Saturday 22 November 2014

ممتاز بخاري

                           ٽي شخص-ٽي ادارا
                    اربع 09 اپريل 2014ع


ڊاڪٽر اديب رضوي-سوٽ:
روهڙي اسٽيشن جي ڳتيل پارڪنگ ايريا ۾ هڪ ڪيري وين اچي بيٺي، ٻه ٽرينون هڪ ئي وقت هجڻ سبب ماڻهن جي پيهه هجڻ باوجود انگريز دور ۾ ڪشادي انداز ۾ ٺهيل اسٽيشن تي انبوهه وڌڻ باوجود پريشانيءَ ۾ ڪو به ورتل ڪونه هو، سواءِ ان حيرانيءَ جي، جنهن مون کي ائين پڪڙيو هو، جيئن ڪو ضرورت مند قُلي مشڪل سان مليل سامان کي سوگهي انداز ۾ پڪڙي ڏاڪڻيون چڙهندو هجي. ڪيريءَ مان لهندڙ شخص جي مٿي جا اڇا وار اسٽريٽ لائيٽ جي روشنيءَ ۾ ائين پئي لڳا، ڄڻ ڪنهن معصوم ٻارڙيءَ جا پشمي وار هجن. روشنيءَ ۾ مرڪندڙ چهرو ڊاڪٽر اديب رضويءَ جو نظر آيو. ساڻس گڏ ڊرائيور ۽ هڪ ٻيو همراهه هئا. ڊرائيور کي اتان ئي واپس موڪليائين ۽ پاڻ ڏاڪڻيون چڙهي اسٽيشن ڏانهن هليو ويو. مون ان ڏينهن ڊاڪٽر اديب کي پنهنجي بلڪل ويجهو پهريون ڀيرو ڏٺو هو. مان سڌو ڪيري وين جي ڊرائيور وٽ وڃي کانئس پڇيو، ”ڊاڪٽر صاحب جي فلائيٽ ليٽ ٿي وئي ڇا، جو ٽرين ۾ وڃي پيو!!“ ڊرائيور جو چوڻ هو ته جڏهن کان سکر ۾ سوٽ (S.I.U.T) ٺهيو آهي، تڏهن کان هفتي يا پندرهين ڏينهن ڊاڪٽر صاحب ايندو رهي ٿو ۽ اهو سدائين ٽرين جي وڌ ۾ وڌ لوئر اي سي ڪلاس ۾ سفر ڪندو آهي، هتان اسپتال تائين وين يا ويگن ۾ ويندو آهي ۽ واپسيءَ تي اڪثر سکر ايڪسپريس ذريعي ويندو آهي، تيستائين سوٽ ۾ مريض ڏسندو رهندو آهي.
سوٽ بابت ته لڳ ڀڳ هر ماڻهوءَ کي ڄاڻ هوندي، جي نه ته انهن سڀني کي هوندي، جيڪي بُڪين/ گُڙدن ۽ يورولاجي وارن مسئلن سبب ان سينٽر ۾ ايندا آهن. ان لاءِ دعويٰ سان چئي سگهجي ٿو ته اهڙن ماڻهن جو تعداد گهٽ ۾ گهٽ لکن ۾ هوندو. سکر ۾ سوٽ کي شروع ٿئي ٻه چار سال مس ٿيا آهن، پر معصوم شاهه جي مناري سامهون ڇٻلاڻي اسپتال ۾ صبح جو ٽين وڳي کان نمبر وٺڻ لاءِ ماڻهو اچن ٿا. ڪي ته ڳوٺن مان اچي هڪ ڏينهن اڳ شام جو سمهي پون ٿا ۽ اهو پڻ ته هر ماڻهوءَ کي انتهائي توجهه سان پنهنجي نمبر تي چڪاسيو وڃي ٿو. ڪنهن جا ڪپڙا ميرا آهن يا ڪو مرسڊيز مان لٿو آهي، هتي انهن ۾ ڪوبه فرق نظر نٿو اچي. سو اهو سوٽ (S.I.U.T) رڳو سکر ۾ ناهي، پر ڪراچيءَ ۾ به آهي ته ڪراچيءَ ٻاهران توهان کي ٺٽي واري پاسي کان ايندي ٻاهر پهاڙي پَٽن واري علائقي ۾ به نظر ايندو.
اهو پاڻ سڀ ڄاڻون ٿا ته گڙدن ۽ يورالاجي وارا علاج ڪيترا مهانگا آهن. سکر جي نئين پنڊ پاڙي ۾ رهندڙ، گڙدن جي بيماري ۾ ورتل ريلوي جي ملازم وحيد جي اکين ۾ وحشت ان ڪري آهي، جو هو مُنو ڪروڙ پاڻ تي ڪڏهن به خرچ نه ڪري سگهندو ۽ هو موت جي انتظار ۾ دروازي ۾ تڪيندو رهندو آهي ۽ ان دروازي مان جڏهن سندس پيرسن پيءُ ۽ اسڪول کان واپس ايندڙ ٻارڙا بيگ ڪلهن تي کڻي ڪمري ۾ داخل ٿيندا آهن ته هن جي ڪهڙي ڪيفيت هوندي، شايد ان شخص جهڙي جيڪو پٽڙيءَ تي اوچتو ڪري پئي ۽ هن جو اڌ ڌڙ ٽرين هيٺان اچڻ وارو هجي، اهڙن هزارين ماڻهن کي زندگيءَ ڏانهن واپس وٺي سندن چهرن تي ٻار جهڙي مرڪ ڏيڻ وارو ادارو سوٽ آهي. اندازو ڪريو ته ڪيترا ڪروڙ هر مهيني مفت علاج لاءِ خرچ ٿين ٿا. اهڙي اداري جو سربراهه ڊاڪٽر اديب رضوي آهي، هو ته هڪ عظيم شخص آهي ئي پر هن جو ادارو هاڻ هر ماڻهوءَ جو ادارو بڻجي چڪو آهيماڻهو هن تي اعتبار ڇو ٿا ڪن؟ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جي گهر واري ميڊم قمر عباسي، ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جو پيار مان ٺهيل ”سرمد جو گهر“ وڪڻي ان جا سمورا پيسا جيڪي 65 لک هئا، اهي ڊاڪٽر اديب رضويءَ جي حوالي ڇو ڪيا، اهو آخر ۾ ٻڌايون ٿا!
نثار احمد صديقي- سکر آءِ بي اي:
ويهين صديءَ جي نوي واري ڏهاڪي جي اڌ ۾ هڪ ڪمري اندر آءِ بي اي جو وجود عمل ۾ آيو. اهو ڪمرو سکر جي مشهور اسڪول سکر پبلڪ اسڪول ۾ هو ۽ زماني جي بد انتظامي، ڪرپشن ۽ لاپرواهين جي هوائن گهلڻ سان ان سڪول مان حاضريون ۽ داخلائون ڇڻڻ لڳيون. لڳو ڄڻ ته اهو اسڪول بند ٿي ويندو، ڇو ته ان پٺيان سياسي نيتون ۽ وڏا وات هئا، جن جا پلاٽن لاءِ پيٽ ڀربا ئي ناهن. نيٺ اسڪول بچي ويو ۽ ان جو انتظام سال ٻه اڳ سکر آءِ بي اي جي حوالي ٿيو. رڳو اها ڳالهه ٻڌي وئي ۽ پهرين سٽ ۾ اسڪول ۾ داخلا جي واڌ رڳو درجنن ۾ نه پر سَوَن ۾ وڌي وئي-  ڇو؟ ان ڪري جو اهو اسڪول هڪ اهڙي اداري جي انتظام هيٺ آيو، جيڪو ان جي ڪُک مان ئي جنم ورتل هو ۽ اهو ادارو سکر ته ڇا، رڳو پوري سنڌ نه، پرڏيهه ۾ به ناماچاري رکندڙ آهي، جنهن کي سکر آءِ بي اي سڏبو آهي. ان جو بنياد ان ڪاموري وڌو هو، جيڪو سکر ۾ ڪمشنر به هو ۽ ڪامورڪي ڏينهن ۾ ان بابت روايتي ڀڻ ڀڻ به ٿيندي هئي، جيڪا ڪيئن به هئي، پر ان شخص جڏهن سکر ۾ آءِ بي اي برپا ڪيو ته هڪ ڏهاڪي اندر ان اداري ايتري ترقي ڪئي، جو ان جو ائين تصور ڪرڻ ممڪن ئي نه هو. پر ان جو تصور ئي ٻيو ٺهيو ته بنا ڪرپشن ۽ ڌنڌي جي، وڌيڪ مضبوط ۽ سگهارو ادارو ٺهي سگهي ٿو،
سکر آءِ بي اي جيڪو سڄي ملڪ ۾ انهن ادارن مان هڪ آهي، جيڪي ”ٽاپ رينڪ“ رکن ٿا، جتي پڙهائي ۽ انتظام هڪ اهڙي نظام هيٺ اچي ويا آهن، جن کي ٽوڙڻ هاڻ شايد ٺاهيندڙن جي به وس ۾ ناهي. مون اها ڳالهه ڪيترن ئي دوستن سان به ڪئي ته آءِ بي اي ۾ اهل ۽ باصلاحيت نوجوانن جي تعليم مفت ۾ آهي ۽ انهن جو تعداد چاليهه پنجاهه سيڪڙو آهي. ڪجهه دوستن ٽوڪون ڪيون ۽ تڏهن مان لکڻ کان لنوائي ويس، پر ان ڏينهن مون آءِ بي اي جي رجسٽرار زاهد کنڊ صاحب کان معلوم ڪيو ته سندس چوڻ هو ته ستاويهه سئو جي لڳ ڀڳ پڙهندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين جو سٺ سيڪڙي کان مٿي تعداد اسڪالر شپ/ ايڊاپٽيشن تي آهي ۽ ڪيترن کي بورڊنگ جي سهولت به آهي. ان کان پوءِ مون ڪئلڪيوليٽر کنيو، سورنهن سئو کان مٿي شاگردن جي سالياني هڪ لک سٺ هزار کان مٿي في اهي پاڻ نه ٿا ڀرين ۽ اها ڇويهن ڪروڙ روپين تائين رقم ادارو اسڪالرشپس يا وري ڪجهه سرنديءَ وارن وسيلي حاصل ڪري رهيو آهي، اها ڳالهه مون هڪ وڏي واپاريءَ سان ڪئي ته هن چيو ته منهنجو نالو ظاهر نه ڪريو، ٽن هوشيار شاگردن لاءِ مون به مدد ڪئي آهي. هن ٻڌايو ته پرڏيهه مان به ائين مدد ٿئي ٿي ۽ ان جو ڪارڻ نثار احمد صديقي ۽ آءِ بي اي جي سسٽم تي ماڻهن جو ويساهه ۽ اعتبار آهي. ان اداري ۾ ڪم ڪندڙ ملازمن جون پگهارون به ڪنهن گهٽ ناهن. جديد انداز جا ڪلاس رومس، لائبريري وغيره کان سواءِ پڙهائڻ جا جديد انداز ڏسي حيرت ضرور ٿئي ٿي.
گمس -رحيم بخش ڀٽي:
اڃان سکر ۽ خيرپور ۾ صحت جي حوالي سان ايڏيون سهولتون نه هيون (جن جو حال سرڪاري ۽ خانگي طور هاڻ به پورو سارو آهي) تڏهن گمبٽ جهڙي پوئتي پيل علائقي ۾ هڪ ماڻهو اڳتي نڪري آيو، ڊسپنسري ۾ ڪم شروع ڪيائين، اڄ اتي گمبٽ انسيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنس (گمس) قائم آهي، جتي غريبن ۽ اميرن لاءِ هڪ جهڙيون سهولتون آهن. دل جي عارضي لاءِ ڪنهن ڪيٽيءَ جو هاري به ساڳي اينجيوگرافي ڪرائي ٿو، جتي ان ڪيٽيءَ جو مالڪ ڪرائي ٿو. چون ٿا ته ان اداري جي هڪ سخت مخالف کي ڪجهه وقت اڳ ان اداري جي ڪري زندگي ملي وئي، نه ته اهو ڪراچيءَ ويندي درازا ئي ٽپي نه سگهي ها. ان اداري لاءِ جنهن ماڻهوءَ ڏينهن رات هڪ ڪيو، ان کي سڄو تر ”ڀَٽِي صاحب“ چوندو آهي ۽ ان جو نالو رحيم بخش ڀَٽِي آهي. فوج مان رٽائرڊ ڪيپٽن ڊاڪٽر رحيم بخش ان سرڪاري گمبٽ ڊسپينسري ۾ ڪم ڪيو، جيڪا بعد ۾ تعلقي اسپتال ٿي ۽ سندس انتظامن ۽ يقينن ڪجهه ماڻهن جي سهڪار سان اڄ اهو هڪ ادارو آهي، جنهن کي گمس چون ٿا ۽ رحيم بخش ڀٽي ان جو ڊائريڪٽر آهي. ان اداري ۾ باءِ پاس به ٿئي ٿو ته گڙدن جو علاج به ٿئي ٿو، برنس وارڊ به ٺهي پيو ته بون ميرو لاءِ به ڪوششون هلندڙ آهن. اهڙي ليبارٽري به آهي، جيڪا شايد اهڙن علائقن ۾ تصور ڪرڻ به ڏکيو آهي. هي ادارو ڏورانهن علائقن کان ايندڙ روزانو ٽي چار سئو ماڻهن جو ڀرجهلو آهي. سنڌ اندر اهڙا ٻيا ادارا ۽ شخص به ڪم ڪندڙ هوندا، پر ان جي ڀيٽ ۾ سرڪار جي انتظامي حالت ڏسي ائين لڳندو آهي، ڄڻ انسان جو روح به ٿر جي ڪاري ڏڪار جو سٽيل آهي. انهن ادارن ۾ به گهٽ وڌايون هونديون پر ان جا نتيجا ايڏا عاليشان آهن، جو ڪجهه خرابيون ان ۾ لڪي وڃن ٿيون. ان ڪري حيرانگي ٿيندي آهي ته ڪي فرد ايڏا ادارا هلائي سگهن ٿا ته آخر حڪومت ڪرپشن ڇڏي سٺي حڪمرانيءَ وسيلي سڄي سنڌ کي هڪ جهڙيون سهولتون ڇو نٿي پهچائي سگهي!
اعتبار- !
اهي ادارا انهن شخصن جي ڪري ان ڪري ڪاميابيءَ سان هلي رهيا آهن، جو ”ڏيندڙ“ شخصن جي هٿن کي اعتبار آهي ته انهن جو استعمال صحيح ٿي رهيو آهي. ڪڏهن ڪڏهن ان ڪري خيال ايندو آهي ته ڪي سخي ماڻهو سرڪار کي ٽيڪس به ان ڪري ناهن ڏيندا، جو انهن جي گورننس ۽ نيت ايڏي خراب آهي، جو قانون تي عمل ڪرڻ کان ماڻهن جو ارواح کڄي وڃي ٿو. پر اهڙا ادارا ڏسي روحن کي راحتون ملن ٿيون ۽ اهو ئي ڪارڻ آهي ته ماڻهو انهن ادارن ۽ شخصن جي اکيون ٻوٽي مدد ڪندا آهن، ڇو ته اهي ٻين جي مدد ڪري رهيا هوندا آهن.
mumtazbukhari@hotmail.com

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو