Thursday 4 December 2014

عرفان عباسي

                                                                       هوشو جي للڪار


بلاول ڀٽو جي سنڌپرستي جي سياست ۽ ڪراچي واري جلسي ۾ ڀڀڪيون ڏيندڙ تقرير ته هڪ بهانو هئي مبصر چون ٿا ته ايم ڪيو ايم کي ڪالهوڪو ڪراچي وارو جلسو هضم نه ٿيو. ايم ڪيو ايم جي تاريخ ڪجهه هن ريت آهي ته ايم ڪيو ايم ڪراچي ۾ پهريون جلسو ڪيو ۽ حيدرآباد ۾ پڻ جلسو ڪيو ۽ ان وقت سهراب ڳوٺ ال آصف اسڪوائر وٽ هنگامو ٿيو هو. جنهن کانپوءِ اردو ڳالهائيندڙ ۽ پٺاڻن جا پاڻ ۾ فساد شروع ٿيا الطاف جو سنڌي ماڻهن جي ويجھو اچڻ ڪري مهاجر پٺاڻ فساد ۾ سنڌين جون همدرديون وري به اردو ڳالهائيندڙ سان هيون. ايئن الطاف حسين نوابشاھ، ميرپورخاص، سکر، لاڙڪاڻو، دادو، مورو ۽ بين شهرن ۾ جلسا ڪرڻ لڳو. اسان ڏٺو ته سنڌ جي هنن شهرن ۾ قومي ڪارڪن هن جو هر هنڌ والهانه استقبال ڪيو. نه رڳو استقبال پر سنڌي ڪارڪنن حفاظتي طور تي هٿيار هٿن ۾ کڻي الطاف جي جلسن ۾ ڏٺاسين. اڳتي هلي اچانڪ پاسو پلٽيو ۽ ڪجھ ٽائيم کان پوءِ سنڌ يونيورسٽي جي سنڌي شاگردن جي هڪ ريلي تي بلديا حيدرآباد جي اڳيان فائرنگ ڪئي وئي. حيدر چوڪ جو نالو بدلائي مهاجر چوڪ رکيو ويو، جيڪو پوءِ مذاحمت تي مٽايو ويو. ايئن اوچتو اوچتو سنڌي مهاجر فساد اڀري سامهون آيا. سنڌي وسندين تي حملا ڪيا ويا. لطيف آباد خالي ڪرايو ويو ۽ سنڌي ماڻهو لطيف آباد مان قاسم آباد ڏي لڏپلاڻ شروع ڪئي. ان وقت بشير قريشي، سينيٽر اعجاز جتوئي سنڌي ماڻهن کي لطيف آباد مان پنهنجي حفاظتي تحويل ۾ وٺي سنڌي وسندين ۾ شفٽ ڪيو. ايسيتائين جو ان وقت متاثر سنڌي ڪيمپن ۾ رهڻ لڳا.  30 سيپٽمبر جهڙن واقعن جنم ورتو ۽ ٻئي ڏينهن ڪراچي ۾ ابراهيم حيدري ملير ۾ سنڌي ماڻهن کي بي ڪفنو ڪري ماريو ويو سنڌ ۾ هڪ باھ ٻري اٿي. ان وقت 1 آڪٽوبر جون اخبارون شاهد آهن يا اڄ به لائبريري مان رڪارڊ کولي چيڪ ڪري سگهجي ٿو ته اخبارن جي مين سُرخي الطاف حسين جي ان بيان جي هئي ته جب تک ايک مهاجر بهي زندھ هي سندوديش نهين بني گا. مان پنهنجي هن ڪالم جي سٽن جون ڳالھ ايل ايم سي جي الطاف حسين جي ان تقرير سان ڀيٽيان ٿو جنهن ۾ هن ايل ايم سي جي اسٽيج تي سنڌو ديش ٺهڻ جي ڳالھ ڪئي سنڌي ماڻهن جا خدشات اڄ ڏينهن تائين ڇو نه نڪري سگهيا آهن جنهن ۾ اردو ڳالهائيندڙ پنهنجو پاڻ کي آجو ڪن. سمجھ ۾ نه ٿو اچي ته اڄ ڏينهن تائين پاڻ کي فاتح سمجهندڙ خبر نه آهي ڇو هن ڌرتي سان ماءُ وارو رشتو نه جوڙي سگهيا آهن هميشه يو پي ۽ سي پي وارن اهي دليل ڏنا آهن ته “سنڌ ۾ تو بلوچ بهي هين پٺاڻ بهي هين” هڪ دور وري 90 واري ڏهاڪي ۾ اهڙو به آيو جو اچانڪ مهاجر قومي مومينٽ متحده قومي مومينٽ ۾ تبديل ٿي ۽ ائين هنن همراهن وري اهو راڳ الاپيو ته بابا اسان مهاجر قوم جو نالو ته ائين ئي استعمال ڪيو هئوسين پر اصل اسين سنڌي ٿي رهڻ لاء تيار آهيون ان ڪري اسان پاڻ کي متحده قومي مومينٽ ۾ تبديل ڪيو آهي. هڪ دفعو وري سنڌ جا دانشور، شاعر، اديب هن جي سحر ۾ اچڻ لڳا ته شايد غلطي اسان جي قوم جي به آهي. جو اردو ڳالهائيندڙ ڀائرن کي ڀلا ڪاڏي ڪبو، هتي ئي رهڻو آهي ۽ هتي ئي جيئڻو آهي هي ڪي گجرانوالا يا گجرات لڏي ته ڪونه ويندا. تنهن ڪري سنڌ جي ڪجھ پڙهيل لکيل ڪريم اهو فيصلو ڪرڻ لڳي ته متحده سان گڏ هلجي هاڻي عمل جي ميدان ۾ بال متحده جي ڪورٽ ۾ آيو پوءِ ٿيو ائين جو الطاف حسين سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ اديب ۽ دانشورن کي خطاب ڪرڻ لڳو ڪراچي پريس ڪلب جي اها شام اڄ به مون کي ياد آهي جنهن ۾ سنڌ جا وڏا وڏا چوٽي جا اديب ۽ دانشور موجود هيا، الطاف حسين ڪڙڪي دار آواز ۾ وڏا وڏا قسم کڻي سنڌ ڌرتي کي پنهنجي ماءُ سمجهي ڪجھ اديب ۽ دانشورن تي پنهنجو جادو هلائڻ ۾ ڪامياب ويو هو. اتي سنڌي اديبن پڻ الطاف حسين کي وڏو خراج تحسين پيش ڪيو. ائين لڳي رهيو هو جيئن اڄ کان پوءِ الطاف حسين سنڌ جي قيادت ڪندو، پوءِ سنڌ ۾ هڪڙو وڏو بحث ڇڙيو هو. محسوس ائين ٿي رهيو هو ته نائين زيرو هاڻي سن ۽ نئون ديرو ٿيندو. هڪ دفعو وري سنڌي ماڻهڻ ايم ڪيو ايم ڏي رخ ڪيو اسان واري دانشورن ۽ ٻين الطاف حسين جي فيور ۾ آرٽيڪل لکڻ شروع ڪيا ۽ 80 واري ڏهاڪي واري سنڌي مهاجر جهيڙي ۾ ڪجھ ماٺار آئي. سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته سنڌي ماڻهن جي ايتري ويجهڙائي جي باوجود سنڌ جي اڪثريت کي اها خدشا هئا ته هي قوم سان ڌوڪو ٿي رهيو آهي. ۽ هي فاتح تي سنڌ تي رهڻ چاهين ٿا سنڌ جي ايلٽ ڪلاس کان وٺي هيٺين ڪلاس تائين هاني سنڌي اهو سوچڻ تي مجبور ٿيا آهن ته يوپي ۽ سي پي وارا سنڌ سان ڌوڪو ڪري رهيا آهن، هڪ دفعي هڪ اردو اخبار جي نامور صحافي بحث ڪندي چيو، آخر سنڌ ڪي لوگ مهاجرون ڪي پيچهي ڪيون پڙين هين جب ڪي يهان سيد بهي تو باهر سي آئي تهي بلوچ بهي آئي تهي سنڌ مين ڪوئي بهي اصلي سنڌي نهين، مون هن کي بي ڌڙڪ جواب ڏنو ته عقل جا انڌا اڄ به سنڌ ۾ چانڊيو، مگسي جيڪڏهن گهر ۾ سرائيڪي ڳالهائن ٿا يا اڄ تائين شڪارپور ۾ پٺاڻن جا ڪي گهر گهر ۾ پشتو ڳالهائيندا آهن پر هنن نيڪ نيتي سان هن ڌرتي کي اپنايو ته ڌرتي کين کي پنهنجي گود ۾ ورتو ۽ اڄ هو ڀلي سڃاڻپ پنهنجي ڪهڙي به رکندا هجن پر هو پناهگير يا مهاجر سڏائيندي پاڻ کي گار سمجهن ٿا، ان تي اردو اخبار جو صحافي منهن خراب ڪري خاموش ٿي ويو. ڳالھ اڃا اتي ختم ڪانه ٿي ٿئي مشرف دور ۾ جڏهن ڄاڻي واڻي ايم ڪيو ايم کي پروان چاڙهيو ويو ۽ ناظمي جو نئون دور نئون نظام متعارف ڪرايو ويو ته هڪ طرف ڪراچي ۽ حيدرآباد کي دهشتگردن جي حوالي ڪيو ويو. سنڌ جي ضلعن جو آپريشن ڪيو ويو. ته ٻئي طرف سنڌ جا ننڍا ضلعا سنڌ جي وڏيرن جي حوالي ڪري کين وڏي رشوت ڏني وئي جيڪا اڳتي هلي سنڌ جي لاء هاڃيڪار ثابت ٿي هڪ طرف ڪراچي حيدرآباد ۾ دهشتگردي جو راڄ قائم ٿيو روپوش گورنر کي گهرائي صاف سٿرو ڪري گورنر هائوس ۾ ويهاريو ويو ضلعن جي ڀڃ ڊاھ ڪئي وئي حيدرآباد کي شهري نظام ۾ آڻي مٽياري ۽ ٽنڊوالهيار الڳ ڪيا ويا. پوءِ به اردو ڳلهائيندڙ کي وڏي تنظيم جو منصوبو پورو نه ٿيو ۽ هو اصل ٽارگيٽ ڏانهن روان ۽ دوان ٿيا، شهيد بينظير ڀٽو جي شهادت کان پوءِ حڪومتي ڊانچو ڪمزور ٿيو پر تيسيتائين مشرف جي پوين اٺن سالن ۾ متحده آمريڪا سان پڪي ياري رکي جناح مرحوم جي مزار تي آمريڪا جي فيور ۾ هڪ وڏو جلسو ڪري اهو باور ڪرايو ته سنڌ ۾ اصلي قوت اسان آهيون، ان سان گڏوگڏ پاڻ کي لبرل ۽ سيڪيولر مڃرائي اينٽي طالبان قوت تسليم ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي چڪي هئي. بينظير جي شهادت کان پوءِ سنڌ جي ماڻهن شايد اهو سمجهيو ته بالو جي ڪُعبن جو رهواسي بينظير جي شهادت عيوض مليل حڪومت شايد سنڌ جي ماڻهن جو درمان ڪري سگهي ٿي پر ٿيو ائين هتان وري گيم ئي ٻي شروع ٿي اسان واري پارٽي چيئرمين زرداري صاحب مفاهمتي راھ اپنائيندي نائين زيرو پهتو. پنهنجي ٽوپي هنن جي مٿي تي ته هنن جي ٽوپي پنهنجي مٿي تي لاهي وڌي ۽ الطاف حسين ان کان پوءِ هڪ اهڙو اعلان ڪيو ته ملڪ جو صدر جيڪڏهن آصف زرداري ٿئي ٿو ته ڪهڙو حرج آهي ۽ ائين آصف زرداري هميشه انهن کي ويجهو رکڻ جي ڪوشش ڪئي. ۽ ان دوران ٻٽو نظام جون ڪهاڻيون هليون وري ختم ٿيون. اها ٻي ڳالھ آهي ته اڳتي هلي جڏهن پيپلز پارٽي کي وري سنڌ حڪومت ملي ته زرداري صاحب وري اڪثريت اسيمبلي ميمبرن جي باوجود ايم ڪيو ايم کي ويجهو رکيو. اتان ايم ڪيو ايم پنهنجي اصل ٽارگيٽ ڏانهن وڌي ۽ قومي اسيمبلي ۾ هنن هزاره ۽ سرائيڪي صوبي جي قرارداد پيش ڪري سنڌ کي الڳ ڪرڻ جا سانباھا ڪيا. هن کان اڳ ٻٽي نظام جي خلاف جڏهن مسرور جتوئي سنڌ جي امڪاني ورهاڱي جي سنڌ اسيمبلي جي قرارداد پيش ڪئي ته ٻئي ڏينهن تي عارف مصطفي جتوئي کي ايم ڪيو ايم جي ميمبر هٿان ڌڪا نصيب ٿيا. ۽ ان کان اڳ جڏهن رات جي انڌيري ۾ بابر اعواڻ سنڌ کي ٽڪرا ڪري ڪراچي ۽ حيدرآباد کي الڳ ڪري روانو ٿيو. ته سنڌي ماڻهن ان وقت بابر اعواڻ جي فيصلي کي رد ڪيو پر ان جي ري ايڪشن ۾ جڏهن سنڌ ٻري اٿي ته صدر صاحب سنڌي ماڻهن جي جذبات جو قدر ڪندي اهو فيصلو واپس ورتو . هن تنظيم سنڌ سان وفا اڃا وڌيڪ تڏهن ڪئي جڏهن هن سرعام بينر ۽ وال پوسٽر هڻايا ۽ سنڌ جي ورهاڱي جو اعلان ڪيو ويو ۽ ان وقت سنڌي ماڻهن جي ٽيسٽ ورتي وئي ته اهي ڪهڙو ري ايڪشن ڪن ٿا. ۽ آمريڪا ۾ ويهي ڪري لنڊن مان ايم ڪيو ايم جي پراڻن اڳواڻن کان پريس ڪانفرنس ڪرايون ويون ته سنڌ کي ٻه ٽڪرا ڪيو وڃي. پر سنڌ کي ماءُ سمجهندڙ ايم ڪيو ايم جي اڳواڻن ان پريس ڪانفرنس کان لا تعلقي جو اظهار ڪندي چيو ته اهو هنن جو حق آهي (تنهنجي رمز سهڻا مان ڇا سمجهان اقرار به آ انڪار به آ) اڄ وري جڏهن بلاول ڀٽو جي سنڌ فيسٽيول کان ويندي هوشو شيدي جي قبر تائين حاضري ڀريندي ايم ڪيو ايم کي للڪاريندي چيو آهي ته سنڌ کي ٽڪرا ڪرڻ جو فيصلو ڪندڙ احمقن جي جنت ۾ رهن ٿا. بلاول ڀٽو جي ان للڪار کي ايم ڪيو ايم دل دل ۾ هونئي بلاول دشمني جو سور سانڍيو ويٺي آهي ۽ ڪالھ هو بلاول ڀٽو دشمني ۾ ڀڙڪي اٿيا ۽ ان سنڌ ماءُ کي هڪ دفعو وري ٽڪرا ڪرڻ جو اعلان ڪيو. سنڌي ماڻهن کي هيسائي رهيا آهن داٻا ۽ دڙڪا ڏئي رهيا آهن ڪيڏي نه ستمگري چئبي ته يو پي اي ۽ سي پي جا هي اصل مهاجر سڏائيندڙ گذريل 25 سالن کان جيئي سنڌ کان وٺي پيپلز پارٽي جي قيادت کي بيوقوف بنائڻ جون ڪوششون ڪندا رهيا آهن. اڄ سنڌ جا ماڻهو وري هڪ دفعو بلاول ۾ آس لڳايو ويٺا آهن ته سنڌ جي وحدت ۽ وار جي خلاف جيڪڏهن بلاول للڪار ڪئي ته سنڌ جو هر ماڻهو بلاول سان سڏ سڏ ۾ ڏيندو ته پوءِ سنڌ جي دانشور سان گڏ وڏيرا ڪريسي ۽ وائيٽ ڪالر سنڌي ماڻهن کي پڻ اعلان جنگ ۽ فيصلو ڪرڻو پوندو جيئن اڳوڻي اسپيڪر ڊاڪٽر فهميدا مرزا ڪراچي واري جلسي ۾ وڏي واقعي چيو ته ”جنگ آ جنگ آ منهنجي توسان جنگ آ پليت پير ڪر پري هي ڌرتي منهنجي ننگ آ“ يا وري ان ڳالھ لاءِ تيار ٿيو جيڪا نارائڻ شيام سرعام چيو هو ته الا ائين مٿي نه ٿئي جو ڪتابن ۾ پڙهجي، هئي سنڌ ۽ سنڌ وارن جي ٻولي.


No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو