Saturday 22 November 2014

نصير مرزا

    علم، ادب ۽ فلمي دنيا جا منفرد ڪردار
                 اربع پهرين جنوري 2014ع


اڄ پاڻ کي فلم فوبيا جو دورو پيو اَٿوَ. هونئن عرض ڪريان، ته ڪنهن اڳوڻي ڪالم وغيره ۾ توهان کي اهڙو اطلاع آئون ڏيئي به چڪو آهيان ته، يارو.. پاڻ نه علمي ماڻهو، نه ٻلمي، ها! جي ٿورو گهڻو ڪجهه... ته صرف فلمي ولمي وغيره... هونئن ڇا حرج  آهي هي ٻڌائڻ ۾ ته هِي جيڪي فلمي خفت ۽ سڀاءَ رکندڙ ماڻهو هوندا آهن نه، اُهي پنهنجي ذات ۽ ورتاءَ  ۾به وڏا ئي ”فلمي“ ٿيندا آهن ۽ اها به ڪا ڇوٽي موٽي فلم نه.. پوري پوري سئنيما اسڪوپ فلم...مثال طور هِي مولانا هِپي صاحب... جنهن ابن صفيءَ جي جاسوسي ناول تي فلم ڌماڪا ۽ سنڌيءَ ۾ هڪڙي فلم ٺاهي هئي، ”تنهنجون ڳالهيون سڄڻ“..... ان جي موسيقي پاڻ واري مست الست ۽ بينجي جي بادشاهه بلوچي وڄتي، بلاول بيلجم ترتيب ڏني هئي، جنهن ۾ هن شيخ اياز صاحب  جي هڪ گيت ”مڻهيار آيو مڻهيار وي“ جي به ڪا ڌن ٺاهي هئي، ۽ اهڙي جو زبردست سائين، زبردست! مولانا هِپي صاحب جي اِها فلم اسٽيشن روڊ واري شمس سئنيما ۾ جڏهن رليز ٿي ته، بلاول بيلجم پنهنجي يار خير محمد پشوريءَ بينجو نواز کي ساڻ ڪري ٽڪيٽ وٺي پهرئين ئي شو ڏسڻ لاءِ وڃي سئنيما پهتو هو. بجليون گُل ٿيون ۽ فلم جو ٽائيٽل شروع ٿيو ته، بلاول سامهون اسڪرين تي ڇا ڏسي ته، فلم جو هيرو صاحب ”مولانا هپي“ منهن تي ٽوپلو آڏو آڻي، ڪي ڳجهڙا ڳجهڙا  اشارا پيو ڪري ۽ بس ائين ڪندي بقول خير محمد...هن بلاول بيلجم، نه ڪئي هم نه تم.. ٽپ ڏيئي اٿي کڙو ٿيو ۽ لياريءَ وارن بلوچن جهڙي ڪاوڙ ڏيکاريندي، اردو سنڌي گاڏڙ لهجي ۾ چوڻ لڳو... ”اَڙي واجا.... ايسي ڦِلم ٻِلم هم هرگز نهين ديکي گا، جس ڪا هيرو درخت ۾ لِڪا ويٺا هو...“ ۽ بقول خير محمد...ائين چئي بلاول  کيس ٻاهر وٺي وڃڻ وارو هو، جو سمجهايو مانس، ”استاد! مولانا هِپي ڪي فلم ٻلم ڪو ڇوڙو، خالي خولي ۾ ضِد مِد نه ڪرو، اور اپني موسيقي والي ڦلم چپ چپات ۾ بيٺ ڪر ديکو....“
خير هتي بلاول بيلجم ۽ مولانا هپيءَ جي ان فلم ”تنهنجون ڳالهيون سڄڻ “ جي اها ڳالهه ته مون محض ٻوهڻيءَ طور ئي ڪئي، جو لکڻ هن ڪالم ۾ دراصل مون هِي پئي چاهيو ته، ننڍي کنڊ ۾ هڪڙو مولانا شاعر...اهڙو به ٿي گذريو آهي، جنهن هڪ پاسي ديني ۽ تبليغي شاعري.... شعلا افشانيءَ سان لکنوءَ ۽ دهليءَ جي مشاعرن ۾ ترنم سان پڙهي پئي، ته ٻئي پاسي اي آر ڪاردار ۽ محبوب صاحب جهڙن پروڊيوسرن جي فلمن لاءِ، فلمي گانا به واهه جا پئي لکيا، ۽ گانا معنيٰ قواليون نه... گانا  دو گانا... وغيره....هونئن هِي ڀلا ڪير اهو فلمي شاعر....؟ جي ها حضرت علامه مولانا ماهر القادري صاحب! جنهن سڀ کان اول ته ڀارتي فلم ” مٽي“ لاءِ گهڻا مزيدار گيت لکيا هئا ۽ جيڪي ڳايا هئا ”گهٽا گهنگهور گهور“ واري خورشيد... پوءِ هن محبوب صاحب جي فلم ’تقدير‘ لاءِ گيت لکيا، جن منجهان شمشاد بيگم جو ڳايل جيڪو گيت گهڻو مشهور ٿيو، ان جا ٻول هئا: ”او بابو.. داروغا جي....“ مولانا ماهر القادريءَ جي اڪثر گيتن جون جيڪي طرزون آهن نه، اهي ٺاهيندو هو پاڻ واري سلميٰ  آغا جو نانو موسيقار ”رفيق غزنوي“ ......
بس وچ ۾ اوچتو ياد اچي ويم...  هي آئون ان سلميٰ آغا واري فلم: ”بازارِ حسن“ گاڏي کاتي واري فردوس سئنيما ۾ ڏسڻ لاءِ طارق عالم سان گڏ اندر گئلريءَ ۾ داخل ٿيس، ته اڙي هان!؟ هِي ڇا!؟ هال ۾ محمد عثمان ڏيپلائي ۽ محمد ابراهيم جويو صاحب اڳ ئي اتي موجود...خير في الحال گڊ باءِ سلميٰ آغا، گڊ باءِ جويو صاحب ۽ محمد عثمان ڏيپلائي ..... ذڪر هڪ ڀيرو وري مولانا ماهر القادريءَ جو. فلم ”تقدير“ جي لاءِ لکيل هي سندس ٻيو گيت به واهه واهه،  جيڪو فلم جي هيرو موتي لعل ڳايو هو ۽ ان جا ٻول به بلي بلي ..... ڪهڙا؟ اجهو هي... ظالم جواني بالم جواني وافر ادائين... ڪافر ادائين...“ انهن فلمن بعد مولانا ماهر القادريءَ فلم ”زبان“ جي لاءِ ۽ ڪافي گيت لکيا، جن جي موسيقي ترتيب ڏني فلم ’البيلا ‘  لاءِ ”ڌيري سي آجا ري اکين مين“ جهڙي لوليءَ  جي موسيقار، سي رامچندر. لتا تازو ڪنهن انٽرويوءَ ۾ ٻڌايو پئي... ”هي جيڪو سي رامچندر هئو نه، جيڏو سٺو موسيقار ۽ِ راڳي، اوترو ئي گٿو ڳالهائڻو پڻ هئو ۽ هر گاني جي رڪارڊنگ کان اڳ گٿن لفظن جا اهڙا ته ڌوڙيا لائيندو هو جو واڄٽ وڄائي ڇڏيندو هو. هونئن سي رامچندر، چتلڪر جي نالي سان هڪڙو بيحد دلچسپ گانو به ڳايو هئو، جنهن جا ٻول هئا: ”ميري جان... ميري جان، آنا سنڊي ڪي سنڊي“. مولانا ماهر ماهرالقادري ان بعد جنهن ٻي اردو فلم لاءِ گيت لکيا، ان جو نالو هو ”جيون“ ۽ ان جو پروڊيو سر هئو، اي آر ڪاردار صاحب. هونئن ننڍي کنڊ جا هي ٻئي پروڊيوسر هئا نه محبوب صاحب ۽ اي آر ڪاردار صاحب، سي پاڻ ۾ سڳا ”هم زلف“ به هئا ۽ سندن زالن يعني ٻنهي ڀينرن جا نالا هئا، بهار اختر ۽ فلم اسٽار سردار اختر.. فلمي تاريخ ۾ رقم آهي ته هي ٻئي ڀائي لوگ ڪراچيءَ ۾ فلم، فلم اسٽوڊيو کولڻ جي خيال سان هتي پهتا به هئا ۽ چون ٿا ته، ان وقت جي وزير اعليٰ محمد ايوب کهڙي صاحب فرمايو، ”همارا اس ۾ حصه ڪيا بني گا ڀائي لوگ!!“۽ بس هي لفظ ٻڌندي ئي ٻنهي جا ٺپ ئي ٺري ويا ۽ اهڙا هتان ويا، جو وري نه ڪڏهن وريا. مولانا ماهر جي پوئين فلم جو نالو هئو ’زينت‘، جنهن جي هيروئن نور جهان ۽ موسيقار هئو حفيظ خان. ماهر القادريءَ جا ان فلم لاءِ جيڪي گانا مقبول ٿيا، انهن جا ٻول هئا: ”ناچو ستارو.. آجا ري نديا.... هاءِ ري دنيا....“  علمي فلمي شاعر  ماهر القادريءَ جي عربي فارسي دانيءَ تان هي اجهو جهٽ ۾ اهڙا ڪي پاڪستاني فلمي گانا به ياد اچي ويا اٿم، جن ۾ هتان جي شاعرن ڪثرت سان عربي فارسيءَ جا لفظ ملائڻ شروع ڪري ڏنا هئا ۽ اهڙا ڀلا ڪهڙا فلمي گانا مشهور ٿيا هئا!؟ هي اجهو ”حبيبي حيا حيا... حبيبي حيا حيا“ (فلم شهيد) جاني بهاران... رشڪِ چمن، غنچه دهن، سيمي بدن، اي جانِ من، جانِ بهاران...“ يا ..... جانم آئي جانم، جاني جواني  دم به دم (فلم عذرا) يا ..... فلم ”جان پهچان“، جنهن جي هيروئن ايراني اداڪاره شهه پارا هئي ۽ ان جو گانو هو: ”جاني مان ... جاني مان....“ فلم رزقا لاءِ  حبيب جالب جو لکيل گيت ”رقص زنجير پهن ڪر ڀي ڪيا جاتا هئه“ جي ته مهڙ ۾ ئي مهدي حسن هي عربي لفظ چيا هئا: يا زرقا! لات نئي، نفس انا الرقص.... (جنهن جو آسان پنجابيءَ ۾ ترجمو ڪيو ته اهي لفظ ٿيندا  ”وي... نچ ني“ ۽ ٺا هنٽر) اڙي بابا فلم عشق ليليٰ وارو گانو.. ”ليليٰ ليليٰ ليليٰ هست شدم دور ليليٰ، ما فداءِ رخِ تابان ليليٰ، ليليٰ ليليٰ ليليٰ“ ۽ ان ئي فلم جو پوءِ ٻيو گانو، ”يا خليلي يا حبيبي.. ابي ابي... حيا حيا“ ۽ ائين هڪڙي اردو فلم ”الهلال“ ۾ ته سڀ جا سڀ اداڪار عربن وارن عمامن ۽ جُبن ۾ ملبوس هئا ۽ ڪلب ۾ گڏجي ڳائي رهيا هئا، ”يا قلبي يا قلبي، ڪردي ڪردي مستانا، هو هو هو مستانا“. هونئن شايد ڪو يقين نه به ڪندو پر آهي حقيقت، ته حيدرآباد شهر اندر ۽ گاڏي کاتي ۾ هڪڙي ته هوٽل هوندي هئي، هڪڙي علامه صاحب جي هئي، جتي ”سب چلتا ٿا“. ان ئي علائقي ۾ هڪڙي ٻي هو ٽل به هئي، جتي پڻ سڀني قسمن جا مشروب وغيره ته ملندا ئي هئا، پر گڏ گڏ ڪلب ڊانس به شام ٿيندي ئي چالو ٿي ويندي هئي .هونئن گاڏي کاتي جي چونڪ لڳ اها هوٽل به ڇا ته هوٽل هئي، جيڪا موتي محل جي سامهون هوندي هئي ۽ اڄ ان جُوءِ ۾ هاڻي ڇا جو موتي محل ۽ ڇا جي اها هوٽل ..... ۽ سڀ ڌوم ڌڙام.. چوڌاري بس ٽرئفڪ جو هل هنگام ۽ ماڻهن جا بس هر طرف هل هشام.
هونئن هي جو مون علم ادب ۽ فلمي دنيا جي مولانائن جو ذڪر اڄ ڇيڙيو، ته مولانا حسرت موهانيءَ جي عشقيه الف شاعري ۽ مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب جا عجب عجب جهڙا ٻڌايل ”او ههڙي قسم جا ٽوٽڪا“ ۽ لطيفا، يا مولانا غلام محمد گراميءَ جا حسينائن بابت لکيل ترنم آميز آزاد نظم يا مولانا محمد عثمان ڏيپلائي ۽ مولانا ابوالڪلا آزاد جون آزاد خيال ڳالهيون ۽ ٻولهيون ۽ سڀني اهڙن معتبر  ۽ مانائتن ماڻهن جا دلچسپ قصا ۽ ڪهاڻيون مون وٽ ٻيون به جام ۽ گهڻيون ئي آهن، پر انهن کي ڪنهن ٻئي وقت لاءِ ٽاريندي، جوش مليح آباديءَ جي هن شعر تي اڄوڪي ڪالم کي ختم ٿو ڪريان ته،
نامناسب هئه خون کولانا
ڦر ڪسي اور وقت مولانا.

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو