاليءَ جي فتوا جاري ڪئي، پر نوجوان واري ڌر تي 11 لک رپيا ڏنڊ پڻ وڌو. چاچو واحد بخش اڄڪلهه خبر ناهي  ته ڪٿي آهي،  جنهن جهڙو علائقي جو صفا شريف ۽ سڀني جو خيرخواهه ماڻهو مون ڪو ٻيو نه ڏٺو. ان  جي هڪ نوجوان  پٽ هڪ پاڙي واري ڳوٺ جي ڇوڪريءَ سان شادي ڪرڻ پئي چاهي، گهران  ته نڪتا، پر ڪورٽن تائين نه پهتا. ”وڏيري جي ڳوٺ“ جي وڏيري پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. جوڙو ”وڏيري جي ڳوٺ“ منتقل ڪيو ويو، وڏيرن ڇوڪري مائٽن حوالي ڪئي، ڇوڪرو به مائٽن کي ڏنو ويو. چاچا واحد بخش تي 40 لک کان وڌيڪ ڏنڊ وڌو ويو، جنهن پنهنجي 32 جريب زمين ڏيئي جان ڇڏائي. ڇوڪريءَ جي ڀائرن ڇوڪريءَ کي ڪهاڙيون ۽ گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو. معاملو نه ميڊيا تي آيو، نه پوليس ڪو تحرڪ ورتو ۽ نه ئي ڪنهن انساني حقن جي تنظيم تحرڪ ورتو. اهڙي ريت 20 ڏينهن اڳ ڳوٺ غلام محمد لاشاري مان نوجوان خالق لاشاري ۽ ڀر واري ڳوٺ جي رهواسڻ ڇوڪري حيدرآباد جي ڪورٽ ۾ پسند جي شادي ڪئي، عدالت ٻنهي کي شادي جي اجازت ڏيندي پوليس کي هدايت ڪئي ته جوڙي کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي. پر ڪورٽن جي فيصلن جي حيثيت تڏهن ٿئي، جڏهن پوليس انهن تي عمل ڪرائي. عدالت جي فيصلي جي مٿان ڪاڇي جي قاضين جرڳو ڪيو ۽ نوجوان تي 27 لک رپيا ڏنڊ وڌو ويو، جنهن مجبور ٿي جرڳو قبول ڪيو.
هي  آهي ڪاڇو، جتي گذريل ڏينهن جڏهن ايف آءِ اي ۽ حيسڪو جي ٽيم بجلي چورن جي خلاف ڪارروائي ڪئي ته ڳوٺ بکر جمالي جي رهواسي محمد جمالي پنهنجي ميٽر تان ڪنڊو لاهڻ جي ڪوشش پئي ڪئي ۽ ڪرنٽ لڳڻ ڪري فوت ٿي ويو. ڪاڇي جي قاضين دادو جي ايم اين اي سان گڏجي واهي پانڌي ٿاڻي تي انهن ڇهن ماڻهن خلاف قتل جي ايف آءِ آر داخل ڪرائي، جن جو ڏوهه اهو هو ته هنن ڪجهه ڏينهن اڳ حيسڪو سکر جي اختيارين کي درخواست ڏني ته ڪاڇي ۾ صوبائي حڪومت واري پارٽي سان لاڳاپيل ماڻهو بجلي چوري ذريعي ٽيوب ويل هلائي رهيا آهن. انهن جي درخواست تي ٽيم آئي، ڪارروائي دوران همراهه فوت ٿي ويو، ڪاڇي جي قاضين ۽ ايم اين اي دادو چيو ته هي قتل جي ايف آءِ آر انهن درخواستگذارن خلاف داخل ڪئي وڃي، ڇو ته اهي درخواست نه ڪن ها ته ٽيم ڇو اچي ها. هي آهي ڪاڇي جي انڌير نگري، جتي ڪو به قانون ناهي. وڏيرا ڪورٽن جي فيصلن جي مٿان فيصلا ڪري رهيا آهن، پوليس عدالتن جي فيصلن تي عمل ته نه ٿي ڪرائي، پر وڏيرن جي جرڳن تي عمل ڪرائڻ ۾ قتل جون ڪوڙيون ايف آءِ آرز به داخل ڪري ڇڏي ٿي. ان سڄي صورتحال ۾ انساني حقن جون تنظيمون، سياسي جماعتون، اديب، دانشور ۽ قلمڪار سڀ خاموش ويٺل آهن ۽ هر ماڻهو پاڻ بچائڻ ۾ پورو آهي. وڏيرن جي ڳوٺ جا وڏيرڪا ٻار روزانو تيز رفتار گاڏين ۾ گذري شهر ۾ دڪانن تي چڙهي، انهن صحافين لاءِ قتل جون ڌمڪيون موڪليندا رهن ٿا، جيڪي ڪڏهن ڪڏهن جرڳي جي خبر لکڻ جي همت ڪن ٿا. هاڻ به واهي پانڌيءَ جي صحافين کي سيريس ٿريڊس آهن. اڳ ۾ هڪ صحافي غلام رسول برهماڻي ۽ سماجي اڳواڻ شهري اتحاد جو صدر اڪبر پريت پڻ پراسرار نموني قتل ٿي چڪا آهن، پر سڀ ڌريون خاموش آهن.
ڪڏهن ڪڏهن مون کي انهن خبرن تي خوشيءَ سان گڏ ساڙ به ٿيندو آهي، جڏهن ٿر مان ”مورن ۾ بيماري پکڙجي وئي“ جون خبرون رپورٽ ٿينديون آهن. سوچيندو آهيان ڪاڇي کي به هڪ کاٽائو جاني گهرجي، جيڪو ٿر جي مورن جي به مالڪي ڪري ٿو ته ماروئڙن جي مال جو چارو ختم ٿيڻ تي ڏڪار کي به بهتر نموني رپورٽ ڪري ٿو. ٿر ۽ ڪاڇي جي صورتحال هڪ جهڙي آهي، ڏک ۽ سور ساڳيا آهن، پر ڪاڇو ٿر وانگر رپورٽ نه ٿي سگهيو آهي. ٿر ۾ قدرتي حسن  جي علامت مور مري ٿو، ايئن ئي ڪاڇي جي کير ٿر ۾ وري ناياب جانور هرڻ جو شڪار ٿئي ٿو، پر هتي هرڻ شڪار ٿي سردارن ۽ وڏيرن جي پيٽ ۾ هليو وڃي ٿو، پر رپورٽ نه ٿو ٿئي.
ڪارونجهر جبل تي ٻارڙو پني ٿو ته رپورٽ ٿئي ٿو، ڪاڇي ۾ ٻارن جون ننڍي عمر ۾ شاديون ڪرايون وڃن ٿيون، نوجوانن کي ڳوٺ نيڪالي ڏني وڃي ٿي، ڪارنهن الزام هيٺ نياڻيون قتل ڪيون وڃن ٿيون، پر معاملا دٻجي وڃن ٿا ۽ ان ۾ اسان سڀني جي غلطي آهي. ڪاڇي ۾ هڪ وقت اهڙو هو، جڏهن سياسي پارٽين جي هلچل وڌيل هئي، وڏيرن، چونڊيل نمائندن ۽ پوليس لاءِ ڄڻ ته هڪ وڏو پريشر گروپ موجود هو، هاڻ اهي سڀ شاگرد سياست ڪندڙ ماڻهو سماجي تنظيمن ۾ لکن ڪروڙن ۾ کيڏي ويهي رهيا آهن ۽ ڪجهه ورڪر وري اختلافن جي ور چڙهي مايوس ٿي ويهي رهيا. اهو ئي سبب آهي جو ڪاڇي ۾ پوليس جي مدد سان وڏيرن قاضي ڪورٽون قائم ڪري ورتيون آهن ۽ روزانو جرڳن مٿي جرڳا جاري آهن. انهن کي ته ڪو چوڻ وارو ڪونهي، پر علائقي جي ترقي لاءِ پڻ ڪي به ڪوششون نه پيون ورتيون وڃن، نه ته ڪاڇو نه رڳو معدني وسيلن سان مالا مال آهي، پر هتي گورک هل اسٽيشن جهڙي وڏي پڪنڪ پوائنٽ پڻ موجود آهي.
گورک جي مالڪي ڪير ڪندو؟، گاج تي ڊيم جو ڪم ڪيترن سالن کان سست رفتاري ۾ هلي پيو، ان لاءِ آواز ڪير اٿاريندو؟ کير ٿر جبل ۾ تيل ڪمپنين پنهنجو ديرو ڄمائي ڇڏيو آهي، انهن کان علائقي جي ترقيءَ لاءِ ڪم ڪير وٺندو؟ ان طرف ڪنهن جو به ڌيان نه پيو وڃي. علائقي کي يتيم ٻار جيان ڇڏيو ويو، جيڪو ڏاڍو سو گابو واري سسٽم هيٺ ”وڏيرن جي ڳوٺ“ جي وڏيرن کي تيل ڪمپنيون ڪجهه خرچ ڏيئي چپ ڪرايو ويٺيون آهن، باقي علائقي جي ڀلائي ڏانهن ته ڪنهن جي سوچ ئي نه ٿي وڃي. هتان جا چونڊيل نمائندا ٻين صوبن جي حڪومتن هلائڻ مان به سبق نٿا سکن. خيبرپختونخوا ۾ ماڻهن کي گهر تائين انصاف پهچائڻ لاءِ هڪ موبائيل سروس عدالتي بس جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ جج ۽ عدالتي اسٽاف موجود هجي ٿو ۽ اهو ماڻهن کي شنوايون ڪٽرائڻ بجاءِ گهرن تائين انصاف پهچائڻ وارو ڪم ڪري ٿو، پر هتي پيپلز پارٽي جي حڪومت قائم ٿيڻ سان ئي پ پ جي وڏيرن جرڳن جا ڏينهن مقرر ڪري ڇڏيا آهن ۽ ٿاڻن تي پڻ روزانو ماڻهن کي گهليو پيو وڃي، جنهن سان يقيناً پيپلز پارٽي جو ئي نقصان ٿي رهيو آهي. آئون ڪاڇي جي سلجهيل ماڻهن کي سوچڻ جي دعوت ڏيان ٿو ته ڄاڻايل معاملن تي غور ويچار ڪري ڪو اهڙو فورم قائم ڪن، جنهن تحت نه رڳو ڪاڇي ۾ روزانو ٿيندڙ جرڳن ۽ پوليس زيادتين کي منهن ڏيئي سگهجي، پر اهو فورم علائقي مان نڪرندڙ معدني وسيلن مان علائقي کي حق وٺرائي ڏيڻ سميت گورک ۽ گاج ڊيم پروجيڪٽ جي به مالڪي ڪري. ٻئي صورت ۾ هاڻ اهو وقت پري ناهي جو سڀاڻ اسان مان ڪنهن جو پراسرار نموني لاش ملي يا ڳوٺ نيڪالي ڏني وڃي. فورم قائم ڪرڻ کان پوءِ ڪاڇي ۾ جرڳا ڪندڙن خلاف سپريم ڪورٽ توڙي ٻين ادارن جا دروازا به کڙڪائي سگهجن ٿا، ڇو ته وڏيرن کي اندازو ئي ناهي ته هو قانون جا ڪيئن بخيا اڊيڙي رهيا آهن، جڏهن ڪاڇو سجاڳ ٿيو ته خيبر پختونخوا ۾ چالو ٿيل موبائيل عدالت واري بس جو روٽ ڪاڇي تائين به شروع ٿي سگهي ٿو ۽ پوءِ لاقانونيت جا سڀ دروازا بند ٿي ويندا.

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو