Monday 15 December 2014

الهورايو بوزدار

ڊسمبر کي ’ايڪتا‘ جو مليل نئون عنوان
جمع 06 ڊسمبر 2013ع


جيتوڻيڪ اڃان تائين سنڌ کي سياري جي سِيءَ پنهنجي ڀاڪرن ۾ مڪمل ڀري ناهي ورتو پر ڊسمبر جون ڊگهيون راتيون اچي ويون آهن، ڊسمبر مهيني کي هر ماڻهو پنهنجي نظر سان ڏسي ٿو، عام طور تي ڊگهين سرد راتين واري ڊسمبر مهيني کي حساس دل رکندڙ ماڻهو وڌيڪ محسوس ڪندا آهن، جيتوڻيڪ اونهاري جا ڊِگها گرم ڏينهن به انهن جي دلين ۽ اکين جي احساسن کي ڇُهندا ويندا آهن پر راتين جي تنهائين جا ڏُک، ڏينهن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ وقت تائين دل جي صحرائن ۾ ڀَٽڪندا رهن ٿا، شايد ان ڪري ئي ڪنهن شاعر جو ڊسمبر مهيني لاءِ چوڻ آهي ته 

چاند ڀي تنها، رات ڀي تنها، اور تنها ميري ذات هئ 
ڦر ٽوٽ ڪئ وه ياد آيا شايد دسمبر ڪي رات هئ ـ

ڊسمبر سردين جو نالو به آهي، ته انتظار ۽ اوسيئڙن جو نانءُ به آهي، ان ڊسمبر کي مون شاهه سائينءَ جي رسالي ۾ ڳوليو ته انتظار ۽ اوسيئڙن جي حوالي سان ائين لڳو ته، شايد راڻي ۽ مومل جو رسامو هن مهيني ۾ ٿيو هجي، ڇو ته مومل جي انتظار جي شِدت مان ائين محسوس ٿو ٿئي ته، سندس وڇوڙي جون راتيون ڊسمبر جي راتين وانگر ڊِگهيون هيون. لطيف سرڪار چواڻي ـ

شمع ٻاريندي شب، پرهه باکون ڪڍيون 
موٽ مران ٿي مينڌرا راڻا ڪارڻ رب 
تنهنجي تات طلب، ڪانگ اُڏايم ڪاڪ جا ـ

شاهه جي رسالي ۾ ڊسمبر کي ڳوليندي، مون سنڌ جي جُهوني سُگهڙ فقير ڪريم بخش مڱڻهار کان پڇيو ۽ کيس پنهنجي اها ڳالهه ڪئي ته، مومل راڻي جي داستان جا اُهي بيت جن ۾ انتظار جي انتها آهي، ٽيڙن ۽ نکٽ جو ذڪر آهي، ڇا ان ڳالهه جي عڪاسي ڪن ٿا ته، مومل ۽ راڻي جي وڇوڙي جون راتيون ڊسمبر جون هيون؟ ته هن وراڻيو: وڇوڙي جي هر رات ڊِگهي هوندي آهي، ان حوالي سان هن ٿر جي ڍاٽڪي ٻوليءَ جو هڪ بيت ٻڌايو:

سجن بڇڙي دون هويا مين جاڻان برس پچاس 
بهلي پڇي پرتانان دن مين ڪتنا ماس 

ترجمو: (”سرتي چئي سرتيءَ کي، ته ٻه ڏينهن ٿيا محبوب رُٺو آهي، مان ٿي سمجهان پنجاهه سال ٿيا آهن، تون ٻڌاءِ ته مان ڀُلجان ته نه ٿي؟“)

جنهن ڪري انهن بيتن ۾ ڪتين ۽ ٽيڙن جون ته ذڪر آهي پر متان اها مُندَ ڊسمبر جي نه هجي، پوءِ پڇيومانس فقير ڀلا ـ

سَرءَ نسريا پاند اُتر لڳا آءَ پرين 
مون تو ڪارڻ ڪانڌ سهسين سکائون ڪيون ـ

ان بيت ۾ سامونڊين جي واپس ورڻ جي مُند سياري جي آمد آمد واري لڳي ٿي، ته ڇا ڊسمبر جي ڳالهه آهي؟ چيائين، سُر سامونڊيءَ ۾ سامونڊين جي وَرڻ جي مُند سياري کان ڪجهه اڳ سرءُ جي لڳي ٿي، ته پوءِ ڊسمبر؟ فقير وراڻيو ته، سيارو ته سُر سهڻي ۾ آهي، جنهن بابت فقير هي بيت ٻڌايو ته ـ

سهه سياري رات جا گهڙي وسندي مينهن 
هلو پڇون سهڻي جا ڪري ڄاڻي نينهن 
جنهن کي راتو ڏينهن ميهار ئي من ۾ ـ

هن بيت مان ائين لڳي ٿو ته، سُهڻيءَ جا سُورَ سياري سان سَلهاڙيل آهن، ڊسمبر جتي سرد راتين جو مجموعو آهي، اُتي ڊسمبر مهيني کي شاعرن جو مهينو به چيو ويندو آهي، اڪثر ماڻهو ڊسمبر کي پنهنجو مهينو سمجهن ٿا. ڊسمبر سنڌ جي حوالي سان وڇوڙن جو مهينو به آهي، شهيد سنڌ راڻي بينظير ڀٽو جو وڇوڙو، جيڪو سڄي سنڌ جي اکين ۾ نه سُڪندڙ لُڙڪ ڏيئي ويو. سنڌ جو ناميارو راڳي سرمد سنڌي به اسان کان هن مهيني ۾ موڪلائي ويو، جنهن جا سوين ڳايل ڪلام اڄ به سنڌ جي جَهر جهنگ ۾ گُونجن پيا، ڊسمبر ۾ ڪيئي رنگ روپ ۽ دلڪشيون آهن پر سنڌ ۾ ڊسمبر کي 6 ڊسمبر 2009ع تي نئون نانءُ ۽ عُنوان مليو، جڏهن سنڌ ۾ ڪاوش ۽ ڪي ٽي اين جي سرواڻ علي قاضيءَ سنڌي ثقافت جي مان ۽ مهانتا کي بچائڻ لاءِ ”ثقافتي ڏهاڙو“ ملهائڻ جو اعلان ڪيو، ته سڄي سنڌ پنهنجي ثقافت سان بي پناهه محبت ۽ عقيدت واري لڙي ۾ پوئجي ويئي ۽ ائين پوءِ ڊسمبر جي مقدر ۾ تبديليون اچڻ شروع ٿيون، ثقافت جي ڏينهن اڳتي هلي، سنڌ سان محبت جا نوان باب تاريخ جي صفحن ۾ تحرير ڪيا، سنڌ سان محبت جي ورق تي ڪروڙين ماڻهن سنڌ ۽ سنڌي ثقافت سان پنهنجي محبت ۽ عقيدت جو اظهار ڪيو ۽ سڄي سنڌ ڊسمبر پڄاڻان ڀٽ شاهه ۾ لاکيڻي لطيف جي نگريءَ ۾ گڏ ٿي، هڪ ٻئي سان جُڙڻ ۽ مِڙي مُٺ ٿيڻ جو ثبوت ڏنو ـ

هن دفعي به 8 ڊسمبر تي ”ايڪتا جو ڏينهن“ امن ۽ خوشحاليءَ جي عنوان سان ملهايو پيو وڃي، سڄي دنيا ۾ رهندڙ سنڌي پنهنجي ثقافت جي سِڪَ ۾ سلهاڙجي رهيا آهن، ايڪتا ڏينهن جي آجيان ۽ جاڳرتا جون ريليون، مَچ ڪچهريون، راڳ رنگ جون محفلون منعقد ٿي رهيون آهن، سنڌ جي ثقافتي راندين مَلهه ۽ ڪوڏي ڪوڏيءَ سان ميلا ملهائجي رهيا آهن، ننڍا وڏا هاري ناري ثقافتي لباس اوڍي منهن تي مُرڪون آڻي سنڌ امڙ سان نِينهن نڀائي رهيا آهن، ايڪتا امن ۽ خوشحاليءَ جو ڏينهن ڪري ملهايو پيو وڃي، ان ڏينهن تي سنڌ جا ماڻهو اهو عزم ڪندا ته، پنهنجي وسيلن جي مالڪي ڪرڻ لاءِ سڄي سنڌ هڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿي ويندي ۽ نِڌڻڪائپ ۽ ويڳاڻپ جي حياتيءَ کي الوداع چئي هڪ زنده قوم وانگر دنيا سان گڏ هلڻ جو عزم ڪيو ويندو ۽ دنيا کي لطيف سرڪار جو اهو پيغام پهچايو ويندو ته ـ

سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سُڪار 
دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو