Saturday 22 November 2014

محمود مغل

                          جي ها . . . جي نه
                  جمع 15 فيبروري 2013ع


ادا آفتاب احمد چنا به جهان ڇڏي ويو، اِنا للهِ وَ  اِنا اِلَيهِ رَاجِعُون….
نه ٿو ڄاڻان ته مهتاب چنا آپا، اهو نياپو ڪيئن ڪمپوز ڪيو هوندو… پنهنجي لائق صد محبت، پنهنجي خوبصورت، خوبرو ڪردار جي مالڪ، اڪيلي ڀاءُ لاءِ هي سٽون لکندي، اسان جي گلاب جي ڪليءَ جهڙي هن ڀيڻ دل کي هٿن ۾ وٺي الاءِ ڪيترا ڀيرا سوچيو هوندو.
”گذريل رات منهنجو ڀاءُ آفتاب احمد چنا، لاڏاڻو ڪري ويو، هو عمري ڪرڻ لاءِ ويو هو ۽ مديني ۾ دل جي دوري جي ڪري دم ڏنائين، سندس لاءِ دعاءِ مغفرت ڪريو، ان کان وڌيڪ ڇا چڱو ٿي سگهي ٿو، ته الله پاڪ کيس ايڏي حسين جاءِ تي گهرائي ورتو، دعا ڪجوس، ڌڻي کيس جنت ۾ جاءِ ڏئي. آمين“.
صبح صادق هو، پکين داڻو چڳيو پئي، عبادت جو سمو هو ۽ آپا جي تحرير هانءُ مٺ ۾ ڪري ورتو هو. اهو صرف ائين نه هئو ته ڪو اسان پاڻ ۾ بيحد قريب آهيون… آپا اسان لاءِ ڇپر ڇانءُ رهي آهي، ادا اڪبر راشدي اسان جي همراهه رهيو آهي، هر خوشي هر غم ۾، پر اهو ائين به ته آهي ته ويندڙ، پاڻ به ته، پنهنجي ذات ۾ گهڻو ڪجهه هئو. هو خالي آپا عزيز، آپا سڪينه، آپا مهر جو ڀاءُ نه هئو، هو پاڻ به آفتاب هو.
70ع جي ڏهاڪي ۾ پاڪستان ٽيليويزن، هڪ خوبرو ميزبان جي مرڪ،  ماڻهن تائين پهچائي هئي، ڀرپور چمڪندڙ اکين ۽ خوبصورت شهپرن هيٺ مرڪندڙ چپن جو موهه رکندڙ ”آفتاب چنا“ ميزبانيءَ جي ميدان ۾ هڪ نئين سڳنڌ کڻي آيو هو، ذهني آزمائش جو پروگرام ”جي ها… جي نه…“ سندس شروعاتي تعارف بڻيو ۽ پوءِ ائين به ٿيو ته ڪجهه عرصي گذارڻ کانپوءِ پاڻ، ان پروگرام لاءِ تعارف بڻجي ويو، سندس موهه، سندس حاضري ٽيليويزن جي اسڪرين کي ڄڻ ڀري ڇڏيندي هئي. اهو زمانو ئي ڪو ”اور“ هئو، پاڪستان ٽيليويزن اڪيلو چينل هوندو هو ۽ ڏسندڙ، شروعاتي ”مور پنک“ کان وٺي قومي تراني ختم ٿيڻ کانپوءِ ٿيندڙ جهرمر تي اک رکندا هئا. اسڪرين تي ماڻهو آيو ناهي ۽ شهرتن ڀاڪر ۾ ناهي ڀريو ۽ سو به اهڙو سهڻو سيبتو ۽ ٺاهوڪو جوان، نظرون ڀرجي ويون هيون. ”آفتاب چنا“ آفتاب بڻجي جرڪي ويو هو.
پوءِ وقت جي وهڪري کيس اڃا به اڳتي ڪري ڇڏيو. اها به سڌ پئي ته هو مهتاب آپا جو ڀاءُ آهي، پوءِ ته هر ڪنهن ئي اها سند ٺاهي ڇڏي ته، ”بابا ايڏي وڏي گهراڻي جو فرد آهي، جنهن وٽ آواز ۽ انداز جي کوٽ ناهي، جي اهو همراهه ايڏو خوبصورت ۽ سهڻو نه ڳالهائيندو ته ڪير ڳالهائيندو…!؟“ ۽ پوءِ واقعي به ائين ٿيو، ادا آفتاب جيترو عرصو به اهو پروگرام ڪيو، بي انتها سيبتي نموني سان ڪيو، ان جو ان کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو ثبوت ڏجي، جو سندس پروگرام ڇڏڻ کانپوءِ الاءِ ڪيتري عرصي تائين سندس لاءِ ماڻهن جي اڪير، وڌ کان وڌ هئي، اتي جي ائين چئجي ته پاڻ پي ٽي ويءَ جي سنڌي پروگرامن جو پهريون ”حسين ميزبان“ هئو ته ان ۾ به ڪو وڌاءُ ناهي.
هن گهر کي مالڪ مهربان، واهه جو انداز ڏنو آهي، علم، ادب، درس، تدريس، پيشڪاري، ميزباني، ذهانت، حسن… جي ڏسو تعليم جو ميدان ته هر ڪا ادي ماهر تعليم، جي ڏسون فنون لطيفه، ته بس، مهتاب آپا جي نالي کان وڌيڪ ڪهڙي سند ڪتب اچي سگهي ٿي، جي ڏسو، انتظامي امور، گهر جي سنڀال، چنا ڪٽنب جي زماني ۾ حيثيت جو خيال ۽ سڀني لاءِ محبتون ميڙي، کڻي هلڻ ته سڀني ڀينرن ساڻ ادا آفتاب حاضر، ڌڻيءَ وڏا وڙ ڪيا. اجل جي راهه ته آهي ئي آهي، لازمن رخصت به ٿيڻو آهي، پر اهم ترين ته اها سوچ به آهي ته مالڪ ڪهڙي ڪرم نوازيءَ سان گهرائي ٿو ۽ اسان جي هن ڀاءُ کي مهربان رب پاڪ ڪهڙي نه حسين جاءِ تي گهرائي، رخصتي نصيب ڪئي.
 سال 1978ع هو شايد، ماڊل اسڪول جي هال ۾ پاڪستان ٽيليويزن پاران يا شايد ڪنهن ٻئي اداري پاران ”جي ها… جي نه“ شو منعقد ڪيو ويو هو، ڪڇا ڪڇ ڀريل هال ۾ عجيب حالت هئي، هر ڪنهن جي اها خواهش هئي ته هو مقابلي ۾ حصو وٺي ۽ ”آفتاب چنا“ سامهون تيزيءَ ۽ چالاڪيءَ سان ”جي ها… جي نه.“ ۾ سرسي حاصل ڪري، مقابلو هلندو رهيو هو ۽ اڳيان به ادا آفتاب هو، ڪمال خوبيءَ سان ناڪ آئوٽ ڪري ويندو هو. جواب ۾ تيزي ۽ بروقت موٽ سراسر شرط هئي، ۽ ان تيزيءَ ۾ گهاٽين مڇين هيٺان مرڪندڙ چپ، ڪمال ڪري رهيا هئا، الاءِ ڪيئن وقت مون کي به ڪلهن کان وٺي، سندس روبرو بيهاري ڇڏيو هو، مان ته ازل ابد جو ڊڄڻو.. اتي ئي الاءِ ڪيئن پهتو هوس، سو بهرحال ٻن ٽن سوالن ۾ ئي ڍير ٿي ويو هئس، پنجٽيهه سال گذري ويا، اها مرڪ، اهو نگاهه جو دائرو لازوال ئي رهيو، جيتوڻيڪ هڪ ڏهاڪي کان مٿي سال ”پرک“ جي ميزباني ڪئي، پر ادا آفتاب ۽ سائين اسلم آزاد جا شروعاتي دور، سدائين بنيادي رهيا.
ادا آفتاب ان کانسواءِ به ڪئين پروگرام ٽيليويزن لاءِ ڪيا هئا، جن ۾ موسيقيءَ جا ڪجهه پروگرام ته خاص هئا، پر الاءِ ڇو، تمام جلدي هن، روشنين جي ان جهان کان منهن موڙي ورتو، هڪ پروفيشنل جي حيثيت سان مان سمجهي سگهان ٿو ته اهو ته دور ئي سندس هو ۽ هڪ سپر اسٽار جيان هو ميزبانيءَ جي ميدان ۾ ۽ خاص طور تي ٽيليويزن جي ميزبانيءَ ۾ وڏي جاءِ والاري ها… پر بهرحال هن اهو فيصلو سوچي سمجهي ئي ڪيو هوندو… ان دور جي ٽيليويزن ڏسندڙ سندن جاءِ جيءُ ۾ جوڙي ڇڏي. الاءِ ڪيترا ڀيرا هورا کورا ٿيندي هئي ته پڇا ڪجي… ڇو نٿا وري ڪٿي ڪم ڪن پر پوءِ اهو سڀ ازل ابد جي ڪتاب ۾ ائين لکيو ئي ڪونه هو، ڪجهه ڀيرا پري کان سندن ديدار ٿيو پر بهرحال، اهو سڀ پڇڻ لاءِ همٿون نه جڙي سگهيون. هن هفتي سندن جهان ڇڏڻ تي، الاءِ ڪيترا منظر وري سامهون اچي ويا آهن… سندن پيشڪاري، انداز، موهه، سڀ ور ور ٿا ڪن، سڀ هلندا ٿا وڃن پر مرڪ فريز ٿي وئي آهي.
اڄ هڪ پراڻو قصو اوهان جي سامهون آهي، الاءِ ڪيترن کي اهو سڀ معلوم نه هوندو ته سيد ظفر حسن ۽ اسلم آزاد کان پهرين به ڪو معلوماتي پروگرام جو ميزبان هو، جيڪو هڪ وجيهه، ذهين ۽ بااعتماد وجود هو.”جي ها… جي نه...“ ۾ هر سوال جو جواب غلط ڏيڻو هوندو هو، مٿال طور ڪير بيٺو آهي ۽ ميزبان پڇي ٿو ته ”اوهان بيٺا آهيو…؟“ ته جواب ڏيڻ واري کي کٽڻ لاءِ چوڻو هوندو هو ”جي نه…“ معنيٰ غلط اسٽيٽمينٽ ڏيڻي هوندي هئي، جيتوڻيڪ سچائي پنهنجي جاءِ تي ڪجهه ٻي هوندي هئي، اڄ وڇوڙي جي هن موڙ تي وقت جو ميزبان سوال ٿو ڪري ”آفتاب چنا رخصت ٿي ويو؟“ کٽڻ لاءِ ورندي اچي ٿي ”جي نه…“ الاءِ ڇو کٽڻ کانپوءِ به ڳوڙها ڳڙي پون ٿا.پروردگار جل شانه کيس بهتر کان بهتر جاءِ عنايت ڪري ۽ سندس پورهيو قبول ڪري (آمين).
mehmoodmughal@hotmail.com

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو