Saturday 22 November 2014

ماڪن شاھ رضوي

                                ولهون، ويلا 
             !...   واءُ جوڳين جهليا جيءَ تي
                   خميس 20 مارچ 2014ع


گذريل سال 2013ع ۾ ملڪ جي موسميات کاتي وارن (ماهرن) جڏهن ڦُوڪَ ڏني هئي ته، هيل تمام گهڻيون برساتون پونديون، ايتريون جو سنڌ جا ماڻهو 2010ع جي دريائي ٻوڏ ۽ 2011ع جي برسات ۽ ايل بي او ڊي سم نالين واري تباهي به وساري ويهندا. ان ڪري سرڪار اڳواٽ بچاءُ لاءِ اپاءُ وٺي ۽ ان ڦوڪَ پروگرام نه رڳو عام اڳ ستايل ماڻهن کي ڊيڄاريو هو پر سنڌ سرڪار به ڊپ ۾ وٺجي اڳواٽ اپاءُ وٺڻ لاءِ خزاني جا منهن کولي ڇڏيا هئا. (پوءِ انهن ڏوڪڙن جو ڪو حساب ڪتاب وري ظاهر نه ٿيو، اها ٻي ڳالهه آهي) پر موسميات کاتي جي ماهرن جي ان شوشي کي 90 سالن جي پوڙهي مائيءَ بکاٽ اهو چئي رد ڪري ڇڏيو هو ته، ”ابا! هيل مينهن ڪونه وسندا. ڪارو ڏڪار ٿيندو، ڇو ته ”کنوي وياه ته وڃي ڏياه“ يعني جي ويساک مهيني ۾ کنوڻ ٿي، ڪي چار ڪڻيون وٺيون، ته ان سان مِينهن ڏيهه مان هليو ويندو، اصل ڪونه وسندو، پر جديد سائنسي دور ۾، انهن وڏڙن جي ڳالهه تي ڪير ٿو ڌيان ڏي. سو برابر نه ڪو ڀرپور مينهن وٺا نه سُڪار ٿيا، ۽ ٿر ۾ ڪارو ڏُڪار ڪاهي پيو، پهرين مور مُئا، پوءِ ڍور مُئا ۽ نيٺ بک ۽ اُڃَ وگهي هيستائين جي خبرن موجب، 150 کان مٿي معصوم ٻارڙا به حياتي هاري ويا. ميڊيا تي خبرون آيون ته، سرڪار کي به سڌ پئي ته، سکي ستابي سنڌ جو ڇٽ ڌڻي سنڌ جو وڏو وزير به ٿر پهتو. پهرين ته، ڪامورن، سائينءَ کي به ”ليکو“ ڏنو. پر نيٺ سائين سمجهي ويو ته، همراهه نوڪرين کي بچائڻ لاءِ هٿ پير پيا هڻن، سو آخر سڄي ڊويزن جي ڪامورن کي هيٺ مٿي ٿيڻو پيو. پر اهو عمل به حالتن جو علاج ته ڪونهي. بدلي ڪامورن جو ڏاج هوندي آهي. اصل ڳالهه مسڪين ماڻهن جي وات تائين رُکي سُکي ماني ۽ اگهائيءَ لاءِ دوا پهچائڻ آهي. اهي غريب مسڪين ٿري مارو ماڻهو جيڪي مُرشد لطيف جي دور ۾ جن واهوندن ورڻ جي مُند ۾ خوش هوندا هئا، ڇو ته ٻاجهر، گوار، جوئر، چنئورا، ڇانهيون، پچي پونديون هيون، ڪڻڪ بئراج واري ڀاڱي کان اڳ به ايندي هئي ته هاڻي به اچي ٿي.
جيتوڻيڪ مرُشد لطيف واري دور ۾ سنڌ ۾ ڪو بئراج سسٽم ڪونه هو، ڪڻڪ يا ساريون ۽ ٻيا فصل ڪلهوڙن پاران کوٽايل واهن، يا کوهه تي لڳل نارن ۽ هُرلن جي پاڻيءَ تي ٿيندا هئا پوءِ به کوٽ ڪانه ٿيندي هئي. سنڌ ازل کان ئي زرعي ملڪ آهي پر هاڻي ته بئراج جو پاڻي، جديد مشينريءَ تي پوکيون لبيون، ڳاهيون ويندڙ نيون جنسون، تيز رفتار گاڏيون، پڪا رستا، مٺي دريائي پاڻي پهچائڻ جون پائيپ لائينون، الاءِ ته ڪهڙيون ڪهڙيون سهولتون به موجود آهن. پر ٿر جو معصوم ٻارڙو وري به بک ۽ اڃ ۾ مري ٿو. ڪير ورهاست ڪري؟ ڪير انهن تائين امداد پهچائي، هر ڪو ڊپٽي ڪمشنر به عبدالقادر منگي ته ناهي، جيڪو جهنگ جهر جيپ ڊوڙائيندو، عام غريب ٿري ماڻهوءَ جي مسئلن کي سُلجهائيندو ۽ سندن ذهنن مان صدين کان ويٺل سرڪاري ڪامورن ۽ پوليس جو خوف ڪڍي.
ٿرپارڪر ضلعو اڳ مٺي، ڏيپلو، ننگر پارڪر ۽ ڇاڇري تعلقن تي پکڙيل رهيو ۽ هاڻ هڪ وڌيڪ پنجون تعلقو ڏاهلي جوڙيو ويو آهي. سڄي ٿر ۾ اهم وسندين تائين روڊ رستا به آهن. يونين ڪائونسل سطح تي به ڪڻڪ ورهائجي سگهجي ٿي. حڪمران ڀلي منرل واٽر پيئن پر ”واهه“ جو پاڻي ته مسڪينن جو حق آهي. اهو به پهچائي سگهجي ٿو. تريل مڇيون، ڪُڪڙ، ڪوفتا، بريانيون، غريب ٿريا ڪونه ٿا گهرن. هو رُکي ماني ساڳ سان به کائي جيئڻ جا جتن ڪري سگهندا آهن. نه ڪميٽين جي ضرورت آهي، نه لٺ ڌڪي جي، بس انسانيت جي ساڃاهه رکندڙ ڪوبه خدا جو بندو اها ورهاست ڪري سگهي ٿو. رڳو ان لالچي ٽولي کان پناهه گهرجي، جيڪو بکئي جي وات جو گرهه ۽ بيمار جي دوا ۾ به اکيون اڙايو ويٺو آهي. اهو سچ آهي ته، بي ايمان جي بک ڪڏهن به نٿي لهي پر جي حاڪم اک ڏسڻ واري هجي، نظر رحم واري سان گڏ نظرداري هجي، ته منافق مفادي ٽولو ويجهو به ڪونه ايندو. حياتي ۽ حڪومت سدائين نٿي هلي، سک سدا نه رهيا، ته ڏک به هميشه ڪونه رهندا پر نالو اهڙن حاڪمن جو تاريخ جو حصو بڻجيو وڃي. وزير اعظم نواز شريف مٺيءَ ۾ هڪڙو جملو چيو ته، ”آئون ماني ڪونه کائيندس. ان مانيءَ جو خرچ غريب بکين ڏکين ٿرين کي ڏيو“. هن جا اهي اکر ڪو مڃي نه مڃي پر عام غريب بک ۾ ورتل ماروءَ جي من تي ضرور لکجي ويا هوندا. ائين جيئن هڪ آيل اها خبر ته، مڇي، ڪوفتا، تڪا، بريانيون، به مڙسن مزا وٺي کاڌا.
شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو فرزند ۽ پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري به مٺيءَ ۾ موجود رهيو، جيڪو هن ڏکئي وقت ۾ غريب ماڻهن لاءِ آٿت ۽ اميد آهي. ڪاش پاڻ ڪجهه ڏينهن مٺي ۾ وڌيڪ اچي رهي پوي، ته گهٽ ۾ گهٽ ٿر جي عام ماڻهوءَ تائين امداد تيزيءَ سان پهچي سگهي ٿي، نه ته لطيف چواڻي:
ولهون، ويلا، واءُ، جوڳين جهليا جِيءَ تي،
اِجهو ري الله ڪونهي ڪاپڙين جو

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو