Thursday 4 December 2014

مسرور سيال

پاڪستان بند ڪرڻ لاءِ اي بي ۽ سي وار پلان ۽ خدشا!!!

    مسرورسيال


اسلام جي ڊي چوڪ تي هڪ ڀيرو ٻيهر ٿڪل عمران خان آخر ڪار 30 نومبر جو جلسو به ڪري ورتو جيڪو پرامن رهيو رهيو پر ايندڙ ڏينهن ۾ پرامن ماحول بجاءِ چڪتاڻ واري صورتحال پيدا ڪري ڇڏي آهي هاڻ احتجاج ، ڌرڻن ، جلسن بجاءِ ڏنڊي جي زور تي مرحلي وار لاهور ، فيصلاآباد ، ڪراچي کي بند ڪرڻ ۽ آخر ڪار 16 ڊسمبر تي سڄي ملڪ کي بند ڪرڻ جو اعلان ڪري عمران خان سياست کي دشمنيءِ طرف وڃي رهيو آهي جنهن سان وڌيڪ ماحول خراب ٿيندو 16 ڊسمبر پاڪستان جي تاريخ جو اهو بدتر ڏينهن آهي جنهن ڏينهن ملڪ ٽٽو ۽ بنگالي الڳ ٿي ويا هئا ان ڏينهن ملڪ کي بند ڪرڻ جو ڇا مقصد هو پي ٽي آءِ کي اها خبر….. پر پاڻ کي اِها ڄاڻ آهي ته هي سڀ ڪجھه اقتدار جي حوس ۾ ٿي رهيو آهي ، اقتدار جي حوس ته هر اقتدار پرست ڌر کي رهندي آهي پر جھڙي عمران خان کي آهي اها ڪنهن ۾ ناهي ڏٺي وئي ، سندس هي راند ڪنهن سٽي باز جي هٿ ۾ محسوس ٿي رهي آهي اهو سٽي باز به ڪو وڏو سياسي کلاڙي لڳي رهيو آهي جنهن هڪ وڏو رسڪ کنيو آهي هن راند ۾ يا ته هو خزانن جا مالڪ بڻبا يا هٿ مهٽيندي نظر ايندا ……. ڏسجي ته کين ڇا پلئه پوندو …….. پر ملڪ کي هڪ وڏو نقصان رسندو جنهن جو سڌو سنئو اثر عوام تي ئي پوندو جڏهن ته عوام اڳ ئي گھڻو ڪجھه ڀوڳي رهيو آهي ، عمران خان پاران ٿي سگھي ٿو ته احتجاجن جون تاريخون تبديل به ڪيون وڃن تنهن هوندي به ڇڪتاڻ واري صورتحال کي ڪير روڪي نٿو سگھي ۽ اهڙي پيدا ٿيل صورتحال ملڪ ۾ مهذب سياسي طريقي ڪار جي تڏا ويڙھه ڪرڻ برابر آهي سندس پلان سي ملڪ کي بند ڪرڻ هڪ جارحاڻو قدم آهي ، جنهن کي ظاهر آهي ڪابه حڪومت برداشت نه ڪندي ۽ موجوده حڪومت به سندس مقابلي ۾ پلان آڻيندي هاڻي ڏسجي ته حڪومت ڪهڙو پلان آڻي ٿي …….لڳي ائين رهيو آهي ته هاڻ حڪومت به سختي کان ڪم وٺندي ۽ سندس پلان سي کي ناڪام ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندي ، عمران خان موجب سندس پلان سي ناڪام ٿي ويو ته هو پلان ڊي جو اعلان ڪندو ، پلان ڊي ڇا هوندو ، ّاهو آهي ته اپلان سي کان مٿڀرو قدم هوندو ، اهو بغاوت به ٿي سگھي ٿي ، فرض ڪجي اهڙي پلان جو اعلان به ٿي وڃي ته پوءِ ڇا اعلان بغاوت کيس اقتدار ۾ آڻي سگھي ٿو جيڪڏهن سندس اهو پلان به کيس اقتدار جي ڪرسي تي نه پهچائي سگھي ته پوءِ سندس ٻيو ڪهڙو پلان ٿي سگھي ٿو ، ظاهرآهي باقي وڃي بچي ٿو پلان اِي جيڪو پلان ڊي جو ئي حصو هوندو پر بعد ۾ پلان ايف ئي ايندو ۽ ايف آهي ئي ايف ،معنيٰ فيل …….. جيسيتائين پلان ايف جو وقت اچي تيسيتائين هن ملڪ ۾ ڇا ڪجھه نه ٿي گذريو هوندو، اهو هي ته ملڪ مڪمل طور ناڪام رياست سان گڏ ڪمزور ملڪ بڻجي چڪو هوندو هاڻ سوچڻ جي ڳالھه اِها آهي ته ملڪ کي ڪمزور ڏسڻ ڪهڙيون ڌريون چاهين ٿيون جيڪي ڪو وڏو فائدو وٺڻ چاهين ٿيون جنهن سان نه نئون پاڪستان جڙي سگھندو نه وري ڪو پراڻو پاڪستان بچي سگھي ٿو هن ملڪ سان به شام جھيڙو حشر ڪيو ويندو ۽ اهي فوجون اچي لهنديون جيڪي پنهنجي عالمي مفاد جي نالي تي ذاتي مفاد لاءِ ويڙھه ڪنديون ، ۽ عالمي طاقت اهو چوندي نظر ايندي ته پاڪستان ۾ سياسي عدمِ استحڪام آهي جيڪو دنيا لاءِ خطرناڪ آهي ۽ اسين استحقام پيدا ڪرڻ توڙي دنيا کي محفوظ ڪرڻ لاءِ آيا آهيون ۽ سندن پلان اي کان زيڊ تائين استحڪام پيدا ڪرڻو ئي ناهي ۽ پاڪستان مان ٻاهر نڪرڻو ئي ناهي جنهن جو نتيجو هي نڪرندو ته ملڪ جا رهواسي ٻيهر گورن جي حڪومت هيٺ اچي ويندا ، گورا ملڪ جو ڇا حشر ڪندا ، ان جو اندازو افغانستان ، عراق ، شام لبيا مان آسانيءِ سان لڳائي سگھجي ٿو ،اسان جي ملڪ جو حشر عراق جيان ڪيو ويندو جتي شيعه ، سني ، ڪرد جي بنيادن تي ملڪ کي ورهايو ويو آهي ۽ ويڙھه ڪئي وئي آهي ۽ ان ويڙهاند جو فائدو ٺندي اسرائيل جي ايجنسي موساد جا تربيت يافته داعش اچي وري شيعه ، سني ، ڪردن جون گردنون اڏائڻ سان گڏ هر اهو عمل ڪري رهيا آهن جنهن سان انسانيت کي لڄايو پيو وڃي هن پوري صورتحال تي نظر رکڻ کانپوءِ اهو سوچڻ تي مجبور ٿجي ٿو ته هن پوري راند شروع ڪرائڻ ۾ ڪنهن جو هٿ آهي ، ڪٿي پنهنجي راءِ ڪا اهميت نه وٺي سگھي ……. پر حڪومت جو چوڻ آهي ته اِها راند اسرائيل جي اشاري ٿي رهي آهي ، هاڻي ان ۾ ڪيتري صداقت آهي ان جي خبر هڪ حڪومت کي ٻئي پي ٽي آءِ کي ، پر آصف زرداري موجب بگھڙ ڦڙڪيون هڻي رهيو آهي جڏهن ته عمران خان نوازشريف ۽ آصف زرداري کي ڦورو سڏيندي کانئن جان ڇڏائڻ لاءِ نوجوانن کي ڀڙڪائي رهيو آهي ، ڏسجي ته ايندڙ وقتن ۾ سياست ڪهڙو رخ ٿي وٺي سياسي بگهڙ، ڦورو ، عوام جو ڇا حشر ٿا ڪن حالي فلحال عوام ئي وڏي ڌٻڻ ۾ ڦاسڻ وارو آهي ، جيڪڏهن حڪومت ۽ پي ٽي آئي ترت ڳالهين جي ميز تي نه آيا ته پوءِ هن ملڪ جو واهي الله ئي هوندو (نوٽ: ليکڪ جي راءِ سان اداري جو متفق هجڻ لازمي ناهي)


No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو