...... حيران هزارين مان نه رڳو
اڱارو 14 جنوري 2014ع
اڱارو 14 جنوري 2014ع
ربيع الاول جو چنڊ، حر جماعت سان لاڳاپيل ماڻهن لاءِ ٻٽيون خوشيون کڻي آيو. جڏهن سڄي دنيا جا مسلمان نبي سائين، حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وآله وسلم جن جي ولادت جون خوشيون ۽ جشن ملهائي رهيا هئا، ان وقت پير صاحب پاڳاري جا مريد، سندن پاران تاج پوشي جي تقريباً ٻن سالن بعد 4 جنوري 2014ع کان 8 جنوري تائين، مير پور خاص، عمرڪوٽ ۽ سانگهڙ ضلعن جي روحاني دوري تي اچي رهيا هئا. ان ڪري حر جماعت لاءِ جهڙو ڪر ٻه عيدون ۽ ٻه خوشيون گڏ آيون هيون. هونئن ته حر جماعت 12 ربيع الاول، ضلعي خيرپور جي پير ڳوٺ ۾ درگاهه شريف تي مرشد جي زيارت ڪري، ملهائيندا آهن پر هن ڀيري انهيءَ ڀلاري مهيني ۾ مرشد پاڻ وٽن هلي اچي رهيو هو! تنهن ڪري سندن خوشين جو ڪو ٺڪاڻو ئي نه هو. اها خوشي ان ڪري به وڌيڪ هئي، جو ڪافي سالن بعد، پير صاحب زيارتن/دعوتن تي اچي رهيا هئا، ٻيو ته موجوده پير صاحب پڳ ٻڌڻ بعد، پهريون ڀيرو اچي رهيا هئا. جنهن دوران هڪ پورو نسل جوان ٿي چڪو هو. هي دورو جتي فنڪشنل ليگ تي سياسي طرح ڏکيا ڏينهن آيل هجڻ ڪري، سياسي نه هوندي به، سياسي طرح اهم هو، اتي متوقع بلدياتي چونڊن جي حوالي سان به اهم هو. پير صاحب جي هن دوري کان اڳ، ڪجهه سياسي اڳواڻن پاران فنڪشنل ليگ جون خبرون به عام هيون، پر هي دورو روحاني ئي رهيو، ڪنهن به حوالي سان سياسي ثابت نه ٿي سگهيو. ها، البته، جماعت جي اندروني سياست ۾ ڪا پيش رفت ٿي هجي ته اها ٻي ڳالهه آهي، جنهن جي باري ۾ ڪيترائي چوٻول پڻ هلي رهيا آهن! هي دورو ان ڪري به اهم هو جو جتي، پير صاحب وڏي جي رحلت بعد جماعت دلي طرح اداس هئي، اتي کپري جي قومي اسيمبليءَ جي ’پڪي سيٽ‘ هارائڻ بعد، ڪجهه پريشان به هئي. ان صورتحال ۾ پير صاحب جو دورو جتي جماعت جي ماڻهن لاءِ روحاني طرح اهم هو ۽ مرجهايل ماڻهو، پنهنجي مرشد کي سالن بعد ڏسي خوش ٿيا، اُتي سياسي طرح پريشان فنڪشنل ليگي ليڊرن، پير صاحب جا استقبال ڏسي، نئين سياسي سگهه به حاصل ڪئي. اُهي ماڻهو به هي وڏا وڏا اجتماع ڏسي چپ ٿي ويا، جيڪي پير صاحب جي حيدرآباد واري تاريخي دوري بعد چئي رهيا هئا ته، هاڻ اهڙو ڪو ٻيو وڏو جلسو ڇو نٿو ٿئي!؟ انهن دعوتن جي اجتماعن، اهڙن سڀني ماڻهن کي به في الحال خاموش ڪرائي ڇڏيو آهي. نئون جوان ٿيل نسل جيڪو، 98-1997ع ڌاري يا ان کان چار پنج سال اڳ يا پوءِ پيدا ٿيو، ان لاءِ مرشد جي دعوتن تي اچڻ، زيارت ڪرائڻ ۽ ان دوران بار بار دهرائجندڙ ۽ ٻڌجندڙ لفظن: دعوت، زيارت، لُٽو، جَهلو، مانجهاندو، ڪوس، ننگر، نانگري، پَهو، پَلهه، ڍولي، ڪامي ۽ پاٿاري وغيره جهڙن لفظن کي عملي معنيٰ ۾ ڏسڻ کان سواءِ گهڻو ڪجهه، سکڻ ۽ سمجهڻ جو به هي بهترين موقعو هو، جيڪو انهن کي نصيب ٿيو. پر ان دوران سانگهڙ شهر ڪجهه عجيب، سمجهه ۾ نه ايندڙ ۽ عام ماڻهوءَ کي تعجب ۾ وجهندڙ منظر به ڏٺا! ٿيو ائين جو، پير صاحب جن جي اچڻ کان ڪجهه ئي ڏينهن اڳ، سانگهڙ شهر ۽ ضلعي هڪ ٻئي، سياسي شخصيت کي نه صرف ڏٺو، بلڪه ڏاڍي تعجب خيز نموني ڏٺو! پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي ليڊر محترمه فريال ٽالپر، راڻي ستار جي دعوت تي جهول ويندي سانگهڙ ۾ سندس ڪو پروگرام نه هوندي به، نه صرف گذري ۽ سڄي شهر جو طوفاني دورو ڪيو، بلڪه زبردست هٿيارن ۽ گارڊن سان گڏ دورو ڪندي، شهر ۾ جڳهه جڳهه تي پاڻ مٿان ٿيندڙ گلن جي ورکا، جيالن جي والهانه رقص ۽ شهرن ۾ لڳل پي پي جي جهنڊي وارن بينرن کي به ڏٺو ۽ پڙهيو. ساڳئي وقت خبر ناهي ڇو، پير صاحب پاڳاري جن کي، سندن سانگهڙ جو دورو هوندي به، نه صرف سانگهڙ شهر نه آندو ويو، بلڪه انهن جي ڪابه دعوت، جهلو يا لٽو به سانگهڙ ۾ نه رکيو ويو! نه صرف ايترو پر سانگهڙ شهر ۾، جيڪو سياسي طرح پير صاحب پاڳاري جو قلعو چيو ويندو رهيو آهي، ان ضلعي ۾ سندن آجيان لاءِ هڪ بينر به نه هنيو ويو! جيتوڻيڪ پير صاحب سانگهڙ ۾ نه پئي آيا، ان ڪري به شايد بينر هڻڻ کي غير ضروري سمجهيو ويو پر، اها ڳالهه عام شهرين کان علاوه، ٻاهران ايندڙ جماعت به تمام گهڻي محسوس ڪئي!
پير صاحب جو هي پهريون دورو نه صرف مدتن تائين ياد رهندو، جو پاڻ ان دوري ۾ ٻه ڀيرا ايترو ته ناراض ٿيا، جو هڪ ڀيري ڇور لڳ شهيد امين فقير مڱريي واري دعوت مان ’راجا هائوس‘ ميرپور خاص وڃي پهتا، جتي اهي خليفا به کين پرچائڻ لاءِ وڃي پهتا، جيڪي پنهنجين پنهنجين دعوتن يا زيارتن وغيره جي پروگرامن ۾ مصروف هجڻ ڪري، انهن دعوتن تي اچي سگهيا هئا، سي هڪدم ميرپور خاص اچي پهتا. جنهن بعد ڪافي ڪوششن کان پوءِ دوري جو سفر، ٻيهر شروع ٿيو ۽ ٻيو ڀيرو جهول ۾ پير صاحب ڪنهن ڳالهه تي ناراض ٿي، گهنڊڻ کان سانگهڙ جي ٻاهرئين پاسي ۽ اتان سنجهوري تائين وچ ۾ ايندڙ تقريباً 24 کن پروگرام ڪينسل ڪري، وقت کان اڳ سنجهوري جي دعوت تي وڃي پهتا. جنهن ڪري جتي ٻيا ڪيترائي انتظام درهم برهم ٿيا، اتي تمام گهڻا ماڻهو ٻارين ٻچين سندن زيارت کان به محروم رهجي ويا. جن ۾ سانگهڙ جا اهي سياسي ۽ سماجي اڳواڻ به شامل هئا، جيڪي اهم اڳواڻ پاران جمع ڪيا ويا هئا ۽ جيڪي ايندڙ بلدياتي چونڊن ۾ ڪجهه موثر ڪردار ادا پئي ڪري سگهيا. اهي ناراضگيون نه صرف عام ماڻهن کي ياد رهنديون بلڪه اڳتي لاءِ خليفن ۽ دعوتن، زيارتن جو انتظام ڪندڙن کي به ياد رهنديون. هو اڳتي لاءِ ڏاڍو محتاط رهندا. ساڳئي وقت پير صاحب جا کپري واري پاسي جا ڪجهه پروگرام به ڪينسل ٿيا، جن ۾ هڪ اڌ اها اهم دعوت به شامل هئي، جيڪا چون ٿا ته هڪ ٻِي پارٽيءَ جي اهم ٻروچ اڳواڻ جي هئي. ان دعوت جي ٿيڻ سان، تَر جي ڪيترن ئي ماڻهن کي ’ڏنگ پتڻ‘ ڀرسان ٻن ڌرين ۾ هلندڙ جهيڙو، جيڪو هاڻ قبيلائي تڪرار جهڙو رخ اختيار ڪري ويو آهي، ان جي حل ٿيڻ ڏانهن، اهم پيش رفت جي اُميد هئي، جيڪا نه ٿي سگهي. ان ڪري جيڪڏهن منتظمين ٿوري ڪوشش وڌيڪ ڪن ها، ته هن دوري کي نه صرف روحاني بلڪه سياسي طرح به اڃان وڌيڪ بهتر بڻائي پئي سگهجيو! جيڪو بدقسمتيءَ سان نه ٿي سگهيو. بهرحال ڪجهه به هجي پير صاحب جو هي تاريخي روحاني دورو، تمام وڏي عرصي تائين ماڻهن کي ياد رهندو ۽ ڳائبو رهبو. جيڪو ڪيترين ئي تلخ ۽ شيرين يادگيرين تي ختم ٿيو، اهي يادگيريون جيڪي سالن تائين، ماڻهو پنهنجي ساهه ۾ سانڍي رکندا!
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو