Sunday 14 December 2014

علي قاضي

تبديليءَ لاءِ ڀلا ڪنهن مسيحا جو انتظار ڪجي؟
اربع 22 آڪٽوبر  2008ع

مايوسي ڪفر آهي، ڪاوڙ ڪرڻ حرام آهي، بتال ٿيڻ بيوقوفي، پر اڄ هي مضمون لکندي مايوس به آهيان، ڪاوڙيل به ۽ بتال به. اهو سوچي سوچي بتال آهيان ته ڇا لکي ڇا لکان ۽ ڪٿان شروع ڪري ڪٿي دنگ ڪريان؟ مايوسيءَ جو شڪار ان ڪري ٿيل آهيان، جو لکڻ سان ڇا ڪو فرق پئجي ويندو، جو هروڀرو ويهي پنا ڪارا ڪريان؟ شديد ڪاوڙ ان ڪري پئي اچي ته چوطرف پکڙيل انيڪ مسئلن ۽ مشڪلاتن جو شڪار بڻيل لکين ماڻهن جي آخر داد رسي ڇو نه پئي ٿئي، اهي مسئلا جيڪي اسان سڀني کي نظر پيا اچن، اهي وس وارن جي اکين کان ڇو اوجهل آهن؟ سنڌ جي سوا ٽي ڪروڙ آباديءَ مان لڳ ڀڳ 25 سيڪڙو آبادي هيپاٽائيٽس بي ۽ سي جهڙي موذي ۽ موتمار مرض جو شڪار آهي. هيپاٽائيٽس بي ۽ سي (ڪاري ڪامڻ) مرض جي اگر وقت سر تشخيص ٿي وڃي ته ان جي علاج لاءِ 80 کان 90 هزار روپيا خرچ اچن ٿا. اگر ان مرض ۾ ورتل 75 لک ماڻهن مان، پاڻ اهو فرض ڪريون ته، 80 سيڪڙو مريض، يعني 60 لک مريض 80 کان 90 هزار رپين جو علاج ڪرائڻ جي سگهه رکندا هوندا، تڏهن به اهو سوچي وار اڀا ٿيو وڃن ته، اسانجي صوبي ۾ 10 کان 15 لک ماڻهو هڪ هڪ ڏينهن ڳڻي ڪري پنهنجي موت جو انتظار ڪري رهيا آهن. هي لکين ماڻهو ان ڪري آهستي آهستي موت ڏانهن وڌي رهيا آهن، ڇاڪاڻ ته سندن ڪو ڌڻي سائين ناهي!!؟ هي هڪ وچڙندڙ مرض آهي، تنهن ڪري اهو سمجهڻ به ڏکيو ڪونهي ته غربت جي سطح کان هيٺ رهندڙ هي غريب مريض ڪو احتياط به نه ڪري سگهندا هوندا ۽ هڪ مريض جڏهن هي جهان ڇڏيندو ته پويان ٻه يا ٽي مريض ٺاهي چڪو هوندو. سمجهه ۾ نٿو اچي ته ايترا ماڻهو موت جي ڪنڌيءَ تي بيٺل آهن پر سندن ڪا واهر ڇو نٿي ٿئي؟

سرڪاري انگن اکرن موجب، سنڌ جي ٻن ضلعن ٺٽي ۽ بدين جي سراسري 29 هزار ايڪڙ زمين هر سال سمنڊ ۾ گم ٿئي پئي. اهي انگ اکر هوائي نه پر سرڪاري سروي مان ظاهر ٿيا آهن. اهو سوچي هانءُ ٿو ڦاٽي ته هر چويهن ڪلاڪن ۾ سنڌ جي 80 ايڪڙ زمين غائب ٿيو وڃي، يعني سنڌ 80 ايڪڙ روزاني جي حساب سان سسي ۽ سڪڙجي پئي. ان جو ڪارڻ پاڻ سڀني کي خبر آهي ته دريا جي پاڻيءَ جو سمنڊ ۾ نه وڃڻ آهي. سامونڊي پٽيءَ سان جڙيل سنڌ جي انهن ٻن ضلعن جي 8 تعلقن، جنهن ۾ گهوڙا ٻاري، ڪيٽي بندر، جاتي، شاهه بندر، کارو ڇاڻ، ميرپور ساڪرو، بدين ۽ گولاڙچي تعلقا شامل آهن، 80 ايڪڙ روزاني جي حساب سان سڪڙجي رهيا آهن پر ان ”Missing land“ (غائب ٿيندڙ زمين) واري ڀوائتي مسئلي جي ڪو مالڪي ئي نٿو ڪري. ڇا (خدا نه ڪري) 50 يا 100 سالن کانپوءِ سنڌ جو نقشو مختلف هوندو؟

ملڪ جي قدرتي وسيلن جو 70 سيڪڙو ڏيندڙ ۽ ملڪي ناڻي ۾ 60 سيڪڙي کان وڌيڪ حصو ڏيندڙ امير سنڌ جا ماڻهو ايترا غريب ڇو آهن؟ 10 سال اڳ سرڪاري سطح تي ٿيل سروي موجب، 35 سيڪڙي کان وڌيڪ سنڌ واسي غربت جي ليڪ کان به هيٺ آهن. وڌيل مهانگائيءَ جي ڪري شايد اها شرح هاڻي اڃان به وڌي وئي هوندي پر سندن ڪو به اوهي واهي نه آهي، جو ماڻهو انتظار ڪندي صبر ڪري ته بهتريءَ ڏانهن وکون وڌن پيون ۽ اڄ نه به ته سڀاڻي بهتري ضرور ايندي پر بهتريءَ لاءِ سڀاڻي جو آسرو تڏهن ئي رکجي، جڏهن اڄ اُن لاءِ ڪا رٿابندي ٿيندي نظر اچي ۽ اُن پلاننگ تي عمل ڪرائڻ لاءِ پهرين وک کڄندي نظر اچي. مونکي ياد آهي ته اڄ کان ڏهه سال اڳ 1998ع (نواز شريف حڪومت) ۾ هڪ مضمون لکيو هيم، جنهن جو عنوان هو، ”آهي ڪو جيڪو سنڌ جي واهر ڪري؟“ اُن مهل به منهنجي ذهن ۾ ڪو ابهام نه هو ۽ نه ئي اڄ آهي ته سنڌ جي 75 سيڪڙو دردن جي دوا سنڌ وٽ ئي آهي ۽ اها دوا ڪو مسيحا ٻاهران اچي نه ڪندو، بلڪه جيڪو ڀوڳي پيو ان کي پاڻ ئي مڙسي ڪرڻي پوندي، يعني سنڌ واسين جيئن سور پنهنجا ڪيا آهن، اُئين ئي حل به پنهنجا ڪرڻا پوندا ـ

ڪجهه هفتا اڳ لکيل پنهنجي مضمون ”ائين ممڪن آهي“ جي ڇپجڻ کانپوءِ ٻئي ڏينهن هڪ ٻيو مضمون لکندي ڏسي مونکان هڪ ساٿي ورڪر پڇيو ته، ”تڪڙ ۾ ٻيو مضمون پيا لکو ڇا؟“ ته مون کيس موٽ ۾ مرزا غالب جو هي شعر پڙهي ٻڌايو ـ

قاصد ڪئ آتئ آتئ خط اِڪ اور لکهه رکون
ميڻ جانتا هون وه جو لڪهيڻ گئ جواب مين

”ائين ممڪن آهي“ عنوان هيٺ لکيل مضمون کانپوءِ مختلف دوستن جا مضمون، خط ۽ ذاتي رايا پڙهڻ ۽ ٻڌڻ لاءِ مليا. اُنهن سمورن دوستن جا خيال ۽ رايا احترام لائق آهن ۽ سواءِ هڪ اڌ جي، اڪثريت ان خيال جي نظر آئي ته ڪجهه نه ڪجهه ضرور ٿيڻ کپي. سو ڏهن سالن جي ”نيٺ ڇا ڪجي؟“ واري بحث کانپوءِ اگر سوسائٽي ان نقطي تي متفق ٿي آهي ته ڪجهه نه ڪجهه ضرور ٿيڻ کپي ته به ان کي هڪ مثبت تبديلي قرار ڏيڻ گهرجي. باقي اها تبديلي ڪٿي ۽ ڪيئن اچي سگهي ٿي ۽ ڪير آڻيندو، ان بابت بحث ۽ غور و فڪر جاري آهي. اتي عرض اهو ڪندو هلان ته ڀلي اسانجا پڙهيل ڳڙهيل حضرات وڌيڪ ڏهاڪو سال بحث ڪري وٺن، سيمينار ۽ ڪانفرنسون ۽ گڏجاڻيون ڪوٺائي وٺن پر ڳالهه پڌري پٽ پئي آهي ته اسانجي 75 سيڪڙو کان وڌيڪ مسئلن ۽ دردن جو سبب اسانجي حڪمرانيءَ (Governance) سان جڙيل آهي ۽ اها بهتر صرف تڏهن ٿي سگهي ٿي، جڏهن اسانجو سياسي ڪلچر بهتريءَ ڏانهن تبديل ٿئي. سو ڳالهه ڀلي ڪٿان به ڦيرائي گهيرائي آڻبي ته اها سمجهه ۾ ايندي ته سياسي ڪلچر ۾ تبديليءَ کانسواءِ ڪنهن ٻئي حقيقي مثبت تبديليءَ جي خواهش حقيقت پسندي نه سڏبي. جيستائين اهو سوال آهي ته اها تبديلي ڪيئن ٿي اچي سگهي، ته ان جا ظاهري طرح ٻه طريقا دُنيا ۾ ڏٺا ويا آهن، هڪ عوامي انقلاب جي ذريعي اقتدار حاصل ڪري يا ٻيو طريقو اليڪشنز وسيلي حاصل ٿيل عوامي مينڊئيٽ ذريعي حڪمراني وٺي ڪري، يعني ٻنهي صورتن ۾ تبديليءَ جا خواهشمند/حامي جيستائين پاڻ اقتدار ۾ نٿا اچن، تيستائين عوامي خواهشن پٽاندڙ تبديلي ممڪن نٿي ٿئي. اسان وٽ ڪو انقلاب اچي ۽ ڪهڙي نظريي هيٺ اچي، اهو ڪيترو ممڪن آهي يا نه، ان تي آئون تبصري کان پاسو ٿو ڪريان، جو ماضيءَ ۾ انقلاب لاءِ پنهنجيون جوانيون ارپيندڙن مان ڪيترائي منهنجا ذاتي دوست به آهن. تنهن ڪري آئون نٿو چاهيان ته اُنهن جي دل آزاري ٿئي، باقي اليڪشنز ذريعي تبديلي هڪ Doable (ٿيڻ جوڳو) طريقو آهي پر ان گس تي هلندي ڪاميابي ڪو هڪ شخص وٺي نٿو ڏئي سگهي، بلڪه ان ڊگر تي منزل جي حاصلات لاءِ هر اُن شخص کي مڙسي ڪرڻي پوندي، جيڪو تبديليءَ بابت شعور رکي ٿو ۽ پنهنجي زندگيءَ ۾ معياري تبديلي چاهي ٿو. عام طرح اسان وٽ چونڊن جي سڄي عمل ۾ عوام کي مختلف ليڊر/سياسي پارٽيون اهو درس ڏين ٿيون ته توهان صرف چونڊن واري ڏينهن تي اچي اسانکي ووٽ ڏئي گهر وڃي سمهي پئو، اسين اقتدار ۾ اچي توهانجا سڀ مسئلا حل ڪري ڇڏينداسين، پر پاڻ اهو ڏٺو آهي ته ان سياسي/اليڪشن ڪلچر مان ماڻهن کي ڪجهه به نٿو وري. سو ووٽ ڏئي گهر وڃي سمهي رهڻ واري سولي فارمولي کي رد ڪري اگر چونڊن واري پراسيس کي حقيقي تبديلي وارو فارمولو بنائڻو آهي ته سنڌ جي ووڪل ڪلاس کي ان اليڪشن پراسيس کي اپنائڻو/ (Own) 
ڪرڻو پوندو ـ

اسانجي ووڪل ڪلاس کي سمجهڻو پوندو ته اليڪشن ڪو شاديءَ جو ڪاڄ ناهي، جنهن ۾ ماني، ٽڪي غرض ته هر قسم جو بندوبست گهوٽ يا ڪنوار جي خاندانن کي ڪرڻو هجي ٿو ۽ دعوت جي سڏ تي آيل ماڻهن جو ڪم رڳو اچي ماني کائي، پوئي جا پيسا ڏئي هليو وڃڻ هجي ٿو، باقي انهن جي ٻي ڪا ذميواري ناهي هوندي. بدقسمتيءَ سان اسان وٽ ڀوتارن اليڪشنز کي به شاديءَ جو ڪاڄ بڻائي ڇڏيو آهي، جنهن ۾ اليڪشن اميدوار گاڏيون موڪلي ماڻهن کي پولنگ اسٽيشنز تي آڻي انهن کي ماني کارائي، چانهه پيئاري، (ڪن صورتن ۾) ڪجهه خرچي ڏئي، ووٽ وٺي گهر موڪلي ٿو ڇڏي. توهان اڪثر ڏٺو هوندو ته چونڊن ۾ اميدوار ووٽرن يا انهن ووٽرن جي چڱن مڙسن کي ڪيئن ووٽ ڏيڻ لاءِ منٿون ڪري رهيا هوندا آهن، ظاهر آهي ته اها منٿ ميڙ، لکن ڪروڙن جو خرچ ڪري اقتدار ۾ اچي عوام جي چڱائيءَ لاءِ ڪو ماڻهو ڇو ڪندو؟ توهان اگر ڪنهن ماڻهو/ماڻهن جي ڀلائي ڪرڻ چاهيندا هجو ته اُن کي وڃي منٿ ميڙ ڪري کيس ايلاز ڪري پيسا ڏئي ڇو راضي ڪندا ته ”مهرباني ڪري مونکي خدمت ڪرڻ جو موقعو ڏئي!“ ظاهر آهي ته اها هڪ احمقاڻي 
(Sense Less)
 ڳالهه آهي. ساڳئي ريت اگر ووڪل ڪلاس جي چونڊ پراسيس ۾ اچڻ واري ڳالهه مان ڪنهن دوست کي اها غلط فهمي ٿي آهي ته هو ڪنهن هڪ فرد طور چونڊ وڙهي رهيو هوندو ته اهو تاثر غلط آهي، ڇاڪاڻ ته ان تڪ ۾ هو هڪ فرد نه پر ووڪل ڪلاس چونڊ وڙهي رهي هوندي ـ

هڪ چونڊ تڪ ۾ 20 کان 25 هزار ووٽن تي چونڊ کٽي سگهجي ٿي. سو ان انگ کي نظر ۾ رکندي هڪ آئيڊيا ڏيڻ لاءِ مختلف وقتن تي مون مختلف انگ اکر آئيڊيا جي سمجهاڻي خاطر ڏنا هئا. مثال طور؛ ووڪل ڪلاس جا 600 ماڻهو ڪنهن تڪ ۾ في ماڻهو 50 ووٽ پنهنجي اميدوار کي وجهرائي ٿو ته اهو 30 هزار ووٽ کڻي ڪامياب ٿئي ٿو پر اگر ڪٿي 250 ووڪل ڪلاسي 100 ووٽ وجهرائي سگهن يا 100 ووڪل ڪلاسي 250 ووٽ وجهرائي سگهن ته به ڳالهه ساڳئي آهي ۽ اڪثر تڪن تي 25 هزار ووٽن تي اميدوار ڪامياب ٿي سگهن ٿا ۽ اگر ڳالهه سمجهڻ لاءِ بنهه سادي ڪجي ته اسان وٽ بلدياتي چونڊن ۾ هڪ ڪائونسلر 700 کان 1000 ووٽ سراسري طور کڻي ٿو. سو اگر هڪ تڪ ۾ ڪائونسلر يا ڪائونسلر جيتري ساک رکندڙ 20 کان 30 ووڪل ڪلاسي گڏ ٿين ته 20 کان 30 هزار ووٽ وجهرائي سگهن ٿا. سو سمجهڻ اهو گهرجي ته سنڌ جي شهري علائقن تي ٻڌل مختلف تڪن تي مختلف حالتون آهن. ان لاءِ هر هنڌ انگ اکر مختلف ئي هوندا پر ڳالهه صرف بنيادي آئيڊيا جي آهي، اگر اهو سمجهه ۾ اچي ٿو ته هروڀرو انگن اکرن جي هڪ جهڙي هجڻ نه هجڻ سان ڪو فرق نٿو پوي. ساڳئي ريت ووڪل ڪلاس جو اميدوار تبديليءَ جو اهڃاڻ هوندو. ڇا اُن تڪ جا ٻيا اهڙا ووٽر نه هوندا، جيڪي انفرادي طور پاڻ اهڙي اميدوار لاءِ پولنگ اسٽيشن تي ووٽ وجهي ايندا ـ

ڊاڪٽر ايوب شيخ تازو پنهنجي مضمون ۾ ڪاٿو لڳائي چيو آهي ته ووڪل ڪلاس جي اميدوار کي چونڊ وڙهڻ لاءِ 23 لک رپيا گهربل هوندا. آئون ان ڳالهه سان اتفاق نٿو ڪريان ۽ اگر اسين شهري تڪن جو جائزو وٺنداسين ته پولنگ اسٽيشنز ايترو پري نٿيون هجن، جن تي پهچڻ لاءِ لکين رپيا خرچ اچي ۽ اگر دوست ان سڄي معاملي جي 
Spirit (روح)
 کي اڃان سمجهڻ جي ڪوشش ڪري ته کيس به نظر ايندو ته سندس اهو 
 Estimate 
(ڪاٿو)
 درست ناهي ۽ جيئن مٿي ذڪر ٿي چڪو آهي ته اهو چونڊ عمل ڪو ان اميدوار جو شادي/ ذاتي ڪاڄ ته هوندو نه، بلڪه اُن تڪ ۾ تبديلي چاهيندڙ هزارين ماڻهو اگر اليڪشن کي پنهنجو ڪاڄ سمجهندا ته تمام ٿوري خرچ تي، جيڪو پڻ ڪنهن هڪ فرد يا ڦوڙي ڪري ڪرڻ کانسواءِ ٿي ويندو.

ڊاڪٽر ايوب اهو به لکي ٿو ته ووڪل ڪلاسي اميدوار خلاف روايتي اليڪشني قوتون وغيره سڀ گڏ ٿي ان کي ناڪام بنائڻ لاءِ زور هڻنديون. اهو نقطو آئون اڳ م به ڳچ ڀيرا لکي چڪو آهيان ته چانديءَ جي پليٽ تي سون جي چمچي سان تبديليءَ جو حلوو کائڻ لاءِ ته ڪير به نه ڏيندو. اهو فيصلو ووڪل ڪلاس جي ماڻهن کي ڪرڻو آهي ته جمود ۾ رهي سموريون اذيتون ۽ پريشانيون برداشت ڪندا رهڻ چاهين ٿا ته سندن مرضي ۽ اگر تبديلي چاهين ٿا ته تبديليءَ جي راهه ۾ ايندڙ مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ جو حوصلو به ڌارين، جيئن ڪنهن اردو شاعر لکيو آهي ـ

ڪها مين اونٽ پر بيٽھون، ڪها تم اونٽ پر بيٽھو
ڪها ڪوھان ڪا ڊر هئ، ڪها ڪوھان تو هوگا ـ
ساڳئي ريت  ـ
ڪها مين نظام ڪو بدلون، ڪها تم نظام ڪو بدلو
ڪها بھوتار ڪا ڊر هئ، ڪها بھوتار تو هو گا 

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو