Saturday 22 November 2014

رخسانه پريت چنڙ

             برابريءَ جي بنياد تي سماجَ جي
                  تعمير ڪڏهن ٿيندي؟
                                 ڇنڇر 08 مارچ 2014ع


اگر تاريخ جا ورق پٺيان ورائي ڏسڻ سان اها خبر پوندي ته، عورت جدو جهد 19 هين صديءَ ۾ ئي موجود هئي. صنفي برابري هجي يا حقن جي حاصلات جي ويڙهه. عورت مسلسل جهيڙيندي  جدوجهد جي ٽِين صدي ۾ داخل ٿي وئي آهي ۽ مختلف محاذن تي پنهنجو آواز بلند ڪري رهي آهي. سڄي دنيا ۾ مختلف ملڪ پنهنجو حڪومتي ڍانچو ڀلي ڪهڙو به رکندا هجن پر ايماندارانه سياسي سوچ ۽ ادراڪ رکندڙ ذهن ان ڳالهه تي متفق آهن ته، دنيا جي هر خطي ۾ صنفي تضاد ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ موجود آهي. اهڙن گهڻي ڀاڱي پدر شاهي سماج ۾ قبوليت حاصل ڪيل تضادن کي واضح ڪرڻ ۽ انهن کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪيتريون ئي عورتون تاريخ جي تسلسل ۾ جدوجهد ڪري رهيون آهن ۽ ڪنديون رهيون آهن. ماضيءَ ۾ ڪيترين ئي عورتن جون تحريڪون تاريخ جي ورقن ۾ ملن ٿيون، جن عورتن پنهنجي حقن جي حاصلات لاءِ نه صرف پنهنجو آواز همت ۽ حوصلي سان بلند ڪيو پر جان جي قرباني ڏيڻ کان به نه ڪيٻايو، انهن ئي جاکوڙيندڙ عورتن کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ کاٻي ڌر جي سياسي طور تي تمام گهڻي سرگرم عورت لوئس زيٽس اها تجويز پيش ڪئي هئي ته، تاريخ ۾ ٿيل عورت جدوجهد  کي ڀيٽا ۽ مڃتا ڏيڻ لاءِ سال ۾ هڪ مخصوص ڏينهن مقرر ڪيو وڃي. جنهن تجويز کي 1910ع ۾ هڪ ٻي انقلابي عورت ڪلاز زيٽڪن ٻي انٽرنيشنل  وومين ڪانفرنس ۾، جيڪا جرمنيءَ جي شهر ڪوپن هيگن ۾ منعقد ٿي هئي، ۾ ايجنڊا طور رکيو هو، جيڪو متفقه طور تي مڃيو ويو. تاريخ ۾ اڪثر عورتن جون تحريڪون مارچ ۾ هلڻ ڪري 8 مارچ کي گڏيل عورتن جي جدوجهد ڀيٽا ڏيڻ لاءِ چونڊيو ويو.
1917ع جي سوشلسٽ انقلاب کان پوءِ اليگزينڊرا ڪولنتاءِ  اها انقلابي عورت هئي، جنهن ڪامريڊ ولادمير لينن اڳيان اها ڳالهه رکي ۽ بعد ۾ ان تي زور ڀريو ته، 8 مارچ تي عورت جدوجهد کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ سڄي ملڪ ۾ عام موڪل هجڻ گهرجي، ان کانپوءِ گهڻو بعد ۾ 1975ع سال کي گڏيل قومن جي اداري UNO عورتن جو سال ڪري ملهايو ۽ 1977ع ۾ هر ملڪ کي پابند ڪيو ته، هو پنهنجي ملڪ ۾ ڪو نه ڪو ڏينهن عورتن جو ڏينهن ڪري ملهائين. اڄوڪي ڏينهن تي اسان انهن سڀني انقلابي ۽ جدوجهد ڪندڙ عورتن کي سلام پيش ڪريون ٿا، جن ميدان جنگ ۾ عملي طرح ۽ تاريخ جا ورق سهيڙڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. عورت جدوجهد جي تاريخ تمام وڏين قُربانين سال ڀريل آهي، برابريءَ جي بنياد تي حق گهرڻ هجي يا ووٽ ڏيڻ جو حق، عورت هڪ وڏي ۽ اڻٿڪ جدوجهد  ڪئي آهي. 1908ع کان شروع ڪيل صنفي برابري ۽ ووٽ جي حق جي جدوجهد تمام وڏين قربانين  کان پوءِ 1920ع ۾ ڪامياب ٿي ۽ عورتن ووٽ جو حق حاصل ڪيو، هن جدوجهد ۾ عورتن سڌو سنئون رياست سان مهاڏو اٽڪايو ۽ سيڪيورٽي فورسز هٿان بيدرديءَ سان ماريون ويون.
اوڻهين صديءَ کان وٺي اڄ جي ايڪيهين صديءَ تائين عورتن جي برابريءَ جي حقن جي جدوجهد جاري آهي، سندن آواز جا پڙاڏا سڄي دنيا مان گُونجن ٿا، يورپ هجي يا آمريڪا، وچ اوڀر جا عرب ملڪ هجن يا ايشيائي خطو، عورت جدوجهد جون مختلف صورتون جتي ڪٿي نظر اچن ٿيون، عورت جدوجهد جي هن تناظر ۾ اگر اسان پنهنجي ڌرتي سنڌ جو جائزو وٺنداسين ته، گهڙي پل لاءِ سوچن  جي اُڀَ تي ڳنڀيرتا جا ڪارا ڪڪر ڇانئجي ويندا، جتي شهري عورت صنفي متڀيد جون هڪڙيون صورتون ڀوڳي رهي آهي، جن ۾ گهر يا گهر کان ٻاهر فيصلا سازيءَ ۾ خودمختيار هجڻ، ملڪيتي ورهاستن جا تضاد ۽ مزدور عورت جو گهٽ اجوري تي ڪم ڪرڻ شامل آهن، ته ٻئي طرف ٻهراڙيءَ وارن علائقن ۾ جاگيردارانه سماجي قدر هجڻ ڪري عورت صنفي تضاد جي انتهائي ڀيانڪ  صورت کي منهن ڏئي رهي آهي. هڪ طرف ڪڌين رسمن ۽ Traditional Taboos تحت کيس ذاتي ملڪيت ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو، عورتن جي زندگي گذارڻ واري حق تي ڌاڙو هڻي کين چار ديواريءَ اندر اُڇليو وڃي، يا ڪٿي وري قبائلي جهيڙن جهٽن ۽ ملڪيتي تضادن کي نبيرڻ لاءِ کيس استعمال ڪيو وڃي ٿو، ڏنڊ طور عورتن جي مٽا سٽا ٿئي ٿي، جن لاءِ سڱ چٽيءَ جهڙو اصطلاح استعمال ٿئي ٿو.
هتي ايئن چئجي ته غلط نه ٿيندو ته، سنڌ جي عورت اڃا تائين پنهنجي وجود جي بقا جي ويڙهه وڙهي رهي آهي، خاص ڪري جاگيردارانه سماج جي عورت ته ٻٽي عذاب کي منهن ڏيندي نظر اچي ٿي، عورت جو آواز گُهٽڻ لاءِ هڪ طرف جاگيردارانه قدر آهن، ته ٻئي طرف مزدور عورت کي گهٽ اُجرت ڏئي يا گهر اندر عورت کان بغير اُجرت ڪم ورتو  وڃي ٿو. تعليم جا انگ اکر جاچبا ته، ان ۾ به واضح طور تي صنفي تضاد نظر ايندو. مرد جي مقابلي ۾ عورت جي لاءِ تعليمي موقعا بنهه گهٽ آهن، جن ۾ اعليٰ تعليم ته ڪي آڱرين تي ڳڻڻ جيتريون عورتون ئي حاصل ڪري سگهن ٿيون. عورتن جو هڪ وڏو انگ اڻ پڙهيل ۽ چوديواريءَ اندر ڦِٽو ڪيل هجڻ ڪري شعور، سياسي سوچ ۽ پنهنجي حقن جي آگهيءَ کان مڪمل طور تي وانجهيل آهي، تمام گهڻو ۽ ٿڪائيندڙ گهرو ڪم ڪرڻ باوجود هن جو رياست وٽ ۽ سماج ۾ ڪو به پيداواري ڪردار نه ٿو جُڙي، ڇاڪاڻ ته اڃا تائين گهرو ڪم کي ڪابه  مڃتا  نه ملي سگهي آهي. سنڌ اندر جاگيرداري سماج ۾ پيدا ٿيندڙ عورت، ذهني توڙي جسماني طرح مڪمل طور تي مرد جي ضابطي ۾ آهي، سندس هر چرپر تي هڪ ڏوهاريءَ وانگر نظر رکي وڃي ٿي، سماجي رشتا نڀائڻ هجي يا شاديءَ جو رشتو ڳنڍڻ، تعليم وٺڻي هجي يا ڪو ٻيو خودمختيار شخصي فيصلو، هوءَ مرد جي اجازت کان سواءِ قطعي به نه ٿي ڪري سگهي.
هن ئي سماج ۾ عورت ملڪيت وانگر تصور ڪرڻ سان گڏوگڏ نام نهاد  (Sign of honor) به آهي، جنهن ڪري اگر اخبارن ۾ ڇپيل خبرن کي ئي ڏٺو وڃي ته، عورت  هر سال سوَن جي تعداد ۾ غيرت جي نالي تي ڪاري ڪري قتل ڪئي وڃي ٿي، سندس قاتلن ۾ مڙس، ڏير، پِيءُ ۽ ڀاءُ سان گڏوگڏ پنهنجو پٽ به شامل هجي ٿو، جنهن جي عمر 12 کان 15 سال به ٿي سگهي ٿي. انهن رشتن کان سواءِ سوٽ، ماسات  به ننڌڻڪي عورت تي ڪوبه الزام ڏئي تذليل ڪري ماري سگهن ٿا، جن کي قانون ۾ تمام گهڻي لچڪ هجڻ ڪري سزائون به نالي ماتر اچن ٿيون، عورتن جا گهڻي ڀاڱي ناحق خون جرڳائي فيصلن جي نذر ٿيو وڃن، جيڪو الڳ سان هڪ وڏو الميو آهي، ڪاريون بڻايل عورتن جون دانهون سڄي سنڌ ۾ گونجي رهيون آهن، سندن خون سواليه نشان بڻجي سڄي سماج جي اڳيان بيٺل آهي.
اڄوڪي ڏينهن تي اسان انهن جيئڻ جا جتن ڪندڙ عورتن کي ڀيٽا پيش ڪندي ساڻن يڪجهتيءَ جو اظهار ڪريون ٿا. اڄ 8 مارچ عورتن جي عالمي ڏينهن تي پنهنجي حقن لاءِ جدوجهد ڪندڙ عورتن کي سلام پيش ڪندي ان ڳالهه کي به واضح ڪريون ٿا ته، عورت سماج جوstructural part آهي، نڪي Architectural Component. ان ڪري عورت جي ڪردار کان سواءِ هِي سماجي ڍانچو ڪڏهن به تڪميل جا مرحلا طئي نه ٿو ڪري سگهي. هنن سماج جي پاڙ تائين پهتل صنفي تضادن ۽ استحصالن خلاف عورتن توڙي روشن خيال مردن کي گڏيل طور تي جدوجهد ڪرڻي پوندي، تڏهن ئي صدين جي پيڙيل عورت کي نجات ملندي ۽ برابريءَ جي بنياد تي سماج جي تعمير ٿي سگهندي

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو