Saturday 22 November 2014

مسعود لوهار

     ڪونه ٻيو ڪرمي جيڏو تو جهان ۾
                          اڱارو 14 جنوري 2014ع


”۽ اسان تنهنجي ذڪر کي بلند ڪري ڇڏيو آهي“ سوره الم نشرح جي هن آيت دنيا ۾ ٿيندڙ سڀني ذڪرن ۽ داستانن مٿان الله تعاليٰ جي مهر ثبت ڪري ڇڏي آهي ته الله تعاليٰ کان پوءِ دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ تعريف جو لائق جيڪڏهن ڪو آهي ته اهو مڪي جي پٿريلي زمين تي ٻڪريون چاري وڏو ٿيندڙ اسان جي نيڻن جو ٺار، بُک ۾ پيٽ تي پٿر ٻڌي الله جي حضور ۾ شڪر ڪندڙ رحمت اللعالمين، نوڙت ڪندڙ، وڙ ڪندڙ، يتيمن جو اوهي، غلامن جو داتا، بشارتون ڏيندڙ، الله سائينءَ جي بنفس نفيِس زيارت ڪندڙ، سُٺن نالن وارو ، مديني جو مير حضرت محمد صلي الله عليه وَ آلهِ وسلم جن ئي آهن. سندن حُسن ۽ وڙ جا  ترانا دنيا جي سَوين ٻولين ۾ آهن. دنيا جا لکين ڄاتل ۽ اڻڄاتل شاعر، فلاسافر ۽ ليکڪ پنهنجي فصاحت ۽ بلاغت سان سندن مدح سرائيِءَ ۾ مصروف آهن. پر بقول فارسيءَ جي عظيم شاعر مولانا عبدالرحمٰن جاميءَ جي ته؛
لايمڪن الثناء ڪما ڪان حقهه،
بعد از خدا بزرگ توُ هي قصه مختصر
(بيشڪ الله سائينءَ کان سواءِ توهان (صه) جي ثناءَ جو حق ڪير ادا نٿو ڪري سگهي. خدا کان پوءِ بس توهين (صه) ئي آهيو، ڳالهه ختم!)
لطيف سائين فرمايو؛
جکري جيهو جوان، ڏسان ڪونه ڏيهه ۾
مُهڙ مِڙني مُرسلين، سرس سندس شان
فڪان قاب قوسين او ادنيٰ، اِيءُ مُيسر ٿيس مڪان
اِيءُ آگي جو احسان، جنهن هاديِ ميڙيم ههڙا
سُهڻا اهڙا، جو سندن چهري جي روشنيءَ سان ٺُپ اونداهيءَ ۾ بيبي عائشه رضي الله تعاليٰ عنها وڃائجي ويل سُئي ڳولي لڌي. نفيس ايترا، جو سندن جسم تي ڪڏهن مک نه ويٺي. سندن پگهر جي خوشبوءِ کٿوري ۽ مشڪ کان وڌيڪ هئي. ايتري تائين جو ڪيئي عاشق سندن پگهر مبارڪ کي ڪو زمانو عطر جي طور استعمال ڪندا رهيا. هلندا هئا ته ڄڻ زمين ويڙهجي ٿي وئي. مجمعن ۾ بيٺا هوندا هئا ته پري کان نمايان لڳندا هئا. سندن نيڻ مبارڪ وڏا هئا. سندن ڇاتي ويڪري، هٿن مبارڪن جون آڱريون ماسيريون هيون ۽ ڏند مبارڪ سُهڻا هئا. بيهقي، ترمذي ۽ طيالسي حضرت علي سائينءَ جن روايت ڪن ٿا ته، مون سندن جهڙي حسين ۽ جميل هستي نه پهرين ڪڏهن ڏٺي ۽ نه پوءِ. پاڻ سڳورا صه جي مسڪرائيندا هئا ته روشنيءَ جي تجلي وانگر آسو پاسو چمڪي پوندو هو. 
مغربي فلسفين، خاص طور نئٽشي ۽ برگسان، باوجود ان حقيقت جي ته اھي مذھب ۾ يقين نه رکندا ھئا، ڪامل انسان ۽ انسانيت جي اعليٰ ترين مرتبي جي ڳالھه ڪئي آھي. نئٽشي جو Overman ۽ برگسان جو Elan به انسانيت جي ڪمال  ڏانھن اشارا آھن. جيتوڻيڪه نئٽشي جو  Overman ڪجهه منفيت ڏانھن مائل آھي پر ھو ڳالھه ڪري ٿو اھڙي انسان جي، جيڪو پنھنجي قوت سان موجوده  قدرن کان اڳتي نڪري ۽ انسانذات جي خامين مٿان حاوي ٿي وڃي. ڳالهه آھي انسانِ ڪامل جي! الله جي حقيقي نائب جي! اهڙي طرح مولانا رُومي ۽ علامه اقبال پڻ انهيءَ نقطي کي نهايت تفصيل سان ذڪر هيٺ آندو آهي. علامه اقبال چيو؛
بمُصطفيٰ برسان خُويش را، ڪه دين همه اُوست
اگر به نه اُو رسيدي تمام بولهبي است
(پاڻ کي مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم وٽ پُهچاءِ، ڇو جو ديِن سراسر اُهي ئي آهن. جي تون اتي نه پُهتين ته باقي سڀ ابولهبيت آهي.)
انساني تاريخ ڪيترن ئي عظيم هستين جي  مثالن سان ڀري پئي آھي، جن ڌرتي ۽ انسانن تي پنھنجي فڪر ۽ عمل سان اڻمٽ ڇاپ ڇڏي آھي. پر سڄي دنيا جا مفڪر ۽ جديد دؤر جو فھمِ عام (Common Sense) ان ڳالھه تي متفق آھي ته انسانيت جي ڪمال تي جي ڪو پھتو ته اھو عرب جو يتيم ٻڪرار، جيڪو بک وگھي پيٽ تي پٿر ٻڌي ھلندو ھو، جيڪو دشمنن سان احسان ڪندڙ، يتيمن جو ڀرجھلو، سخي، بيپناھ حيا وارو ۽ نوڙت ڪندڙ   ھو. 
هر ڀلي کان ڀلو، آ ٻيو ڪو ڪڻون
جي آ انتها ۽ ڪماليت جو مثال
ته مُطلب  جو پوٽو، آمنه جو لال
مبينٌ مطيعٌ مشهودٌ نذيِر
نبيٌ اميٌ ڪريمٌ بشِير
سڀئي رنگ خوشبوءِ پوريون ٿيون
زمين تي جو آيا ته بهارون ٿيون
اٿي يار اوٺِي ڪرهي کي ڪڏاءِ
مديني جي مرسل صه جو ماڻهو سڏاءِ
مائيڪل ھارٽ پنھنجي ڪتاب ”تاريخ جا سئو عظيم ماڻھو“  (The 100 Most Influential Persons in History)  ۾ انساني تاريخ جي ھزارن سالن دؤران دنيا جي سڀني عظيم انسانن جي ڪردار ۽ دنيا تي انھن جي اثر جو ڪاٿو لڳائي رينڪنگ Ranking))  ڪئي آھي. 1978ع کان ھو لاڳيتو اھا رينڪنگ ڪندو اچي پيو ۽ ڄاڻايل ڪتاب جا ڪيترائي ايڊيشن پڻ ڇپجي چڪا آھن. سندس رينڪنگ ڪيل لسٽ ۾ سڀ کان مٿي جنھن ھستيءَ جو نالو آھي، اُھي محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وآلھِ وسلم جن آهن.
سکن جي پيشوا گُرو نانڪ حضور سائينءَ جن جي ثناءَ ۾ چيو آهي ته؛
جسي نور محمدي ڊٺي نبي رسول
نانڪ قدرت ديک خودي گيو سب ڀول
(مون محمد صلي الله علي وسلم جي نور مان ڪئين نبي ۽ رسول پيدا  ٿيندي ڏٺا، اي نانڪ خدا جي قدرت ڏس، آئون پنھنجي خودي وساري ويٺو آھيان.)
سندس ٻيو دوھو آھي ته ،
محمد صه من تُو، من ڪتابان چار
من تو اڪ خدائي نون خاصا جس دربار
(محمد صلي الله عليه وسلم کي مڃ، چئن ڪتابن کي مڃ ۽ مڃ ان خدا کي، جنھن جي خاص درٻار آھي.)
فرانس مان ڇپيل ھسٽوئير ڊي لا  ترڪي ۾ مشھور مؤرخ لامارتين جو لکڻ آھي ته، ”جيڪڏھن وڏي آدرش، ذريعن جي ٿورائي ۽ غير معمولي نتيجا انساني جينيئس جا ٽي اھم معيار آھن ته پوءِ ڪير آھي جو  جديد تاريخ ۾  ڪنھن شخصيت کي محمد صلي الله عليھ وسلم سان ڀيٽڻ جي جرئت  ڪري؟ فلسفي، مقرر، پيغمبر، قانوندان، نظرين جو فاتح، عقيدي کي مضبوط ڪندڙ، 20 کن زميني شھنشاھتن ۽ ھڪ روحاني شھنشاھت جو بنياد وجھندڙ... اھي آھن حضرت محمد صلي الله عليه وسلم.  مان اھو پڇان ٿو ته ڪير آهي جو محمد صلي الله عليه وسلم کان عظمت ۾  مٿي هجي؟“
صوفين ۽ عارفن جو اھو چوڻ آھي ته پاڻ صلي الله عليه وسلم سڀني مذھبن جي ڪسرت پويان بنيادي وحدت جي تجديد ۽ تڪميل ڪرڻ آيا ھئا.  جي ايم سيد پنھنجي ڪتاب ”ديارِ دل، داستانِ محبت“  ۾ پنھنجي صوفياڻن تجربن ۽ تعليمات جي حوالي سان لکيو آھي ته کيس سنڌ جي عظيم مفڪر علامه آءِ آءِ قاضي کان  اھا ئي تعليم ملي ته اسلام  ڪثرت مذاھب پويان بنيادي وحدت کي پروڙڻ جو ئي پيغام آندو آھي. پاڻ سڳورن سڀني اڳ وارن نبين ۽ صحيفن جي تعليمات کي مڪمل ڪيائون. اھا ھڪ سليم العقل ماڻھوءَ لاءِ دلچسپيءَ جي ڳالھه ھوندي ته اسلام اھو واحد دين آھي، جنھن ۾ ان وقت تائين توھان جو  ايمان مڪمل نه ٿو ٿي سگھي، جيستائين اڳ وارن سڀني نبين ۽ صحيفن کي مڃڻ جو اقرار نه ڪريو. ان کي صفت ايمان مڪمل چوندا آھن. تورات، زبور، انجيل ۽ ٻين سڀني آسماني صحيفن، بني اسرائيل جي نبين توڙي گوتم ٻڌ، مھاوير، شري رام، ڪرشن مھاراج، ڪنفيوشس ۽  زرتشت جي تعليمات جو بنيادي مقصد ڪو گھڻو مختلف نه ھو پر وقت سان گڏ انھن ڪتابن ۽ صحيفن ۾ ايتريون تبديليون ڪيون ويون، جو اصل شئي ئي ختم ٿي وئي ۽ انسان پنھنجي شروع واري ڌنڌي بت پرستيءَ کي لڳي ٿي ويو. سڀني مذھبن ۾ اھڙا چٽا اشارا ملن ٿا، جنھن ۾ مذھب جي تڪميل ۽ انسانيت جي ڪمال لاءِ ڪنھن ھستيءَ جي اچڻ جو چيو ويو آھي.
ٻنهي جهانن جي بادشاهي ۽ اقتدار جي باوجود دنيا جي هن عظيم هستيءَ جي نوڙت، رحمدلي ۽ سخاوت جا داستان سندن مهانتا جا ترانا آهن.    سندن طبيعت ۾ رحم، سخاوت، وڙ، صبر ۽ ڪرم نوازيءَ جون ڪجهه جھلڪيون حاضر آھن:
. ھڪ ٻڍڙي يھودڻ  نبي سائينءَ مٿان واٽ تي ڪچرو اڇلائيندي ھئي، جنھن سان نبي سائينءَ جا ڪپڙا خراب ٿي ويندا ھئا پر پاڻ صلعم صبر سان ھليا ويندا ھئا ۽ ٻڍڙيءَ کي ڪجھه نه چوندا ھئا. ڪجھه عرصي کان پوءِ ڪچرو ڪرڻ بند ٿي ويو. پاڻ صه سبب معلوم ڪيا ته پتو پيو ته ٻڍڙي بيمار ٿي پئي آھي. پاڻ صه مزاج پرسيءَ لاءِ ٻڍڙيءَ جي گھر ھلي ويا.
. امام بخاريءَ کان روايت آھي ته، حضرت انس رضه چيو ته، ھڪ ڀيري حضور سائينءَ سان گڏ ڪنھن طرف وڃي رھيو ھوس، پاڻ سڳورن جي ڳچي مبارڪ ۾ پيل چادر کي ھڪ اعرابي زور سان جھلي ڇڪ ڏني ۽ پلئه  پڪڙي ڳچي مبارڪ تي وٽڻ لڳو، جنھن سان سندن ڳچي مبارڪ ڇلجي پئي. ان کان پوءِ ان اعرابي پاڻ سڳورن کي چيو ته، اي  محمد (صلعم)! خدا جي ان مال مان، جيڪو  تو وٽ آھي، مون کي ڏئي،  نه ته آءٌ چادر مان ھٿ نه ڪڍندس.“ انھيءَ تي سرڪار صلعم مسڪرايو ۽ مون کي اعرابي کي ڏيڻ لاءِ حڪم ڪيائون.
. ھڪ يھودي واپاريءَ جو حضور سائين جن تي قرض ھو ۽ ھڪ ڏينھن واٽ ويندي حضور سائين جن  کي روڪي، کانئن  قرض جي واپسيءَ جو مطالبو ڪيائين. پاڻ سڳورن يھوديءَ کي نماڻائيءَ سان ياد ڏياريو ته قرض جي واپسيءَ لاءِ مقرر مدت ۾ اڃان ٻه ڏينھن پيا آهن. پر يھوديءَ چيو ته جيستائين قرض واپس نه ڪيو ويندو، کين اتان اٿڻ نه ڏيندو. انھيءَ بي واجبيءَ تي حضرت عمر رضه ۽ ٻيا صحابي ناراض ٿي پيا. حضرت عمر رضه تلوار  يھوديءَ تي تاڻي کيس سبق سيکارڻ جي اجازت گھري پر پاڻ فرمايائون ته، اي عمر! وڃو ۽ ھن جو قرض واپس ڪرڻ جو بندوبست ڪريو. اھو واقعو تڏھن جو آھي جڏھن مديني ۾ اسلامي حڪومت قا ئم ٿي وئي ھئي ۽ اھڙي اڻ واجب رويي تي يھوديءَ کي سخت سزا ڪا نا انصافي نه ھجي ھا پر پاڻ اخلاق جي ھڪ نئين تاريخ رقم فرمايائون. حديث آھي ته اھو يھودي اتي جو اتي مسلمان ٿي ويو.
الله تعاليٰ سان بنفسِ نفيس ”ٻن ڪمانن جي فاصلي يا ان کان به گھٽ“ تان ملاقات ڪرڻ واري ھن ڪائنات جي مالڪ ۽ ٻنھي جھانن جي سلطان جنھن ڏينھن وصال فرمايو  ته سندن گھر ۾ ڏيئي ٻارڻ جيترو تيل به نه ھو. مسڪيني، نوڙت، درگذر، صبر ۽ ڪريميءَ جي عظيم مظھر ۽  انسانذات جي ھن عظيم محسن کي جڏھن طائف وارن پٿر ھڻي رتو رت ڪري ڇڏيو ته پاڻ سندن لاءِ بد دُعا بجاءِ دعا ڪيائون ته الله کين ھدايت ڏئي، جو ھو کيس سڃاڻن نٿا. سچ آھي ته اھڙي ھستي نه اڳي ٿي ۽ نه ٿيندي . لطيف سائينءَ جي لفظن ۾ ”ڪونه ٻيو ڪرمي جيڏو تو جھان ۾“

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو