Tuesday 25 November 2014

محمد علي شاھ

دريائن جي آزادي، زندگيءَ جي آزادي آهي
                        جمع 14 مارچ 2014ع


ڊيمن جي خلاف ۽ دريائن جي بحاليءَ لاءِ عالمي ايڪشن جي ڏينهن جو خيال ان وقت سامهون آيو، جڏهن پهريون ڀيرو ڊيم متاثرين جي عالمي گڏجاڻي، جيڪا مارچ 1997ع ۾  برازيل جي هڪ شهر ڪرتيبا ۾ ٿي هئي، جنهن ۾ دُنيا جي  اٽڪل 20 ملڪن جي نمائندن شرڪت ڪئي هئي. انهيءَ گڏجاڻيءَ ۾ گڏيل  فيصلو ۽ اعلان  ڪيو ويو ته، 14 مارچ تي هر سال پوري  دنيا ۾ دريائن جي لاءِ ۽ ڊيمن جي خلاف  ”ڊي آف ايڪشن“ جي نالي ۾ دريائن جو عالمي ڏينهن ملهايو ويندو. دراصل  برازيل ۾ ڊيم متاثرين عوام  اڳ ۾ ئي اهو ڏينهن وڏن ڊيمن جي خلاف  ايڪشن جو ڏينهن ڪري ملهائيندا  هئا. هن ايڪشن جي ڏينهن جو خاص مقصد اهو هو ته، هن وقت  دنيا ۾ جيڪي به  ڊيم مخالف تحريڪون هلن پيون، انهن جي درميان علائقائي ۽ عالمي سطح تي اتحاد ۽ نيٽ ورڪ قائم ڪجن، ته جيئن انهن کي مضبوط ڪري سگھجي.  ڊيم مخالف عوامي تحريڪن جي عالمي گڏجاڻي ڪوٺائڻ جو خيال به دراصل  برازيل جي ڊيم متاثرين جي عوامي تحريڪ جي  سالياني گڏجاڻيءَ ۾ تجويز ڪيو ويو. ان کانسواءِ  سيپٽمبر 1995ع ۾ هڪ تياري ڪميٽيءَ جي گڏجاڻي برازيل ۾ ٿي، جنهن ۾ هڪ عالمي ڪميٽي برازيل جي ڊيم متاثرين تحريڪ جي  سربراهيءَ ۾ تشڪيل ڏني وئي ۽  جنهن ۾ انٽرنيشنل ريورس نيٽ ورڪ، انڊيا جي نرمدا بچائو اندولن، يورپين ريورس نيٽ ورڪ ۽ چلي جي ڊيم متاثرين تحريڪ شامل هيون.
اها حقيقت آهي ته، ڊيم متاثر ماڻهن جي پهرين عالمي گڏجاڻي اصل ۾ پهريون ڪامياب قدم هو، جنهن جي نتيجي ۾  هڪ عالمي ڊيم متاثرين ماڻهن جو نيٽ ورڪ جوڙيو  ويو  ۽ پوءِ  ان کي مضبوط به ڪيو ويو. آئون اوهان کي ٻڌائيندو هلان ته، دريائن کي بحال ڪرڻ  جو عالمي ايڪشن جي ڏينهن جو ٻيو قدم اهو آهي ته، ڊيمن جي خلاف تحريڪن کي مضبوط ڪجي،  پاڻيءَ جي هاڃيڪار رٿائن جي خلاف آواز اُٿارجي، دريائن ۽ پاڻيءَ جي قدرتي ذخيرن جي صحت ۽ انهن جي قدرتي وهڪرن کي بحال ڪجي ۽ اسان جي  دريائن ۽ پاڻيءَ جي ذخيرن جي جٽادار ۽ برابريءَ جي اصول هيٺ انتظام ڪاري ڪجي. ان کانسوءِ  اسان کي ڊيمن جي خلاف ۽ دريائن کي بحال ڪرڻ  لاءِ  گڏيل طور عمل ڪرڻ گھرجي. ڊيم مخالف تحريڪن کي اهو ذهن ۾ رکڻ گھرجي ته، اسان کي  صرف الگ ٿلگ ۽ مقامي سطح تي جدوجهد ۽ آواز اُٿارڻو ڪونهي پر  انهن پاڻيءَ جي  مسئلن کي عالمي پس منظر ۾ به کڻڻو آهي.  اڄ 14مارچ تي دريائن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي  سموري دنيا ۾ هزارين ماڻهو  دريائن جو عالمي  ڏهاڙو ملهائي پنهنجو آواز  بلند  ڪندا آهن ۽ اهي انهن دريائن کي آزاد ڪرڻ  لاءِ جدوجهد ڪرڻ جو وچن  ڪندا آهن. اها حقيقت آهي ته ، دريائن جو عالمي ڏينهن اسان کي عالمي سطح تي رابطي جو ذريعو مهيا ڪري ٿو. ان کانسواءِ  درياءَ  ڪيترن ئي طريقن سان اسان کي جوڙين ٿا، اهوئي سبب آهي جو  هن سال دريائن جي عالمي ڏينهن جو ٿيم آهي ته، ”درياءَ اسان کي پاڻ ۾ جوڙين ٿا ۽ اسان ۾ ٻڌي قائم رکن ٿا“ ان ڪري آئون ان ڳالهه ۾ يقين رکان ٿو ته، اسان سمورن ماڻهن جو دارو مدار صحت مند دريائن سان لاڳاپيل آهي ۽ انهيءَ ڪري پاڻ گڏجي دريائن جي حفاظت به  ڪري سگھون ٿا ۽ دريائن جا فطرتي وهڪرا بحال به  ڪري سگھون ٿا. ان کان علاوه 14مارچ دريائن جو عالمي ڏينهن، جيڪو  مقامي، قومي، علائقائي ۽ عالمي طور سنجيدگيءَ سان اسان جي پاڻي ۽ دريائن جي حفاظت ۽ بحاليءَ جي عڪاسي ڪري ٿو. اسين جيڪو دريائن سان ويڌن ڪريون ٿا، ان جو سمورو بار اسان جي نسلن کي کڻڻو پوي ٿو. درياءَ ۽ پاڻي، جيڪو اسان جي حياتين جو بنيادي ذريعو آهن ۽ اهي اسان جي حياتين کي جيئدان ڏيندا آهن پر انسان سدائين ۽ مسلسل انهن پاڻيءَ جي قدرتي ذخيرن سان غير ذميواريءَ وارو سلوڪ ڪري ٿو. آئون سمجهان ٿو ته، جيڪڏهن هاڻ جنگيون لڳيون ته اهي پاڻيءَ تي لڳنديون. پوءِ ائين به ٿي سگھي ٿو، اسان جي روحن جي درميان به جنگيون وڙهيون وڃن، ڇو ته اهو  پاڻيءَ تي حملو ڪري ان کي قيد ڪرڻ جو معاف نه ٿيندڙ گناهه ڪرڻ جي ڪوشش هوندي.
اچو ته غور ڪريون ته، پاڻيءَ جي مسئلي کي اسان ڪيترو سنجيده ورتو آهي ۽ ان جو مطالبو علمي، سائنسي ۽ تحقيقي طور ڪيترو ڪيو آهي ۽ پاڻيءَ کي بچائڻ لاءِ رياست کان وٺي هڪ عام ماڻهوءَ تائين ڪهڙو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، ان متعلق تمام گهٽ ماڻهن، تنظيمن ۽ ادارن لکيو، ڳالهايو ۽ ان کي منظرِ عام تي آندو آهي. اسان کي دريائي ماڻهن، هارين ۽ مهاڻن جي روزگار، ۽ سماجي تبديليءَ سان گڏ پاڻي، درياءَ ، ڍنڍن ۽ آبي جيوت جي بچاءَ لاءِ به پنهنجي وس آهر وڙهڻو ۽ جدوجهد ڪرڻي آهي. آئون  هميشه جيان اڄ به دريائن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي توهان جي اڳيان پاڻي ۽ دريائن جي بحاليءَ جي حوالي سان اها ڳالهه ضرور ڪندس ته، اسان کي پاڻيءَ جي  مسئلي تي تحقيق سان گڏ پائيدار، منظم ۽ سائنسي انداز ۾ تحريڪ هلائڻ جي رٿا کڻي هن رياست، عالمي ادارن ۽ پاڻيءَ تي قبضو ڪندڙ ڪاروباري ۽ گھڻ قومي ڪمپنين جي سازشن خلاف پنهنجو آواز بُلند ڪرڻ لاءِ پاڻ کي  تيار ڪرڻو آهي.
 بدقسمتيءَ سان وسيع آبپاشي نظام ۽ ڪمزور نيڪال جي سرشتي سبب پاڪستان جي ٻهراڙيءَ جا علائقا سم ۽ ڪلر جو شڪار ٿي چڪا آهن. نتيجي طور هن ملڪ جون زرخيز زمينون سم ۽ ڪلر جي واڌ ڪري سٺي زرعي اپت ڏيڻ ۾ ناڪام ٿينديون پيون وڃن. پاڪستان جي موجوده پاڻيءَ جو هڪ وڏو حصو زراعت لاءِ مهيا ڪرڻ کانپوءِ 10 سيڪڙي کان به گهٽ پاڻي پيئڻ ۽ ڍنڍن جي آبياريءَ لاءِ بچي ٿو، تنهن ڪري ملڪي عوام جو وڏو انگ انهن سهولتن کان وانجهيل آهي، اهو چئي سگهجي ٿو ته، اٽڪل چار ڪروڙ کان وڌيڪ پاڪستاني ماڻهن کي پيئڻ جي صاف پاڻيءَ جي سهولت ميسر ناهي. ملڪ جا شهري ۽ ٻهراڙيءَ وارا علائقا گدلو پاڻي واپرائڻ سبب پاڻيءَ سان لاڳاپيل انيڪ بيمارين جي ور چڙهيل آهن. روزانو سراسري طرح ٻار گدلي پاڻيءَ سان لاڳاپيل بيمارين جي ڪري موت جو کاڄ بڻجن ٿا.
پاڻيءَ جي شديد کوٽ جون نشانيون سنڌ صوبي جي ڪيترن ئي علائقن ۾ ڏسي سگهجن ٿيون، جيئن ته ملڪ جي آبادي تمام گهڻي وڌي رهي آهي. سنڌو درياءَ جي مٿانهين وهڪري مان پاڻيءَ جو وڏو مقدار پنجاب صوبي جي زراعت ۽ شهري استعمال لاءِ ڪتب آندو وڃي پيو، نتيجي طور هيستائين سنڌو درياءَ جو وهڪرو، جيڪو ڪڏهن ”درياءَ بادشاهه“ جي نالي سان سُڃاتو ويندو هو، سـُڪڙجي واهه جي صورت اختيار ڪري ويو آهي ۽ ڪٿي ڪٿي ته درياءَ جي حيثيت هڪ دُٻي کان مٿي ناهي رهي. درياءَ جي اهڙي طرح غائب ٿيڻ سبب سنڌوءَ جي وسيلن تي گذر ڪندڙ ماڻهن خاص طور تي ماهيگيرن، مالوندن، ڪچي جي رهواسين جي روزگار ۽ سندن رهڻي ڪهڻيءَ تي موت جهڙي ماٺ ڇانئجي وئي آهي. اهي ماڻهو ڪاٺيون وڪڻي گذر ڪري موٽ ۾ ڳري ملهه تي پاڻيءَ جا ٽينڪر خريد ڪرڻ تي مجبور آهن. انهن کي خبر ئي نه آهي ته، کين بيماريءَ جي علاج جي نالي ۾ ڪيتري قيمت ادا ڪرڻي پوي ٿي. پر هو مجبور آهن، ڇاڪاڻ ته وٽن روزگار جو ڪو به متبادل وسيلو نه بچيو آهي. ان ڪري نه اهي ٻيلا محفوظ آهن، نه چراگاهه بچيا آهن ۽ نه ڍنڍون پنهنجي اوج ۾ آهن، نتيجي ۾ لکين ماڻهن جي روزگار جا وسيلا غير محفوظ آهن. موسمي تبديلين، ڪلائيميٽ چينج هڪ پاسي ۽ سرڪاري پاليسين ۽ سياسي پٺڀرائيءَ تي راڄ ڪندڙ با اثر ماڻهن لکين ماڻهن جي زندگي جنجال بنائي ڇڏي آهي. ان سڄي صورتحال ۾ مونکي کي اعتماد آهي ته، اسان جيڪا جدوجهد جي واٽ ورتي آهي، سا سنڌ توڙي هن ملڪ، سڄي ڏکڻ ايشيا ۽ دنيا جي پاڻيءَ جي وسيلن جي تحفظ لاءِ جدوجهد ڪندڙ ماڻهن لاءِ هڪ اميد جو ڪرڻو ثابت ٿيندي.
 آبي وسيلن تي صنعتي ڪنٽرول انسانذات جي فلاح، بهبود ۽ آسودگيءَ لاءِ  خطرو ثابت ٿيو آهي، ڇو ته پاڻي زندگيءَ جو ضامن آهي. توهان سمجھندا هوندا ته، پاڻيءَ کي تباهه ڪرڻ جو مطلب پاڻ کي تباهه ڪرڻ برابر آهي. صرف اڄ جي جديد دنيا، جيڪا ان خام خياليءَ ۾ مبتلا آهي ته، ان قدرتي وسيلن تي بالادستي قائم ڪري ورتي آهي، ان جا نتيجا هن ڌرتيءَ جي هر حصي ۾ سوڪهڙي، صحرائن، شهرن جي اُڃارن ماڻهن جي لڳاتار احتجاجن، تباهه ٿيل آبي ذخيرن، وڌندڙ غلاظت، مرندڙ جانورن ۽ انساني بيمارين جي صورت ۾ سامهون آهن. اسين اهو يقين ڪرڻ جي غلطي ڪري رهيا آهيون ته، ڌرتيءَ تي اڻ کٽ پاڻي موجود آهي ۽ اسان مان ڪيترائي پاڻيءَ کي ايئن استعمال ڪن ٿا، ڄڻ پاڻي ڪڏهن به ختم نه ٿيندو، پر اهي ڳالهيون خطرناڪ حد تائين غلط ثابت ٿيون آهن.
آبي ماحولياتي نظام جي ڀڃ ڊاهه جي ڪري عالمي سطح تي سماجي ۽ سياسي تڪرار وڌي ويا آهن، ان ڪري پاڻيءَ جي دائمي برابري ۽ جمهوري انتظام ڪاري 21 هين صديءَ جي عالمي برادريءَ لاءِ هڪ وڏو چئلينج آهي. عالمي مالياتي ادارن جي قرضن سان ٺهيل وڏا آبي منصوبا، پاڻيءَ جي استعمال جا ناپائيدار طريقا ۽ غير منصفاڻين پاليسين دريائي ماڻهن خاص طور تي ڊيلٽائن تي منفي اثر وڌا آهن. ڊيلٽائي ماحولياتي نظام اُتان جي ماڻهن کي مڪمل تباهيءَ جي ڪناري تي اچي بيهاريو آهي. اهو درياءَ، جيڪو ڪڏهن مڇيءَ جي نرسرين لاءِ لٽ آڻيندو هو، ڍنڍن جو پيٽ ڀريندو هو ۽ هن خطي جون زرعي زمينون آباد ڪندو هو، سو هاڻي تباهه ٿي ويو آهي. هاڻي هِي درياءَ ڪڏهن سالن تائين سوڪهڙي ۽ ڏُڪار جو سبب بڻجي ٿو، ته ڪڏهن ٻوڏ جي تباهي کڻي اچي ٿو. پاڪستان به ساڳين عوام دشمن ۽ ماحوليات دشمن پاليسين تي عمل ڪندي مدي خارج ترقيءَ جي نالي ۾ سنڌو درياءَ تي ڊيم ۽ بيراج ٺاهي دريائن جي ٻنهي پاسن کان آباد ماڻهن کي تباهه ۽ بيدخل ڪيو ۽ گڏوگڏ انساني حقن جي به خلاف ورزي ڪئي. ان کانسواءِ  درياءَ ۽ انڊس ڊيلٽا جي زندگي تباهه ڪئي وئي. جيئن ته ڊيلٽا ۾ مٺي پاڻيءَ جو وهڪرو گهٽجي ويو آهي، مختلف آبي وهڪرا، ڪريڪس ۽ ڍنڍون کاري پاڻيءَ سان ڀرجي ويون آهن ۽ زيرِ زمين پاڻيءَ جا ذخيرا به کارا ٿي ويا آهن. انهن سڀني ڳالهين جا مقامي ماڻهن جي روزگار، سماجي، معاشي ۽ ثقافتي زندگيءَ تي خطرناڪ اثر پيا آهن، ايتريقدر جو کوهن ۽ دُٻن جو پاڻي به پيئڻ جي لائق نه رهيو آهي، جنهن ڪري ماڻهو ٻاهران پاڻي خريد ڪرڻ تي مجبور ٿي پيا آهن ۽ پنهنجي روزانو ڪمائيءَ جو وڏو حصو پاڻيءَ جي حاصلات تي خرچ ڪن ٿا. ٻنيون تباهه ٿي ويون آهن، فصل سڙي سـُڪي ويا آهن ۽ زمينون لوڻياٺيون ٿي ويون آهن. تمر جي موجودگيءَ ڪري ڪنهن دور ۾ عروج تي پهتل ننڍي پيماني جي ماهيگيري زوال جو شڪار ٿي وئي آهي.
آئون  ان ڳالهه ۾ يقين رکان ٿو ته، زمين تي موجود مٺي پاڻيءَ تي حق به زمين ۽ ان تي رهندڙ هر قسم جي جيوت جو آهي، تنهن ڪري پاڻيءَ کي نجي جنس تصور ڪري ڪاروبار خاطر خريد ۽ فروخت ڪرڻ بند ڪيو وڃي، پاڻي هڪ عالمي ۽ گڏيل ملڪيت ۽ بنيادي انساني حق آهي، تنهن ڪري ان جي حفاظت ڪرڻ به سڀني جي اجتماعي ذميواري آهي. پاڻيءَ جي غير محفوظ هجڻ واري سوال کي جاچڻ لاءِ اسان کي قومي، علائقائي ۽ عالمي سطح تي ماحوليات، انساني حقن جي روشنيءَ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ واري مسئلي کي اُجاگر ڪرڻو پوندو. هِي وقت آهي ته، قومي، علائقائي ۽ مقامي سطح تي پاڻيءَ جو تحفظ ۽ دريائن کي آزاد ڪرڻ واري تحريڪ شروع ڪجي، ته جيئن پاڻيءَ کي ڪاروباري استعمال کان بچائي سگهجي. انهن ئي طريقن وسيلي کٽندڙ پاڻيءَ کي بچائي ۽ محفوظ ڪري سگهجي ٿو ۽ ان کي منصفاڻي، دوستاڻي ماحول ۾ ذميوار طريقي سان ورهائي سگهجي ٿو.
 1991 ع واري پاڻي ٺاهه سميت هيستائين جيڪي به پاڻيءَ متعلق ٺاهه ۽ فلسفا سامهون آيا آهن، تن مان سنڌو درياءَ جو پاڻيءَ سان پيٽ ڀرڻ بدران سندس سِينو اُڃيو ۽ پيٽ مان واري اُڏامندي نظر اچي ٿي. ان ڪري مون سميت سنڌ جي گهڻ گهرن، سول سوسائٽي تنظيمن ۽ سمورن ساڃهه وندن کي گڏجي ويهي پاڻيءَ جي کوٽ جي اصل حقيقتن کي ڳولڻ گهرجي ۽ پاڻي جي  نئين فلسفي “نيو واٽر پيراڊائيم” تحت گڏيل طاقتور راءِ جوڙي سنڌوءَ جي من مستي موٽائي ڏيڻ لاءِ صلاح مصلحت ڪرڻ گهرجي. آئون سمجهان ٿو ته، پاڻيءَ جي نئين فلسفي جي اصول کي سامهون رکندي دريائن کي آزاد ڪرڻ، خاص طور تي سنڌو درياءَ جي بحاليءَ لاءِ مسلسل جدوجهد ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ ڌرتي بچائڻ جو صرف هڪڙو ئي رستو آهي ته، دريائن کي ڊيمن کان آزاد ڪيو وڃي، ته جيئن اهي مـُنڍ کان پڇڙيءَ تائين زندهه رهي پنهنجي موج ۽ مستيءَ ۾ وهندو رهي. درياءَ سان واسطو رکندڙ ڍنڍون، ڍورا، دُٻا، ٻيلا، ماڻهن جو روزگار، جھنگلي ۽ آبي جيوت سميت ڌرتيءَ جو سڄو ماحولياتي نظام محفوظ ٿي سگهي. دريائن کي آزاد ڪرڻ مان اسان جي مراد آهي ته، دريائن جي آزاداڻي وهڪرن کي يقيني بڻائجي ۽ کين ڊيمن، آلودگي، خانگائڻ ۽ بيراجن جهڙين پابندين کان آجو ڪرائجي.  آئون اوهانکي ٻڌائڻ ٿو چاهيان ته، پاڪستاني رياست دريائي ڊيم ۽ بيراج ٺاهي سنڌو درياءَ جا رخ موڙيا آهن، درياءَ کي تباهه ڪيو آهي، درياءَ جي ماحوليات ۽ زندگي تباهه ڪئي آهي، درياءَ تي انحصار ڪندڙ لکين ماڻهن کي محروم ۽ بيدخل ڪيو آهي. اهي سڀ تباهيون ۽ برباديون ترقي ۽ قومي مفاد جي نالي ۾ ٿيون آهن. ان ڪري هاڻ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته، پاڻ کي  انهن سڀني پاليسين کي رد ڪرڻ گھرجي ۽ پاڻيءَ جي نئين فلسفي تي عملدرآمد ۽ دريائن کي بحال ڪرڻ لاءِ  باقاعده سماجي تحريڪ هلائڻ  گھرجي.

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو