ڌرتيءَ سان محبت جي
اظهار جو بهتر طريقو
جمع 14 فيبروري 2014ع
اظهار جو بهتر طريقو

هونئن ته هر سال دنيا ۾ مختلف ملهائجندڙ ڏينهن جو ڪونه ڪو موضوع هوندو آهي پر خبر ناهي ته عالمي سطح تي محبتن جي ڏينهن جو به ڪو موضوع هوندو آهي يا نه! گهٽ ۾ گهٽ اسان وٽ هن ڏينهن کي ”ڌرتيءَ سان محبت ڪرڻ“ جو موضوع ڏئي ڪاوش ۽ ڪي ٽي اين جي سرواڻ علي قاضي هڪ نئين روايت قائم ڪئي آهي. ڌرتيءَ کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ وڻن جون چڪيون لڳائڻ کانسواءِ ٻيو ڪهڙو بهترين طريقو ٿي سگهي ٿو! خاص ڪري اهو به سنڌ ۾، جتي وڻ ۽ وڻڪاري ناپيد ٿي رهيا آهن. سبب کڻي ڪهڙا به هجن، فطري هجن يا انساني سرگرمين سبب، پر سنڌ مان ساوڪ تيزيءَ سان ختم ٿي رهي آهي. وڻن جون ديسي جنسون نم، ٻٻر ۽ ڪنڊي به هاڻي موڪلائي رهيون آهن. ان جي جاءِ تي غير مقامي جنسون جهڙوڪ ڪونو ڪارپس ۽ بيد مشڪ کي متعارف ڪرايو ويو آهي. خاص ڪري ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ شهري حڪومتن اهو ”ڪارنامو“ سرانجام ڏنو. ان سان ساوڪ ته وڌي پر انهن وڻن مان ٻي ڪنهن جيوت کي ڪو فائدو نه ٿو پهچي، جڏهن ته وڻن جون ديسي جنسون ٻي مخلوق کي پناهه ڏين ٿيون. وڻ حياتيءَ جي زنجير جي هڪ اهم ڪڙي آهي، جي ان مان هڪ به ڪڙي ڪڍي ڇڏبي ته پوري حياتي جي زنجير معنى ٻي مخلوق ڪيڙا، ماڪوڙا، پکي پکڻ ۽ خود انسان متاثر ٿئي ٿو. وڻ موسمن کي به توازن ۾ رکن ٿا ۽ گرميءَ جي تپش کي گهٽائي برساتن جو سبب بنجن ٿا، مٽيءَ کي وڌيڪ زرخيز ڪن ٿا. وڻن جي اهميت کي دنيا جو هر مهذب معاشرو تسليم ڪري ٿو. سڄي دنيا ۾ ٻيلن جي واڌاري کي ترجيح ڏيندي ان لاءِ وڏي بجيٽ رکي ويندي آهي. سرڪاري سطح تي اسان وٽ به سال ۾ ٻه دفعا وڻڪاري مهم هلائي ويندي آهي پر اها صرف تشهيري عمل تائين محدود هوندي آهي. سنڌو درياءَ جي ٻنهي ڪنارن تي قائم ڪچي جا ٻيلا ڪنهن دور ۾ ايترا ته گهاٽا هوندا هئا، جو اتي سج جي روشني به نه پهچندي هئي. اهي ٻيلا ثقافتي ورثي جي حيثيت رکندا هئا. هاڻي سنڌ ۾ ٻيلا نه هجڻ جي برابر آهن. ڪچي جي ماڻهن جي خوشحال زندگيءَ جو دارو مدار به ٻيلن تي هوندو هو، جتي وڏي تعداد ۾ چوپايو مال ۽ ان مان حاصل ٿيندڙ کير، مکڻ ۽ ديسي گيهه ڪچي جي سڃاڻپ هوندا هئا. ڪچي ۾ رهندڙ ڪيترن ماڻهن وڏين ٻوڏن کي به منهن ڏنو، پر ان جي باوجود هو پنهنجي ماڳن سان جڙيل رهيا.
ڪچي جا ٻيلا پاڻيءَ جي کوٽ ۽ ٻيلا ختم ڪري اتي زراعت ڪرڻ سبب ختم ٿي رهيا آهن. ٻيلن تي قبضا روز جو معمول آهي ۽ قبضه خورن لاءِ ٻيلا جنت لڳا پيا آهن. ٻيلو کاتو اهڙي صورتحال ۾ يا ته خاموش آهي يا وري سهڪاري ڏٺو ٿو وڃي، جيئن ٻين شعبن مان ايماندار ۽ پاڻ ارپڻ واري جذبي سان ڪم ڪندڙ آفيسر ختم ٿيندا پيا وڃن، تيئن ٻيلي کاتي ۾ به چڱا آفيسر چند وڃي بچيا آهن، جيڪي به رٽائرمينٽ جو انتظار ڪري رهيا آهن. ڪنهن دور ۾ هاءِ ويز تي به وڻ نظر ايندا هئا ۽ انهن جي سار سنڀال لاءِ الڳ عملو به هوندو هو، هاڻي روڊن رستن تان وڻ غائب آهن. ساڳي طرح واهن جي ڪنارن تي شاندار وڻ هوندا هئا، سي به آهستي آهستي وڍي وڪرو ڪيا ويا. نتيجي ۾ واهن ۽ شاخن جا ڪنارا ڪمزور ٿي ويا ۽ هاڻي گهارا عام ٿي ويا آهن. شهر ۾ پبلڪ پارڪ ختم ڪري پلازا ٺاهيا ويا ۽ ائين سنڌ جو سرسبز ۽ سائو لينڊ اسڪيپ تبديل ڪري عمارتون ٺاهي خراب ڪيو ويو ۽ اهو سلسلو اڃان به جاري و ساري آهي. ماحولياتي ماهر چوندا آهن ته ٻڪري وڻن جي دشمن آهي پر خود انسان شايد ٻڪريءَ کان به وڌيڪ وڻن جو دشمن ٿي پيو آهي، نتيجي ۾ ڳوٺ هجن يا شهر ماڻهو فطرت کان پري ٿي ويو آهي. ٻيا پکي پکڻ ته ڇڏيو پر هاڻي جهرڪيءَ جو آواز به ٻڌڻ ۾ نه ٿو اچي. فطرت کان پري ٿيڻ سبب انسان جي روين تي به ان جا منفي اثر ٿين ٿا. خاص ڪري شهرن ۾ رهندڙ ٻار اهڙي صورتحال ۾ وڌيڪ متاثر ٿين ٿا. مجموعي طور تي معاشري ۾ بي حسي وڌڻ جو هڪڙو سبب فطرت کان پري ٿي وڃڻ آهي. ٻيلن کي بچائڻ لاءِ اسان وٽ به چپڪو تحريڪ جهڙي ڪا تحريڪ شروع ڪرڻ جي ضرورت آهي.
اڄ دنيا موسمي تبديلين، گرمي پد ۾ واڌ، اوزون جو تهه گهٽجڻ جهڙن سنگين ماحولياتي مسئلن کي منهن ڏئي رهي آهي. انهن مسئلن جو حل وڌ کان وڌ وڻ پوکڻ آهي. وڻ ۽ ٻوٽا ماحول کي صاف سٿرو ۽ خوبصورت رکڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. وڻ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ کي جذب ڪن ٿا ۽ آڪسيجن کي خارج ڪن ٿا، گرمي گهٽائين ٿا ۽ ماڻهن جي صحت تي مثبت اثر ڇڏين ٿا. ٻيلن کي ڌرتيءَ جا ڦڦڙ به چيو وڃي ٿو ته آڪسيجن پيدا ڪرڻ جا فطري ڪارخانا به سڏيو وڃي. بين الاقوامي معيار مطابق هر ملڪ جي مجموعي ايراضيءَ جو 25 سيڪڙو ٻيلا هجڻ کپن. پاڪستان ۾ سرڪاري انگن اکرن موجب ٻيلا 4.8 سيڪڙو ايراضيءَ تي آهن پر حقيقت ۾ ان کان به گهڻو گهٽ آهن. بين الاقوامي ماحولياتي ادارن جو چوڻ آهي ته ملڪ جي ڪل ايراضي مان صرف 2.5 سيڪڙو تي ٻيلا بچيا آهن، جڏهن ته ٻيلن جي واڍي جي شرح 2.1 سيڪڙو آهي، جيڪا ايشيا ۾ سڀ کان وڌيڪ آهي. ملينيم ڊولپمينٽ گولز جي تحت پاڪستان کي 2015ع تائين ٻيلا 2.5 سيڪڙو کان وڌائي ڇهه سيڪڙو ايراضي تي لڳائڻا هئا. جيڪو ظاهر آهي ته هاڻي ناممڪن آهي. ٻيلن ۽ وڻن جي واڍي جو سلسلو جي ائين جاري رهيو ته ڌرتيءَ جو وايو منڊل تبديل ٿي ويندو، جنهن جو مطلب گهٽ برسات پوندي، جنهن سان ڏڪار پيدا ٿيندو ۽ ڏڪار سان بک ۽ بدحالي پيدا ٿيندي. ٻيلن جي تباهي سان پکي ۽ جانور پنهنجن فطري ماڳ کان محروم ٿي وڃن ٿا. ڌرتيءَ کي پهتل نقصان جو ازالو وڌ کان وڌ وڻ لڳائي ڪري سگهجي ٿو. ائين ڪرڻ سان ڌرتيءَ جي بگڙيل ماحولياتي نظام ۾ توازن پيدا ڪري صحتمند ماحول جوڙي سگهجي ٿو. اڄ محبتن جي ڏينهن تي ڌرتي کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ ضروري آهي ته وڻن جون مقامي جنسون لڳايون وڃن ۽ رڳو نمائشي طور چڪيون نه لڳايون وڃن پر اها به خاطري ڪجي ته اهي وڌي وڻ ٿين.
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو