Wednesday 17 August 2016

علي قاضي

                                تبديلي کپي
                                                         آچر  9 نومبر  2008ع 
                ننڍي کنڊ جي جيئري ليجنڊ گلزار جي هڪ فلم ”معصوم“ جو اهو گانو ڪڏهن ڪڏهن ڏاڍو وڻندو آهي، جنهن جا ٻول آهن:
تجهه سي ناراض نهين زندگي حيران هون مين
تيري معصوم سوالون سي پريشان هون مين
                  اسان جي دانشمند دوستن پاران ”نيٺ  ڇا ڪجي؟“ يا ”نيٺ ڪيئن ڪجي؟“ واري بحث بابت ڪڏهن ڪڏهن ايترا معصوم سوال اٿاريا وڃن ٿا، جو دل  چئي ٿي ته انهن سان زوري ڀاڪر پائي، رڙيون ڪري سندن دانش تي روئجي پر آدابِ محفل کي  ملحوظ رکندي اهڙي حرڪت ڪرڻ کان پاڻ کي روڪڻو ٿو پوي. وري ڪجهه دوست اهڙا عجيب و غريب اعتراض وارين ٿا، جو پنهنجي منهن ويهي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ٽهڪ ڏيڻ لاءِ من ڪري ٿو پر پاڻ تي ضبط رکي ڪجهه منٽ صرف مسڪرائڻ سان ڪم هلائڻو ٿو پوي. اسان جي انهن اهلِ دانش حضرات جي اڪثريت سان ڪجهه ڪچهرين يا سندن لکڻين مان سندن راءِ منجهه موجود معصوميت بهرحال صاف نظر اچي ٿي.(مون کي اميد آهي ته اتي اهو سوال يا اعتراض نه اٿاريو ويندو ته دانشمند ماڻهو معصوم راءِ/ خيال ڪيئن ٿا ظاهر ڪري سگهن؟ منهنجي خيال ۾ اگر ڪا راءِ يا ڪو خيال انتهائي Purity  
(بنا ڪنهن ملاوٽ جي )
سان ڪير به ظاهر ڪري ٿو، جنهن ۾ ڪنهن مفاد، ڪنهن تعصب يا ٻئي ڪنهن منفي سوچ جي گدلاڻ شامل نٿي هجي، ته اها راءِ، اعتراض يا خيال يا سوال معصوم هجي ٿو.)  هڪڙي ٻئي دنيا به پاڻ وٽ موجود آهي، جنهن جو تعداد جيتوڻيڪ اٽي ۾ لوڻ برابر آهي، اها مخلوق لفظن جي  Juggler  
 (شعبديباز)
 آهي، انهن وٽان توهان کي ڪنهن به ڳالهه جو ڪو به سڌو سبتو جواب ملڻ جي توقع نٿي هجي. توهان کي پيٽ ۾ سور هجي ۽ توهان غلطيءَ وچان انهن سان پنهنجي ان سور جو ذڪر ڪري  ڇڏيو ته اهي توهان کي سقراط ۽ ارسطو جا فلسفا ٻڌائڻ شروع ڪري ڇڏيندا!! توهان کي بخار سبب مٿي ۾ سور هوندو ته هي صاحب اوشو، مهاتما ٻڌ ۽ ٻين ڏاهن جا قول ٻڌائي قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا ته مٿي ۾ سور بخار جي ڪري ناهي!! غرض ته اهي صاحبلوڪ لفظن جا هلندڙ ڦرندڙ دڪان هجن ٿا، جن جي دڪان تي اگر ڪو اڌ چريو غلطيءَ وچان هليو وڃي ته خير سان مڪمل چريو ٿي واپس نه اچي ته ”پئسا واپس“. سو انهن ”دانشور“ حضرات پاران ”نيٺ ڇا ڪجي؟“ واري بحث ۾ صادر ڪيل فرمودات ۽ زرين خيال ٻڌڻ يا پڙهڻ کان آئون پاسو ڪريان ٿو، جو هر ماڻهوءَ جيان مون کي به پنهنجي صحت جو اونو هجي ٿو ۽ ان پراڻي چوڻيءَ ۾ يقين رکان ٿو ته، ”احتياط علاج  کان بهتر  هجي ٿو“.
        سو پاڻ انهن معصوم خيالن/ اعتراضن ڏانهن پنهنجو ڌيان ڪريون ٿا، جن مان ڪجهه هن ريت آهن؛ (1) ڪارل مارڪس جي فلسفي ذريعي نظام بدلائجي. (2) نظرياتي پروگرام کانسواءِ ووڪل ڪلاس وارو فلسفو بي معنيٰ  آهي. (3) ووڪل ڪلاس فارمولو نه پر هڪ ٻي نئين سياسي پارٽي ٺهڻ کانسواءِ تبديلي ممڪن ناهي. (4) ووڪل ڪلاس جو مطلب آهي مڊل ڪلاس ۽ ان جي اڪثريت پاڻ تبديلي  نٿي چاهي. (5) انهن سوالن/خيالن بابت ڪجهه معصوم خيال/جواب منهنجا به آهن. (جنهن تي توهان جي دل چئي ته توهان کي زور سان کلڻ يا منهنجي بي عقلي تي روئڻ جو پورو حق حاصل آهي). گذارش اها آهي ته، ڏهن ٻارنهن سالن کان جنهن نقطي تي فوڪس ڪرائڻ جي ڪوشش ۾ آهيان، اهو هي آهي ته سنڌ ۾ جيستائين سياسي ڪلچر تبديل نٿو ٿئي، تيستائين اسان جي زندگيءَ ۾ ڪا مثبت ۽ ڳڻپ جوڳي تبديلي ممڪن ڪونهي. آمريڪا ۾ بارڪ اوباما گذريل 10 مهينن جي اليڪشن مهم ان نقطي تي ئي هلائي ته America needs a change
 (آمريڪا کي تبديلي گهرجي) 
سو ڏهن سالن کان منهنجو به نقطو اهو ئي هو ته Sindh needs a real change 
(سنڌ کي حقيقي تبديلي گهرجي).
پر جڏهن محسوس ٿيو ته حقيقي تبديليءَ جي خواهشمندن سان  سڄي سنڌ ڀري پئي آهي، ته انهن تبديليءَ جي خواهشمندن لاءِ ووڪل ڪلاس جو اصطلاح استعمال ڪيم ۽ ظاهر آهي، تبديليءَ جا خواهشمند ۽ ان لاءِ آواز اٿاريندڙ 
(يا آواز اٿارڻ جي خواهش رکندڙ)
 صرف مڊل ڪلاس نه پر  اپر ڪلاس، لوئر ڪلاس، غرض ته هر طبقي ۾ ٿورا يا گهڻا ماڻهو موجود آهن، تنهن ڪري ووڪل ڪلاس کي طبقاتي فرق ۾ ورهائڻ ووڪل ڪلاس جي اصطلاح جي صحيح تشريح ناهي.
        ڪارل مارڪس جي نظريي هيٺ انقلاب آڻي اتي سوشلزم آڻڻ جي حوالي سان ظاهر ڪيل خواهش بابت صرف ايترو ئي چئي سگهجي ٿو ته ڇا اسان وٽ اهڙو ڪو ماحول آهي، جو اهڙي خواهش جي تڪميل ويجهي مستقبل ۾ ممڪن نظر ايندي هجي؟ باقي بحث مباحثي لاءِ ته اسان وٽ ماضي ۾ ڪيترائي ڏهاڪا ان قسم جو بحث جاري رهيو ته طبقاتي جدوجهد ڪجي، يا قومي طبقاتي عوامي جدوجهد ڪجي؟ مزدور طبقو انقلاب جو محور بڻبو. يا هاري طبقو؟ سو بحث ته دنيا ۾ کوڙ سارا هلندا رهندا آهن، اگر دوست اڄ به سرخ انقلاب جي رومانس ۾ رهڻ چاهين ته ڪير ڪنهن کي ڪيئن ٿو روڪي سگهي، باقي اهو سمجهڻ ته اگر ووڪل ڪلاس جا ماڻهو چونڊجي ويا ته انهن وٽ ڪو نظرياتي پروگرام نه هوندو، سو هڪ انتهائي معصوم خيال آهي، ڇاڪاڻ ته ان ڪلاس جي چونڊيل نمائندن جو بنياد ۽ وجود ئي ”سنڌ ۾ حقيقي تبديلي“ جي پروگرام جو سبب ٿيندو. هي ته ان نظريي جي پيداوار هوندا ته ورهين کان هلندڙ سياسي ڪلچر کي تبديل ڪري گڊ گورننس وسيلي عام ماڻهن جي زندگي ۾ بامعنيٰ تبديلي آڻجي، سنڌ جي حقن جي حفاظت ڪجي، سنڌ جي هر لحاظ کان واهر ڪجي. سو پروگرام ته واضح آهي ته هن ڪلاس جا  ماڻهو ”مثبت حقيقي تبديلي“ جي لاءِ ايندا ۽ رڳو اهو نه پر انهن جي چونڊن ۾ اگر ڪاميابي ٿي ته اها خود اسان جي سياسي ڪلچر ۾ تبديلي جو پهريون ڏاڪو هوندي. باقي ان تبديلي جي پروگرام  جا  تفصيل ۽ مول متا ظاهر آهي ته ان ڪلاس جي ماڻهن پاران چونڊيل ڪا ڪاميٽي ئي ڪندي. ڪجهه دوستن جو خيال آهي ته ڪا نئين سياسي پارٽي ٺهڻ گهرجي، شايد انهن دوستن جو ڌيان ان ننڍڙي نقطي ڏانهن ناهي ويو ته اگر سڄي سنڌ ۾ ووڪل ڪلاس جا نمائندا چونڊن ۾ بيهندا ته فطري طور هو ڪنهن هڪ   Nucleus(مرڪز) سان ته ظاهر آهي جڙيل هوندا. انهن جو ڪو نه ڪو ته Organisational (تنظيمي) نيٽ ورڪ ته ضرور هوندو، باقي اگر ڪنهن جو خيال آهي ته روايتي طور هڪ ٻئي سياسي پارٽي جڙڻ کپي، ته دوستن کي ضرور همت ڪرڻ کپي، پر هڪڙي ڳالهه صرف ياد رهي ته سنڌ ۾ جيتريون سياسي پارٽيون ۽ پريشر گروپ موجود آهن، اوترا شايد ئي باقي ٽن صوبن ۾ هجن. سو سنڌ سياسي پارٽين/گروپن جي حوالي سان ماشاءَ الله اڳ ۾ ئي خود ڪفيل آهي، پر اگر ان ۾ ڪو دوست اضافو ڪرڻ چاهي ٿو ته ڪنهن کي به ڇو اعتراض هوندو!! اتي هڪ ٻئي ڳالهه جو به ذڪر ڪندو هلان، جو تبديليءَ لاءِ ووڪل ڪلاس  واري سوچ کي غلط قرار ڏيڻ لاءِ ماضي ۾ جڙيل ايس ڊي اي جو مثال ڏنو وڃي ٿو. اها هڪ بنهه معصوم سوچ آهي، ڇاڪاڻ ته ايس ڊي اي موجوده سياسي ڪلچر منجهه موجود انهن ماڻهن جو اتحاد هو، جيڪي پ پ پ مخالف سمجهيا ويندا هئا ۽ انهن جي سياست جو محور پ پ پ جي متبادل طور اڀرڻ هو پر اهو قطعي نه هو ته اهي هاڻوڪي سياسي ڪلچر کي تبديل ڪندا ۽ اهو ان ڪري ممڪن به نه هو، جو هو پاڻ ان ڪلچر جو ئي حصو هئا، سو ووڪل ڪلاس واري سوچ کي ايس ڊي اي سان ڀيٽڻ معصوماڻي زيادتي هوندي.
        مون مٿي ڄاڻايل اعتراضن/سوالن جا ڪجهه جواب ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ڪجهه اعتراض يا سوال اڃا به هوندا، پر جيڪا ڳالهه اطمينان جوڳي چئجي ته سنڌ ۾ آهستي آهستي اهو اتفاق راءِ نظر اچي پيو ته Sindh deserve better and for that we need to change our political culture
(سنڌ چڱائيءَ جي حقدار آهي ۽ ان لاءِ اسان کي سياسي ڪلچر جي تبديلي گهرجي. )
 سنڌ، جنهن کي ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ جمهوريت پسند ۽ سياسي جاڳرتا جي حوالي سان باشعور مڃيو وڃي ٿو، سان هاڻ گهڻي ٿي ويئي، سنڌ هڪ تبديليءَ جي گهرجائو آهي، پوءِ اها تبديلي ووڪل ڪلاس جي پاڻ سياست ۾ بهرو وٺڻ سان اچي، ڀلي ڪا ٻئي پارٽي اهو ڪم ڪري يا ڀلي هاڻوڪي حڪمران پارٽي يعني پ پ پ، جنهن کي عوام چونڊيو آهي، سياسي ڪلچر ۾ تبديليءَ جو آغاز ڪري يا اگر سرخ، نيلي يا پيلي انقلاب ذريعي اهڙي ڪا تبديلي اچي ته به منهنجي اکين تي، ڇاڪاڻ ته ضد اهو ناهي ته مثبت تبديلي ڪير ٿو آڻي، خواهش اها آهي ته اسان جي سياست عوام دوستي جي اصل روح موجب هجي. جيڪو به حڪومت ۾ اچي، ان وٽ سنڌ جي ڏکن ۽ دردن جي تدارڪ جو نه صرف فهم هجي، بلڪه نيت به هجي،  سو اسان جي دانشمند دوستن کي هر جواب لاءِ هڪ سوال ڳولهڻ يا هر حل مان مسئلو ڳولهڻ يا هر عمل پويان سازش ڪڍڻ بدران گڏجي ڪا اهڙي ڪاوش ڪرڻ گهرجي، جيئن سنڌ جي ان آواز ته ”سنڌ جي سياسي  ڪلچر ۾ تبديلي گهرجي“ کي هاڻ ڪير دٻائي نه سگهي.
        مسئلو  اهو  ناهي ته اسان  جي  ووڪل  ڪلاس  جا  ماڻهو اليڪشن ذريعي تبديلي واري فارمولي سان سهمت ٿين، پر گهٽ ۾ گهٽ چوطرف نظر ايندڙ غلط ڪمن، فيصلن ۽ عملن کي ڏسي پنهنجي اندر اها سوچ ضرور آڻين ته Enough is enough(هاڻ گهڻو ٿيو) ۽ اها خواهش به مضبوط ڪن ته هي سڀ ڪجهه تبديل ٿي سگهي ٿو. هر غلط ڪم ڪندڙ ڪاموري، سياستدان يا ڀوتار کي ووڪل ڪلاس جي هر ماڻهو جي اکين ۾ اهو صاف لکيل نظر اچڻ کپي ته کين ”تبديلي کپي“، هر غلط فيصلو مجبوري سبب قبول ڪرڻ مهل هر  ووڪل ڪلاسي جي دل ۾ اهو عزم پختو ٿيڻ کپي ته ”تبديلي کپي“، هر ظلم ۽ ناانصافي ڏسي چهري تي اهو صاف لکجي اچي ته ”تبديلي کپي“. سرڪاري اسڪولن ۾ پنهنجي ٻارن کي پڙهايو ويندڙ  مدي خارج نصاب ڏسي، پوليس واري هٿان ڪنهن شريف ماڻهوءَ جي پٽڪي لهندي ڏسي، روينيو رڪارڊ ۾ هير ڦير جو ٻڌي، هيپاٽائيٽس مرض سبب ڪنهن کي مرندي ڏسي، پاڻي جي اڻاٺ سبب بيٺل فصل سڪندي ڏسي، ماحولياتي گدلاڻ سبب ڳوٺن جا ڳوٺ مرضن ۾ ورتل ڏسي، اٽي جي لپ لاءِ لاچار، ويلا ڪٽيندڙ ڪٽنب جو درد ڏسي، جرڳن ۾ ڀوتارن آڏو پٽ تي ويٺل  اٻوجهه ماڻهن جي بيوسي کي محسوس ڪندي، سڱ چٽي ۾ معصوم نياڻين جي مستقبل جو فيصلو ٿيندي ڏسي، غرض ته هر ان ڪڌي ڪم کي ڏسي، جنهن سان دل ڀرجي اچي، اکيون آليون ٿي وڃن، ان مهل هڪ دفعو پنهنجي پاڻ کي وڏي آواز ۾ اهو ضرور چوڻ گهرجي ته، ”تبديلي  کپي“ ۽ يقين رکجي ته اها تبديلي اچڻ ناممڪن ناهي.
        ڪنهن صحافي دوست مون کي چيو ته، ”توهان هرو ڀرو گهڻو جذباتي  پيا ٿيو، سنڌ ۾ جن ماڻهن کي توهان ووڪل ڪلاسي چئو ٿا، اهي پاڻ تبديلي لاءِ نه ايترا تيار آهن، نه ئي گهڻو پريشان آهن“. ٿي سگهي ٿو، ان دوست جو خيال صحيح هجي ۽ اهو به ٿي سگهي ٿو ته اها راءِ  بنهه غلط هجي. بدقسمتي سان اسان وٽ آمريڪا يا يورپ جيان راءِ عاما بابت صحيح ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ ڪي مستند ادارا موجود ناهن، جيڪي سروي بعد عوامي راءِ ٻڌائي سگهن، پر ان ڏس ۾ اهو ضرور ٿي سگهي ٿو، هر شهر ۾ ڪنهن هڪ يا ٻن هنڌن تي، پوءِ اهو هنڌ شهر جي وچ ۾  ڪا هوٽل، ڪو دڪان، ڪا لائبريري، غرض ته ڪا به اهڙي جڳهه جتي هر شهري جي پهچ هجي، اتي هڪ رجسٽر رکجي، جنهن جي مٿان وڏن اکرن ۾ لکيل هجي ”تبديلي کپي“ هر اهو ووڪل ڪلاس جو شهري جيڪو تبديلي چاهي ٿو، اهو وڃي ان رجسٽر ۾ پنهنجو نالو ۽ شناختي ڪارڊ نمبر لکي اچي ۽ پندرهن ڏينهن يا مهيني بعد ڏسجي ته ان شهر جا ڪيترا ماڻهو پاڻمرادو هلي وڃي تبديلي لاءِ پنهنجو نالو لکرائي يا لکي اچن ٿا. اتي اها وضاحت ڪرڻ ضروري آهي ته اگر اهو رجسٽر کڻي ڪجهه ووڪل ڪلاسي  شهرين جي در در وڃي نالا لکيا ته ان Concept (تصور) جو مفهوم ئي فوت ٿي ويندو. ڇاڪاڻ ته ڏسڻو اهو آهي ته ڪيترا ماڻهو تبديليءَ لاءِ ڪيترو سنجيده آهن، ڇاڪاڻ ته اگر ڪو ووڪل ڪلاسي پنهنجي گهران سيڙجي اچي، ان رجسٽر تي پنهنجو نالو لکڻ جي به زحمت نٿو ڪري ته ٿي سگهي ٿو ته هو تبديلي جو خواهشمند ضرور هجي، پر هو ان آسري ۾ آهي، ته اها تبديلي کيس ڪو ئي مسيحا گهر ويٺي آڻي ڏيندو.
        اگر  ووڪل  ڪلاس (تبديلي جا خواهشمند) ”تبديلي کپي“ واري رجسٽر تي وڏي تعداد ۾ وڃي پنهنجو نالو لکيو ته ظاهر آهي ته ان سان ڪو فوري انقلاب نه اچي ويندو، پر اگر هزارين، لکين ماڻهن سڄي  سنڌ ۾ اهڙو عمل ڪيو ته ان عمل کي تبديليءَ ڏانهن پهرين وک ضرور سمجهي سگهبو. ان سان ٻه ٽي ٻيون مثبت ڳالهيون به ٿي سگهنديون، هڪ اهو ته ان ڳالهه جو ووڪل ڪلاس کي به اندازو ٿيندو ته هو سڄي  سنڌ ۾ ڪيتري انگ ۾ موجود آهن ۽ گڏوگڏ جمود جي حامي قوتن کي به اندازو ٿيندو ته تبديلي چاهيندڙن جو انگ ڇا آهي ۽ اهو عمل ورهين کان موجود اسان جي سياسي ڪلچر جي خلاف هڪ ريفرنڊم ٿي پيو سگهي. اگر ائين ٿيو ته ان کي ڪنهن حڪومت يا پارٽي يا سياسي فلسفي جي خلاف يا حق ۾ ريفرينڊم يا راءِ قرار نه ڏبي، بلڪه اها سڄي سنڌ جي اجتماعي سوچ جي عڪاسي هوندي، جنهن مان ڪا حڪومت ۽ ڪا پارٽي به فائدو وٺي حقيقي مثبت تبديلي لاءِ جاکوڙي پئي سگهي. اگر آئون Optimistic (پراميد) ٿي سوچيان ٿو ته ڪنهن هڪ شهر ۾ هڪ هنڌ رکيل رجسٽر تي وڃي پنهنجو نالو لکڻ ڪو ڏکيو ڪم ناهي، بلڪه بنهه سولو آهي، پر اگر آئون Pessimist ) نا اميد) ٿي سوچيان ٿو ته نظر اچي ٿو ته، هر ڪو سوچيندو ته 50 يا 100رپين جو رجسٽر ڪو ٻيو ڇو نٿو وٺي يا آئون رجسٽر ڇو پنهنجي هوٽل/دڪان تي رکان، ڪو ٻيو ڇو نٿو رکي يا هر ٻيو ماڻهو اهو ئي سوچيندو ته تبديلي آئي ته سڀني لاءِ ايندي، آئون ڇو سيڙجي وڃي نالو لکان؟ وغيره وغيره.
        آمريڪا جي سول حقن لاءِ جاکوڙيندڙ اڳواڻ مارٽن لوٿر ڪنگ جي مشهور تقرير “I have a dream” جو حوالو ڏيندي ڪجهه سال اڳ هڪ مضمون ۾ لکيو هئم ته، سنڌ جي خوشحالي منهنجو به خواب آهي ۽ اڃا به منهنجو ۽ لکين سنڌ واسين جو اهو خواب ٽٽو ڪونهي، پر ڪنهن ڏاهي چواڻي ته، ”خوبصورت خواب اهو ناهي جيڪو توهان ننڊ ۾ ڏسو، بلڪه اهو آهي، جنهن جي ساڀيان جي خواهش ۾ توهان کي ننڊ نه اچي“.

Saturday 17 January 2015

نسيم بخاري

آغا رفيق جي استعيفيٰ کانپوءِ پبلڪ سروس ڪميشن جو داءُ تي لڳل آئيندو 


سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي چيئرمين جسٽس رٽائرڊ آغا رفيق پٺاڻ پاران پنهنجي عهدي تان سياسي ۽ انتظامي دٻاءُ سبب ڏنل استعيفيٰ کانپوءِ سندس پاران ڪو به اهڙو واضح بيان سامهون نه آيو آهي، جنهن مان پنهنجي ڪرسي ڇڏڻ جي حوالي سان ڪا چٽي حقيقت پڌري ٿئي. هن ڪنهن کي به الزام هيٺ نه آندو آهي نه وري ڪنهن تي ڪا سڌي تهمت مڙهي اٿائين. ان جي باوجود، سندس پهرئين ابتدائي اظهار مان جيڪا ڳالهه بکي آهي ۽ جنهن کي جڳ جهان پوري شدت سان محسوس ڪيو آهي، سا اِها آهي ته هُن کي هن جي انداز سان هلڻ نه پئي ڏنو ويو، جيڪو ڪم کيس سونپيو ويو هو، انهن فرضن کي پوري ڪرڻ جي حوالي سان هن جيڪي وکون کنيون پئي، تن ۾ رڪاوٽون ۽ رنڊڪون وڌيون ويون. اخبارن ۽ ٽي وي چئنلز رپورٽ ڪيو آهي ته نادري حڪم ذريعي کيس وزيراعليٰ هائوس گهرايو ويو هيو، اتي هو ڪافي دير تائين ڪاليجن ۽ يونيورسٽين واري شعبي ۾ ويٺو رهيو، انتظار ۽ ٻڏتر واري ڪيفيت ۾ هن پنهنجي دل جي ڳالهه ٻڌي ۽ دماغ سان فيصلو ڪيو ته برداشت جي به ڪا حد هوندي آهي. هاڻي پاڻي مٿي کان ٽپي رهيو آهي. ان کان اڳ جو پاڻي ماڻهو کي ۽ ان جي اندر جي انسان کي لوڙهي ماري فنا ڪري ڇڏي، اڄ هڪ هڪاڻي ڪرڻي آهي. سچ جي سربلندي کي سرخرو ڪرڻو آهي. ڪو اهڙو ٻوٽو ٻارڻو آهي، جيڪو پويان واري اونداهه جون سموريون فرعونيتون، جهالتون ۽ جاگيرداراڻي جبر کي عيان ڪري ڇڏي ـ

رٽائرڊ جسٽس آغا رفيق استعيفيٰ لکي ۽ ماهوار ساڍا اٺ لک روپيا پگهار واري منصب کي ٿڏي، ڦٽو ڪري ۽ اڇلي ٻاهر هليو آيو. هن جي استعيفيٰ جي حوالي سان مختصر ۽ معنيٰ خيز جيڪي احساس آڏو آيا آهن، اُهي حڪومتي وهنوار کي وڏيرڪي اوطاق جي طرز تي هلائڻ وارو نه رڳو تاثر ڏئي ويا آهن پر اها تصديق به ڪري ويا آهن ته اُهو چرخو ڪيئن هلي رهيو آهي! ٻڌايو پيو وڃي ته هن کان جهڙي ڪم جي توقع ڪئي پئي وئي يا جيڪي هن مان اُميدون رکيون ويون هيون، تن تي هن پاڻي ڦيري ڇڏيو هو ۽ واضح لفظن ۾ چيو هو ته جهڙي نوعيت جو هن کان ڪم ورتو پيو وڃي هو، ان سطح تي اُهي خدمتون سرانجام نه ٿو ڏئي سگهي، ڇو ته اهو سڌو سنئون پنهنجي ڌرتي جي پڙهيل لکيل نئين ٽهي سان کليل دوکو آهي، جيڪا دغا بازي هن کان نه پڄندي. ان ڪري هن اهو فيصلو ڪيو ته اُهو ”سون ئي گهوريو جيڪو ڪن ڇني “ـ

سنڌ ۾ لڳاتار ستن سالن کان عوامي راڄ جي نالي ۾، جيڪا بادشاهت برقرار آهي، پيپلزپارٽي ان جي گرفت کي اڃا مضبوط ڪرڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪري رهي آهي ۽ اهو ئي سبب آهي ته سنڌ جي سمورن کاتن جون نوڪريون ”واپار جو وکر“ بڻايون ويون آهن. ان ڌنڌي ۽ دڪانداريءَ ۾ پبلڪ سروس ڪميشن معرفت جيڪو ذهين، بيروزگار نوجوانن وارو عنصر اهليت جي آڌار تي رڪاوٽ پئي بڻيو، ان کي اک جو ڪنڊو سمجهي ڪڍڻ جي ڪوشش طور تي رٽائرڊ جسٽس آغا رفيق کان ”وانگار“ وارو ڪم وٺڻ جي اثرائتي ڪوشش ڪئي وئي پر هن انڪار ڪري حڪمران طبقي جي من مانين جا ڀانڊا ۽ بدنيتيون وائکيون ڪري وڌيون. آغا رفيق جو انڪار، آغا رفيق جي عزتن، عظمتن، شهرت ۽ وقار کي جيڪو بلنديون عطا ڪري ويو آهي، ان تي سندس پويان به ناز ڪندا ۽ اهڙي ئي احساس يا جذبي سان جيڪڏهن هر اداري جو سربراهه، نااهل لشڪر کي ڀرتي ڪرڻ کان جواب ڏئي ته سنڌ ۾ ڪو به اهل بيروزگار واندو نه رهندو پر هتي چونڊي چونڊي اهڙا وڪيل ۽ کريون کريون ٻڌائيندڙ ماڻهو ڪنڊائتا ڪيا ويا آهن ته جيئن هنن جي دانهن ڪوڪ اڳ ئي بدنام راشي همراهن کي ويتر خوار خراب نه ڪري ـ

هاڻي ته ڳولي ڳولي ادارن ۾ اُهي ماڻهو موڪليا ٿا وڃن، جيڪي اڳ ۾ سودو ڪري چارج پوءِ ٿا وٺن. سنڌ جي هر سطح تي سرڪاري وهنوار ۾ اُهو ٻج اڳتي هلي، جنهن فصل پيدا ٿيڻ جا اهڃاڻ عيان ڪري ٿو، تن تي ڪنهن تبصري جي ضرورت نه آهي پر سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته انيڪ اهڙا انسان به آهن، جن اڃا تائين پنهنجي زبان نه کولي آهي. مصلحت ۽ مفادن جي لالچ ۾ سنڌ جي بيروزگار ۽ اهل نوجوانن جي نوڪرين کي رشوت يا سفارش عيوض بيڪار بدمعاش ۽ پيداگير ماڻهن جي حوالي ڪندا آيا آهن. ان سڄي صورتحال کي جڏهن سنجيدگيءَ سان سوچ ويچار هيٺ آڻجي ٿو ته ڪيترائي سوال اڀري اچن ٿا، جن ۾ سڀ کان اهم نقطو اهو ٿو آڏو اچي ته جڏهن ادارن جي نااهل ۽ نالائق ماڻهن جي ڀرتي ڪرڻي آهي ته پوءِ اخبارن ۾ اشتهار ڏئي، بيروزگار نوجوانن جي احساسن ۽ جذبن سان ڇو پيو کيڏيو وڃي؟ ڪاغذن جي جمع ڪرائڻ کان انٽرويوز جي تياريءَ تائين سنڌ جا بيروزگار نوجوان جنهن تڪليف، پريشاني ۽ مسئلن کي منهن ڏئي رهيا آهن يا ڏيندا آيا آهن ۽ اڃا مستقبل ۾ به کين اهو عذاب ڀوڳڻو آهي، تنهن جو تفصيلي طور تي ڪنهن ڪڏهن جائزو به ورتو آهي؟

سنڌ ۾ حڪومت هڪ سلطنت يا شهنشاهيت واري انداز سان هلندي پئي اچي ته پوءِ اشتهارن ڏيڻ ۽ انٽرويوز جا ناٽڪ ڇو ٿي رهيا آهن؟ انهن جي ضرورت ئي ڪهڙي آهي؟ نوڪرين جي ”بندر باٽ“ ان ڊرامي کانسواءِ نه ٿي ٿي سگهي ڇا؟ ماڻهن سان اهي مشڪريون، آخر ڪيستائين جاري رهنديون؟ ڪالهه مون کي حيدرآباد مان هڪ پروفيسر فون ڪري ٻڌايو ته فيبروري 2010ع ۾ هڪڙو اشتهار ڏنو ويو ته سترنهن، اٺارهين ۽ اڻويهين گريڊ جي تعليمي شعبي لاءِ ست سالا ٽيچنگ ۽ ايم اي توڙي ايم ايڊ فرسٽ ڪلاس ۾ ڪندڙ اُميدوارن جا انٽرويو ڪيا ويندا. ان حوالي سان مقرر ڪيل معيار جي پورائي لاءِ سالن کان ڪيترن ماڻهن تياريون ڪري ڇڏيون هيون پر اڄ تائين پيپلزپارٽي نه پنهنجي پهرئين دور ۾ نه وري هاڻ ان معيار تي ورتل اڻويهين گريڊ جا انٽرويوز ورتا آهن، هن جو چوڻ هو ته پيپلزپارٽي وارن جڏهن ڏٺو ته هنن جا پنهنجا ماڻهو ان حساب سان پورا نه ٿا لهن يا رشوت عيوض اُهي گريڊ حاصل ڪرڻ جي تمنا رکندڙ معيار تي پورا نه ٿا لهن ته اڳين حڪومت ۾ اُها ڪوشش ڪئي وئي ته ايم اي ۽ ايم ايڊ جي فرسٽ ڪلاس واري شرط کي سيڪنڊ ڪلاس تائين آندو وڃي پر اُها من جي مراد پوري نه ٿيڻ ڪري اڄ ڏينهن تائين 18 اهم آساميون صليب تي لٽڪيل آهن، سو سوال اهو آهي ته اهو ائين آخر ڪيستائين سلسلو جاري رهندو؟

سپريم ڪورٽ هڪ تاريخي فيصلو ڏنو هو، جنهن ۾ چيو ويو هو ته سرڪاري ملازم ڪو به غير قانوني ڪم نه ڪن ۽ ان حوالي سان جيڪڏهن ڪنهن ڏکيائي، مشڪلات يا رنڊڪ جي شڪايت آهي ته اُهي اهڙي ماڻهو جي کليل نموني نشاندهي ڪن ته جيئن ان جي ڪن مهٽ ڪئي وڃي پر اسان وٽ ڪم ان جي ابتڙ ئي هلندو آيو آهي. اسان وٽ اهو عذاب ۾ آهي، جيڪو وڏيرڪا حڪم نه ٿو مڃي. اسان وٽ اهو تڪليف ۾ آهي، جيڪو سچ چوي، اسان نوٽ اهو ٻائيتال ۾ آهي، جيڪو اهليت تي اهميت ڏئي ٿو. پبلڪ سروس ڪميشن جي مستعيفي ٿيل چيئرمين آغا رفيق ته ڪميشن جي امتحان ۾ پنهنجي خاندان، مائٽن ۽ لڳ لاڳاپا رکندڙن کي به رڳو ان ڪري ئي ويهڻ نه ڏنو هو ته متان سندس انهن جي پاس ٿيڻ جي ڪري، ڪن الزامي آڱرين جو منهن ڏسڻو پوي، سو اهڙي ماڻهو جي دامن ۾ اڄ جيڪي دعائون آيون، اُهي هن کي تاريخ ۾ لازوال ڪري ويون آهن. اُهي دعائون جيڪي بي سهارا ۽ لاچار ماڻهن جون آهن، جن جي دانهن جي ڪا داد رسي نه ٿيندي، تن کي آغا رفيق سگهارو آواز ڏئي ويو آهي ۽ چئي ويو آهي ته پاڻ کي اڪيلو نه سمجهيو، دنيا حق سچ چوندڙن کان اڃا خالي نه ٿي آهي. اُهي ڳالهيون حڪمرانن جا مهانڊا بگاڙي ويون آهن، ڇو ته اُهي ڳالهيون، هڪ اکين ڏٺي گواهه ئي نه پر اهڙي انسان جون به آهن، جيڪو نوڪرين جي وهنوار واري واپار جو سمورو احوال پنهنجي سيني ۾ سانڍي ويو. هو هاڻ وڌيڪ ڀل نه به ڳالهائي پر هن جي استعيفيٰ ئي گهڻو ڪجهه ڳالهائي وئي آهي. اها غيرت، اُها جرئت اُهو حوصلو ۽ اُها بهادري، جيڪڏهن آغا کانپوءِ ٻين جي به اڳڀرائي جو جواز پيدا ڪري ته سماج سٺن ۽ صحتمند روايتن سان سلهاڙجي سگهي ٿو ۽ اهڙن ئي طور طريقن سان حڪمرانن جون بگڙيل عادتون پنهنجي دڳ لائي سگهجن ٿيون. کين سمجهائي سگهجي ٿو ته ادارن کي ڀينگ ڪرڻ جا ڪهڙا خطرناڪ ۽ خوفناڪ نروار ٿيندا آهن. هنن کي تاريخي گناهن کان روڪي سگهجي ٿو. کين آماده ڪري سگهجي ٿو ته هو به سنڌ کانسواءِ ملڪ جي ٻين ٽن صوبن جيان نوڪرين جو معيار اهليت کي رکن. ڇو ته اهليت ئي ادارن جي سلامتيءَ تي يقيني بنائيندي آهي ۽ تهذيب يافته معاشري جي مُنهندار بڻبي آهي ـ

ائين ناهي ته سنڌ ۾ خدا ترس ماڻهن جي ڪا کوٽ آهي. اسان وٽ اڄ به الله ڏنو خواجه (اي ڊي خواجه) جهڙو اهل آفيسر موجود آهي، جنهن وائرليس آپريٽرن کان ويندي موٽروي پوليس تائين اهليت جي بنياد تي نوجوانن کي نوڪريون ڏئي، سوين غريب خاندانن ۽ بي پهچ خاندانن جون دليون کٽي ورتيون آهن. آغا رفيق جي استعيفيٰ حڪومت جي دامن تي جيڪي داغ ڇڏي وئي آهي، انهن کي ڌوئڻ ۽ انهن جي ازالي لاءِ سرڪار جيڪڏهن چاهي ته اي ڊي خواجه کي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو چيئرمين بڻائي سگهي ٿي. جڏهن ته اهل ۽ فرض شناس ماڻهن کي ڪميشن ۾ آڻي ۽ کين مڪمل اختييار ڏئي، نوڪرين کي نااهلن حوالي ڪرڻ وارو وهنوار روڪي سگهي ٿي پر اسان وٽ ته الميو اهو آهي ته جو سرڪاري وهنوار کي ڏسندي سنڌ جي پبلڪ سروس ڪميشن به ڪٿي ڪٿي پٽڙي تان لهندي ڏٺي وئي آهي ۽ جهڙي تهڙي سنڌ ۾ موجود پبلڪ سروس ڪميشن جي چيئرمين توڙي ميمبرن جي مقرريءَ واري پنجن سالن جي عرصي کي ٻن سالن تائين محدود ڪرڻ واريون، سنڌ سرڪار جون نيتون ڏسڻ ۽ ٻڌڻ ۾ آيون آهن، تنهن مان جيڪو تاثر اڀري ٿو، اُهو ٻڌائي رهيو آهي ته شايد هاڻ اهي عهدا به ترقياتي ڪمن وارن ٺيڪن جيان نيلام ڪرڻ جو رٿيو ويو آهي.

پيپلزپارٽيءَ جو گذريل پنجن سالن وارو وفاقي عرصو ۽ سنڌ سرڪار جو ستن سالن وارو عرصو، جيڪي احوال ٻڌائي ٿو، تن واضح ڪري ڇڏيو آهي ته پي پي جا اڳواڻ پنهنجون پنهنجون علائقائي سلطنتون بچائڻ لاءِ وڏي پئماني تي نااهل بيروزگارن جي فوج ڀرتي ڪرڻ کانسواءِ، تر جي ڪٽر مخالفن کي به مختلف پيڪيجز ذريعي پاڻ سان گڏ ملائي، سياسي وجود جي سلامتيءَ لاءِ هٿ پير هڻندا آيا آهن. انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني جي ڳڙهي ياسين واري تڪ مثال بڻائي پيش ڪري سگهجي ٿو، اتي جيڪڏهن ڪمارين کي پاڻ سان نه ملايو وڃي ها ته شايد انهن پاران اليڪشن ٽربيونلز ۾ داخل ڪرايل اعتراض ۽ ثبوت اڄ صورتحال ئي ڪا ٻي ٻڌائن ها. آغا سراج گذريل دور ۾ پنهنجي کاتي لوڪل گورنمينٽ ۾ جيڪا ڀيل ڪئي، ان اداري جا جيڪي لاهه ڪڍيا ۽ جيڪا ڀينگ ڪئي آهي، سا سڀ ڪنهن آڏو آهي ـ

اهڙي صورتحال ۾ اڄ جيڪڏهن پبلڪ سروس ڪميشن کي به پيپلزپارٽي پنهنجي پير جي جتي سمجهي استعمال ڪري ٿي ته اُها ڪهڙي تاريخ رقم ڪرڻ طرف وڃي رهي آهي؟ جي ائين ٿيو ته پوءِ نااهل مالهي واري ڳالهه ۽ گلشن جي چمن جي ڳڻتي دنيا جهان ۾ نوان بحث مباحثا ڇيڙي ڇڏيندي؟

ڪالهه ڪالهوڪي ڳالهه آهي ته خورشيد شاهه بيروزگار نوجوانن کي نوڪرين جي آسري نه ڪرڻ، دال ڇولا ۽ حليم کپائڻ جي صلاح ڏني آهي. سنڌ اڄ جنهن انتهاپسندي، غربت، بدحالي ۽ بيروزگاريءَ جي ور چڙهيل آهي، ان جي آبادي جي وڏي حصي نوجوانن کي جيڪڏهن حڪومت پنهنجي ذميواري نه ٿي سمجهي کين گهربل روزگار مهيا نه ٿي ڪري اُهي جيڪا واٽ وٺندا ڇا ان واٽ تان کين ورائي سگهبو. پاڻ ائين نه ٿا چئون ته پيپلزپارٽي ڪو معجزو ڪري، سمورن بيروزگار نوجوانن کي نوڪريون ڏئي پر جيتريون نوڪريون ۽ جنهن سطح جون موجود آهن کين گهٽ ۾ گهٽ اهليت جي آڌار تي اُهي ته ميسر ڪري. اُهي نوجوان وقت ۽ حالتن کان مايوس ٿي جيڪڏهن ڏوهن جي دنيا وسائن ٿا ته ڇا ٿا سمجهو اُهي ڏيهه کي ڪهڙا ۽ ڪيترا ٽاندا ڏئي سگهن ٿا. هنن جي جواني ڀڙڪو کائي جيڪڏهن بغاوت جي دڳ تي هلي ته هي جن جن کي دسيندا، يا جيڪي سندن نشانو بڻبا، انهن بابت ڪنهن غور و فڪر ڪرڻ جي ضرورت نه آهي؟ ڪنهن به تباهي، تخريب۽ برباديءَ لاءِ آخر ضرورت ئي ڪيترن ماڻهن جي ٿي پوي هي ته لکن ۾ آهن! اوهان ڪنهن ڪنهن کي جهلي ۽ روڪي سگهندا! انصاف نه ملڻ جو ردعمل ۽ ڌڪار واري روش محروم ۽ متاثر ماڻهن جي دلين ۾ جيڪي مچ مچائيندي آهي، سي گهڻو ڪجهه ساڙي ڀسم ڪرڻ جي طاقت رکندا آهن.

ان ڪري ضرروت ان ڳالهه جي آهي ته ماڻهن کي نه مڇرايو! اسان وٽ اهليت جو ته هونئن ئي الله واهي آهي، وري جو پبلڪ سروس ڪميشن به حاڪمن جي حڪمن جي غلام بڻجي وڃي ته پوءِ ته سنڌ جون سموريون لائبريريون ئي بند ٿي وينديون اشاعتي ادارن کي تالا لڳي ويندا، جيڪو عمل هلاڪو خان پاران بغداد تي ڪاهه کانپوءِ، ڪتب خانن ساڙائڻ ۽ ڪتاب دجلا درياهه ۾ لوڙهائڻ کان به وڌيڪ خطرناڪ ۽ خوفناڪ ثابت ٿيندو!ـ

مان حيران آهيان، ته ايڏي اهم ۽ سنگين معاملي تي سنڌ جي سياسي، سماجي ۽ مذهبي ڌرين مجرماڻي ماٺ اختيار ڇو ڪئي آهي؟ ۽ سنڌ جي پرنٽ توڙي اليڪٽرانڪ ميڊيا هن معاملي تي ڀرپور آواز ڇو نه اٿاريو آهي؟ هڪڙي ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته ادارن کي تباهه ۽ برباد ڪندڙ ته تاريخ جي ڪٽهڙي ۾ مجرم جي حيثيت سان ضرور بيهندا پر اسان قلم قبيلي سان تعلق رکندڙ ماڻهن جو جيڪو لاپرواهي وارو رويو آهي، تاريخ اُهو به نه بخشيندي. ان ڪري ميرٽ جي کڄندڙ جنازي جا ڪانڌي نه بڻجون پر ميرٽ جي موت تي ماتم ڪريون ته جيئن سنڌ جي اهل نوجوانن کي اها آٿت ملي ته سندن به ڪو طرفدار آهي.

هتي اها ڳالهه به اهم آهي ته آغا رفيق ليڪچرارن ۽ اي ايس آئيز جون جيڪي ميرٽ تي ڀرتيون ڪيون هيون، يا جهڙي ريت تڪراري ڪمبائينڊ ڪامپيٽيٽيو جي اسڪريننگ ٽيسٽ کانپوءِ هن تڪڙو تحرڪ وٺي ڪنهن حد تائين اهل نوجوانن کي بونس مارڪون ڏئي وڌ ۾ وڌ رليف ڏنو، اُها ڳالهه سرڪار کي پسند نه آئي هئي ۽ پنهنجن منظور نظر ماڻهن جي واضح نقصان کي آڏو رکندي ڪاوڙجي، رٽائرڊ شريعت ڪورٽ جي چيف جسٽس کي وزيراعليٰ هائوس اهڙي جارحاڻي انداز سان گهرايو ويو، جيئن رٽائرڊ جنرل پرويز مشرف تڏهوڪي سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس چوڌري افتخار کي گهرائي داٻا ۽ دڙڪا ڏئي، پنهنجي من جي مراد پوري ڪرڻ چاهي هئي پر جهڙي ريت افتخار جي انڪار ان کي عظمتن جا عروج بخشيا هئا. اڄ سنڌ ۾ اهڙي ئي عزت افزائي آغا رفيق جي حصي ۾ آئي آهي. آغا رفيق ۽ آصف زرداري جي وچ ۾ اندروني ڪهاڻين ۽ اختلافن بابت پاڻ ڪو تبصرو نه ٿا ڪيون پر گهٽ ۾ گهٽ موجوده صورتحال ۾ آغا رفيق جو انڪار سنڌ جي اهل نوجوانن جي دانهن ڪوڪ جو ترجمان بڻجي اڀريو آهي.

پيپلزپارٽي کي اڄ ان نقطي تي سوچ ويچار ڪرڻ گهرجي ته اُها اهميت نوجوانن کي ڏي يا انهن جي اهليت جو جنازو کڻندڙن کي پ پ جن تي دارومدار رکندي آئي، انهن جون وفاداريون سندن مفادن سان مشروط هونديون آهن، اُهي پنهنجي ڪلابازي کائڻ ۾ ڪا به دير نه لڳائيندا آهن ۽ نه وري ڪنهن سان صلاح مصلحت ڪندا آهن. ڇو ته اُهي پنهنجي تر، راڄ ۽ سيٽ جا مالڪ هوندا آهن، ان ڪري اُهي ليلائيندا ناهن پر پنهنجا جائز ۽ ناجائز شرط مڃرائيندا آهن. ان ڪري کين پارٽيءَ جي ڪا پرواهه نه هوندي آهي. ٻئي طرف اهو عوام آهي جيڪو ڀٽو خاندان سان محبت جي نتيجي ۾ سدائين تير جي نشان تي ٺپو هڻندو آيو آهي ۽ اُميدوارن جي مهانڊن کي ان ڪا اهميت نه ڏني آهي، سو سوال اهو آهي ته پ پ هاڻي ڪنهن کي ترجيح ڏيندي؟ مفادپرستن يا محبتي ماڻهن کي ۽ ايماندار ماڻهن کي؟

عاجز جمالي

سنڌ ۾ تعليم جي ٻيڙي تاري سگهجي ٿي؟


ننڍي هوندي هڪ آکاڻي پڙهي هُئي، ان جو مفهوم هن ريت هو. هڪ پوڙهو ۽ سندس پُٽ جهنگ ۾ گڏهه کي لغام مان جهلي پنڌ وڃي رهيا هئا. هڪ هنڌان گذريا ته ماڻهن ٽوڪ ڪندي چَينُ ته اڙي ٻئي پنڌ پيا وڃو گڏهه تي ڪوبه نه ٿو چڙهي. ان تي پٽ پنهنجي بزرگ پيءُ کي چيو ته بابا هاڻي تون گڏهه تي چڙهه ته مان لغام کان جهلي اڳتي هلان ٿو. ٿوري پنڌ تي ڪجهه ماڻهو مليا. چوڻ لڳا پوڙهو ڏسو پاڻ گڏهه تي چڙهيو وتي، نوجوان پٽ کي پنڌ پيو ماري. طعنو ٻڌي پوڙهو هيٺ لهي پيو، پٽ کي چيائين ته پٽ هاڻي تون گڏهه تي چڙهه، مان پنڌ ٿو هلان. ڪجهه پنڌ تي وري ماڻهو گڏيا، چوڻ لڳا ڇا زمانو اچي ويو آهي، وڏن جو احترام ئي ختم ٿي ويو، جوان ماڻهو گڏهه تي ۽ پوڙهو پنڌ. نيٺ ٻئي ڄڻا گڏهه تي چڙهي پيا. اڳتي جيڪي ماڻهو مليا اهي چوڻ لڳا ماڻهن کي جانورن تي رحم ئي ڪو نه ٿو اچي، ٻئي ڄڻا بي زبان جانور تي سواري پيا ڪن. ٻنهي ڄڻن گڏهه کي ٻڌي ڪلهن تي کنيو، اڳتي هلي گڏهه ئي واهه ۾ ڪري پيو. حاصل مطلب اهو ٿيو ته دنيا ۾ ماڻهن کي ٻين تي صرف تنقيد ڪرڻ اچي ٿي، ٻئي کي چريو بڻائڻ اچي ٿو. دنيا جي ڳالهين تي هلي ماڻهو ڪو به ڪم نه ٿو ڪري سگهي. ڇو ته آڱر کڻڻ سڀ کان سولي ڳالهه آهي. سنڌ ۾ ڪجهه ماڻهن جو اسان جهڙن ڪجهه ماڻهن لاءِ اهو خيال آهي ته اسين ڪي ٺپ چريا آهيون جو اسان کي لکڻ لاءِ، ڳالهائڻ لاءِ، ڪجهه ڪرڻ لاءِ، هر وقت گوسڙو ماسترن کانسواءِ ڳالهائڻ لاءِ ٻيو ڪو موضوع ڪو نه ٿو ملي. پر اسين سوشل ميڊيا تي مهيني ڏيڍ کان ماٺ ٿي وياسين ته هر پاسي کان اها تنقيد ٻڌڻ ۾ پئي اچي ته اسين به ڪي موسمي پکي هئاسين. ڪنهن مقصد لاءِ لکيوسين پئي. ڪو پروجيڪٽ هو، پورو ٿي ويو ـ

سنڌ جي علم جي بُري حالت بابت اڄ لکندي مون کي اها ڪهاڻي ياد اچڻ لڳي، جيڪا مٿي بيان ڪيم ۽ پنهنجو ڏوهه صرف اهو ٿو لڳيم جو مان گهڻي وقت کان سنڌ جي تعليم بابت نه رڳو لکندو پيو اچان پر عملي طور به پنهنجي حال آهر جيڪو ڪجهه ڪري سگهان پيو، اهو ڪيان پيو. سنڌ جي تعليم بابت عبرت ۾ لکڻ جو سلسلو مون تڏهن کان شروع ڪيو هو، جڏهن 2008ع جي چونڊن کانپوءِ پيپلزپارٽيءَ جي سرڪار ٺهي هئي ۽ سنڌ ۾ پير مظهر الحق تعليم جو وزير بڻيو. ان کانپوءِ هر ٻئي ٽئين مهيني مان تعليم جي صورتحال بابت ڪجهه نه ڪجهه لکندو رهيس. نه رڳو لکندو رهيس پر پنهنجا ڇپيل ڪالم تعليم کاتي جي وزير ۽ سيڪريٽريءَ ڏانهن موڪليندو رهيس. پير مظهر الحق پاڻ مون کي ٻڌايو ته هُن منهنجي ڪالمن تي ٻه ٽي ڀيرا نوٽيس ورتو هو. جڏهن هن سرڪار ۾ نثار احمد کهڙو تعليم جو وزير بڻيو ته مان سندس آفيس ۾ ملاقات ڪري تعليم بابت پنهنجا ڪجهه ڪالم کيس پيش ڪيا ۽ اهو به چيو ته سنڌ ۾ تعليم جي ڀلائي خاطر هو اڳتي اچي. سنڌ جا سڄاڻ ماڻهو ضرور سندس ساٿ ڏيندا. مون کيس چيو ته مان رضاڪاراڻي طور تي تعليم خاطر پنهنجو ٿورو گهڻو وقت ڏيڻ لاءِ حاضر آهيان، جيڪڏهن تعليم کاتو ڪو مثبت ڪم ڪري سگهي. ان کانپوءِ نثار احمد کهڙي سان ڪجهه پروگرامن ۾ ملاقاتون ٿيون پر ظاهر آهي ته سرڪاري سطح تي ڪجهه ٿيو هوندو ته ٿيو هوندو، پاڻ کي خبر ناهي. ڪجهه اين جي اوز به تعليم جي ڀلائي جي نالي تي ضرور پروجيڪٽ ورتا هوندا. الف اعلان ۽ ڪجهه ٻين اين جي اوز جا ان ڏس ۾ نالا ورتا پيا وڃن پر اين جي اوز جي ڇٽيءَ ۾ کوڙ ماڻهن تعليم جي ڀلائي جي نالي تي مراعتون حاصل ڪيون هونديون، پئسا کاڌا هوندا، پر عوامي سطح تي يا سڄي سماج سان گڏجي سڄي سنڌ ۾ تعليمي نظام کي بهتر ڪرڻ لاءِ ڪو اهڙو ڪم نظر نه آيو جو تعليمي نظام ۾ سُڌارو آيو هجي. هڪ صحافي يا ليکڪ ناطي ظاهر آهي ته منهنجو فرض لکڻ ۽ مامرن جي نشاندهي ڪرڻ آهي. پر اسين ان کان ٻه قدم اڳتي وڌي سوشل ميڊيا تي هلندڙ ان مهم جو حصو بڻياسين، جيڪا مُهم تعليمي سڌاري، تعليم کاتي ۾ ڪرپشن ۽ گوسڙو ماسترن جي خلاف هئي. ان مهم جو حصو بڻجندي ڪراچي پريس ڪلب آڏو هڪ ڏينهن جي علامتي بک هڙتال به ڪئي هئي پر ان سڄي مهم يا جدوجهد ۾ اسان جي حالت ان پيءُ پٽ واري هُئي جيڪي گڏهه سان گڏ جهنگ ۾ وڃي رهيا هئا. ائين محسوس ٿي رهيو هو ته سنڌي سماج جو وڏو حلقو اسان کي چريو، مفادپرست سمجهي رهيو آهي. سڀ ان گڏهه کي مظلوم قرار ڏيئي رهيا هئا، جيڪي اسان جي آڏو ”تعليم دشمن“ هئا ۽ اسان جو اهو نقطئه نظر هئو ته اهو گڏهه جيڪو بظاهر اوهان کي مظلوم نظر اچي رهيو آهي، تعليم جي خرابين ۾ هڪ وڏو حصو ان جو آهي پر ساڳئي وقت اسان اهو به چيو هو ته ”پرائمري اسڪول کان وٺي سنڌ سيڪريٽريٽ تائين“ ڪرپشن جي بازار گرم آهي. هر هنڌ ڪارو منهن آهي ۽ ان گڏهه کي هر سطح تي حمايت حاصل آهي. ڇو ته گڏهه هر هنڌ پنهنجي مظلوميت جي ”دانهن“ ڏيندي نظر پيو اچي. سوشل ميڊيا تي تعليم دشمنن خلاف مُهم ڪنهن به اين جي او شروع نه ڪئي هئي، نه اسان شروع ڪئي هئي پر سنڌ جي ننڍن شهرن ۽ ٻهراڙين ۾ ”فيس بوڪ“ استعمال ڪندڙ انهن نوجوانن شروع ڪئي، جيڪي پنهنجي پنهنجي شهرن جي ماسترن جا فوٽو ڪڍي فيس بوڪ تي هڻي چوندا رهيا ته هي آهي گوسڙو ماستر فلاڻي اخبار، فلاڻي ٽي وي جو نمائندو. هاڻي پاڻ سڀ چڱي ريت ڄاڻون ٿا ته سنڌ جي ڪنهن به شهر ۾ هلو ته اتي ڪم ڪندڙ ٽي وي چينل جو رپورٽر اوهان کي بي تاج بادشاهه معلوم ٿيندو. اُهو پنهنجي تر جو وڏيرو لڳندو. هاڻي جڏهن تر ۾ ان جي بدنامي ٿيندي ته اُهو همراهه ته هٿن مان ويندو نه! سوشل ميڊيا تي مهم هلائيندڙ نوجوانن سنڌي اديبن، دانشورن، صحافين، پريس ڪلبن، تعليم کاتي ۽ سڀني ماڻهن کي للڪاريو ته آخر اوهان گوسڙو ماسترن خلاف آواز ڇو نه ٿا اٿاريو ۽ اسين ايمانداريءَ سان ان آواز کي درست سمجهڻ لڳاسين. ان کان اڳ ۾ لياقت ميراڻي، واجد لغاري ۽ ڪجهه ٻيا دوست پنهنجي پنهنجي انداز سان گوسڙو ماسترن خلاف مهم هلائي رهيا هئا. اسلام آباد مان صحافي دوست سهيل ميمڻ ۽ ڪراچيءَ ۾ مون سميت ڪجهه دوستن سنڌ ۾ تعليم جي ٻڏندڙ ٻيڙيءَ کي بچائڻ خاطر ان مُهم جي حمايت جو اعلان ڪيو. ڪجهه اسيمبلي ميمبرن سان ملياسين ڪراچي پريس ڪلب آڏو بک هڙتال ڪئيسين. مون کي ته ذاتي طور ان جي وڏي سزا اها ملي جو ڪراچي ۾ تعليم کاتي جي هڪ ڊائريڪٽر جي سمري، تعليم کاتي جي سيڪريٽري ذريعي وڏي وزير تائين پهتي جنهن ۾ ڊي او تعليم لاءِ لکيل شوڪاز نوٽيس ۾ منهنجو به نالو شامل ڪيو ويو ۽ وڏي وزير به ان تي صحيح ڪري ڇڏي. اڃا تائين به تعليم کاتي جا ڪرپٽ ڪامورا منهنجي خلاف مختلف سازشن ۾ رُڌل آهن. ان عرصي دوران سرڪار به ڏيکاءَ خاطر گوسڙو ماسترن کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيا. کين عدالت ۾ وڃڻ جو موقعو ڏنو. ڪجهه ماستر عدالت ۾ پهچي ويا، ڪورٽ کين ”اسٽي آرڊر“ ڏيئي ڇڏيو ۽ لڳي ائين ٿو ته سرڪار ڪيس جي پوئيواري ڪرڻ ڇڏي ڏني آهي ـ

سنڌ ۾ تعليم جي تباهي ۾ گوسڙو ماسترن جو نالو وٺجي ٿو ته ان جو مطلب آهي اُهي هزارين ماستر جيڪي اسڪولن ۾ ڪو نه ٿا وڃن، گهر ويٺي پگهارون کڻن ٿا، انهن ۾ صحافي ماستر به شامل آهن پر ڪجهه همراهن پنهنجي طرفان ڪهاڻيون لکيون ته اسان ڪو صحافي ماسترن خلاف مهم هلايون پيا. هاڻي چور جي ڏاڙهيءَ ۾ ڪک جو مثال آهي. چور چور آهي، ان کي ڏاڍي پريشاني ٿي. انهيءَ وٺي واويلا ڪئي، ڪجهه ماڻهن وري هن بنياد تي پنهنجا ذاتي اڪائونٽ به سيٽ ڪيا. ڪجهه ماڻهن دشمنيون پاڙيون ۽ نيٺ اسين به مايوس ٿي ويهي رهياسين ته آخر ڇا ڪيون؟ هڙان وڙان ڏيئي کيسي جا پئسا خرچ ڪري، مار ڌاڙ واري زندگيءَ مان ڪجهه وقت ڪڍي تعليم جي ڀلائي لاءِ ڪجهه ڪرڻ ٿا چاهيون پر سنڌي سماج ۾ ان جي حمايت ۽ واکاڻ بدران آڱريون به اسان تي کڄن. نيڪيءَ بدران گلا کڻون. الزام سهون، ذاتي ساک خراب ڪريون پر ضمير جي عدالت جو چوڻ هو ته پنهنجي حال آهر جيترو به ڪري سگهجي ٿو، اُهو ڪرڻ گهرجي. مسڪين جهان خان کوسو به ته هو. محمد عثمان ڏيپلائي به ته هو. حسن علي آفندي ۽ چاچو سچل جنجهي به ته هو. شايد انهن تي به پنهنجي دور ۾ الزام لڳا هوندا. مخدوم بلاول ۽ منصور بن حلاج بابت گهر ۾ پيل ڪتاب ٻيهر پڙهيا. اتفاق سان گذريل هفتي ڪٽنب سميت شاهه لطيف ڀٽائي جي مزار تي وڃڻ ٿيو ـ

”اکر پڙهه الف جو ٻيا ورق سڀ وسار.“

فيس بوڪ تي واجد لغاري شڪ جي لهجي ۾ سدائين پڇندو آهي ته سائين گوسڙو ماسترن خلاف ماٺ ڇو ٿي ويا؟ گذريل ڏينهن دوست دودي چانڊئي جي تعليم بابت مضمون ۾ هي لفظ پڙهڻ لاءِ مليو ته گوسڙو ماسترن خلاف هلندڙ مُهم خود ”گوسڙو“ بڻجي وئي. هي سڀ تقاضائون آهن ته سنڌي سماج ۾ تعليم جي ڀلائي لاءِ ماڻهن ۾ هڪ وڏي پيڙا موجود آهي. مون وانگر هزارين ماڻهو هڪ ئي وقت اهو سوچين پيا ته سنڌ ۾ تعليم جي ٻڏندڙ ٻيڙيءَ کي بچائڻ ۽ تارڻ لاءِ ڪو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، پر مون اڳي به لکيو ته اهڙو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ سنڌ جي سڄاڻ ماڻهن، سنڌ دوست سياسي ڌرين، عوام جي حقيقي حقن لاءِ ڪم ڪندڙ سول سوسائٽيءَ کي اڳيان اچڻو پوندو. عاجز جمالي، سهيل ميمڻ، واجد لغاري، لياقت ميراڻي، ڪجهه صحافي دوست ۽ ڪجهه نوجوان ڪافي ناهن. ڇو ته سنڌ جي تعليم کاتي ۾ هر مهيني ڪروڙين روپين جي ڪرپشن ٿيندي آهي. ڪرپشن جي ان چين ۾ ماستر، سپروائيزر، ايس ڊي او، ڊي او ۽ ڊائريڪٽر کان وٺي سيڪريٽري ۽ وزير تائين سڀ جو سڀ سڌي يا اڻ سڌي ريت شامل آهن. ڪجهه مافيائون بڻجي ويون آهن. ڪجهه ٺيڪيدار آهن. ڪجهه هٿ ٺوڪيا دانشور، اديب، اخبار ۽ ٽي وي وارا به آهن. ڪجهه صحافي به آهن. ڪجهه دڪانداريون شامل آهن. مفادن جي هڪ مضبوط ڊگهي زنجير آهي جنهن تعليم جي ٻيڙيءَ ۾ گڏجي سوراخ ڪيو آهي ۽ هي سلسلو ڪيترن سالن کان هلندڙ آهي. هن نئين سال کي سڀ گڏجي سنڌ جي تعليم جي ڀلائيءَ جو سال ڪري ملهايون، گڏجي ٿورو ٿورو ڪم ڪريون تڏهن به شايد سنڌ جي تعليم بچي پوندي ـ




Saturday 10 January 2015

علي قاضي

آخر مسئلو ڇا آهي؟
اربع 24 ڊسمبر 2008ع



اسلام آباد جي سرد شام ۾ حڪومتي ڪار وهنوار کان مايوس نظر ايندڙ پي پي پي جي سينيئر اڳواڻ کان ڪچهريءَ دوران پڇيم ته، ”جيڪر محترمه بينظير حيات هجي ها ته هاڻوڪي ڪابينا ۾ شامل ڪهڙا وزير نه هجن ها، منهنجو مطلب ته هڪ يا ٻه وزير هيڏانهن يا هوڏانهن، باقي ته لڳ ڀڳ اها ئي ڪابينا هجي ها نه؟ ان اڳواڻ مون سان اتفاق ڪيو ته واقعي جيڪڏهن محترمه حيات به هجي ها ته بابر اعواڻ، شيري رحمان، رحمان ملڪ، خورشيد شاهه، نويد قمر، مخدوم امين فهيم، راجا پرويز اشرف، رضا رباني سوڌو اڪثر وفاقي وزير اهي ساڳيا ئي هجن ها، جيڪي اڄ آهن ۽ اگر ڪنهن قانوني/سياسي رنڊڪ سبب محترمه بينظير پاڻ وزير اعظم نه ٿي سگهي ها، تڏهن به عارضي وزير اعظم طور سندس چوائس آفتاب شعبان ميراڻي يا يوسف رضا گيلاني ئي هجي ها. سندس ڳالهه ٻڌي پڇيومانس ته، ”آخر مسئلو ڇا آهي، جو حڪومتي ڪار وهنوار تي ته خود پ پ حلقن اندران به آڱريون کڄن پيون؟“ چوڻ جو مقصد اهو هو ته سرڪار هلائيندڙن ۾ هڪ ٻن کي ڇڏي سڀ تجربيڪار ۽ اقتداري راند جا پراڻا رانديگر آهن، پوءِ انهن جي ڪارڪردگي ايتري متاثر ڪندڙ ڇو ناهي؟

ڪنهن به حڪومت جي شروعاتي 6 کان 10 مهينن لاءِ چيو ويندو آهي ته اهو عرصو حڪومت
(Smooth Sailing  لوڏن بنا، سڌو ترڻ )
 ڪندي، خاص ڪري هاڻوڪي چونڊيل سرڪار، جيڪا هڪ ڊگهي آمريت ۽ پوءِ نيم آمريتي دور کان پوءِ آئي آهي، جنهن کي ڀلي اليڪشنز ۾ ڳرو مينڊيٽ نه مليو هجي، پر هن حڪومت جي پاڙن ۾ محترمه بينظير جي شهادت جي ڳري اخلاقي /سياسي سگهه شامل آهي، پوءِ هاڻوڪي حڪومت پنهنجي ”هني مون“ واري عرصي ۾ ئي ڇو پئي لوڏا کائيندي نظر اچي، آخر مسئلو ڇا آهي؟ اقتداري سياست جا لاها چاڙها ڏسي وار اڇا ڪندڙ پي پي پي جي سياستدانن جي انداز حڪمراني تي مخالف ته ڇڏيو، پر خود پارٽي جا اڳواڻ ايم پي ايز، ايم اين ايز ۽ ڪيترائي وزير آخر ڇو ذاتي ڪچهرين ۾ مايوس ۽ پريشان نظر اچن پيا؟ توهان اسلام آباد يا ڪراچي جي ڪنهن باخبر صحافيءَ سان ڳالهايو يا ڪنهن ڄاڻو سياستدان يا ڪاموري سان ڪچهري ڪريو، توهان کي حڪومت بابت ڪي گهڻا مثبت رايا ٻڌڻ ۾ نه ايندا ۽ سينيئر صحافي شاهين صهبائي سوڌو ٻين ڄاڻو ماڻهن هاڻي کان ئي حڪومتي مستقبل بابت اڳڪٿيون ڪرڻ شروع ڪري ڏنيون آهن. سمجهه ۾ اهو نٿو اچي ته معاملا حڪومتي گرفت ۾ ڇو نه پيا اچن، آخر مسئلو ڇا آهي؟

گذريل 8 مهينن جي حڪومتي ڪارڪردگي بهتر نه هجڻ بابت مختلف حڪومتي ذميوارن جو ميڊيا ذريعي يا ذاتي ڪچهرين دوران سامهون آيل موقف اهو هجي ٿو ته گذريل 9 سالن جي آمريتي دور جو گند ايتري ٿوري عرصي ۾ ڪيئن صاف ٿو ٿي سگهي ۽ ٻيو اهو ته عوام کي نئين چونڊيل حڪومت مان ايتريون گهڻيون اميدون آهن، جو اهي سڀ فوري طور پوريون ڪرڻ ڪنهن جي به وس جي ڳالهه ناهي. انهن ٻنهي نقطن ۾ وزن آهي، پر ان کان به وڌيڪ وزن انهن ٻن ڳالهين ۾ آهي ته حڪومت ماضي جي دور جي ڪافي معاملن کي پنهنجي ڪلهي تي ڇو پئي کڻيو هلي؟ آمريتي دور جي گندگي کي آمريت سان گڏ دفن ڇو نه ڪيو ويو؟ آخر ڇو حڪومت ان گند کي نئين ٿيلهي ۾ وجهي پاڻ سان گڏ کنيو پئي هلي؟ ٻي ڳالهه اها ته ڪروڙين ماڻهن کي ئي چونڊيل حڪومت مان صرف سرڪاري نوڪري يا ڪنهن ٽرانسفر پوسٽنگ جي اميد نه هئي/آهي. بلڪه وڏي ڪينواس تي ڏسبو ته ڪروڙين ماڻهن جا انيڪ مسئلا، پريشانيون، مصيبتون، فرسوده طريقهءِ حڪمراني جي تبديلي سان جڙيل آهن. ڪروڙين ماڻهن جي اميد حڪمراني جي انداز ۾ بنيادي سڌارا آڻڻ سان جڙيل هئي/آهي. اتي اها ڳالهه ضرور مڃجي ته اهي بنيادي قسم جا سڌارا به ڪو هڪ ڏينهن ۾ نٿا اچي سگهن، پر جيڪا ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي سا اها ته، انهن سڌارن يا رفارمز ڏانهن پهريون وکون به بدقسمتيءَ سان کڄندي نظر نٿيون اچن ۽ وري اهو سوال ذهن ۾ اڀري ٿو ته جڏهن اهليت به هجي، تجربو به هجي ته پوءِ عوامي امنگن موجب ڪنهن Vision (تصور ) سان حڪومت ڪرڻ بدرانDay to day basis (ڏينهون ڏينهن واري بنياد) تي حڪومتي ڪار وهنوار ڇو پيو هلايو وڃي. آخر مسئلو ڇا آهي؟

ملڪ جي بنيادن ۾ زهر ڀري ڇڏڻ جو اعزاز رکندڙ جنرل ضياءُ الحق جي طويل آمريت جي خاتمي کانپوءِ 1988ع ۾ جڙيل پي پي حڪومت جو 18 مهينن ۾ خاتمو ملڪي تاريخ ۾ هڪ رڪارڊ آهي، جو ڪنهن چونڊيل حڪومت کي ايتري مختصر عرصي ۾ هٽايو وڃي. اهو هاڻ ڪو راز ناهي، ته 1988ع ۾ پي پي پنهنجي سموري مقبوليت ۽ کيس حاصل عوامي مڃتا جي باوجود ڳرن شرطن عيوض حڪومت ورتي هئي، پر انهن شرطن کي مڃڻ جي باوجود پي پي حڪومت کي صرف 18 مهينا هلڻ ڏنو ويو. اڄ به جيترا شرط پي پي تسليم ڪري اقتدار ۾ آئي آهي ۽ جن شرطن جي پوري ڪرڻ سبب حڪومت شديد ڏکيائين ۾ آهي، ان جي باوجود ڇا حڪومت کي پنهنجو مدو پورو ڪرڻ ڏنو ويندو؟ يا بقول هڪ صحافيءَ جي ته مختصر ترين چونڊيل حڪومت جو نئون رڪارڊ به پي پي کي ئي ڏيڻ لاءِ ڪوششون شروع ٿي ويون آهن؟ هڪ باخبر سياستدان سرٻاٽ واري انداز ۾ مون کي چيو ته 6 مهينن کان خاموش ويٺل ملڪ جي ”اصلي مالڪن“ تازو هڪ ڀيرو وري اسيمبلي ميمبرن ۽ سياستدانن سان ملاقاتون شروع ڪري ڇڏيون آهن. اسلام آباد جي هڪ باخبر صحافيءَ جو چوڻ هو ته حڪومتي اتحادي مولانا فضل الرحمان کي زمينن جي مبينا الاٽمينٽ يا سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جي ڌيءَ فرح ڏوگر جي مبينا غلط داخلا واري اسڪينڊل جا دستاويز ۽ تفصيل جن ”ذريعن“ وٽان آيا آهن، انهن ”ذريعن“ تائين پهچ هر ڪنهن، جهڙي تهڙي صحافيءَ جي وس جي ڳالهه ناهي. ان صحافيءَ چواڻي ته، اڃا ڪجهه ٻيا اهڙا اسڪينڊل سامهون اچڻا آهن، جن جي ڪري حڪومت آڏو اخلاقي حوالي سان پنهنجي پوزيشن جو دفاع هڪ وڏو چئلينج هوندو. ان صحافيءَ جي ڳالهه اگر صحيح ثابت ٿي ته پوءِ ان ڳالهه جو خدشو وڌي ويندو ته حڪومت ۽ ميڊيا وچ ۾ ٽڪراءُ جي صورتحال پيدا ٿي ويندي، جيڪو پڻ حڪومت خلاف ڪم ڪندڙ ڌرين لاءِ فائديمند ثابت ٿيندو، پر ملين ڊالرز جو وري سوال اهو ئي آهي ته اقتداري سياست جو ڊگهو تجربو رکندڙ پي پي حڪومت جي پنهنجي خلاف ٿيندڙ محلاتي سازشن کي اڳتي وڌي روڪڻ بدران ”جڏهن ٿيندو، تڏهن ڏسنداسين“ واري روش ڇو اختيار ڪيل آهي؟ آخر مسئلو ڇا آهي؟

جيتوڻيڪ ممبئي ڌماڪن کانپوءِ پاڪ- ڀارت ڇڪتاڻ ڳڻتيءَ جوڳي سطح تي پهچي وئي هئي، پر سمجهو قسم جي تجزيا نگارن جو خيال آهي ته سرِ دست ٻنهي ملڪن ۾ باقائده جنگ جو هروڀرو امڪان ناهي ۽ هڪ باخبر ڪاموري چواڻي ته، ”هي ميلو لڳو ئي حڪومت جو ٽوال چوري ڪرڻ لاءِ آهي.“ ان ٿيوري جي پويان منطق اهو پيو ٻڌايو وڃي ته اسان جي تاريخ ۾ مارشل لا ڪجهه سالن جي وٿي ڏئي يا کڻي چئجي ته ساهي پٽي پوءِ لڳندي آهي. مثال طور ضياءَ الحق، يحيٰ خان کانپوءِ 5 يا 6 سال ڇڏي مارشل لا هنئي يا بعد ۾ پرويز مشرف 11 سالن کانپوءِ اقتدار ۾ آيو. سو هاڻ جڏهن مشرف راڄ کي ختم ٿئي ڪجهه مهينا ئي مس ٿيا آهن ته تڪڙ ۾ وري ڪيئن سويلين حڪومت جا ٽپڙ ويڙهبا؟ جيتوڻيڪ ايوب خان کان وٺي پرويز مشرف تائين مارشل لڳائڻ جو جواز سياستدانن جون ناڪاميون ڳڻائي ملڪي سالميت کي خطرو ڄاڻايو ويندو هو، سو هاڻ جڏهن ملڪي سالميت بابت طرح طرح جون ڳالهيون واقعي به ٿي رهيون آهن. هر عام و خاص پاران ملڪي سالميت جي حوالي سان مختلف خدشا ۽ انومان ظاهر پيا ڪيا وڃن ته پوءِ هروڀرو سالن جي وٿي ڪير ڇو ڏيندو؟ ٻي ڳالهه اها آهي ته هاڻ جڏهن آمريڪا عراق مان هٽي پنهنجو سڄو فوڪس افغانستان تي آڻي رهيو آهي، ته تاريخ اهو ٻڌائي ٿي ته آمريڪا کي به سدائين اهڙن موقعن تي پاڪستان ۾ جمهوريت لاءِ درد ختم ٿيو وڃي ۽ هو به ڪنهن هڪ، پر سگهاري ماڻهوءَ سان معاملات هلائڻ ۾ وڌيڪ سهولت محسوس ڪندا آهن.

اقتداري حلقن ۾”ڍاڪا فارمولا“ نالي هڪ ٿيوري به زماني کان گردش ۾ آهي، يعني جيئن گذريل ٻن اڍائي سالن ۾ بنگلاديش ۾ فوج ايمرجنسي لاڳو ڪرائي اتي جي چيف جسٽس کي ظاهري طرح حڪومتي واڳون ڏئي پاڻ پردي جي پويان ويهي ڪار وهنوار هلائي رهي آهي، تنهن فارمولا کي ڪاپي ڪرڻ جي باز گشت اقتداري مارڪيٽ ۾ هلندڙ آهي. ٻئي طرف وري هڪ قومي حڪومت جوڙڻ جي ٿيوري گردش هيٺ آهي. ان ڏس ۾ ڪنهن کان سوال ڪيم ته هن مهل به سواءِ ”ق“ ليگ جي، سموريون اهم پارٽيون اقتدار ۾ آهن، ته پوءِ قومي حڪومت سان ڇا ٿي ويندو؟ ته جواب اهو مليو ته، ”صدر، وزير اعظم سوڌو اهم وزارتون هڪ پارٽي وٽ آهن ۽ ٻيون پارٽيون ان پارٽي جي حڪومت ۾ اتحادي پارٽيون آهن، سو ان کي قومي حڪومت ڪيئن چئبو؟“ انهن ٽنهي ڳالهين يعني سڌي ريت مارشل لا يا ڍاڪا فارمولا معنيٰ اڻ سڌي مارشل لا يا ڏنڊو هلائي آئين ۾ رهندي قومي حڪومت وارين ٽنهي ڳالهين سان سڌي ريت متاثر ٿي، ته ظاهر آهي ته پي پي ئي ٿيندي پر ٻئي وڏي ملڪي پارٽي ميان نواز شريف جي مسلم ليگ کي به ڪو فائدو ٿيندي نظر نٿو اچي، سواءِ ان جي ته قومي حڪومت واري آپشن ۾ 6 مهينن اندر چونڊون ڪرائڻ جي کيس خاطري ڪرائي وڃي. مٿي ڄاڻايل مختلف ٿيوريز ٿي سگهي ٿو سڀ غلط هجن پر اهي ڳالهيون ڪنهن به حڪومتي دور جي شروعاتي 6 يا 8 مهينن دوران ناهن ٿينديون ۽ منهنجي سوئي انهيءَ سوال تي اٽڪيل آهي ته ”آخر مسئلو ڇا آهي؟“

آخر هن حڪومت اهڙو ڇا ڪيو آهي يا کڻي ائين چئجي ته هن حڪومت کان اهي ڪهڙيون غلطيون پيون ٿين، جو ان جي روانگي جا قصا مارڪيٽ ۾ گردش هيٺ اچي ويا آهن؟ شايد ڪنهن پڙهندڙ جي ذهن ۾ مٿي ڪيل ڳالهيون پڙهي اهو سوال اڀري ته حڪومت رهي ٿي يا وڃي ٿي، ان سان ڪو مسئلو آهي يا نه، ان سان منهنجو (لکندڙ جو) ڇا وڃي ۽ آخر منهنجو مسئلو ڇا آهي؟ ان جي وضاحت اها ڪندو هلان ته مبينا تبديلي واريون جيڪي خبرون بازگشت ڪن پيون، ان ۾ سنڌ جي حوالي سان جيڪي سرٻاٽ ٻڌڻ ۾ اچن پيا، اهي ڏاڍا ڀوائتا آهن. ائين ناهي ته ڪو اڄ سنڌ کي ان جا سمورا حق ملي رهيا آهن يا چوطرف چمن ٿي ويو آهي پر مستقبل جي جيڪا تصوير ڪشي ڪئي پئي وڃي، اها بنهه خراب ڏسجي پئي. ايندڙ منظر نامي ۾ ڪو ڀوتار اچي اسان جي مٿي ۾ لڳي سگهي ٿو يا ارباب رحيم حڪومت ٽائيپ ڪا فلم وري سنڌ جي ڳچي ۾ فٽ ٿي سگهي ٿي، جنهن کانپوءِ سنڌ جي جاگرافي سان هٿ چراند ڪرڻ سوڌو ڪيترائي ٻيا مسئلا سنڌ لاءِ تيار ٿي سگهن ٿا. اسان وٽ بدقسمتي سان ڪا متبادل سياسي قيادت/پليٽ فارم آهي ڪونه، جو کڻي ان جو آسرو هجي. اسان وٽ يا پي پي آهي جيڪا محترمه بينظير جي شهادت کانپوءِ اڃان بطور پارٽي پنهنجي بحران مان ناهي نڪري سگهي يا پوءِ ڀوتار آهن، جيڪي اسٽيبلشمينٽ جي هڪ اشاري تي ڪڏهن نواز ليگ تي ڪڏهن ”ق“ ليگ ۽ هاڻي وري جتي حڪم ٿيندو اتي هليا ويندا. اسان جي لاءِ هڪ وڏو ڏچو اهو به آهي ته اسان جي اسٽيبلشمينٽ جي ”ڪرتا ڌرتائن“ جو تعلق به سنڌ سان نٿو هجي، تنهن ڪري انهن کي به جي حضوري ڪندڙ ڀوتار وڻندا آهن. ڇا ان کي مذاق نه چئبو ته اسان جي ويجهي ماضي جي ٻن وڏن وزيرن کي صرف ان ڪري چيف منسٽري ملي جو انهن جي سفارش ٻن اڳوڻن جنرل ڪئي!! يعني صرف ان ڪري ته ڪنهن جنرل صاحب کي ڪو ڀوتار شڪار ٿو ڪرائي يا ڪنهن سان ذاتي تعلق هجي. ته ان ميرٽ تي سنڌ جي وڏ وزارت انعام طور ان ڀوتار کي ڏني وڃي ٿي. سو سنڌ کي پنجاب وانگر اها اميد به ڪونهي ته حڪومتي تبديلي کانپوءِ اسٽيبلشمينٽ سنڌ سان ماضي کان بهتر ته ٺهيو پر ويتر خراب حشر نه ڪندي.

آئون سمجهان ٿو ته هاڻوڪي حڪومت جو ڪو هڪ مسئلو ناهي، بلڪه مختلف مسئلن ۾ ڦاٿل آهي، جن مان ڪجهه هن ريت آهن:

(1) اقتدار وٺڻ لاءِ ڏيهي توڙي پرڏيهي سگهارين قوتن سان ڪيل ڪميٽمينٽس نڀائڻ سبب پيدا ٿيل مسئلا.

(2) حڪومت مخالف قوتن پاران پيدا ڪيل مسئلا.

(3) پنهنجي هٿ سان پيدا ڪيل مسئلا.

اگر پاڻ هاڻوڪي حڪومت آڏو آيل مختلف مسئلن جو جائزو وٺنداسين ته اهي مٿي ڄاڻايل ٽن نقطن جي دائري ۾ ئي نظر ايندا، پر سوال اهو آهي ته اقتدار وٺڻ خاطر مڃيل شرطن سبب پيدا ٿيل مسئلا يا مخالفن طرفان پيدا ڪيل مسئلا ته سمجهه ۾ اچن ٿا پر پنهنجي لاءِ پاڻ جيڪي مسئلا هن حڪومت پيدا ڪيا آهن، انهن جو ڪهڙو منطق آهي؟

سنڌ جي هڪ ضلعي ناظم، جيڪو سنڌ جي هڪ اڳوڻي وڏي وزير جو ويجهو دوست تصور ڪيو ويندو هو، مون کي چيو ته، ”توهان چيف منسٽر صاحب کي صلاح ڏيو ته کيس ڇا ڪرڻ گهرجي.“ جواب ۾ عرض ڪيومانس ته، ”اقتدار جي ڪرسي تي ويٺل کي صلاح ڏيندڙ پاڻ وڏو بيوقوف هوندو آهي، ڇاڪاڻ ته حڪمران اهو سمجهندو آهي ته هو عقل ڪل آهي ۽ اگر کيس صلاح ڏيندڙ ان کان وڌيڪ عقل رکندڙ هجي ها ته اقتداري ڪرسي تي ان جي جڳهه تي صلاح ڏيندڙ نه ويٺل هجي ها؟“ هن ناظم صاحب مون کي موٽ ۾ حڪمرانن کي صلاح ڏيڻ جا درباري آداب سيکاريندي چيو ته، صلاح ڪجهه ان ريت ڏجي، ”جناب اعليٰ، جيئن ته توهان پاڻ تمام ڄاڻو، مدبر ۽ اڪابر آهيو ۽ توهان کي پاڻ اڳ ۾ ئي ڄاڻ هوندي ته فلاڻي مسئلي لاءِ ڇا ڪجي، پر منهنجي ناقص عقل موجب اگر.....“ سندس ڳالهه کلندي ٽاري ڇڏيم پر دل ۾ سوچيم ته اهي درباري آداب ۽ پروٽوڪول ايندا هجن ها ته حڪمران ناراض ڇو رهن ها؟ پنهنجي ٽين ايج کان صحافت جي شعبي ۾ 22 سالن جي تجربي مان اها ڳالهه سکي اٿم ته هڪ پروفيشنل صحافي کي اقتدار ۾ ويٺل کي اجايون صلاحون ڏيڻ کان پاسو ڪرڻ کپي، تنهن جي ڪري ڪا صلاح ڏيڻ کان پاسو ڪندي اهو ضرور گوش گذار ڪندس ته اهو Perception (تصور) ئي هوندو آهي، جيڪو ڪنهن ليڊر يا پارٽي کي عوام ۾ مقبول ڪندو آهي، پر وري اهو Perception (تصور) ئي هجي ٿو، جيڪو ڪنهن حڪومت کي ناڪام بڻائي ٿو ۽ اتي اهو به ضرور سمجهڻ کپي ته صرف ميڊيا ڪنهن جو Perception سٺو يا خراب نٿي ڪري سگهي بلڪه Performance (ڪارڪردگي) ۽ Will to perform (ڪمن جو ارادو/مرضي) دراصل مثبتPerception (تصور) جي ضمانت هجي ٿو. اڄ نه 80ع ۽ نه ئي وري 90ع جو ڏهاڪو آهي، بلڪه اسين 2009ع ۾ داخل ٿي رهيا آهيون ۽ اڄ جي دنيا ۾ طرز حڪمراني تبديل ٿي چڪي آهي. ڪا فوجي يا نيم فوجي حڪومت ته ان ڪري اختيارن جي مرڪزيت سان هلي ٿي، جو ان جي طاقت جي محور اها ڪمانڊ ئي هجي ٿي، جيڪا حڪومت تي قبضو ڪري ٿي. تنهن ڪري سڄي حڪومتي سرشتي لاءِ اختيارن جو سرچشمو يا Source (وسيلو ) اهو هڪ شخص ئي بڻجي ٿو، پر عوامي/سويلين سيٽ اپ جي روح ئي اختيارن جي عدم مرڪزيت هجي ٿي. اڄ اهو دور ناهي ته ڪو وزير صاحب پنهنجي سيڪريٽري ۽ ٻن ڪامورن سان بند آفيس ۾ ويهي اهم فيصلا ڪري ميڊيا ذريعي عوام کي صرف ان جي ڄاڻ ڏئي ڇڏي. بلڪه اڄ سول سوسائٽي کي هر فيصلي ۾ (صرف نالي ماتر نه پر) حقيقي طور تي شامل ڪرڻ جو دور آهي. جمهوريت جو مطلب صرف ڪنهن صاحب جي گاڏي تي جهنڊو لڳڻ نه هوندو آهي، بلڪه عام ماڻهو کي اقتدار ۾ شرڪت جي احساس کي جمهوريت چئبو آهي.

آئون سمجهان ٿو ته هاڻوڪي حڪومت آڏو انيڪ مسئلن جي هوندي به اڃا اها صورتحال نه جڙي آهي، جتان بهتري ڏانهن رخ نه موڙي سگهجي. ان حوالي سان 27 ڊسمبر جي ڏهاڙي تي حڪومت ۽ پارٽي جي سمجهدار ماڻهن کي پاڻ ۾ ويهي اهو ضرور ويچارڻ گهرجي ته ڇا سندن پارٽي ليڊر صرف هڪ يا ٻن سالن جي حڪومت لاءِ شهيد ٿي وئي؟

علي قاضي


تبديلي کپي!
آچر  9 نومبر  2008ع

ننڍي کنڊ جي جيئري ليجنڊ گلزار جي هڪ فلم ”معصوم“ جو اهو گانو ڪڏهن ڪڏهن ڏاڍو وڻندو آهي، جنهن جا ٻول آهن 

تجهه سي ناراض نهين زندگي حيران هون مين
تيري معصوم سوالون سي پريشان هون مين

اسان جي دانشمند دوستن پاران ”نيٺ ڇا ڪجي؟“ يا ”نيٺ ڪيئن ڪجي؟“ واري بحث بابت ڪڏهن ڪڏهن ايترا معصوم سوال اٿاريا وڃن ٿا، جو دل چئي ٿي ته انهن سان زوري ڀاڪر پائي، رڙيون ڪري سندن دانش تي روئجي پر آدابِ محفل کي ملحوظ رکندي اهڙي حرڪت ڪرڻ کان پاڻ کي روڪڻو ٿو پوي. وري ڪجهه دوست اهڙا عجيب و غريب اعتراض وارين ٿا، جو پنهنجي منهن ويهي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ٽهڪ ڏيڻ لاءِ من ڪري ٿو پر پاڻ تي ضبط رکي ڪجهه منٽ صرف مسڪرائڻ سان ڪم هلائڻو ٿو پوي. اسان جي انهن اهلِ دانش حضرات جي اڪثريت سان ڪجهه ڪچهرين يا سندن لکڻين مان سندن راءِ منجهه موجود معصوميت بهرحال صاف نظر اچي ٿي 
(مون کي اميد آهي ته اتي اهو سوال يا اعتراض نه اٿاريو ويندو ته دانشمند ماڻهو معصوم راءِ/ خيال ڪيئن ٿا ظاهر ڪري سگهن؟ منهنجي خيال ۾ اگر ڪا راءِ يا ڪو خيال انتهائي Purity
 (بنا ڪنهن ملاوٽ جي )
 سان ڪير به ظاهر ڪري ٿو، جنهن ۾ ڪنهن مفاد، ڪنهن تعصب يا ٻئي ڪنهن منفي سوچ جي گدلاڻ شامل نٿي هجي، ته اها راءِ، اعتراض يا خيال يا سوال معصوم هجي ٿو.) هڪڙي ٻئي دنيا به پاڻ وٽ موجود آهي، جنهن جو تعداد جيتوڻيڪ اٽي ۾ لوڻ برابر آهي، اها مخلوق لفظن جي Juggler
 (شعبديباز)
 آهي، انهن وٽان توهان کي ڪنهن به ڳالهه جو ڪو به سڌو سبتو جواب ملڻ جي توقع نٿي هجي. توهان کي پيٽ ۾ سور هجي ۽ توهان غلطيءَ وچان انهن سان پنهنجي ان سور جو ذڪر ڪري ڇڏيو ته اهي توهان کي سقراط ۽ ارسطو جا فلسفا ٻڌائڻ شروع ڪري ڇڏيندا!! توهان کي بخار سبب مٿي ۾ سور هوندو ته هي صاحب اوشو، مهاتما ٻڌ ۽ ٻين ڏاهن جا قول ٻڌائي قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا ته مٿي ۾ سور بخار جي ڪري ناهي!! غرض ته اهي صاحبلوڪ لفظن جا هلندڙ ڦرندڙ دڪان هجن ٿا، جن جي دڪان تي اگر ڪو اڌ چريو غلطيءَ وچان هليو وڃي ته خير سان مڪمل چريو ٿي واپس نه اچي ته ”پئسا واپس“. سو انهن ”دانشور“ حضرات پاران ”نيٺ ڇا ڪجي؟“ واري بحث ۾ صادر ڪيل فرمودات ۽ زرين خيال ٻڌڻ يا پڙهڻ کان آئون پاسو ڪريان ٿو، جو هر ماڻهوءَ جيان مون کي به پنهنجي صحت جو اونو هجي ٿو ۽ ان پراڻي چوڻيءَ ۾ يقين رکان ٿو ته، ”احتياط علاج کان بهتر هجي ٿو“ ـ

سو پاڻ انهن معصوم خيالن/ اعتراضن ڏانهن پنهنجو ڌيان ڪريون ٿا، جن مان ڪجهه هن ريت آهن؛
 (1)
 ڪارل مارڪس جي فلسفي ذريعي نظام بدلائجي
 (2)
 نظرياتي پروگرام کانسواءِ ووڪل ڪلاس وارو فلسفو بي معنيٰ آهي ـ
(3)
 ووڪل ڪلاس فارمولو نه پر هڪ ٻي نئين سياسي پارٽي ٺهڻ کانسواءِ تبديلي ممڪن ناهي ـ
 (4)
 ووڪل ڪلاس جو مطلب آهي مڊل ڪلاس ۽ ان جي اڪثريت پاڻ تبديلي نٿي چاهي ـ
 (5)
انهن سوالن/خيالن بابت ڪجهه معصوم خيال/جواب منهنجا به آهن ـ (جنهن تي توهان جي دل چئي ته توهان کي زور سان کلڻ يا منهنجي بي عقلي تي روئڻ جو پورو حق حاصل آهي). گذارش اها آهي ته، ڏهن ٻارنهن سالن کان جنهن نقطي تي فوڪس ڪرائڻ جي ڪوشش ۾ آهيان، اهو هي آهي ته سنڌ ۾ جيستائين سياسي ڪلچر تبديل نٿو ٿئي، تيستائين اسان جي زندگيءَ ۾ ڪا مثبت ۽ ڳڻپ جوڳي تبديلي ممڪن ڪونهي. آمريڪا ۾ بارڪ اوباما گذريل 10 مهينن جي اليڪشن مهم ان نقطي تي ئي هلائي ته 
America needs a change 
(آمريڪا کي تبديلي گهرجي)
 سو ڏهن سالن کان منهنجو به نقطو اهو ئي هو ته
 Sindh needs a real change 
(سنڌ کي حقيقي تبديلي گهرجي)
. پر جڏهن محسوس ٿيو ته حقيقي تبديليءَ جي خواهشمندن سان سڄي سنڌ ڀري پئي آهي، ته انهن تبديليءَ جي خواهشمندن لاءِ ووڪل ڪلاس جو اصطلاح استعمال ڪيم ۽ ظاهر آهي، تبديليءَ جا خواهشمند ۽ ان لاءِ آواز اٿاريندڙ 
(يا آواز اٿارڻ جي خواهش رکندڙ)
 صرف مڊل ڪلاس نه پر اپر ڪلاس، لوئر ڪلاس، غرض ته هر طبقي ۾ ٿورا يا گهڻا ماڻهو موجود آهن، تنهن ڪري ووڪل ڪلاس کي طبقاتي فرق ۾ ورهائڻ ووڪل ڪلاس جي اصطلاح جي صحيح تشريح ناهي ـ

ڪارل مارڪس جي نظريي هيٺ انقلاب آڻي اتي سوشلزم آڻڻ جي حوالي سان ظاهر ڪيل خواهش بابت صرف ايترو ئي چئي سگهجي ٿو ته ڇا اسان وٽ اهڙو ڪو ماحول آهي، جو اهڙي خواهش جي تڪميل ويجهي مستقبل ۾ ممڪن نظر ايندي هجي؟ باقي بحث مباحثي لاءِ ته اسان وٽ ماضي ۾ ڪيترائي ڏهاڪا ان قسم جو بحث جاري رهيو ته طبقاتي جدوجهد ڪجي، يا قومي طبقاتي عوامي جدوجهد ڪجي؟ مزدور طبقو انقلاب جو محور بڻبو. يا هاري طبقو؟ سو بحث ته دنيا ۾ کوڙ سارا هلندا رهندا آهن، اگر دوست اڄ به سرخ انقلاب جي رومانس ۾ رهڻ چاهين ته ڪير ڪنهن کي ڪيئن ٿو روڪي سگهي، باقي اهو سمجهڻ ته اگر ووڪل ڪلاس جا ماڻهو چونڊجي ويا ته انهن وٽ ڪو نظرياتي پروگرام نه هوندو، سو هڪ انتهائي معصوم خيال آهي، ڇاڪاڻ ته ان ڪلاس جي چونڊيل نمائندن جو بنياد ۽ وجود ئي ”سنڌ ۾ حقيقي تبديلي“ جي پروگرام جو سبب ٿيندو. هي ته ان نظريي جي پيداوار هوندا ته ورهين کان هلندڙ سياسي ڪلچر کي تبديل ڪري گڊ گورننس وسيلي عام ماڻهن جي زندگي ۾ بامعنيٰ تبديلي آڻجي، سنڌ جي حقن جي حفاظت ڪجي، سنڌ جي هر لحاظ کان واهر ڪجي. سو پروگرام ته واضح آهي ته هن ڪلاس جا ماڻهو ”مثبت حقيقي تبديلي“ جي لاءِ ايندا ۽ رڳو اهو نه پر انهن جي چونڊن ۾ اگر ڪاميابي ٿي ته اها خود اسان جي سياسي ڪلچر ۾ تبديلي جو پهريون ڏاڪو هوندي. باقي ان تبديلي جي پروگرام جا تفصيل ۽ مول متا ظاهر آهي ته ان ڪلاس جي ماڻهن پاران چونڊيل ڪا ڪاميٽي ئي ڪندي. ڪجهه دوستن جو خيال آهي ته ڪا نئين سياسي پارٽي ٺهڻ گهرجي، شايد انهن دوستن جو ڌيان ان ننڍڙي نقطي ڏانهن ناهي ويو ته اگر سڄي سنڌ ۾ ووڪل ڪلاس جا نمائندا چونڊن ۾ بيهندا ته فطري طور هو ڪنهن هڪ 
 Nucleus
(مرڪز)
 سان ته ظاهر آهي جڙيل هوندا. انهن جو ڪو نه ڪو ته Organisational 
(تنظيمي)
 نيٽ ورڪ ته ضرور هوندو، باقي اگر ڪنهن جو خيال آهي ته روايتي طور هڪ ٻئي سياسي پارٽي جڙڻ کپي، ته دوستن کي ضرور همت ڪرڻ کپي، پر هڪڙي ڳالهه صرف ياد رهي ته سنڌ ۾ جيتريون سياسي پارٽيون ۽ پريشر گروپ موجود آهن، اوترا شايد ئي باقي ٽن صوبن ۾ هجن. سو سنڌ سياسي پارٽين/گروپن جي حوالي سان ماشاءَ الله اڳ ۾ ئي خود ڪفيل آهي، پر اگر ان ۾ ڪو دوست اضافو ڪرڻ چاهي ٿو ته ڪنهن کي به ڇو اعتراض هوندو!! اتي هڪ ٻئي ڳالهه جو به ذڪر ڪندو هلان، جو تبديليءَ لاءِ ووڪل ڪلاس واري سوچ کي غلط قرار ڏيڻ لاءِ ماضي ۾ جڙيل ايس ڊي اي جو مثال ڏنو وڃي ٿو. اها هڪ بنهه معصوم سوچ آهي، ڇاڪاڻ ته ايس ڊي اي موجوده سياسي ڪلچر منجهه موجود انهن ماڻهن جو اتحاد هو، جيڪي پ پ پ مخالف سمجهيا ويندا هئا ۽ انهن جي سياست جو محور پ پ پ جي متبادل طور اڀرڻ هو پر اهو قطعي نه هو ته اهي هاڻوڪي سياسي ڪلچر کي تبديل ڪندا ۽ اهو ان ڪري ممڪن به نه هو، جو هو پاڻ ان ڪلچر جو ئي حصو هئا، سو ووڪل ڪلاس واري سوچ کي ايس ڊي اي سان ڀيٽڻ معصوماڻي زيادتي هوندي.

مون مٿي ڄاڻايل اعتراضن/سوالن جا ڪجهه جواب ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ڪجهه اعتراض يا سوال اڃا به هوندا، پر جيڪا ڳالهه اطمينان جوڳي چئجي ته سنڌ ۾ آهستي آهستي اهو اتفاق راءِ نظر اچي پيو ته
 Sindh deserve better and for that we need to change our political culture
  سنڌ چڱائيءَ جي حقدار آهي ۽ ان لاءِ اسان کي سياسي ڪلچر)
(جي تبديلي گهرجي ـ  
 سنڌ، جنهن کي ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ جمهوريت پسند ۽ سياسي جاڳرتا جي حوالي سان باشعور مڃيو وڃي ٿو، سان هاڻ گهڻي ٿي ويئي، سنڌ هڪ تبديليءَ جي گهرجائو آهي، پوءِ اها تبديلي ووڪل ڪلاس جي پاڻ سياست ۾ بهرو وٺڻ سان اچي، ڀلي ڪا ٻئي پارٽي اهو ڪم ڪري يا ڀلي هاڻوڪي حڪمران پارٽي يعني پ پ پ، جنهن کي عوام چونڊيو آهي، سياسي ڪلچر ۾ تبديليءَ جو آغاز ڪري يا اگر سرخ، نيلي يا پيلي انقلاب ذريعي اهڙي ڪا تبديلي اچي ته به منهنجي اکين تي، ڇاڪاڻ ته ضد اهو ناهي ته مثبت تبديلي ڪير ٿو آڻي، خواهش اها آهي ته اسان جي سياست عوام دوستي جي اصل روح موجب هجي. جيڪو به حڪومت ۾ اچي، ان وٽ سنڌ جي ڏکن ۽ دردن جي تدارڪ جو نه صرف فهم هجي، بلڪه نيت به هجي، سو اسان جي دانشمند دوستن کي هر جواب لاءِ هڪ سوال ڳولهڻ يا هر حل مان مسئلو ڳولهڻ يا هر عمل پويان سازش ڪڍڻ بدران گڏجي ڪا اهڙي ڪاوش ڪرڻ گهرجي، جيئن سنڌ جي ان آواز ته ”سنڌ جي سياسي ڪلچر ۾ تبديلي گهرجي“ کي هاڻ ڪير دٻائي نه سگهي ـ
مسئلو اهو ناهي ته اسان جي ووڪل ڪلاس جا ماڻهو اليڪشن ذريعي تبديلي واري فارمولي سان سهمت ٿين، پر گهٽ ۾ گهٽ چوطرف نظر ايندڙ غلط ڪمن، فيصلن ۽ عملن کي ڏسي پنهنجي اندر اها سوچ ضرور آڻين ته 
Enough is enough
(هاڻ گهڻو ٿيو)
 ۽ اها خواهش به مضبوط ڪن ته هي سڀ ڪجهه تبديل ٿي سگهي ٿو. هر غلط ڪم ڪندڙ ڪاموري، سياستدان يا ڀوتار کي ووڪل ڪلاس جي هر ماڻهو جي اکين ۾ اهو صاف لکيل نظر اچڻ کپي ته کين ”تبديلي کپي“، هر غلط فيصلو مجبوري سبب قبول ڪرڻ مهل هر ووڪل ڪلاسي جي دل ۾ اهو عزم پختو ٿيڻ کپي ته ”تبديلي کپي“، هر ظلم ۽ ناانصافي ڏسي چهري تي اهو صاف لکجي اچي ته ”تبديلي کپي“. سرڪاري اسڪولن ۾ پنهنجي ٻارن کي پڙهايو ويندڙ مدي خارج نصاب ڏسي، پوليس واري هٿان ڪنهن شريف ماڻهوءَ جي پٽڪي لهندي ڏسي، روينيو رڪارڊ ۾ هير ڦير جو ٻڌي، هيپاٽائيٽس مرض سبب ڪنهن کي مرندي ڏسي، پاڻي جي اڻاٺ سبب بيٺل فصل سڪندي ڏسي، ماحولياتي گدلاڻ سبب ڳوٺن جا ڳوٺ مرضن ۾ ورتل ڏسي، اٽي جي لپ لاءِ لاچار، ويلا ڪٽيندڙ ڪٽنب جو درد ڏسي، جرڳن ۾ ڀوتارن آڏو پٽ تي ويٺل اٻوجهه ماڻهن جي بيوسي کي محسوس ڪندي، سڱ چٽي ۾ معصوم نياڻين جي مستقبل جو فيصلو ٿيندي ڏسي، غرض ته هر ان ڪڌي ڪم کي ڏسي، جنهن سان دل ڀرجي اچي، اکيون آليون ٿي وڃن، ان مهل هڪ دفعو پنهنجي پاڻ کي وڏي آواز ۾ اهو ضرور چوڻ گهرجي ته، ”تبديلي کپي“ ۽ يقين رکجي ته اها تبديلي اچڻ ناممڪن ناهي ـ

ڪنهن صحافي دوست مون کي چيو ته، ”توهان هرو ڀرو گهڻو جذباتي پيا ٿيو، سنڌ ۾ جن ماڻهن کي توهان ووڪل ڪلاسي چئو ٿا، اهي پاڻ تبديلي لاءِ نه ايترا تيار آهن، نه ئي گهڻو پريشان آهن“. ٿي سگهي ٿو، ان دوست جو خيال صحيح هجي ۽ اهو به ٿي سگهي ٿو ته اها راءِ بنهه غلط هجي. بدقسمتي سان اسان وٽ آمريڪا يا يورپ جيان راءِ عاما بابت صحيح ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ ڪي مستند ادارا موجود ناهن، جيڪي سروي بعد عوامي راءِ ٻڌائي سگهن، پر ان ڏس ۾ اهو ضرور ٿي سگهي ٿو، هر شهر ۾ ڪنهن هڪ يا ٻن هنڌن تي، پوءِ اهو هنڌ شهر جي وچ ۾ ڪا هوٽل، ڪو دڪان، ڪا لائبريري، غرض ته ڪا به اهڙي جڳهه جتي هر شهري جي پهچ هجي، اتي هڪ رجسٽر رکجي، جنهن جي مٿان وڏن اکرن ۾ لکيل هجي ”تبديلي کپي“ هر اهو ووڪل ڪلاس جو شهري جيڪو تبديلي چاهي ٿو، اهو وڃي ان رجسٽر ۾ پنهنجو نالو ۽ شناختي ڪارڊ نمبر لکي اچي ۽ پندرهن ڏينهن يا مهيني بعد ڏسجي ته ان شهر جا ڪيترا ماڻهو پاڻمرادو هلي وڃي تبديلي لاءِ پنهنجو نالو لکرائي يا لکي اچن ٿا. اتي اها وضاحت ڪرڻ ضروري آهي ته اگر اهو رجسٽر کڻي ڪجهه ووڪل ڪلاسي شهرين جي در در وڃي نالا لکيا ته ان Concept 
(تصور)
 جو مفهوم ئي فوت ٿي ويندو. ڇاڪاڻ ته ڏسڻو اهو آهي ته ڪيترا ماڻهو تبديليءَ لاءِ ڪيترو سنجيده آهن، ڇاڪاڻ ته اگر ڪو ووڪل ڪلاسي پنهنجي گهران سيڙجي اچي، ان رجسٽر تي پنهنجو نالو لکڻ جي به زحمت نٿو ڪري ته ٿي سگهي ٿو ته هو تبديلي جو خواهشمند ضرور هجي، پر هو ان آسري ۾ آهي، ته اها تبديلي کيس ڪو ئي مسيحا گهر ويٺي آڻي ڏيندو ـ
اگر ووڪل ڪلاس 
(تبديلي جا خواهشمند)
 ”تبديلي کپي“ واري رجسٽر تي وڏي تعداد ۾ وڃي پنهنجو نالو لکيو ته ظاهر آهي ته ان سان ڪو فوري انقلاب نه اچي ويندو، پر اگر هزارين، لکين ماڻهن سڄي سنڌ ۾ اهڙو عمل ڪيو ته ان عمل کي تبديليءَ ڏانهن پهرين وک ضرور سمجهي سگهبو. ان سان ٻه ٽي ٻيون مثبت ڳالهيون به ٿي سگهنديون، هڪ اهو ته ان ڳالهه جو ووڪل ڪلاس کي به اندازو ٿيندو ته هو سڄي سنڌ ۾ ڪيتري انگ ۾ موجود آهن ۽ گڏوگڏ جمود جي حامي قوتن کي به اندازو ٿيندو ته تبديلي چاهيندڙن جو انگ ڇا آهي ۽ اهو عمل ورهين کان موجود اسان جي سياسي ڪلچر جي خلاف هڪ ريفرنڊم ٿي پيو سگهي. اگر ائين ٿيو ته ان کي ڪنهن حڪومت يا پارٽي يا سياسي فلسفي جي خلاف يا حق ۾ ريفرينڊم يا راءِ قرار نه ڏبي، بلڪه اها سڄي سنڌ جي اجتماعي سوچ جي عڪاسي هوندي، جنهن مان ڪا حڪومت ۽ ڪا پارٽي به فائدو وٺي حقيقي مثبت تبديلي لاءِ جاکوڙي پئي سگهي. اگر آئون Optimistic
 (پراميد)
 ٿي سوچيان ٿو ته ڪنهن هڪ شهر ۾ هڪ هنڌ رکيل رجسٽر تي وڃي پنهنجو نالو لکڻ ڪو ڏکيو ڪم ناهي، بلڪه بنهه سولو آهي، پر اگر آئون
( Pessimist   نا اميد )
 ٿي سوچيان ٿو ته نظر اچي ٿو ته، هر ڪو سوچيندو ته 50 يا 100رپين جو رجسٽر ڪو ٻيو ڇو نٿو وٺي يا آئون رجسٽر ڇو پنهنجي هوٽل/دڪان تي رکان، ڪو ٻيو ڇو نٿو رکي يا هر ٻيو ماڻهو اهو ئي سوچيندو ته تبديلي آئي ته سڀني لاءِ ايندي، آئون ڇو سيڙجي وڃي نالو لکان؟ وغيره وغيره ـ

آمريڪا جي سول حقن لاءِ جاکوڙيندڙ اڳواڻ مارٽن لوٿر ڪنگ جي مشهور تقرير “I have a dream” جو حوالو ڏيندي ڪجهه سال اڳ هڪ مضمون ۾ لکيو هئم ته، سنڌ جي خوشحالي منهنجو به خواب آهي ۽ اڃا به منهنجو ۽ لکين سنڌ واسين جو اهو خواب ٽٽو ڪونهي، پر ڪنهن ڏاهي چواڻي ته، ”خوبصورت خواب اهو ناهي جيڪو توهان ننڊ ۾ ڏسو، بلڪه اهو آهي، جنهن جي ساڀيان جي خواهش ۾ توهان کي ننڊ نه اچي ـ

Tuesday 16 December 2014

نسيم بخارِي

پشاور ۾ المناڪ واقعي کانپوءِ عمران خان جي ايجنڊا ڪهڙي هئڻ گهرجي؟

پشاور ۾ اسڪول ۾ ٿيل دهشتگردي سئو کان وڌيڪ حياتيون ڦري ورتيون آهن، ڇهن کان وڌيڪ دهشتگرد اسڪول پويان قبرستان واري پاسي کان داخل ٿيا. هڪ خودڪش بمبار ڪلاس ۾ پاڻ کي ڌماڪي سان اڏايو ۽ گلن جهڙن ٻارڙن جا عضوا ٽڪرن جي صورت ۾ پکڙجي ويا ـ

واقعي کانپوءِ وزيراعظم ميان نواز شريف، آرمي چيف جنرل راحيل شريف ۽ عمران خان پشاور پهچي متاثر خاندانن ۽ زخمين جي داد رسي ڪئي آهي واقعي. کي المناڪ ۽ افسوسناڪ قرار ڏنو آهي ـ

پاڪستان جي تاريخ ۾ اهو المناڪ واقعن مان وڏو دردناڪ واقعو آهي، جنهن جي ٿوري دير کانپوءِ عالمي سطح تي ردعمل آيو آهي. برطانوي وزيراعظم ڊيوڊ ڪيمرون جو چوڻ آهي ته هن لاءِ اها خبر شاڪنگ نيوز ثابت ٿي آهي، اهڙا ئي احساس ٻين عالمي سربراهن جا به سامهون آيا آهن ـ

وفاقي ۽ صوبائي حڪومت پي ٽي آءِ، طاهر القادري ۽ ٻين سياسي سماجي ۽ مذهبي ڌرين ٽي ڏينهن سوڳ ملهائڻ جو اعلان ڪيو آهي. عمران خان 18 تاريخ تي ملڪ گير هڙتال ۽ طاهر القادري 17 تاريخ تي احتجاج وارو سڏ واپس وٺي ڇڏيو آهي ـ

هنن سٽن لکجڻ تائين فقط 36 ڄڻن جي لاشن جي شناخت ٿي چڪي هئي. ليڊي ريڊنگ اسپتال ۾ ٻارڙن ۽ استادن جا لاش جنهن حالت ۽ جهڙي حال ۾ آهن اهي انتهائي ڏکوئيندڙ آهن ـ

آرمي پبلڪ اسڪول ڪينٽومينٽ ايريا ۾ اچي ٿو جنهن جي ٿوري فاصلي تي گورنر هائوس ۽ وزيراعليٰ هائوس آهي ۽ هن اسڪول جي سيڪيورٽي به آرمي حوالي آهي. هن اسڪول ۾ استادن کي به ٽن چئن هنڌن تي چيڪ ڪرڻ کانپوءِ اندر وڃڻ ڏنو ويندو آهي. اهڙي سيڪيورٽي واري اداري ۾ آساني سان ٿيل دهشتگردي ڪيترائي سوال اُٿاري ڇڏيا آهن ـ

پشاور جو آرمي پبلڪ اسڪول مين روڊ تي واقع آهي، جنهن ۾ دهشتگردي لاءِ آيل دهشتگردن پهريائين پنهنجي گاڏي کي باهه ڏئي سيڪيوٽي جو ڌيان ڇڪايو ۽ بعد ۾ پنهنجي ٽارگيٽ تي ڌيان ڏنو ۽ هو پنهنجي ناپاڪ ارادي ۾ باقاعده ڪامياب ويا. هنن فائرنگ جو مينهن وسايو ۽ معصوم ٻارڙن کي قتل ڪيو. هڪڙي شاگرد جو چوڻ آهي ته دهشتگرد ڏاڙهين وارا هئا ۽ هو پاڻ ۾ عربي ٻولي ڳالهائي رهيا هئا ـ

وزير اطلاعات مشتاق غني جو چوڻ آهي ته متاثر اسڪول ۾ اڍائي هزار ٻار پڙهندا هئا ۽ مقتول ٻارڙن جون عمريون تيرهن سالن کان ارڙهن سالن جي وچ ۾ هيون ـ

پشاور گذريل ڪيترن سالن کان افسوسناڪ واقعن جو ڳڙهه رهندو آيو آهي. هن ڀيري به اسڪول جي امتحان واري موقعي تي ايف سي جون ورديون پاتل هٿياربندن حياتيون کسيون آهن، جن کي ڪاري رنگ جا ڪپڙا پاتل هئا ـ

وزيراعليٰ پرويز خٽڪ جي ترجمان جو چوڻ آهي ته واقعي ۾ 126 ٻار اجل جو شڪار ٿيا آهن، مقتول ٻارڙن جي وارثن لاءِ پنج پنج ۽ زخمين لاءِ ٻه ٻه لک امداد جو صوبائي حڪومت پاران اعلان ڪيو ويو آهي، جڏهن ته 122 زخمي ٻڌايا ويا آهن ـ

واقعي بعد پي ٽي آءِ ۽ سرڪار وچ ۾ اعلانيل ڳالهيون ملتوي ڪيون ويون آهن ۽ سڄو ملڪ ان ڏک جي لهر ۾ غمگين ٿي ويو آهي. عمران خان انقلاب ۽ تبديلي جو چيمپين تصور ڪيو ويندو آهي پر عمران خان جي تحريڪ انصاف حقيقي معنيٰ ۾ خيبر پختونخواهه ۾ انتهاپسنديءَ خلاف اهو عَلم بند نه ڪري سگهي آهي جنهن جي سخت ضرورت آهي ۽ ان حوالي سان جيڪڏهن تحريڪ انصاف پنهنجون پوريون توانايون ۽ صلاحيتون دهشتگردي جي پاڙ اکيڙڻ ۽ پاڙ پٽڻ ۾ لڳائيندي اچي ها ته اڄ پڪ سان ڪي ٻيا ئي نتيجا هجن ها پر افسوس ته ان حوالي سان عمران خان جي تحريڪ انصاف ڪن لاٽار ڪندي آئي ۽ نتيجي ۾ اڄ دهشتگردن جو ايترو من وڌيو ۽ پيٽ ڀرجي ويو آهي جو هو ڏينهن ڏٺي جو کلي عام سوين ماڻهو ماري رهيا آهن. ان ڪري اهو سوال به وڏي اهميت اختيار ڪري ويو آهي ته خيبر پختونخواهه مان انتهاپسندي مان ڇوٽڪاري لاءِ عمران خان ڪهڙي ايجندا جوڙي آهي. حقيقت ۾ هو ان حوالي سان ڪا زبردست حڪت عملي جوڙي ۽ ان تي عمل ڪري پاڻ کي ۽ تحريڪ انصاف کي تمام وڏي عزت ڏياري سگهي ٿو ـ

مسلم ليگ (ن) ۽ تحريڪ انصاف تنقيدن ۽ الزامن کان ٻه وکون اڳتي وڌندي جهڙيءَ ريت جارحاڻي لهجي سان ڪردار ڪشي تي لهي آيون آهن تنهن مان نه ٿو لڳي ته حڪومت ۽ عمران خان ۾ هلندڙ ڳالهيون ڪو نتيجو ڏينديون يا وري ڪنهن نتيجي تي پهچنديون. لاهور ۾ تحريڪ انصاف (40) هنڌن تي ڌرڻا هڻي، جهڙيءَ ريت شهر بند ڪرائي اتي پنهنجو ڌاڪو ڄمائڻ وارو تاثر ڏنو آهي. اهو پڪ سان شريف ڀائرن لاءِ پريشانيءَ جو سبب بڻيو آهي. مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻن بار بار اهو بيان پئي ڏنو ته تحريڪ انصاف جي ڌرڻن ۾ سندن ڪارڪن ڪا رنڊڪ ۽ رڪاوٽ نه وجهندا. هنن اِهو پڻ چيو هو ته ان ڏينهن تي ڪارڪن گهرن ۾ رهندا ۽ ٻاهر ئي نه نڪرندا پر ان جي باوجود لاهور جي ڪجهه علائقن ۾ مسلم ليگ (ن) ۽ پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن وچ ۾ چڪريون ٿيون، جنهن مان اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ٻنهي پارٽين جي قيادت توڙي ڪارڪن هڪ ٻئي لاءِ ڪهڙو احساس ۽ اهميت رکن ٿا؟

بابو صابو چوڪ تي ٻنهي پارٽين جا ڪارڪن آمهون سامهون ٿيا، نعرن جو مقابلو ٿيو ۽ شهرين سان پڻ ٽڪراءُ ٿيو. شاهه عالم مارڪيٽ ۽ ٺوڪر نياز بيگ ۾ به پي ٽي آءِ ڪارڪنن جا شهرين ۽ واپارين سان جهيڙا رپورٽ ٿيا آهن. چورنگي امر سنڌو وٽ ميٽرو بس تي پٿراءُ ڪيو ويو آهي. ٽائر ساڙڻ سبب ميٽرو بس معطل ٿي ۽ ان ڇڪتاڻ جي ڪري عمران خان چورنگي امر سنڌو نه وڃي سگهيو. قانون لاڳو ڪندڙن پاران سيڪيورٽي خدشن ڄاڻائڻ سبب، عمران خان ٺوڪر نياز بيگ به نه ويو. لبرٽي چوڪ کانپوءِ عمران خان کي مٿين علائقن جو دورو ڪرڻو هو پر پوليس جي مشوري سبب قافلي جو روٽ بدلايو ويو. وزيراعظم نواز شريف پي ٽي آءِ جي سياست کي غنڊه گردي قرار ڏنو ۽ چيو ته ڊي سان ڊولپمينٽ ۽ ڊيسٽريڪشن به ٿئي ٿي ـ

لاهور ۾ ايمبولينس کي رستو نه ڏيڻ تي چئن مريضن جي فوت ٿيڻ واريون خبرون تحريڪ انصاف لاءِ خواريءَ جا اطلاع ثابت ٿيون آهن. شاهدره ۾ پندرهن ورهين جو نينگر ۽ 17 ڏينهن جي ٻارڙي فوت ٿي آهي. جوڙي پل تي ڌرڻڻ سبب رستو نه ملڻ تي 60 سالن جو پوڙهو دل جو مريض امانت رڪشا ۾ دل جي دؤري سبب فوت ٿيو. احتجاج دوران انساني جانين جي ضايع ٿيڻ واري معاملي تي شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ٽريفڪ جام ٿيڻ سبب ڪا انساني جان ضايع ٿي آهي ته معذرت ٿا ڪيون پر سوال اهو آهي ته ڇا رڳو معذرت ڪافي آهي؟ جن جا پيارا ڌرڻن سبب وقت سر اسپتال نه پهچڻ ۽ علاج نه ٿيڻ سبب رستي تي فوت ٿيا آهن، تن جي ڪهڙي ڪيفيت هوندي؟ انهن جي دلين مان ڪهڙيون آهون نڪرنديون هونديون؟ ڇا اها صورتحال ۽ اهو احساس تحريڪ انصاف جي لاءِ ڪنهن سنجيده سوچ ويچار جو سنيهو نه ٿو سانڍي؟ سوال اهو آهي ته عمران خان عوام جي زندگين ۾ انقلاب ۽ خوشگوار تبديلي آڻڻ وارا جيڪي تصور پيش ڪري رهيو آهي يا جيڪي خوبصورت خواب ڏيکاري رهيو آهي، انهن جي حاصلات لاءِ ابتدا ئي غلط طور طريقن سان ٿي رهي آهي! ڇا احتجاج جا سائنسي بنيادن تي ۽ نقصانن کان مٿانهان ٻيا ڪي طور طريقا بچيا ئي ناهن؟ شهر بند ڪرائڻ ۽ ڌرڻن هڻڻ سان ٿي سگهي ٿو ته اهڙا عمل ڪندڙ ڌر کي پنهنجي طاقت جو احساس اجاگر ڪرڻ ۾ ڪنهن حد تائين ڪنهن ڪاميابيءَ جو تاثر ڏسڻ ۾ ايندو هجي پر ان سڄي مشق دوران جيڪا عوام تي مصيبت وقت جي وڄ جيان ڪڙڪي ٿي ڇا ان کي ڪنهن حساب ڪتاب يا ليکي چوکي ۾ نه آڻجي؟

ڌرڻا سياست بلڪل تباهيءَ ۽ بربادي وارو رخ اختيار ڪري ورتو آهي ۽ گذريل اڍائي مهينن کان عمران خان جهڙيءَ ريت روڊن رستن تي نڪتل آهي. ان مان لڳي ٿو ته اهو معاملو هاڻ جلد ڪنهن منطقي انجام طرف وڌندو! حڪومت ۽ عمران خان هڪ ٻئي جي ڳچين ۾ جيڪي هٿ وڌا آهن، اُهي هاڻ اڃا وڌيڪ خطرناڪ نتيجن جي گواهي ڏئي رهيا آهن. عمران خان جو اُهو بيان ته آئون تنگ ٿي ويو آهيان جن خلاف ٽربيونل ۾ ڪيس پيا هلن اُهي اسٽي آرڊر پويان لڪي وڃن ٿا. پرويز رشيد جو وري چوڻ اهو آهي ته عدالتي ڪميشن لاءِ عمران پاڻ رڪاوٽ آهي. لاهور ۾ چار حياتيون عمران جي سياست جي ور چڙهيون آهن هو بني گالا مان نڪرندي لاشن تي قدم رکي ٿو. پلان سي لاشن جي سياست آهي. جنگين ۾ به ايمبولينسن تي حملا نه ٿيندا آهن. لاشن جو تحفو ڏيڻ عمران جي سياسي سڃاڻپ ٿي وئي آهي ۽ ان جي جارحاني رويي سبب بيگناهه شهري مري رهيا آهن ـ

پرويز رشيد جي اهڙي پريس پڌرائي کان هٽي ڪري پاڻ جيڪڏهن تحريڪ انصاف پاران شروع ڪيل احتجاج جي جوازن کي ڏسون ته اُهي بي سبب يا بيڪار نه ٿا لڳن، انهن ۾ دم آهي ۽ اُهي عام ماڻهو جي نمائندگي ڪن ٿا. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته تحريڪ انصاف جا ڪارڪن مسلسل جدوجهد جي نتيجي ۾ هاڻ ڪنهن حد تائين چڙچڙا، جوشيلا، باغي ۽ ڪاوڙيل به ٿي ويا آهن پر سوال اهو آهي ته انهن کي ان سطح تائين پهچڻ جو جواز ڪنهن پيدا ڪري ڏنو آهي. ظاهري ڳالهه آهي ته اها نواز حڪومت آهي جنهن جي مسلسل سستي، نااهلي ۽ لاپرواهي ماڻهن جي غصي کي سياسي طور اڀارڻ واسطي عمران خان کي ماحول ٺاهي ڏنو ـ

عمران خان موٽروي تي جڏهن تنقيد ڪري ٿو ته اهو ماڻهن کي پنهنجي پاڙيسري ملڪن ۾ ٺهيل موٽروي جا مثال ڏيئي ٻڌائي ٿو ته هُتي اُهي اسڪيمون ڪيتريون سستيون ۽ سهنجون ٺهيون آهن ۽ اسان وٽ اُهي ڪيئن ٻيڻ ٽيڻ يا اڃا به چئوڻ تي ٺاهيون ويون آهن. عمران خان جا انگ اکر ۽ تنقيدي حوالا ماڻهن کي سوچ ويچار تي مجبور ڪن ٿا ۽ اهو ئي نقطو حڪمرانن کي پنهنجي پيرن هيٺان، ڌرتي کسڪڻ جا به اطلاع ڏئي ٿو. عمران خان کي پنهنجي مقصد ۽ منشور جي ڪاميابي لاءِ مستقبل جي حڪمت عملين بابت جهڙي ريت واضح ايجنڊا ۽ رٿابندي خلق اڳيان پيش ڪرڻ گهرجي، هو ان ڏس ۾ اڃا تائين ڪا مؤثر ۽ واضح پاليسي پڌري نه ڪري سگهيو آهي. پڇڻ وارا اهو به پڇن ٿا ته جيڪڏهن عمران خان جون سموريون ڳالهيون مڃيون به وڃن ته ڇا ملڪ ۾ چونڊ سسٽم ۾ ڪو غريب غربو ۽ مسڪين ماڻهو اُميدوار بيهي ۽ اليڪشن وڙهي سگهندو؟ اسان وٽ صوبائي اسيمبلي ۽ قومي اسيمبلي جي سيٽ جي اُميدوار کي هر پولنگ تي ايجنٽ ڏيڻا ۽ ويهارڻا پوندا آهن، انهن جي چانهه پاڻي ۽ کاڌي پيتي کان خرچي پاڻي تائين يا ووٽرن کي ٽرانسپورٽ مهيا ڪرڻ ۽ اليڪشن مهم کي اثرائتي بڻائڻ لاءِ جن ڪارنر گڏجاڻين، پمفليٽس، پينا فليڪس، پرنٽ توڙي اليڪٽرانڪ ميڊيا ذريعي پروپئگنڊا ڪرڻ، ووٽر لسٽن جي هر علائقي ۾ رسائي، هر پاڙي ۽ محلي ۾ اليڪشني ڪئمپ قائم ڪرڻ توڙي عام ماڻهو تائين ووٽن جون پرچيون پهچائڻ اهو سڄو ڪم بهترين ٽيم کانسواءِ ڏاڍو ڏکيو هوندو آهي ۽ ان کان علاوه انهن سمورن مرحلن ۾ جنهن وڏي پئسي جي ضرورت هوندي آهي سو عام ماڻهو يا مڊل ڪلاسي جي وس کان چڙهيل آهي ـ

خبر آئي آهي ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ کي يقيني بڻائڻ لاءِ ڏهه ارب روپين ۽ ٽن سالن جو عرصو گهربل آهي. 2018ع کان پهريان اليڪٽرانڪ ووٽنگ ممڪن ئي ناهي ۽ ايندڙ اليڪشن جا خرچا هڪ اندازي مطابق ويهه ارب روپيا ٻڌايا ٿا وڃن. مشينن جي خريداري تي چيف اليڪشن ڪمشنر کي ايندڙ اجلاس ۾ بريفنگ ڏيڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي پر سوال اهو آهي ته جيڪڏهن ان شيءِ کي يقيني به بڻايو وڃي ته ماڻهو هڪ ووٽ کان وڌيڪ ڏيئي نه سگهي ته سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته پاڻ وٽ ووٽ ڏيڻ جو جيڪو ۽ جهڙو رجحان ڏسڻ ۾ ايندو آهي ان سڄي سرگرميءَ ۾ عام ماڻهو پنهنجي راءِ جو اظهار آزادي جي حوالي سان بااختيار ئي ڪيترو هوندو آهي. اسان وٽ 60 کان 70 سيڪڙو ووٽ اڄ به يرغمال آهن. اُهي تر جي وڏيري راڄ جي چڱي مڙس يا قبيلي جي سردار توڙي مرشد جي مرضي سان ڏنا ويندا آهن سو سوچڻ جي ڳالهه اها اهي ته عمران خان جنهن نئين پاڪستان جو نعرو هڻي رهيو آهي اهو عملي طور تي عوام ڪڏهن ڏسي به سگهندو؟ سو اهم ڳالهه اها آهي ته پاڪستان ۾ چونڊن کي عوام دوست بڻائڻ لاءِ جن بنيادي تبديلين جي ضرورت آهي انهن کي يقيني بڻايو وڃي. ڇو ته جيستائين ائين نه ٿو ٿئي، تيستائين اسلام آباد جي ايوان ۾ ايندڙ ۽ وزيراعظم جي ڪرسي تي ويهندڙ هر حڪمران پنهنجي سسٽم جي هٿان مجبور آهي، جيستائين اهو سسٽم پنهنجي بُڻ بنياد ۾ ڪا نواڻ نه ٿو آڻي، تيستائين عوام دوست خواب فقط خواب ئي هوندا. اُهي حقيقت ۾ بدلجي نه سگهبا ـ

پي ٽي آءِ ڪارڪنن لاهور ۾ شهرين ۽ واپارين کانسواءِ صحافين کي به ڪٽڪو چاڙهيو آهي، انهن تي پٿراءُ ڪيو آهي. اينڪر ثنا مرزا سان بدتميزي ٿي آهي. ان جو گهيراءُ ٿيو آهي ۽ ان خلاف اڻ وڻندڙ نعرا لڳا آهن جنهن جي ردعمل ۾ هوءَ رُني ۽ رڙي آهي. سهيل وڙائچ، امين حفيظ، احمد نواز ۽ جواد ملڪ سان به بدتميزيون ٿيون آهن. پي ايف يو ۽ ٻين صحافتي تنظيمن طرفان ملڪ ۾ تحريڪ انصاف خلاف احتجاج آڏو آيا آهن، سو غور طلب ڳالهه اها آهي ته هاڻ سان ئي عمران خان جا متوالا جيڪڏهن پنهنجي اهڙي مهانڊي سان آڏو اچڻ شروع ٿيا آهن ته اُهي اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ ته ليگين ۽ جيالن کي پٺ تي ڇڏي گوءِ کٽي ۽ ملهه ماري ويندا ـ

تنهن ڪري وقت جي اها ضرورت آهي ته عمران خان پنهنجي ڪارڪنن جي تشدد پسنديءَ واري پاسي کي نگاهه ۾ رکي، انهن جي ڪن مهٽ ڪري ته جيئن سندس ساک پت خراب نه ٿئي. ساڳئي وقت اها به ڇنڊڇاڻ ڪري ته ڪٿي انهن جي صفحن ۾ ڪن ٻين جا ڪانڍيل ماڻهو ته نه گهڙي آيا آهن! اُهي ننڍڙيون پر بنيادي ڳالهيون آهن جن کي نظرانداز نه ڪرڻ گهرجي، ڇو ته سياسي پارٽين ۾ ڊسيپلين نه هئڻ ڪري ڇڙواڳيون وڌنديون آهن ۽ ڇڙواڳ ماڻهو جيڪو ڪجهه ۽ جنهن رفتار سان ڪندا آهن تنهن سان قيادتن جا پٽڪا لهن يا نه پر ڌوڙ ضرور ٿيندا آهن. عمران خان کي لاهور ۾ جيڪا پذيرائي ملي آهي، اُها پذيرائي هن لاءِ غرور نه پر ڌيان، احتياط ۽ سنجيدگيءَ جو سنيهو ثابت ٿيڻ گهرجي. اهو لاهور جتي ماڊل ٽائون واري واقعي چوڏهن انسانن جون زندگيون ڳڙڪايون ۽ جنهن جي بنياد تي طاهر القادري ملڪي سطح تي شريف ڀائرن جو گهيرو تنگ ڪيو. ان لاهور ۾ عمران خان اڄ آزاد مست ۽ الست آهي. هن جا ڪارڪن اڇي ڪاري جا مالڪ بڻجي ويا آهن. انهيءَ لاهور ۾ جڏهن معذور ماڻهن احتجاج ڪيو هو ته پوليس کين لٺيون هڻي ڀڄايو هو. انهيءَ لاهور جي رستن تي جڏهن نرسن احتجاج ڪيو هو ته ڪو انهن کان حال احوال وٺڻ نه آيو پر اڄ اهو لاهور جن چئن مريضن جا لاشا مٽي ۾ دفن ڪري رهيو آهي، تن جي موت جي ذميوارن خلاف ڪا ايف آءِ آر نه ڪٽي آهي. ناليواري کڻي نه پر نامعلوم ماڻهن خلاف ئي ڪيس داخل ٿيڻ گهرجي ها پر هنن سٽن لکجڻ تائين اهڙي ڪنهن به ڪيس داخل ٿيڻ جو اطلاع نه آيو آهي. حقيقت اها آهي ته اسان وٽ جيڪو جيترو ڏاڍو آهي حڪومت ان آڏو اوتري بيوس آهي جيڪو جيتري قانوني ڀڃڪڙين جي طاقت رکي ٿو. قانون ان کي اوتري ئي ڇوٽ ڏئي ٿو. احتجاج، ڌرڻا، هڙتالون انهن سمورن عملن ماڻهن جي رت ۾ رات ڪري ڇڏي آهي. ان ڪري عوام کي بيزار ڪرڻ وارن عملن کان بچڻ جي ضرورت آهي ۽ جدوجهد جا ڪي اهڙا نت نوان لاڙا متعارف ڪرائڻ جي ضرورت آهي، جن سان ماڻهن جي دلچسپي، شوق ۽ اتساهه وڌي. عمران خان جيترو زور ڌرڻن ۽ شهرن بند ڪرائڻ تي ڏنو اوترو زور پنهنجي ڪارڪنن جي تربيت، علمي ۽ اخلاقي بلندين تي ڏي ها ته اڄ صورتحال ڪا ٻي هجي ها!ـ

تحريڪ انصاف چاهي ته هر شهر ۾ وڏا وڏا تعليمي ۽ تربيتي توڙي فڪر انگيز پروگرام ڪرائي سگهي ٿي، جنهن سان ماڻهن ۾ سياست کان بيزاري وارو تاثر ختم ٿئي ۽ عام ماڻهو نظرياتي هٿيار سان اڳتي وڌي. تحريڪ انصاف رعايتي ڪتابي ميلن ذريعي سياست جي افق تي ڪا نئين نواڻ متعارف ڪرائي سگهي ٿي. تحريڪ انصاف هر علائقي ۾ اتان جي ضرورتن آڌار تي ڪي فلاح بهبود جا پروجيڪٽس به هلائي سگهي ٿي. تحريڪ انصاف بدعنوانين، بدانتظامين جا سمورا رڪارڊ مقامي سطح تي منظرعام تي آڻي سگهي ٿي. اها نوجوانن کي ٻڌائي سگهي ٿي ته ادارن ۾ ڪيتريون نوڪريون ڪيئن ۽ ڪهڙي ريت وڪرو ڪيون وڃن ٿيون؟ ادارا ڪيئن ڀڙڀانگ ٿين ٿا ٺيڪن ۾ ڪنهن جا ڀڀ ڪيئن ڀرجن ٿا؟ ترقي جي آڙ ۾ خلق جا ڪيئن ترا ڪڍيا وڃن ٿا؟ تحريڪ انصاف هر ضلعي ۾ ڏهن کان پندرهن ٽيمون جوڙي هنن کي سوشل ميڊيا جي سمورن ذريعن سان ڳنڍي اهڙو ته متحرڪ ڪري سگهي ٿي، جو اُهي تڪ جي چونڊيل نمائندن ۽ ادارن جي هر چرپر جو ڀانڊو ڦاڙي سگهن ٿا! تحريڪ انصاف تعلقي سطح تي لائبريرين جو ڄار وڇائي، عام پڙهندڙن جو ڌيان ۽ همدرديون حاصل ڪري سگهي ٿي. سوال اهو آهي ته اهي ڳالهيون عمران جي ايجنڊائن ۾ به شامل آهن؟

عاجز جمالي

اچو ته تاريخ مان ڪجهه سکون 

منهنجي عمر بنگلاديش کان ٿوري وڏي هوندي. بابا ٻُڌائيندو رهيو آهي ته جڏهن پاڪستان ۽ هندستان جي جنگ هلي رهي هُئي، گهرن ۾ بتيون ۽ باهه ٻارڻ جي اجازت نه هوندي هُئي، (بليڪ آئوٽ هو) اُنهن ڏينهن ۾ تون پيدا ٿيو هُئين. منهنجو اڻ پڙهيل والد به چوندو هو ته بنگالين تي وڏو ظلم ڪيو ويو هو، نه ته پاڪستان ڪڏهن نه ٽُٽي ها ـ

جڏهن اسان هوش سنڀاليو ته دُڪانن تي هڪ پوسٽر لڳل ڏٺو، جنهن ۾ اندرا گانڌي کي ٻڪري ۽ ذوالفقار علي ڀُٽو کي شينهن ڏيکاريو ويو هو. اسان ٻار هُئاسين، اسان جي دلين ۾ ڀارت خلاف نفرت ويهاري ويندي هُئي. صبح جو قطار ۾ بيهي پاڪ سرزمين شاد باد پڙهندا هُئاسين ته اِئين لڳندو هو ته اسان ئي پڪا پاڪستاني آهيون. اسان ٻُڌو هو ته شيخ مجيب پاڪستان جو ڪٽر مخالف هو، اُن لاءِ هو انڊيا سان ملي ويو هو ۽ هُن پاڪستان کي ٽوڙيو. جيئن جيئن وڏا ٿيندا وياسين ڪجهه نيون ڳالهيون ٻُڌڻ لاءِ مليون، مڪتي باهني، حمود الرحمان ڪميشن، جنرل نيازي، نوي هزار پاڪستاني فوجي ڀارت ۾ قيد، شمله معاهدو، جنرل نيازي جو هٿيار ڦٽا ڪرڻ، وغيره وغيره. بابا چوندو هو ته ”انڊيا، بنگلاديش کي آزاد ڪرائي پاڪستان کان بدلو ورتو آهي،“ پر اُنهن پيچيده ڳالهين کي سمجهڻ اُن عمر ۾ وس جي ڳالهه نه هُئي. ڪاليج جي زماني ۾ جوهي (ضلعي دادو) جي ننڍي لائبريريءَ ۾ مون کي هڪ اردو ڪتاب هٿ لڳي ويو هو. ’مون ڍاڪا کي ٻُڏندي ڏٺو‘، اُهو هڪ پاڪستاني جرنيل جو لکيل ڪتاب هو. پوءِ ڪجهه سوال به ذهن ۾ هٿوڙي جيئن لڳڻ لڳا. مثال ٻه قومي نظريو ڇا آهي، جيڪڏهن پاڪستان، ڀارتي مسلمانن جي لاءِ جُڙيو هو ته پوءِ بنگلاديش ڇو ٺهيو؟ ڇا بنگالي مسلمان ناهن؟ صحافت ۾ اچڻ کان پهريان ڪيترائي ڪتاب پڙهڻ سبب اها ڳالهه سمجهه ۾ اچڻ لڳي هُئي.

مان ستن سالن جي عمر ۾ ڪراچيءَ جي اُن رات کي وساري ناهيان سگهيو، جڏهن مون پراڻي ايئرپورٽ تي ڪنهن وٽان اِهي لفظ ٻُڌا هُئا ته ”سنڌين جي حڪومت ختم ٿي وئي.“ اهي لفظ منهنجي اڻ پڙهيل چاچي کي ايئرپورٽ تي ڪو پڙهيل لکيل شهري بابو ٻُڌائي رهيو هو. چاچي کان پُڇيم ته ڇا ٿيو آهي؟ هُن ٻڌايو هو ته مُلڪ ۾ مارشل لا لڳي چُڪي آهي، اسين هاڻ صُبح جو واپس ڳوٺ هلنداسين. في الحال سعودي عرب نٿا هلي سگهون، حالتون خراب ٿي ويون آهن. اسان سعو دي عرب نه وڃي سگهياسين. پوءِ مارشل لا، لانگ بوٽن جي ڪڙڪو، فوجي عدالتون، هر هنڌ فوجي ٽرڪون ڏٺيون. پوءِ هڪ ڏينهن اهڙو اچي ٿو، جنهن ڏينهن پرائمري اسڪول ۾ پڙهڻ واري ٻار جي دل ۾ نفرت جي هڪ چڻنگ دُکي پوي ٿي. نوابشاهه (اڄڪلهه جو بينظير آباد) هي 4 اپريل اوڻيهه سؤ اوڻياسي جو ڏينهن هو، جڏهن مان پنهنجي والد سان نوابشاهه جي موني بازار ۾ ڪپڙن جي مارڪيٽ ۾ هئس ته ڪپڙي جي دُڪاندارن زور زور سان تاڙيون وڄائي خوشيءَ جو اظهار پئي ڪيو، ”ڀُٽو ڪو ڦانسي هوگئي.“ مُنهنجو پيءُ پريشان ٿي ويو. اباڻو ڳوٺ ٻانڌي، نوابشاهه کان ٽيهه ڪلوميٽر پري هو، بابا خريداري ڇڏي اسٽيشن ڏانهن هلڻ لاءِ چيو، اُتان ٽرين پڪڙي، ٻانڌي پهچي وياسين. ڏٺوسين ته بازار ۾ ڪجهه ماڻهو تمام گهڻو خوش هُئا، اُهي مٺايون ورهائي رهيا هُئا. بابا سختيءَ سان منع ڪيو ته مٺائي نه وٺجانءِ، اهي جماعت اسلامي وارا آهن، اُنهن ڀُٽي کي ڦاسيءَ تائين پهچايو آهي. نوابشاهه ۽ ٻانڌي ۾ جشن ملهائڻ وارا اُردو ڳالهائڻ وارا هُئا، ۽ اُهي جماعت اسلامي جا ڪارڪن هُئا. اُتان کان منهنجي ذهن ۾ ٻه قومي نظريي هڪ زوردار هٿوڙو هنيو. ٻيو هٿوڙو پوءِ اُن وقت لڳو، جڏهن سنڌ جي ڳوٺن ۾ لانگ بوٽن جا آواز ٻُڌا. اها ايم آر ڊي (موومينٽ ريسٽوريشن آف ڊيموڪريسي) جي تحريڪ هُئي. ۽ اسان ڪاليج ۾ هُئاسين. ديوارن تي نعرا لکندا هُئاسين، ڇانوڻي نامنظور، ڪالاباغ ڊيم نامنظور، ڄام ساقي کي آزاد ڪريو، جمهوريت کي بحال ڪريو، جنرل ضياءَ کي گرفتار ڪريو وغيره وغيره. شايد اُنهن ئي ڏينهن ۾ حبيب جالب لکيو هو، ’ظلمت ڪو ضيا، صَر صَر ڪو صبا، .... ڪيا ڪهنا‘. مون کي ڳوٺ احمد خان برهماڻي جا سڙيل گهر اڃا تائين ياد آهن، جن جي ٻاهران پوڙهيون عورتون فوجين کي هٿ کڻي بددعائون ڏئي رهيون هيون. ۽ پوءِ جڏهن صحافت ۾ آيس ته سمورين ڳالهين جو ادراڪ ٿيڻ لڳو ـ

مان ايم آر ڊي جي زماني ۾ ئي بلوچستان جي اُن علائقي ۾ ويس، جتي نواب نوروز خان ۽ اُن جي ساٿين جي خلاف آپريشن ڪيو ويو هو. هي ضلعي خضدار جو علائقو زهري هو. مون مير شاهه بيگ خان کي به ڏٺو، جنهن جو سينو گولين سان پروڻ ٿيل هو، پر هو زندهه هو. بلوچن تي آپريشن هر دور ۾ جاري رهيو. اڄ به جاري آهي. بلوچستان هميشه منهنجي دلچسپيءَ جو مرڪز رهيو آهي. اڄ جڏهن مان ڀارتي جرنيل اروڙا سنگهه جي سامهون پاڪستاني جرنيل اي ڪي نيازي جي هٿيار ڦٽا ڪرڻ کي ڏسان ٿو ۽ بنگلاديش جي يومِ آزادي کي ڏسان ٿو ته اِهو ئي نظر اچي ٿو ته باغي شيخ مجيب جو بنگلاديش، محب وطن جرنيلن جي پاڪستان کان بهتر آهي، ۽ اڄ اسان بنگلاديش کان ڪيتري به نفرت ڪندا هُجون، پر تاريخ کي نفرت سان رد نٿو ڪري سگهجي. ۽ نه ئي تاريخ بنگالي قوم جي قربانين ۽ پاڪستاني برانڊ محب وطني جي متوالن جي ظلمن کي وساري سگهي ٿي ـ

باقي بچي ويل پاڪستان ۾ جڏهن بلوچستان ۽ سنڌ بغاوتن جا عَلم کنيو بيٺا هجن، ته ٻه قومي نظريو ڪٿي بيٺل آهي؟ قائداعظم جو پاڪستان ڪٿي بيٺو آهي؟ هتي، نوي هزار جوانن کي قيد ڪرائڻ واري جرنيل کان پُڇاڻو ڇو نٿو ٿئي ۽ عوام جي محبوب ليڊر کي جڙتو ڪيس ۾ ڇو ڦاهيءَ چاڙهيو ٿو وڃي. هڪ هٿين خالي ڇوڪريءَ کي ڌماڪن سان اُڏايو ويو، پر هڪ جرنيل غداري جي ڪيس ۾ به مزا ماڻي رهيو آهي. هڪ صوبي جي رياست، هڪ قوم جي وردي، جرنيل به اُتي جا، ڪرڪيٽر به، اسٽبلشمينٽ به اُتان جي، يا پوءِ نفرت ڀڙڪائڻ وارا اُهي ماڻهو، جيڪي اُوڻيهه سو اٺونجاهه کان اڄ تائين مُلڪ جي اقتدار جا شيئر هولڊر آهن. 16 ڊسمبر باقي بچي ويل پاڪستان جي لاءِ سبق سکڻ جو ڏينهن آهي، نفرت ڪرڻ جو نه!ـ