Saturday 22 November 2014

علي قاضي


                            سنڌ ۾ فوجي آپريشن
                               اربع 23 آڪٽوبر 1991ع

ضلعي دادو جي ٻيلن ۾ گذريل ڪجهه ڏينهن کان ڌاڙيلن خلاف آپريشن هلي رهيو آهي، هن آپريشن ۾ ڪجهه ڌاڙيلن کي گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ ڪجهه يرغمالين کي پڻ آزاد ڪرايو ويو آهي پر اڃا تائين ڌاڙيلن جي ڪنهن وڏي ٽولي سان سڌي جي مقابلي يا ڪنهن بدنام ڌاڙيل جي مرڻ يا گرفتار ٿيڻ جي خوش خبري ماڻهن تائين نه پهتي آهي 
سنڌ جي امن و امان جي مسئلي کي فوجي آپريشن ذريعي حل ڪرڻ کي ڪيترائي جمهوريت دوست ۽ عوام دوست صحيح نه ٿا سمجهن ۽ اسين پاڻ به اهڙي ڪنهن آپريشن کي درست نٿا قرار ڏيون جنهن ۾ انتظامي لائحه عمل سان گڏ سياسي مقصد به هجن پر سنڌ جو هر باشعور ماڻهو ٻهراڙي يا شهري ڌاڙيلن جي خاتمي لاءِ ڪيل آپريشن جي حمايت ڪندو، اطلاع آهن ته ٻهراڙي ۾ ٿيندڙ هن آپريشن سان گڏوگڏ ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ موجود دهشتگردن جي خاتمي لاءِ آپريشن رٿيو ويو آهي ان ڏس ۾ اها ڳالهه ته ڪنهن کان ڳجهي نه آهي ته فوج جڏهن به ڪو انتظامي ايڪشن ڪندي آهي ته اهو سويلين اسٽيٽ فورسز کان جدا طريقي سان ڪيو ويندو آهي، بهر صورت سنڌ جي ٻهراڙين ۾ ڌاڙيلن جي خلاف ۽ شهرن ۾ دهشتگردن جي خلاف فوجي آپريشن ان لاءِ اهم ضرورت بڻجي ويو آهي، ڇاڪاڻ ته اهي ڏوهاري جديد هٿيارن ۽ وڙهڻ جي تربيت رکن ٿا ۽ هنن کي وڙهي ختم صرف اها ئي فورس ڪري سگهي ٿي، جنهن وٽ پاڻ به جديد اسلحو هجڻ سان گڏوگڏ وڙهن جي تربيت هجي، پر گڏوگڏ آئون سمجهان ٿو ته جيڪڏهن ٻهراڙي توڙي شهرن ۾ ماڻهن ۾ اهو احساس ڏيارڻ جي به ضرورت آهي ته هن آپريشن جو ڪوبه سياسي مقصد نه آهي. ڇاڪاڻ ته دنيا ۾ ڪٿي به انتظامي ايڪشن عام ماڻهن جي حمايت ۽ پٺڀرائي کان سواءِ مڪمل طور ته ڪامياب نه ٿيا آهن، سنڌ جي ماڻهن جي حوالي سان عوام کي اعتماد ۾ وٺڻ واري ڳالهه ان ڪري به ضروري آهي ڇاڪاڻ ته ماضيءَ ۾ خاص ڪري 1983ع ۽ 1986ع ۾ انتظامي آپريشن وسيلي ماڻهن جي جمهوري جدوجهد ۽ سوچ کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي هئي ۽ هاڻ جڏهن ته ملڪي ۽ خاص ڪري صوبائي سطح تي حڪومتي تبديلين جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن ته ماڻهن ۾ اها بيچيني وڌڻ جو خدشو آهي ته ڪٿي ٻيهر ته هنن جا بنيادي حق پائمال نه ڪيا ويندا.........؟
دادوءَ جي ماڻهن کي ياد آهي ته ڪيترائي سال اڳ به ڌاڙيلن جي خاتمي لاءِ اتي فوجي ڪمانڊوز آندا ويا هئا، جنهن ڪيتري عرصي لاءِ اتان جي ماڻهن کي هن عذاب مان نجات ڏياري هئي ۽ ان سان گڏوگڏ عام ماڻهو کي عام روايتي اسٽيٽ فورسز جيان ڪا تڪليف نه ڏني هئي، جنهن جي ڪري هتي جي ڳوٺاڻن ان وقت ڪمانڊوز جي پنهنجي وس آهر مدد به ڪئي هئي ۽ هن وقت تائين هنن لاءِ سٺي يادون به رکن ٿا. اطلاعن موجب هن مهل دادوءَ ۾ هلندڙ آپريشن فوجي ڪمانڊوز ڪري رهيا آهن ۽ هتي جي مقامي ماڻهن کي آپريشن ذريعي ڌاڙيلن جي خاتمي جي اميد آهي 

ٻئي پاسي اڃا تائين سنڌ جي شهرن ۾ ڪو باضابطا آپريشن جو آغاز نه ٿيو آهي پر سياسي تجزئي نگارن موجب هاڻ اهڙو قدم شهرن ۾ انٽر ٿي چڪو آهي، ڇاڪاڻ ته ان دهشتگرديءَ جي ’’جن‘‘ کي اگر فوري طور بوتل ۾ بند نه ڪيو ويو ته شايد پوءِ هي ڪڏهن بوتل ۾ وڃي نه سگهي، اطلاعن موجب شهرن ۾ دهشتگرد ايڏا ته منظم ٿي چڪا آهن ته جڏهن منٽن جي اندر هزارين دهشتگرد خطرناڪ هٿيارن سوڌو ڪراچي ۽ حيدرآباد کي مفلوج ڪري سگهن ٿا ۽ اهڙيون خبرون پڻ اخبارن ۾ شايع ٿي چڪيون آهن ته هنن جو سڌي يا اڻ سڌيءَ طرح تعلق ٻاهرين ملڪن جي دشمن قوتن سان آهي، هن پس منظر ۾ شهري علائقن کي به ترجيحي بنيادن تي ’’ڪلين اپ‘‘ ڪرڻ جي ضرورت جو احساس ٿئي ٿو، سنڌ ۾ انتظامي آپريسن ذريعي ڏوهارين جو خاتمو سنڌ جي ٻهراڙي ۽ شهرن ۾ رهندڙ ماڻهن جي ضرورت آهي ۽ اها ڳالهه به ڪنهن کان لڪل نه آهي ته اڄ جو ماڻهو نه ڪو ڌاڙيل ۽ نه ئي وري دهشتگرد کي بچائڻ چاهي ٿو ۽ نه ئي ان سان همدردي رکي ٿو



No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو