Saturday 22 November 2014

نصير ميمڻ

       ڪراچيءَ جي محروميءَ جو ناٽڪ
                              خميس 16 جنوري 2014ع


تازو ايم ڪيو ايم سربراهه ۽ سندس پارٽي اڳواڻن، سنڌ ۾ شهري آباديءَ لاءِ  الڳ صوبي جو مطالبو ورجائيندي روايتي گمراهه ڪندڙ بيان جاري ڪيا ته شهري آباديءَ  سان ناحق ٿي رهيو آهي. هڪ اڳواڻ ته اهو به فرمايو ته بلوچن سان ناانصافيون ٿيون، جنهن ڪري هو جبلن تي چڙهي ويا. ڪن صاحبن وري بنگلاديش ٺهڻ جا حوالا ڏنا، تاثر اهو ڏنو ويو ڄڻ سنڌ جي شهري آبادي  (جنهن کي به گمراهه ڪندڙ بنيادن تي رڳو ڪراچي ۽ حيدرآباد جي آباديءَ تائين محدود رکيو وڃي ٿو) اصل ويلا پئي ڪاٽي، باقي ٻهراڙين ۾ کير ۽ ماکيءَ جون نديون پيون وهن. انساني ترقي، ملازمتن ۽ ٻين حقن جي معاملي ۾ ڪراچي رڳو سنڌ نه پر سڄي ملڪ جو خوشحال ترين علائقو آهي. ڪراچيءَ جي حقن جي محروميءَ وارو ناٽڪ انگن اکرن جي  دليلن سان بنهه وائکو ٿي پوي ٿو. هڪ نظر ملازمتن، صحت، تعليم ۽ ٻين شعبن جي انگن اکرن تي وجهڻ سان انساني احساس محروميءَ واري ان ڍونگ کي وائکو ڪري سگهجي ٿو. وفاقي حڪومت، نيم خودمختيار ۽ خودمختيار ادارن ۾ نوڪرين جو تناسب محروم يا ستابو هجڻ جو هڪ اهم اهڃاڻ آهي، ان جو تعلق رڳو پگهار سان نه پر مجموعي طور ملڪي معاملن ۾ شراڪت ۽ انهن تي اثر انداز ٿيڻ سان به آهي. عام طور تي سنڌ ۾ ڪوٽا سسٽم جو حوالو ڏيئي اهو تاثر پيدا ڪيو ويندو آهي ته ڄڻ شهري علائقن جي رهواسين جي نوڪرين تي ڪو ٻهراڙين جا ماڻهو والار ڪريو ويٺا آهن. وفاقي ادارن جي ملازمن جي سرڪاري طور جاري ڪيل بليٽن 2012-2011ع ۾ هيٺان انگ اکر ڏنل آهن؛
· گريڊ هڪ کان 22 گريڊ تائين جي ملازمن ۾ سنڌ شهري جا 26871 ۽ سنڌ ٻهراڙيءَ جا 34224 ملازم آهن. ان لحاظ کان ڏسجي ته سنڌ شهري جو صوبي کي مليل ڪل نوڪرين ۾ حصو 44 سيڪڙو آهي، يعني ڪوٽا موجب صوبي اندر مليل 40 سيڪڙي کان 4 سيڪڙو وڌيڪ نوڪريون شهري علائقن کي مليل آهن. ان جو مطلب ٿيو ته سنڌ ٻهراڙيءَ جون 2443 نوڪريون شهري علائقن کي ڏنل آهن. گريڊ وار ڏنل وچورن موجب، 22 هين گريڊ جي اهم ترين عهدن ۾ سنڌ شهري کي 13 ۽ سنڌ ٻهراڙي کي رڳو 3 سيٽون مليل آهن. ساڳئي طرح وفاقي ڪارپوريشنز ۽ ٻين نيم خودمختيار ۽ خودمختيار ادارن ۾ سنڌ جي شهري آباديءَ کي 49265 نوڪريون ۽ ٻهراڙين کي 39595 نوڪريون مليل آهن. اهڙي طرح شهري آباديءَ کي 40 بدران 55.42 سيڪڙو ۽ ٻهراڙين کي 60 بجاءِ 44.55 سيڪڙو نوڪريون ڏنل آهن. انگن موجب، ان جو مطلب آهي ته سنڌ ٻهراڙيءَ جون 13721 نوڪريون شهري علائقن ۾ مليل آهن. اهي انگ اکر پاڪستان سرڪار جا آهن، ان جي باوجود اها دانهن ڪئي وڃي ٿي ته شهري آباديءَ سان وڏو ناحق ٿي رهيو آهي. تعليم انساني ترقيءَ جو هڪ اهم ماپو آهي. اچو ته ان شعبي جي انگن اکرن جو به جائزو وٺون.
* پاڪستان ۾ تعليم جي صورتحال بابت ”اثر“ نالي جاري ٿيندڙ سالياني رپورٽ کي ان شعبي ۾ نهايت مستند دستاويز سمجهيو ويندو آهي. تازو 2012ع جي جاري ٿيل ”اثر“ سالياني رپورٽ ۾ سنڌ ۾ تعليم جي حوالي سان ڪيل ضلعي وار درجي بنديءَ ۾ ڪراچيءَ کي باقي سمورن ضلعن کان اڳڀرو ڏيکاريو ويو آهي. رپورٽ موجب، ٽن کان پنجن سالن جي ٻارن جي تعليم تائين پهچ ۾ ڪراچيءَ جو اسڪور 65 سيڪڙو آهي، جڏهن ته ٻئين نمبر تي حيدرآباد ضلعي جو اسڪور 59 سيڪڙو آهي. اسڪول نه ويندڙ ٻارن جي سيڪڙي ۾ ڪراچي سڀ کان گهٽ يعني 6.2 سيڪڙو تي آهي. ان جي ابتڙ سنڌ ٻهراڙيءَ جي ضلعن جي حالت تمام گهڻي خراب آهي. مثال طور، ڪشمور ۾ 50، ميرپورخاص ۾ 45، قمبر شهدادڪوٽ ۾ 39.4 سيڪڙو ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن. رپورٽ موجب ڪراچيءَ جي ٻارن کي خانگي اسڪولن جي بهترين سهولت حاصل آهي ۽ 67 سيڪڙو ٻارن کي خانگي اسڪولن ۾ پهچ حاصل آهي. جڏهن ته سڄي سنڌ ٻهراڙيءَ ۾ رڳو 9سيڪڙو ٻار خانگي اسڪولن تائين پهچ رکن ٿا. ساڳئي طرح الف اعلان پراجيڪٽ پاران 2013ع ۾ تعليم بابت جاري ڪيل درجا بنديءَ ۾ به ڪراچي سنڌ جي سمورن ضلعن کان اڳڀرو آهي. رپورٽ ۾ ڏنل چئني تعليمي اهڃاڻن ۾ ڪراچي، سنڌ اندر پهرئين نمبر تي آهي. ڪراچيءَ کي نه رڳو سرڪاري پر غير سرڪاري ۽ خانگي شعبي ۾ به تعليم جون بهتر سهولتون ميسر آهن. انڊس جرنل آف سوشل سائنسز جي 2012ع واري اشاعت ۾ ڇپيل هڪ ريسرچ پيپر ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سنڌ اندر 8492 خانگي اسڪول آهن، جن مان 5359 رڳو ڪراچي شهر ۾ آهن ۽ باقي سڄي سنڌ ۾ ڪل 3133 خانگي اسڪول آهن. ساڳئي طرح هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي ويب سائيٽ تي خانگي شعبي جي يونيورسٽين ۽ ڊگري ڏيندڙ يونيورسٽين جي فهرست ۾ صوبي اندر 26 مان 25 اهڙا ادارا رڳو ڪراچي شهر ۾ آهن. سنڌ سرڪار پاران چارٽر ڏنل اهڙن ادارن مان پڻ 6 ادارا ڪراچي شهر ۾ آهن. ان کان سواءِ وفاقي سرڪار جي چارٽر هيٺ دائود انجنيئرنگ ڪاليج ۽ پاڪستان نيول اڪيڊمي پڻ ڪراچي شهر ۾ آهن. سرڪاري شعبي جي تعليمي ادارن ۾ ته سنڌ ٻهراڙيءَ جو حال سڀني کي سجهي ٿو، جڏهن ته معياري تعليم جون سموريون بهتر سهولتون ڪراچي شهر ۾ آهن. ساڳئي طرح صحت جي شعبي جا انگ اکر به شهري آباديءَ جي خوشحاليءَ کي ظاهر ڪن ٿا. ٻهراڙين ۾ صحت جون سهولتون برباديءَ جي ور چڙهيل آهن، ٿورو گهڻو بي ايڇ يوز کي پي پي ايڇ آءِ بهتر بنايو آهي، باقي حال پورو آهي.
سنڌ بيورو آف اسٽيٽسڪس جي 2010ع جي رپورٽ موجب سنڌ اندر خانگي شعبي ۾ ڪل 358 اسپتالون هيون، جن مان 134 رڳو ڪراچي شهر ۾ آهن. جنرل پريڪٽيشنر ڪلينڪ سڄي سنڌ ۾ 4122 هيون، جن مان 1917 رڳو ڪراچي شهر ۾ آهن. گائني جي شعبي ۾ 243 ماهرن مان 176 رڳو ڪراچي شهر ۾ آهن، جڏهن ته ٻهراڙي جي ضلعن مٽياري، ٽنڊي محمد خان، ٽنڊي الهيار، بدين ۽ دادوءَ ۾ هڪ به اهڙو ماهر موجود نه هو. ساڳئي طرح ٻارن جي 239 ڊاڪٽرن مان 171 رڳو ڪراچي شهر ۾ آهن. صوبي اندر 1407 نرسن مان 1123 ڪراچي شهر ۾ آهن. اهي انگ اکر ٻڌائين ٿا ته صحت جي شعبي ۾ ڪراچي شهر باقي سڄي سنڌ کان اڳڀرو آهي. صوبي جون بهترين اسپتالون ڪراچي شهر ۾ واقع آهن، جڏهن ته ٻهراڙيون نيم حڪيمن ۽ گوسڙو ڊاڪٽرن جي حوالي آهن. ساڳئي طرح صحت جي تعليم ۽ سکيا جا به بهترين مرڪز ڪراچي شهر ۾ آهن، جن ۾ آغا خان يونيورسٽي، بقائي ميڊيڪل ڪاليج، ضياءُ الدين ميڊيڪل ڪاليج، لياقت نيشنل ميڊيڪل ڪاليج سميت 10 اهم ادارا شامل آهن. پاڪستان نرسنگ ڪائونسل جي 2010ع جي رپورٽ موجب صوبي اندر نرسنگ جي مڃيل 30 ڪاليجن مان 25 رڳو ڪراچي ۾ آهن.
ورلڊ بئنڪ جي 2006ع ۾ جاري ڪيل رپورٽ:
Securing Sindh’s Future موجب، شهري سنڌ ۾ 87 سيڪڙو ٻارن کي بچاءُ جا ٽڪا لڳن ٿا، جڏهن ته ٻهراڙيءَ ۾ 62 سيڪڙو ٻارن کي حفاظتي ٽڪا لڳن ٿا. ساڳئي رپورٽ موجب ڪراچيءَ ۾ پنجن سالن کان گهٽ ڄمار جي ٻارن ۾ موت جي شرح هڪ لک زنده پيدا ٿيل ٻارن مان 55 آهي، جڏهن ته ٻهراڙيءَ ۾ اها شرح 120 ٻارن تي آهي. ان رپورٽ ۾ اهو به ڄاڻايو ويو آهي ته ڪراچيءَ ۾ هر ٽن مان هڪ ٻار غذا جي اڻاٺ جو شڪار آهي، ٻهراڙين ۾ اڌ جي لڳ ڀڳ ٻار غذا جي اڻاٺ جو شڪار آهن. اهو ئي ڪارڻ آهي جو ٻهراڙين ۾ ٻارن جي بيمارين ۽ موت جي شرح وڌيڪ آهي. ملٽيپل انڊيڪيٽر ڪلسٽر سروي 04-2003ع ۾ صحت ۽ سماجي ترقيءَ جي حوالي سان ڪيل اهم اهڃاڻن جي ڀيٽ ۾ ڪراچيءَ جا انگ اکر باقي سنڌ کان چٽيءَ طرح اڳڀرا نظر اچن ٿا. رپورٽ موجب ڪراچيءَ ۾ 73 سيڪڙو ويم باقاعدي قائم ٿيل سهولتن اندر ٿي رهيا هئا، جڏهن ته ٺٽي ۾ اها شرح 29 سيڪڙو، ٿرپارڪر ۾ 31 سيڪڙو ۽ نوشهري فيروز ۾ رڳو 18 سيڪڙو هئي. ابهم ٻارن (سال کان گهٽ) ۾ موت جي شرح ۾ ڪراچيءَ سڀ کان گهٽ هو، جتي اها شرح 46 سيڪڙو هئي، جڏهن ته ٻهراڙيءَ جي ٻين ضلعن ۾ ابهم ٻارن جي موت جي شرح تمام گهڻي هئي. مثال طور ٺٽي ۾ 91، جيڪب آباد ۾ 90، گهوٽڪي، نوابشاهه ۾ 88، لاڙڪاڻي ۾ 84، دادوءَ ۾ 81، شڪارپور ۾ 85، ٿرپارڪر ۽ بدين ۾ 87 سيڪڙو ٻار ڄم جي پهرين سال اندر مري وڃن ٿا. ان مان ظاهر ٿئي ٿو صحت جي سهولتن ۾ڪراچي شهر ٻهراڙي کان گهڻو اڳتي آهي.
هاڻي هڪ نظر انساني ترقي (Human Development) جي بنيادن تي ڪيل ڪجهه اهم تجزين تي وجهون ٿا. سوشل پاليسي اينڊ ڊولپمينٽ سينٽرSPDC ڪراچيءَ جي هڪ ڄاتل سڃاتل ٿنڪ ٽينڪ ۽ تحقيقي ادارو آهي. هن اداري جي سالياني رپورٽ نهايت ساکائٽي ۽ سائنسي بنيادن تي ڪيل کوجنا تي ٻڌل هوندي آهي. 2001ع ۾ هن اداري پاران جاري ڪيل رپورٽ: Growth Inequality and poverty ۾ ملڪ اندر ترقيءَ جي معاملي ۾ اڻ برابريءَ جو جائزو ورتو ويو هو. ان رپورٽ ۾ سنڌ صوبي جي ڏنل جائزي موجب ملازمتن، تعليم، رهائش ۽ رهائشي خدمتن جي حوالي سان ڪراچي سڀني ضلعن کان اسريل ضلعو هو. محروميءَ جي ماپي موجب ڪراچيءَ جو اسڪور سڀني کان گهٽ يعني ’هڪ‘ هو، جڏهن ته ڪجهه اهڃاڻن ۾ سنڌ ٻهراڙيءَ جا ضلعا ان کان تمام گهڻو محروم هئا. مثال طور ملازمتن ۾ دادو 15، تعليم ٿرپارڪر 16، رهائش ۾ جيڪب آباد  15 ۽ رهائشي سهولتن ۾ ٺٽو 15 ڀيرا وڌيڪ محروم هئا. ان رپورٽ موجب، ڪراچي رڳو سنڌ نه پر ملڪ جو گهٽ ۾ گهٽ محروم يعني ٻين لفظن ۾ وڌ کان وڌ اسريل ضلعو آهي. ملڪي سطح تي هڪ کان سئو نمبرن جي ماپي ۾ ڪراچي سڀ کان گهٽ محروم يعني پهرين نمبر تي هو، جڏهن ته ٿرپارڪر سڀ کان محروم يعني 84 هين نمبر تي هو. ان درجي بنديءَ ۾ ٺٽو 78هين، بدين 76 هين نمبر تي هئا.
سوشل پاليسي اينڊ ڊولپمينٽ سينٽر SPDC جي هڪ ٻي رپورٽ Social 2nd Economic Development Ranking of districts of  Pakistan  جيڪا 1998ع ۾ شايع ڪئي وئي، ڪراچيءَ جي نامور محققن ضلعن ۾ ترقيءَ جي صورتحال جو سائنسي بنيادن تي جائزو ورتو آهي. ضلعي وار درجي بنديءَ ۾ ڪراچي ملڪ جو سڀ کان اسريل ضلعو قرار ڏنو ويو آهي، جڏهن ته حيدرآباد 17 هين نمبر تي ۽ نوشهرو فيروز 22 هين نمبر تي آهي. ان رپورٽ ۾ صفحي نمبر 31 تي ڏنل هڪ جدول ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پڪن گهرن جي حوالي سان ڪراچي ملڪ جو پهريون نمبر شهر آهي، جڏهن ته گهرن ۾ بجليءَ جي سهولت ۽ رڌ پچاءُ لاءِ گيس جي سهولت جي حوالي سان ٻيون نمبر شهر هو. ياد رهي ته هي انگ اکر جنرل مشرف جي دور کان به اڳ جا آهن. مشرف جي دور ۾ ڪراچيءَ اندر ترقيءَ جي مد ۾ اربين روپيا لڳايا ويا.
اڳتي هلي 2003ع ۾ اقوام متحده جي اداري UNDP پاران پاڪستان ۾ انساني ترقيءَ بابت جاري ڪيل رپورٽ موجب، ڪراچي، سنڌ جو پهريون نمبر ۽ ملڪ جو پنجون نمبر اسريل شهر قرار ڏنو ويو. هن رپورٽ ۾ انساني ترقيءَ جي بنيادي ماپن جهڙوڪ خواندگي، اسڪولن ۾ داخلائن، ٻارن کي ٽڪا لڳڻ، ابهم ٻارن جي ڄمار، صحت ۽ آمدنيءَ کي مدنظر رکي سائنسي بنيادن تي درجي بندي ڪئي وئي. ڪراچي لڳ ڀڳ هر اهڃاڻ ۾ سنڌ ٻهراڙيءَ کان اڳتي نڪتل آهي. 2006ع ۾ پاڪستان حڪومت پاران ملينيم ڊولپمينٽ گولز جي صورتحال بابت هڪ رپورٽ جاري ڪئي وئي. هن رپورٽ ۾ انساني ترقيءَ جي اهم اهڃاڻن تي پاڪستان جي ضلعن جي درجي بندي ڪئي وئي. ان رپورٽ جي تفصيل ۾ وڃڻ سان صاف نظر ايندو ته ڪراچي ملڪ توڙي صوبي اندر اهم اهڃاڻن تي سڀني کان اڳڀرو آهي. پرائمري ۾ داخلائن خواندگي شرح، صنفي برابري، نوجوانن جي خواندگيءَ جهڙن اهم اهڃاڻن ۾ ڪراچي پهرئين نمبر تي آهي.
اهي سمورا سائنسي تجزيا ۽ انگ اکر ٻڌائين ٿا ته ڪراچي نه رڳو صوبي پر ملڪ جو به سڀ کان اسريل علائقو آهي ۽ اتي جي آبادي انساني ترقيءَ جي سمورن اهڃاڻن تي ٻين علائقن کان اڳڀري آهي. سنڌ جي ٻهراڙين ۾ انساني ترقيءَ جي صورتحال تي پنهنجا لفظ چوڻ بجاءِ مان ورلڊ بئنڪ جي رپورٽ Securing Sindh’s Future مان ڪجهه جملا ترجمو ڪري پيش ڪريان ٿو:
1، 02-2001ع ۾ ڪراچي تي في ماڻهو ٿيندڙ خرچ باقي سنڌ جي ڀيٽ ۾ 62 سيڪڙو وڌيڪ هو (صفحو نمبر 21)
2، سنڌ جون ٻهراڙيون ڪراچيءَ کان رڳو چند ميلن تي آهن پر اهي ترقي جي سرحدن کان ڪيئي ميل پرتي آهن.
ان کان پوءِ ڪير دعوى ڪري ته ڪراچيءَ ۾ احساس محرومي آهي ته پوءِ ان کي ڍونگ ۽ گمراهيءَ کان سواءِ ڇا چئجي!

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو