Saturday 22 November 2014

نثار کوکر

                      ....  ٻه قتل، ٽين خاموشي
                            ڇنڇر 08 فيبروري 2014ع

جيئن ڪي مندون ڪن ماڻهن لاءِ ڳريون ٿين، تيئن ئي ڪي پهر به ڳرا ٿين ٿا. شام جو سج لهڻ وارو پهر به ڪجھه ماڻهن لاءِ ائين ڳرو ٿئي ٿو، جو چئي بس ڪر. اهڙي ئي ڪنهن پهر ۾ آئون جيڪب آباد کان لاڙڪاڻي لاءِ سفر ڪري رهيو هئس.گاڏيءَ ۾ ريشمان جو صحرائي آواز ويتر سُور سَوايا ڪر رهيو هو. ان ۾ اکين جو ذڪر هو، اکيون جيڪي گهريون هجن ۽ صدين جون اُڃاريون هجن. روڊ تي هلندڙ اهڙي درديلي شام واري سج پريان وڻن پويان ٻُڏڻ جي ڪئي، ته مونکي اچانڪ اهو دوست ياد اچي ويو، جيڪو سنڌ جي سِيني ۾ ان سج جيان لهي چڪو آهي. جنهن کي هاڻي پوليس رپورٽ اچڻ کانپوءِ اسان وسارڻ جي ڪوشس ڪري رهيا آهيون. ڇو ته هو ڊينئل پرل ته هو ڪونه جو اسان سندس ياد ۾ ڪي ادارا جوڙيون ۽ سندس نالي سان ڪا ٽرسٽ قائم ڪريون. هن کي ايتري اهميت به ڏيون ته آخر ڇو؟ هو ڪنهن رئيس نواب جو اولاد ته هو ڪونه، جنهن جي خُون بها به هڪ عام خون کان ڏهوڻ تي وڌيڪ ورتي وڃي ٿي، ته جيئن آئينده ڪنهن ايري غيري کي اها جرئت نه ٿي سگهي، ته هو سرداري ٻارَ تي هٿ کڻي، بندوق تاڻي يا سندس گاڏيءَ جو رستو روڪي. قبيلائي سردارن جي راڄوڻي قانون جا به ڪي طور طريقا ۽ ريتون رسمون آهن. بس ناهي ته اسان جي عام نِڌڻڪي خُون جي ڪا بها ناهي. جيڪو سنڌ جي نيم غلامانه صديون پراڻي جاگيرداري سماج ۾ پاڻيءَ کان به سستو وهايو وڃي ٿو.
هاڻي ميار ڏجي ته به ڪنهن کي؟ لاڙڪاڻو پوليس شان ڏهر جي قتل ۾ استعمال ٿيل گوليءَ کي به  اتفاقي قرار ڏئي سندس خُون لوڙهڻ وارن ڪاغذن تي قانوني ٺپو هڻي ڇڏيو ۽ اسان ڪمزور قلم قبيلي جا ماڻهو ڪري به ڇا ٿا سگهون. ان ڏينهن فيس بُڪ تي منهنجي هڪ دوست، شايد صديق لهر پکين جي اها فوٽو ڪهاڻي رکي، جيڪا هن پنهنجي ڪئميرا سان روڊ تان رڪارڊ ڪئي، جنهن ۾  ڏيکاريو ويو آهي ته، هڪ پکيءَ مٿان گاڏي چڙهي وئي، هو زخمي ٿي پيو، سندس ساٿي پکين هن کي بچائڻ لاءِ رڙيون ڪيون، سندس ساهه جي تَند ٽُٽڻ کان اڳ هن پنهنجي چُنهب ۾ پاڻي آڻي کيس پياريو، انهن ڪوششن جي باوجود جڏهن هو بچي نه سگهيو ، ته هن گاڏين جي پرواهه ڪرڻ بنا وچ روڊ تي ويهي رڙيون ڪيون. ڪجھه دير هو پنهنجي ساٿيءَ جي لاش ڀرسان ويٺو ۽ دکدائڪ ٿي اُڏري ويو. صديق جي ان فوٽو ڪهاڻيءَ کي ڏسي مونکي ائين لڳو ته، اها پکين جي نه پر سنڌ جي صحافين جي ڪهاڻي هجي، جن کي رستي ويندي گوليون هنيون وڃن ٿيون، سندن ساٿي روڊن تي اچي رڙيون ڪن ٿا پر ڪنهن جي ڪن تي ڪا جونءِ نٿي سُري. بعد ۾ هو اُڏري پنهنجي پنهنجي آکيرن ۾ وڃن ٿا پر ڀوتار  ۽ سندن ساٿي ڪمدار انهن پکين جو شڪار شوق سان ڪندا رهن ٿا. اها الڳ ڳالھه آهي ته، هاڻي انهن ڀوتارن ڪجھه صحافين کي به پنهنجي پِڃري جو پکي ڪري بنگلن جي سُونهن خاطر پاڻ وٽ بوتل ۾ بند ڪري رکيو آهي پر تمام گهڻي اڪثريت اڃان به آزاد وَلر جيان گُهمي ٿي  ۽ حملن جو شڪار ٿيندي رهي  ٿي. شان ڏهر رڳو صحافي نه پر خوبصورت شاعر به هو. انهن خوبين کانسواءِ هو يار ويس ۽ کِلڻو مِلڻو ماڻهو به هو. سندس دوستيءَ جي دائري ۾ ادب دوست ماڻهو وڌيڪ هوندا هئا. لاڙڪاڻي ۾ به هن جي پنهنجي هڪ چوياري هوندي هئي، جنهن ۾ هو اديبن ۽ شاعرن کي سڏائي کين عزت سان ويهي ٻڌندوهو، ساڻس منهنجي آخري ملاقات سندس قتل کان صرف چار ڏينهن اڳ ٿي هئي، هن پنهنجي آفيس ۾ انهن سڀني ماڻهن کي سڏايو هو، جن سان مونکي انٽرويو ڪرڻا هئا، ان دوران هن پنهنجي شوق خاطر اسانجا فوٽو به جام ڪڍيا، ڪم ڪار کان واندا ٿي ويٺاسين، ته هن ڳُڙَ واري چانهه پياري ۽ بِهن وارا پڪوڙا گهرايا. مونکي اندازو نه هو ته شان سان منهنجي اها آخري ملاقات هوندي.
شان جون اکيون هميشه منهنجي لاءِ اُتساهه ڀريون هونديون هيون، پنهنجي وڏين خوبصورت اکين سان هو جڏهن ڪنهن به محفل ۾ خاموش به ويٺو هوندو هو، ته سندس موجودگي سڀني تي حاوي هوندي هئي. شان ۽ منهنجو هڪ گڏيل عشق به هوندو هو، هو به ان کي ايترو ئي پيار ڪندو هو، جيتريون ان لئه منهنجون ننڊون حرام هونديون هيون. شان کي ڪنهن قتل ڪيو ۽ ڇو قتل ڪيو؟ اهو اسانجي پياري ڀروسي لائق پوليس ٻڌائي ٿي ته، کيس اتفاقي گولي لڳي ۽ لاڙڪاڻي جي انهن ڊاڪٽرن جي بيحسيءَ سبب زندگيءَ جي جنگ هارائي ويو، جن ان رات اسپتال ۾ پنهنجي ڊيوٽيءَ تي وڃڻ کان وڌيڪ بهتر اهو سمجهيو هوندو ته، نئين سال جي پارٽيءَ جو جشن ملهائجي...مسيحائي روپ ۾ اهڙن بيحس ڊاڪٽرن جي ڪردار تي هميشه مونکي ڀٽائي سرڪار جو اهو شعر ياد ايندو آهي ته...”پرينءَ کي چوندياس...ترس طبيب ڇڏيو......“ سو جنهن رات لاڙڪاڻي جي  طبيبن ترس ڇڏيو ته، ان رات گذرڻ بعد پرهه ڦٽيءَ مهل ان شان اکيون ٻوٽيون، جنهن جو منهنجو مشترڪه عشق سنڌ آهي. شان جي اکين ۾ به ان سنڌ جا سپنا هئا پر اهي اکيون نئين سال ۾ هميشه لاءِ ٻوٽيون ويون....شان جو قتل اسان جي سماج ۾ ڪا وڏي ڳالھه ناهي، ڇو ته قلم قبيلو ڪمزور آهي ۽ اقتدر تي ويٺل طاقتور ڀوتار ڪيئي دفعا طاقتور....  سو ممڪن آهي انهن ماڻهن لاءِ شان جو قتل ڪجھه به نه هجي، هڪ صحافيءَ جو خون هجي پر منهنجي حالت ان پکيءَ جهڙي آهي، جنهن جي ساٿيءَ کي وچ روڊ تي قتل ڪيو ويو... اڻبرابريءَ واري هن سماج ۾ بي پهچ ماڻهن جا خون طاقتور ماڻهن ۽ سندن مُنشين کي ڪيئن ٿا ڦَٻي وڃن، ان جو ٻيو مثال نئون ديرو ڀرسان  ڦلپوٽا وليج جي ان نوجوان جو ٿيل خون آهي، جنهن جا مائٽ پوليس ۽  عدالتن جا چڪر ڪاٽي ڪاٽي هاڻي انصاف گهرڻ کان ئي ٿڪجي پيا آهن. ٿيو ائين جو شڪارپور کان لاڙڪاڻي واپس ايندي پهرين نئون ديرو ۾ هڪ دوست کي فون ڪري سندس موجودگيءَ جو معلوم ڪيم، هن پنهنجي آفيس اچڻ جو چيو، جيڪا وچ شهر ۾ هئي، ان دوست حالي احوالي ٿيڻ کانپوءِ چانهه پڪوڙا گهرائڻ لاءِ ڇوڪرو موڪليو. ايتري ۾ اسانجي محفل ۾ موجود هڪ نوجوان، پنهنجو تعارف هڪ  ويب ڊولپر طور ڪرايو..جيڪو ٻڌي خوشي ٿي ته نئون ديرو جهڙي شهر ۾ به ڪي نوجوان ايترا سلجهيل ۽ تعليم يافته آهن پر منهنجي اها خوشي عارضي ثابت ٿي، ڇو ته ان نوجوان ٻڌايو ته، هو پنهنجي 1 2 سالن جي ننڍي ڀاءُ جي قتل سبب ڏاڍو پريشان آهي. کيس حيدرآباد ۾ مليل نوڪري به انهن پريشانين، پوليس ۽ عدالتن جي چڪرن سبب داءُ تي لڳل آهي. هن ٻڌايو ته،. سندس ننڍو ڀاءُ محمد يعقوب عرف اشفاق 19 آڪٽوبر تي پنهنجي دوستن سان ڦلپوٽا وليج جي گهٽيءَ مان گذري رهيو هو ته، کيس چار گوليون هنيون ويون، جنهن ۾ هو زخمي ٿي پيو، کيس ڪراچي لياقت نيشنل اسپتال کڻائي ويا پر هو بچي نه سگهيو ۽ 30 آڪٽوبر تي دم ڌڻيءَ حوالي ڪيائين. سندس ڏوهه ڳوٺ ۾ ڇوڪراڻي سنگت تان تڪرار..پر جيئن ته ڪيس ۾ نامزد ماڻهو نئون ديرو هائوس جي مئنيجرن، منشين ۽  چوڪيدارن جا مائٽ ويجها هئا، تنهنڪري هن نوجوان ويب ڊولپر کي حد جي ايماندار ڊي آءِ جي به اهو چئي موٽائي ڇڏيو ته، بابا وڃي راڄوڻي ڪريو، هائوس تان فون آئي آهي اسين مجبور آهيون....جنهن وقت اهو نوجوان مون سان مليو، ان وقت هو خوف ۾ ورتل هو ۽ پنهنجي فيمليءَ کي حيدرآباد شفٽ ڪرڻ جو سوچي رهيو هو، هن روئي پنهنجي روئداد ٻڌائي ۽ ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ کيس ملندڙ ڌمڪين جو به ذڪر ڪيو. سندس پوڙهي پِيءُ کيس ڪيسن جي پچر ڇڏڻ ۽ پنهنجي نوڪريءَ تي ڌيان ڏيڻ جي صلاح ڏني پر هو نوجوان رت هو، جذباتي لڳو پيو هو.
ڪيترائي مهينا اهو ڪيس منهنجي ذهن تي هڪ قرض وانگر سوار هو، زماني جون مصروفيتون، سفر ۽ رولاڪيون سڀ هلنديون رهيون پر اهو ڪيس به منهنجي ذهن جي ان باڪس ۾ پيل رهيو. ڪالھه وري فون ڪري ان نوجوان ويب ڊولپر کان پڇيم: بابا ڪيس ڪٿي پهتو...؟ وراڻيائين: سائين! عدالت ملزمن جي گرفتاريءَ جا وارنٽ جاري ڪيا آهن پر پوليس انهن ۾ هٿ نٿي وجهي. پوليس ڪو تحرڪ نٿي وٺي؟ پوءِ هاڻي وري ڪهڙي در کڙڪائڻ جي تياري آهي؟ منهنجي ان سوال تي هن وڏي آهه ڀري چيو: سائين! بس هاڻي ٿڪجي پيا آهيون، راڄَ جا چڱا مڙس به پنهنجي منشين ۽ مئنيجرن جي ٿا ٻڌن، اسان ۾ هاڻي همٿ ناهي رهي....لَڏينداسين ٻيو ڇا ڪنداسين....

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو