Saturday 22 November 2014

سترام مهيشوري

              ٿر ڏڪار: اصل ذميوار ڪير؟
                              سومر 10 مارچ 2014ع


سپت سنڌوءَ جي ڊيلٽا ۾ واقع سنڌ ماتا جي مٿي جي جهومر ٿرپارڪر جي جاگرافيائي بناوت، موسمون، لباس، ٻولي، ڪرافٽ (هٿ جا هنر)، فصل، جهنگلي جيوت، موسيقي نرالي آهي. ٿر کي ڏسڻ ۽ سمجهڻ کان اڳ انهن سمورين ڳالهين ۽ اهڃاڻن Indicators) ) جو خيال رکڻو پوندو.
منهنجو ٿر
ٿرپارڪر جي نالي مان اها ڳالهه نمايان آهي ته اهو ٻن حصن ٿر ۽ پارڪر تي ٻڌل آهي. انگريز راڄ ۾ ڪجهه عرصو پارڪر واري حصي کي ڀارت جي رياست گجرات ۽ باقي ٿر کي وري عمرڪوٽ سان ڳنڍيو ويو هو. دنيا جي ڇهين وڏي ريگستان ٿرپارڪر جو 10 سيڪڙو حصو بئراج ايريا تي ٻڌل آهي، جيڪو رڻ شاخ تي آباد ٿئي ٿو، جڏهن ته 5 سيڪڙو علائقو وري روزانو سوا ڪلو سون جيتري اپت ڏيندڙ ڪارونجهر جي ٽڪرين تي ٻڌل آهي، باقي 85 سيڪڙو حصو ريگستاني يعني وارياسو آهي. اڪثر ماڻهن کي اها خبر ئي ناهي ته ٿر جو هڪ وڏو حصو  عربي سمنڊ سان به لڳي ٿو، جتي ڪنهن دور ۾ 2 وڏا درياءَ سنڌو (هاڪڙي وارو وهڪرو) ۽ سرسوتي ڇوڙ ڪندا هئا. انهن دريائن جي ڇوڙ واري علائقي ۾ عربي سمنڊ تي اڄوڪي ڪراچي بندر کان به وڏو پاري نگر بندرگاهه هوندو هو، وقت جي وهڪرن سان گڏ سرسوتي ندي سڪڻ بجاءِ گم ٿي وئي، جنهن کي اڄ به انجنيئرنگ جي دنيا ۾Missing River ڪوٺيو وڃي ٿو، جڏهن ته ڪڇ جي حاڪم پاران ڌيءَ جو سڱ نه ڏيڻ تان سنڌ جي ان وقت جي حاڪم غلام شاهه ڪلهوڙي وري ڪڇ جي حڪمران کي ”سزا“ ڏيڻ لاءِ اروڙ وٽ بند ڏيئي هاڪڙي وارو وهڪرو بند ڪرائي ڇڏيو. سرسوتي ۽ سنڌوءَ جي منهن موڙڻ بعد 400 سالن کان ٿرپارڪر وارا هاڻ ”فطرت جي بِلي“ آهن.
ٿر جون موسمون:
سڄي ملڪ ۾ 4 موسمون بهار، سرءُ، سيارو ۽ اونهارو ٿين ٿيون، جڏهن ته ٿر ۾ وري قصو ئي ابتو آهي، هتي رڳو 3 موسمون آهن، گرمي، سردي (سيارو) کانپوءِ هتان جي ٽين موسم وري آهي سڪار يا ڏڪار. جيڪڏهن ”کنوڻ کيل“ ڪري ٿي ته ”پلر جي پالوٽ“ ٿئي ٿئي، ماروئڙن منهن تي مرڪون موٽي اچن ٿيون، پر جيڪڏهن ”سانوڻ جو بادلڙو“ رسُي وڃي ٿو ته پوءِ ٿر تي رڳو ”ڪاري ڏڪار جي راڪاس“ جو راڄ هجي ٿو. اڪثر ماڻهو اهو سمجهن ٿا ته رڳو هڪ برسات جون ڪجهه ڇنڊون پوڻ سان ”باغ بهار“ ٿي ويندي ۽ ڪاري ڏڪار جا پاڇولا ختم ٿي ويندا.... ائين ناهي، هڪڙي برسات سان ٿر ۾ مال لاءِ رڳو گاهه پٺو، انسانن جي کائڻ لاءِ کنڀيون، مريئڙو، چڀڙ، چڀڙيون (گدريون) مس ٿين ٿيون، باقي ٻاجهر، گوار، مڱ، تر، ڪورڙ (مانهن) وارن فصلن لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 3 برساتون گهرجن. ٽئين ۽ آخري برسات نه پوڻ جي صورت ۾ ٿر ۾ بيٺل فصل سڪي ۽ سڙي وڃن ٿا، جنهن سان ٿر واسين مٿان ٻج به چٽي بڻجي وڃي ٿو. موسمياتي تبديلين کان متاثر ٿر ۾ سال 2011ع ۾ پيل زوردار برساتن سمورا فصل ساڙي ڇڏيا، سال 2012ع ۾ نارمل برساتون پوڻ ڪري ٿر واسين کي ”اٽي لپ“ مس ميسر ٿي، جڏهن ته 2013ع ۾ وسڪاري جي آخري برسات نه پوڻ ڪري ماروئڙن جا نسري آيل فصل سندن اکين آڏو سڪي سڙي تباهه ٿي ويا. اها ئي حالت مال لاءِ گهربل ”گاهه پٺي“ جي ٿي.
 ٿيڻ ته ائين گهربو هو......
سنڌ مٿان 104سال راڄ ڪندڙ ”غاصب گورن“ ٿر جي نرالي جاگرافيءَ کي سمجهندي اهو اصول طئه ڪري ڇڏيو هو ته 15 آگسٽ تائين 3 برساتون نه پوڻ جي صورت ۾ ٿر ۾ پاڻمرادو ڏڪار ڊڪليئر ٿي ويندو. اهڙو اعلان ٿيڻ شرط تڏهوڪي انتظاميا پاڻ مرادو تحرڪ ۾ اچي ويندي هئي، ڍلن جي وصولي رڪجي ويندي هئي، جڏهن ته ”رليف“ جو ڪم شروع ٿي ويندو هو، انسانن کي کائڻ لاءِ اناج (اڄوڪي دور وانگر 50 ڪلوگرام ڪڻڪ نه) ۽ جانورن لاءِ چاري جو بندوبست ڪيو ويندو هو. سنڌ آرڪائيو کاتي ۾ پيل ٿر گزيٽ جا پراڻا پنا اهڙي شاهدي ڏين ٿا. 1947ع ۾ ”انگريز جي غلاميءَ وارو دور“ ختم ٿيڻ سان گڏ 15 آگسٽ تي ٿر کي ڏڪار سٽيل قرار ڏيڻ وارو اصول/ قانون 11 سالن تائين فائلن ۾ گم ٿي ويو. سال 1958ع ۾ سرڪار کي اوچتو ”قدرتي آفتن“ جو خيال آيو، جنهن بعد ”سنڌ جي قدرتي آفتن کان بچاءُ ۽ امداد وارو ايڪٽ 1958ع (اولهه پاڪستان جو 1958ع جو ٽيٽيهون ايڪٽ ۽ ايڪٽ جي فقري 3 تحت جاري ڪيل مڃيل موثر هدايتون) جي صورت ۾ قانون ۽ هدايت نامو جاري ٿيا. 1971ع ۾ اوڀر پاڪستان جي اسان کان الڳ ٿي بنگلاديش ۾ بڻجڻ باوجود 43 سالن ۾ جيڪا شئي تبديل نه ٿي ته اهو قدرتي آفتن وارو ايڪٽ هو، جيڪو اڄ به پاڪستاني ايڪٽ بجاءِ ويسٽ پاڪستان ايڪٽ لکجي ٿو. انهن قانونن جي روشنيءَ ۾ ٿرپارڪر انتظاميا کي هيل به 15 آگسٽ کان ٿر ۾ رليف جو ڪم شروع ڪرڻ گهرجي ها، انسانن لاءِ کاڌ خوراڪ (ٿر جي اڪثر علائقن ۾ اٽي جون چڪيون به ناهن اڌ قيمت تي ملندڙ 50 ڪلو گرام ڪڻڪ کي ماڻهو ڦڪيندا ڇا؟) صاف پاڻي، دوائن، ٿڌ کان بچاءُ لاءِ گرم ڪپڙن ۽ مال لاءِ چاري جو بندوبست ٿيڻ کپي ها، پر ائين نه ڪيو ويو، خلق کي فطرت جي رحم و ڪرم تي ڇڏيو ويو.
ذميوار ڪير؟
هيلوڪي ڏڪار ۾ رڳو ٿرپارڪر ضلعي ۾ هن وقت تائين 150 معصوم کير پياڪ ٻارڙا مري چڪا آهن، جيڪڏهن نٻل ڳورهارين عورتن توڙي 60 سالن کان مٿي ڄمار وارن بزرگن جي بک ۽ بدحاليءَ وگهي مرڻ جو ڪاٿو لڳايو وڃي ته 15 آگسٽ کان وٺي 10 مارچ تائين اهو انگ سون مان وڌي هزارن ۾ پهچندو، جنهن لاءِ حاڪمن کان اهو پڇاڻو ضرور ڪرڻ گهرجي ته،
 (1) 15 آگسٽ تائين 3 برساتون نه پوڻ جي صورت ۾ ان وقت جي ڊپٽي ڪمشنر مخدوم شڪيل الزمان ٿر کي ڏڪار سٽيل قرار ڏيڻ لاءِ پنهنجي سفارش ڪهڙي تاريخ تي موڪلي هئي؟
(2) ٿر جي ڊي سي جي اهڙي سفارش ڪمشنر ميرپورخاص معرفت وڃڻي هئي، جيڪڏهن ڊي سي کان اهڙي سفارش موڪلڻ وسري وئي يا ڪن ”مصروفيتن“ ڪري ان ۾ دير ٿي ته پوءِ ڇا ڪمشنر ڊي سي کان ڪو پڇاڻو ڪري اهڙي سفارش ڪرائي رليف ڪمشنر کي موڪلي هئي؟
(3) ڊي سي ٿر ۽ ڪمشنر ميرپورخاص پاران موڪليل سفارش پهچڻ کانپوءِ رليف ڪمشنر ٿر کي ڏڪار سٽيل قرار ڏيڻ لاءِ ڪهڙي ”قانوني پيچيدگي“ جو منهن ڏسڻو پيو، جو ان کي ٿر کي ڏڪار سٽيل قرار ڏيڻ ۾ سڄا سارا 7 مهينا لڳي ويا.
(4) سنڌ واسين کي ٻڌايو وڃي ته سنڌ جي قدرتي آفتن واري ايڪٽ 1958ع تي رليف ڪمشنر ۽ صوبائي ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي جي سربراهه عمل ڪندي رليف لاءِ ڪهڙا ڪهڙا اپاءُ ورتا؟ اڌ قيمت تي 25 ڪلو گرام ڪڻڪ في خاندان (5 ڀاتي) ورهائڻ کانسواءِ انهن ٻيون ڪهڙيون سفارشون ۽ تجويزون ڏنيون هيون؟ هيل سنڌ ۾ گرمي پد هڪ ڊگري سينٽي گريڊ تائين ڪري پيو هو، ڇا مسڪين ٿرين کي ٿڌ توڙي ٿڌ سبب ٿيندڙ بيمارين کان بچائڻ لاءِ ڪي اپاءُ ورتا ويا هئا؟
(5) ٿر پارڪر ضلعي ۾ وري ننڍيون ننڍيون رياستون (تعلقا) ٺاهڻ لاءِ عوامي نمائندن پاران هڪ سال کان کيڏ ته کيڏي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ چيلهار کي ڇاڇري کان ڪاٽي مٺيءَ حوالي ڪيو ويو، ڏيپلي کي ڪاٽي اسلام ڪوٽ تعلقي ۾، ۽ ڇاڇري کي وڍي ڏاهلي تعلقي کي ته جنم ڏياريو ويو پر ٿر جي اڪيلي مٺي تعلقي اسپتال کي ضلعي هيڊڪوارٽر جو درجو ڏيارڻ ۾ ڪهڙي رڪاوٽ هئي؟ ننگر پارڪر، ڇاڇري ۽ ڏيپلي جون اسپتالون اڄ به ديهي صحت مرڪز کان وڌي تعلقي اسپتالون ڇو ناهن ٿيون؟ نئين ٺهيل اسلام ڪوٽ تعلقي ۾ هيلي پيڊ ۽ ايئرپورٽ ٺاهڻ لاءِ ته ”وسيلا“ ميسر هئا، پر اتان جي رورل هيلٿ سينٽر کي اپ گريڊ ڪرڻ ۾ ڪهڙي مشڪلات هئي؟ ڏاهلي تعلقي جي هيڊ ڪوارٽر ۾ ته تعلقي اسپتال ته ڇا پر رورل هيلٿ سينٽر به ناهي، ماڻهو اڄ به کينسر رورل هيلٿ سينٽر جا پنڌ ڪن ٿا.
(6) ٿر ضلعي جي 50 سيڪڙو آبادي عورتن تي ٻڌل آهي، جڏهن ته 20 سيڪڙو وري ٻار آهن، 70 سيڪڙو انهيءَ آباديءَ (10 لک انسانن) لاءِ ٿر ضلعي ۾ هڪ گائناڪالاجسٽ يا ٻارن جي بيمارين جو ماهر ڊاڪٽر مقرر ڪرڻ ۾ ڪهڙي قانوني رڪاوٽ هئي؟ صحت کاتي جو سيڪريٽري، ڊائريڪٽر جنرل، ڊائريڪٽر ۽ ڊي ايڇ او اهو ٻڌائي سگهندا ته ڪنهن ماهر ڊاڪٽر کي ”زبردستي يا سزا طور“ ٿر بدلي ڪرڻ بجاءِ ڪنهن ڊاڪٽر جوڙي کي ٿر ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ ڪنهن اين جي او يا ڇاڇري ۾ هلندڙ مشن اسپتال جيان مراعتون آڇيون ويون هيون؟ (ڇاڇري ۾ هن وقت عيسائي برادريءَ جي مالي سهڪار سان شاندار اسپتال کولي وئي آهي، جتي ڊاڪٽر ڊريگو جي گائناڪالاجسٽ نياڻي، نوابشاهه جي نوجوان ڊاڪٽر جوڙي سميت 6 ڊاڪٽر ڪم ڪري رهيا آهن، اسپتال ۾ 10 سالن تائين جي ٻار جو علاج، دوائون ۽ ايستائين جو کاڌ خوراڪ مفت ڏني وڃي ٿي. مختلف اين جي اوز پاران ٿر ۾ ڪم ڪندڙ هڪ درجن ڊاڪٽرياڻين کي 70 هزار کان هڪ لک رپيا پگهار، شهري علائقن ۾ گهر، گاڏي ۽ موبائيل فون ڏنا وڃن ٿا.) هن وقت سنڌ ۾ هزارين ڊاڪٽر ڊگريون هٿن ۾ کڻي روزگار جي ڳولا ۾ آهن، جڏهن ته ٿر ۾ ڊاڪٽرن جون 185 منظور ٿيل پوسٽون خالي پيل آهن، جن کي ڀرڻ وارو ڪير ناهي!
(7) ٿر مان هن وقت 3 ايم اين اي، 5 ايم پي اي ۽ هڪ وزير ايوانن ۾ ٿر جي نمائندگي ڪن ٿا، جن کي ايم اين اي/ ايم پي اي فنڊ مان ساليانو 6-6 ڪروڙ ملن ٿا. ڪئين ڏهاڪن کان ايوانن ۾ پهچندڙ اهي عوامي نمائندا پنهنجن ووٽرن کي اهو ٻڌائڻ جي ”زحمت“ ڪندا ته انهن هر سال ملندڙ 48 ڪروڙن جي ”خطير رقم“ ٿر کي ”گل و گلزار“ ڪرڻ لاءِ ڪٿي ڪٿي ۽ ڪيئن ڪيئن خرچ ڪئي؟
(8) وفاق توڙي سنڌ ۾ حڪمران جماعتن سان تعلق رکندڙ 8 عوامي نمائندا اهو ٻڌائي سگهندا ته انهن پنهنجي تڪ ۾ پنهنجي عوام سان ڪيترو وقت گذاريو ۽ ٿر جي مسئلن تي انهن ايوانن ۾ ڪيترا منٽ ڳالهايو؟ ڪهڙا بل، رٿون ۽ قرار دادون پيش ڪيون ۽ پاس ڪرايون؟
(9) ڪامورن ۽ چونڊيل عوامي نمائندن کانپوءِ ٿر ۾ ٽيون وڏو سيڪٽر سول سوسائٽي (اين جي اوز) جو آهي، ٿر ۾ برسات کانپوءِ اڀري ايندڙ کنڀين جيان اين جي اوز جو وڏو لشڪر لٿل آهي، جن لاءِ ٿر هڪ ”وڏي مارڪيٽ“ آهي، ٿر جي ٽوهن جيان انهن اين جي اوز جا به مختلف ”رنگ روپ“ آهن، ڪي ملٽي نيشنل آهن ته ڪي نيشنل آهن، ڪي ٿر جي نالي ۾ هلن ٿيون ته ڪي وري برادرين جي نالي ۾ ٻانهن ٻيلي بڻجن ٿيون. حالت ته اها آهي جو سالن کان ٿر مان الوپ ٿي ويل ”ميڊيائي اين جي او پهلوان“ به اوچتو ڇرڪ ڀري اٿي ٿر جي درد ڪٿا جا قصا ٻڌائڻ شروع ٿي ويو آهي. انهن عالمي ادارن/ اين جي اوز کي ”زچه بچه“ جي کاڌ خوراڪ ۽ سنڀال لاءِ طاقتور ٽانڪ، مڇر دانيون، صابڻ، ٽوال، کير پياڪ ٻارڙن لاءِ کير ۽ ٻيون گهربل دوائون ملن ٿيون، ڪڏهن اسانجي ڪنهن چونڊيل نمائندي ۽ انتظامي عملدار انهن کان ”عوام دوست ڪارڪردگيءَ“ بابت پڇاڻو ڪيو آهي؟ واضح رهي ته ڪنهن ڊي سي يا ايس پي جي ”اين او سي“ کانسواءِ ڪوبه ادارو يا اين جي او ضلعي ۾ ڪم ڪري نٿي سگهي.
(10) انسانن کانپوءِ ٿوري گهڻي ”پچار“ ٿر واسين جي آمدنيءَ جي ٻئي وڏي وسيلي چوپائي مال جي  ٿي وڃي، ٿر ۾ 50 لک کان وڌيڪ اٺ، ڍڳيون، ٻڪريون ۽ رڍون آهن. اٺ ۽ ڍڳيون اميرن ۽ ٻڪريون توڙي رڍون غريبن جون ساٿي سمجهيو وڃن ٿيون. ڏڪار ۽ گرمين ۽ سردين ۾ رڍن ۾ ماتا، ٻڪرين کي ٻرڪي (جنهن دوران ٻڪري ڊگهي رڙ ڪري مري ويندي آهي) ۽ اٺن ۾ وري کاڄي (خارش) جي بيماري اڀري اچي ٿي، جن جي علاج لاءِ سڄي ٿر ۾ رڳو 17 وٽرنري ڊاڪٽر مقرر ٿيل آهن، جيڪي نه رڳو انهن ڍورن پر مورن، ڪڪڙن سميت مختلف پکين، هرڻن جو به علاج ڪندا آهن، پر هيل شايد هنن دوستن کان به وسري ويو ته ٿر ۾ ڏڪار آيل آهي، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو جو هن وقت ٿر ۾ ٻڪرين ۽ رڍن جا رڳو ڍانچا پيل نظر اچن ٿا.
هاڻ ڇا ڪجي؟
فرانس جي راڻي ماڻهن کي بک مرندو ڏسي پنهنجن وزيرن کان پڇيو هو ته ”هي ماڻهو نٻل ڇو آهن، بک وگهي مري ڇو رهيا آهن؟“ جنهن تي وزيرن ادب مان نِوِڙي چيو هو ته، ”هنن وٽ کائڻ لاءِ ماني ناهي“، جنهن تي راڻيءَ مرندڙ ماڻهن کي ”بيوقوف“ ڪوٺيندي چيو هو ته، ”ماني ناهي ته ڇا ٿي پيو، اهي ڪيڪ کائين!!“
ٿر ۾ هن وقت ڪارو ڏڪار آيل آهي، 15 آگسٽ تائين 3 برساتون پوڻ تائين ٿر ۾ اها ئي حالت رهندي، اهڙي صورت ۾ اسانجي پاليسي سازن کي رڳو ٿر واسين کي هڪ ڀيرو 50 ڪلو گرام ڪڻڪ ”مفت“ ۾ ورهائي اهو نه سمجهڻ گهرجي ته بيمار ٻارن جو علاج ٿي ويندو، انهن کي ننڍي ۽ ڊگهي مدي واري رٿابنديءَ سان اڳتي اچڻو پوندو، جنهن لاءِ ڪجهه تجويزون عرض رکجن ٿيون:
* ٿر ۾ عوامي (اين جي او) توڙي سرڪاري سطح تي ٿيندڙ سمورن فلاحي توڙي ترقياتي ڪمن جي نگراني لاءِ ”ون ونڊو آپريشن“ جي طرز تي ٿر اٿارٽي ٺاهڻ گهرجي ته جيئن مالي توڙي انساني وسيلن جو زيان نه ٿئي ۽ نه ئي وسيلن جي ورڇ ۾ ڪنهن سان ڪا زيادتي ٿئي. انهيءَ اٿارٽي جو چيئرمين توڙي 50 سيڪڙو ميمبر ٿر ڄاوا، عوامي ماڻهو، اديب، تعليمدان، سماج سڌارڪ ۽ 50 سيڪڙو وري عوامي نمائندا ۽ ڪامورا هجن (سازدا جهڙي اٿارٽي ٺاهڻ کي ”اٽي تي چٽي“ سمجهيو ويندو).
* ٿر لاءِ 10 سالن جي اسپيشل پيڪيج جو اعلان ڪيو وڃي.
* ٿر مان ملندڙ ڪوئلي، گرينائيٽ، چائنا ڪلي، گگرال، لوڻ ۽ جڙي ٻوٽين جو ڪاٿو لڳايو وڃي.
* سموريون پراڻيون ليزون ۽ ٺيڪا رد ڪري نون وٺندڙن کي پابند ڪيو وڃي ته اهي گرينائيٽ، چائنا ڪلي، لوڻ جا ڪارخانا ٿر ۾ هڻندا، ان لاءِ ٿر ۾ ڏيپلي تعلقي ۾ سامونڊي پٽيءَ وٽ اسپيشل انڊسٽريل زون ٺاهي سگهجي ٿو.
* ٿر ڪول جي بلاڪ 2 تي ڪم ڪندڙ اينگرو گروپ توڙي ڪول اٿارٽي کي پابند ڪيو وڃي ته اهي ٿر جي هر يوسي جي هڪ هزار جي آباديءُ واري ڳوٺ ۾ رور اوسموس پلانٽ لڳائين.
* ٿر ڪول پاور پلانٽ جي فعال ٿيڻ تائين اينگرو گروپ ٿر ۾ تعلقي سطح تي سولر ۽ ونڊ مل پارڪ ٺاهي ٿر واسين کي مفت بجلي فراهم ڪري.
* ٿر ڪول لاءِ گهربل مائننگ ۽ پيٽروليم مائننگ انجنيئر پيدا ڪرڻ لاءِ اهي مهراڻ يونيورسٽيءَ ۾ پڙهندڙ ٿري شاگردن کي Adopt ڪري سندن خرچ کڻن.
* ٿر جي شهر ڇاڇري ۾ 50 ڪمرن جي مونو ٽيڪنڪ انسٽيٽيوٽ جي عمارت تيار آهي، ڪول اٿارٽي فوري طور تي اتي ٿر ڪول ووڪيشنل ٽريننگ جا پروگرام شروع ڪرائي، اڻ پڙهيلن لاءِ ڊرائيوري، کوٽائيءَ جا ڪورس ۽ پڙهيلن لاءِ شارٽ ڪورس شروع ڪرائي وظيفا ڏنا وڃن.
*  ٿر مان مستقل طور تي ڏڪار ختم ڪرائڻ لاءِ سنڌ سرڪار هڪدم واپڊا سان رابطي ۾ اچي ريڻي فيلڊ ڪئنال پراجيڪٽ مڪمل ڪرائي.
*. مکي فراش وٽان ٿر لاءِ هڪ اسپيشل واهه ڪڍيو وڃي.
*ٿر جي هٿ جي هنرن جي مارڪيٽنگ، سياحت (خاص طور تي ٿر سفاري)، ماڳ مڪانن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ اثرائتا اپاءُ ورتا وڃن. مڊل مين جو ڪردار ختم ڪري ٿر جي هنرمندن کي مختلف سفارتخانن ۾ مقرر ڪمرشل اتاشين ذريعي عالمي مارڪيٽن ۾ موڪليو وڃي.
* سنڌ فيسٽول جيان ٿر فيسٽول ڪرايو وڃي.
* ٿر وارن کي علم جي زيور سان سينگارڻ لاءِ ٿر ۾ ٿر انجنيئرنگ يونيورسٽي، ٿر ميڊيڪل يونيورسٽي، ٿر ايرڊ زون يونيورسٽي سميت مختلف ادارا کوليا وڃن (هن وقت نوشهرو فيروز ۾ يونيورسٽي کولڻ لاءِ سنڌ يونيورسٽي، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۽ شهيد بينظير يونيورسٽي نوابشاهه پاڻ ۾ اٽڪيل آهن، پر اهي ٿر اچڻ لاءِ تيار ناهن).
* ٿر ايئرپورٽ کي ڪمرشلائيز ڪيو وڃي.
* پاري نگر بندرگاهه کي بحال ڪري ٿر ۾ معاشي انقلاب آڻي سگهجي ٿو.
پڇاڙڪا لفظ:
ٿر ڏڪار جي ذميوارن کي رڳو بدلي ڪرڻ ڪا سزا ناهي، واقعي جي عدالتي جاچ ڪرائي ذميوارن کي نوڪرين مان ڪڍي کين ”ترم ياترا“ ڪرائي وڃي.
ٿر ۾ مقرر ٿيندڙ آفيسرن کي پهرين هڪ مهيني تائين ٿر ۾ رهي اتان جي مسئلن کان واقف ڪرايو وڃي. کين ٿري ٻولي ڳالهائڻ سيکاري وڃي، جنهن بعد ڪا مقرري ڪئي وڃي.
حقيقت ڪهڙي به هجي پنهنجن ماروئڙن سان سچ ڳالهايو وڃي.

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو