Saturday, 22 November 2014

نثار کهڙو

                          شهيد ذوالفقار علي ڀٽو 
        سياسي افق تي ڇمڪندڙ 
                  جمع 04 اپريل 2014ع


پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي باني چيئرمين ۽ ملڪ جي پهرئين چونڊيل وزير اعظم ۽ ملڪ کي متفق آئين ڏيندڙ شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي جي شهادت کي  اڄ  پنجٽيهه ورهيه وهامي ويا آهن پر شهيد ڀٽي جو عدالتي قتل اڄ به انصاف جو گُهرجائو آهي. پاڪستان جي اڄ جي حالتن کي ڏسجي ته، هڪ پاسي پنجٽيهه سال اڳ هڪ فوجي آمر عوام جي مقبول ۽ محبوب اڳواڻ کي سندس پاليسين، عوامي مقبوليت ۽ اسلامي دنيا کي مضبوط ڪرڻ واري فڪر ۽ فلسفي کان خائف ٿي ڪوڙي ڪيس ۾ سولِيءَ چاڙهيو ۽ ٻئي پاسي ان ئي آمر جو تسلسل اڄ هڪ ٻيو آمر جڏهن عوامي جدوجهد کان پوءِ ملڪ ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي فڪر ۽ فلسفي جي تصور هيٺ قائم ٿيل جمهوريت ۾ عدالت ۾ پيش ٿيو آهي، ته هو مڙسيءَ سان هن معاملي کي منهن ڏيڻ بدران آزين ۽ نيازين ۾ پورو آهي، ڪڏهن خاص عدالت، ڪڏهن گهرو وزارت ته ڪڏهن وري سپريم ڪورٽ ۾ درخواستون ڏئي رهيو آهي ته، کيس ٻاهر وڃڻ ڏنو وڃي. ڀٽو صاحب جيئن ته هڪ مڃيل سياستدان ۽ عوام جي دلين تي راڄ ڪندڙ حقيقي عوامي ليڊر هو، تنهنڪري کيس جڏهن قتل جي ڪوڙي ڪيس ۾ ٽڪساٽن سان جيل ڀيڙو ڪيو ويو، کيس انهن سڀني سهولتن کان محروم ڪيو ويو، جيڪي هڪ حڪمران ۽ عوامي اڳواڻ کي  ميسر هجڻ گهرجن، هو جيل جي ڪال ڪوٺڙيءَ ۾ ڪنهن پلنگ ۽ کٽ تي نه پر پٽ تي سُتل هو، اهڙين ڪٺن حالتن باوجود هن نه ته ڪنهن جي آڏو آزي ڪئي نه نيازي، نه ئي وري ڪي معافي ناما لکي ڪنهن ٻئي ديس ويو، نه ئي وري وڃڻ جي ڪوشش ڪئي. هن ته مورڳو پنهنجي پياري ڌِيءَ پنڪي ۽ ونيءَ بيگم نصرت ڀٽو کي وقت جي آمر کي رحم جي اپيل ڪرڻ کان به سختيءَ سان روڪي ڇڏيو هو. ان جي ڀيٽ ۾ ڪالهه جو آمر اڄ نه ته ڪال ڪوٺڙيءَ ۾ آهي، نه ئي سهولتن کان محروم آهي، ايتريقدر جو فرد جرم لاڳو ٿيڻ کان پوءِ به پنهنجي مرضيءَ ۽ منشا جي اسپتال ۽ هاڻي فارم هائوس ۾ ترسيل آهي، تنهن باوجود سڀ کان پهرين هِي ڪمانڊو اڄ پنهنجي ئي وطن جي ڌرتيءَ تان رفو چڪر ٿيڻ لاءِ هٿوراڙيون هڻي رهيو آهي. تاريخ جي ستم ظريفي چئبي ته، هن ملڪ، جنهن جا اڃان بنياد ئي مضبوط نه ٿيا آهن، اُتي جي دور انديش ۽ حقيقي عوامي اڳواڻ کي سوليءَ ٽنگيو ويو. ڇا ملڪ جي دفاع کي ناقابل شڪست بڻائڻ، ڀارت کان 90 هزار فوجي قيدي باعزت نموني ڇڏائي ڏيهه واپس آڻڻ، دشمن طرفان ئي قبضو ڪيل 5 هزار چورس ميل زمين واپس آڻڻ، اسٽيل مل جهڙا ادار ڏئي ملڪ کي اقتصادي ۽ معاشي طور مضبوط ڪرڻ جا بنياد وجهڻ اهڙو ڏوهه آهي جو ملڪ جي نالي ۽ ناموس کي روشن چنڊ جيان چمڪائيندڙ هڪ اڳواڻ کي سوليءَ چاڙهيو ويو؟ ڀٽي خاندان جو آخر ڏوهه ڪهڙو آهي. پهرين پيءُ، پوءِ ٻه پٽ ۽ آخر ۾ سندس نياڻي اسلامي دنيا جي پهرين چونڊيل وزير اعظم محترمه بينظير ڀٽو کي شهيد ڪيو ويو.
 اڄ جڏهن دنيا جا خطا ڀڃ ڊاهه جو شڪار آهن، قومن ۽ ملڪن لاءِ لساني ۽ مذهبي بنيادن تي يڪجا رهڻ هڪ چيلينج بڻيل آهي، اهڙي صورتحال ۾ پاڪستان اندر هڪ اهڙي خاندان جو نالو ۽ نشان ئي مٽائي ڇڏڻ واري روش ۽ سوچ ڇا ملڪ کي مضبوط ڪندي؟ وقت اچي ويو آهي ته، ملڪي تاريخ جي 67 سالن ۾ هاڻي ڪو به رسڪ کڻڻ بنا ڪنهن کي غداريءَ ۽ حب الوطنيءَ جا سرٽيفيڪيٽن جاري ڪرڻ يا فقط ڪا هڪ ڌر محب وطن باقي سڀ غدار واري سوچ ترڪ ڪري، برابريءَ واري سلوڪ آهر اڳتي وڌڻ گهرجي. ملڪ اڄ هونئن ته کوڙ سارن چئلينجن جي ور چڙهيل آهي پر دهشتگردي ۽ انتهاپسنديءَ جو ٻج جيڪو هن خطي ۽ ملڪ ۾ پوکيو ويو آهي، تنهن کي پاڙان پٽي اُڇلڻ بدران ان کي وڌيڪ سيراب ڪرڻ جي سازش پئي ٿئي. اهي دهشتگرد جيڪي فوج جي جوانن کي شهيد ڪن، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن کي ذبح ڪن، عوامي هنڌن تي حملا ڪن، سياسي اڳواڻن ۽ جماعتن لاءِ خطرو هجن، تن سان ڳالهيون ڪهڙي دانشمندي آهي؟ ٻٽي پاليسي وقتي طور ڪن ڌرين فردن ۽ ڪجهه سياسي جماعتن لاءِ ته فائديمند ٿي سگهي ٿي پر سماج جي مجموعي بهبود لاءِ اهو ڪو سٺو سنئوڻ ناهي. ملڪ جا بنياد ۽ جمهوري سرشتو فقط ۽ فقط سمورين قومن، سياسي جماعتن ۽ سماج جي سڀني طبقن سان برابريءَ واري بنياد تي ئي مضبوط ٿي سگهندو. ماضيءَ جي غلطين جو ازالو اسان کي بهتر مستقبل ڏئي سگهي ٿو. هاڻي جڏهن اسان جي عدليه “Judicial Activism” جهڙي محاوري سبب هڪ نئون تعارف ماڻيو آهي، تڏهن اڄ ملڪ جي مقبول ترين عوامي اڳواڻ جي پنجٽيهين ورسيءَ جي موقعي تي اميد ڪري سگهجي ٿي ته، عدليه تاريخ ۾ ڀٽي صاحب جي قتل کي صحيح ۽ حقيقي مانُ ڏيڻ لاءِ ڪردار ادا ڪندي. اهو هاڻي عالم آشڪار آهي ته، ڀٽي صاحب کي هڪ ڪوڙي ڪيس ۾ سازش تحت قتل ڪيو ويو، جنهن جو اعتراف کيس سزا ڏيندڙ بئنچ جو جج جسٽس نسيم حسن شاهه پڻ ڪري چڪو آهي. سو ڀٽي صاحب جي قتل ۾ تاريخ جي درستگيءَ سان نه رڳو هن عظيم سياسي اڳواڻ جي سياسي تاريخ درست رُخ وٺندي پر عدليه تي لڳل داغ به ڌوپجي سگهي ٿو. ان ڏس ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداريءَ طرفان گذريل حڪومت ۾ سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪيل ڀٽو ريفرنس اڃان ٻڌڻيءَ جو گهرجائو آهي.
اڄوڪو ڏينهن ملڪ جي تاريخ جو اهم ترين ڏينهن آهي، اڄ پوري ملڪ جي چئني صوبن، آزاد جمون ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي شاهراهن جو منهن ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ڏانهن آهي. ملڪ جي ڪُنڊ ڪڙڇ مان شيدائي، ڪارڪن، سياسي اڳواڻ توڙي ٻڍڙا، عورتون ۽ نوجوان پنهنجي محبوب اڳواڻن جي مزارن تي عقيدت جا گل نڇاور ڪرڻ لاءِ اڄ ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ گڏ ٿي رهيا آهن. هو وقت جي ستم ظريفيءَ تي شهيدن جي هن آخري آرامگاهه تي بيهي اهو سوال اٿاري رهيا آهن ته، هن ملڪ ۾ جتي ٻڪري چوريءَ کان ويندي ڪنهن جي دڪان کي کاٽ لڳڻ تائين جي ڪيسن جا ته فيصلا ته عدالتن ۾ ٿي وڃن ٿا پر  تاريخ جو ٿيل هِي قتل اڃان به انصاف جو ڇو گهرجائو آهي؟ پنجٽيهه سالن ۾ به هڪ ڪيس ۾ جيڪڏهن انصاف نه ملي سگهي، ويتر ان ڪيس جا پونئير هڪ هڪ ڪري ماريا ۽ لحد ۾ لاٿا وڃن، ته پوءِ آخرڪار عوام ڪهڙي واٽ وٺڻ تي سوچي؟ سو تاريخ جي گُهرج آهي ته، ڳڙهي خدا بخش ڀٽي جو هِي ڀٽو خاندان جنهن ملڪ جي بقا ۽ مضبوطيءَ لاءِ پنهنجي قيمتي جانين جو نذرانو ڏنو آهي، تنهن سان انصاف ٿيڻ کپي، ته جيئن اڄ جي سجاڳيءَ واري دور ۾ عوام تي چِٽو ۽ واضح ٿي سگهي ته، آمريتن آڏو نه جُهڪندڙ هِي انمول اڳواڻ ئي عوام جا حقيقي اڳواڻ هئا، آهن ۽ رهندا، جن نه ته ڪڏهن ڪنهن مصلحت کان ڪم ورتو، نه ئي وري ڪو معافي نامو لکيو، نه ئي وري ڪنهن حڪمران جي اڳيان جُهڪيا. ائين ڪرڻ سان عوام حقيقي عوامي ليڊر ۽ جمهوريتن تي راتاهو هڻندڙ آمرن جي ڪردار کان چڱيءَ ريت واقف ٿي سگهندو ۽ انهن  ۾ فرق ڪري سگهندو.

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو