شاهوڪار سنڌ
جي ٿيندڙ
استحصال جي هڪ تصوير
سومر 11 مارچ 2013ع
استحصال جي هڪ تصوير
سومر 11 مارچ 2013ع
’امير ۽ شاهوڪار سنڌ‘ جون ڳالهيون مختلف فورمن تي به ٿينديون رهيون آهن، ته اهي تحريرن جو به حصو پئي رهيون آهن. ان حوالي سان ساڃاهه وند مختلف دليل به ڏيندا ۽ پيش ڪندا رهيا آهن، تڏهن به گهڻي عرصي کان هر ڪو اهو سوال ورجائيندو رهيو آهي ته وسيلن سان مالا مال ۽ شاهوڪار سنڌ جي ماڻهن جي غريب حاليءَ کي ڪيئن ٿو بدلائي سگهجي؟ بظاهر خوشحال ۽ شاهوڪار سنڌ جي 5 ڪروڙ کان وڌيڪ آباديءَ کي غربت مان ڪڍڻ واري سوال جو حل ڪڍڻ ڏکيو عمل تصور پئي ڪيو ويندو رهيو آهي ۽ ان سوال تي بحث پڻ ٿيندو رهيو آهي ته، ان مشڪل ۽ پيچيده مامري جو ڪيئن حل ڪڍي سگهجي ٿو؟ پر 8 مارچ 2013ع واري ڏينهن شاهوڪار ۽ امير سنڌ جو هڪ رخ جيڪو پراڻو ضرور آهي پر نئين انداز سان منهنجي سامهون آيو ته امير سنڌ جي غريب ماڻهن جي غربت ختم ڪرڻ جو نسخو آسان ۽ صفا سولو آهي، جيڪو پيش ڪرڻ کان اڳ وسيلن سان مالا مال سنڌ جو پراڻو پر نئين انداز سان سامهون آيل رخ اوهان سامهون رکان ٿو. سنڌ صوبو ملڪ اندر پيدا ٿيندڙ گئس جي ڪل پيداوار ۾ اڪيلي سر 72 سيڪڙو حصو ڏئي ٿو پر سنڌ صوبي مان هر سال نڪرندڙ گئس جي قيمت ڇا آهي؟ واري سوال جو جواب رڳو چند وفاقي، صوبائي حڪومتن جي آفيسرن ۽ وزيرن تائين پئي محدود رهيو آهي ۽ عام ماڻهن تائين، سنڌ مان نڪرندڙ گئس جي سالياني آمدني ڪيتري آهي؟ واري ڄاڻ نه پهتي آهي پر 8 مارچ 2013 واري ڏينهن سنڌ مان چونڊيل سينيٽر ڊاڪٽر ڪريم خواجه جي سوال جو لکت ۾ سينيٽ ۾ پيش ڪيل جواب ۾ نه رڳو سنڌ اندر نڪرندڙ گئس جي قيمت ٻڌائي وئي آهي پر سنڌ مان نڪرندڙ تيل جي سالياني آمدنيءَ جا انگ اکر به پيٽروليم جي وزارت لکت ۾ پيش ڪيا آهن.
ڊاڪٽر ڪريم خواجه 14 فيبروري 2013ع تي پيٽروليم واري وزارت کان لکت ۾ سوال ڪيو هو، جنهن جو 8 مارچ 2013ع تي سينيٽ ۾ لکت ۾ جواب ڏنو ويو آهي. ڊاڪٽر ڪريم خواجه جو سوال ٽن حصن تي ٻڌل هو، جنهن جو پهريون حصو هو ته گذريل 5 سالن دوران ملڪ اندر پيدا ٿيل تيل ۽ گئس جا سال وار ۽ صوبي وار تفصيل، قيمت ۽ مقدار ٻڌائي وڃي. حصي ٻئي ۾ هو ته ڄاڻايل عرصي دوران هر صوبي کي نڪتل گئس ۽ تيل جي مد ۾ مليل رائلٽي جي رقم ڪيتري آهي؟ ان جا به سال وار تفصيل ڏنا وڃن ۽ سوال جو آخري ۽ ٽيون حصو هو ته رائلٽي جي ادائگيءَ جي لاءِ ڇا فارمولو اختيار ڪيو ويو آهي؟ ان سوال کي هو بهو ڏيڻ جو مقصد اهو آهي، جو اوهان کي اهو ٻڌائي سگهجي ته سنڌ جي نمائندگي ڪرڻ لاءِ سنڌ مان چونڊجي ايندڙ ميمبر پارليامينٽ ۾ هڪ سوال به سنڌ جي مسئلن کي ذهن ۾ رکي ڪن ٿا ته ان سان ڪيترا راز ۽ حقيقتون آشڪار ٿي سامهون اچن ٿيون.
ڊاڪٽر ڪريم خواجه جي مٿي ڏنل سوال جي پهرين حصي جو جواب ڏيندي پئٽروليم بابت صلاحڪار ڊاڪٽر عاصم حسين ايوان کي ٻڌايو آهي ته، سنڌ سال 8-2007ع ۾ 14.37، سال 9-2008ع ۾ 14.33، سال 10-2009ع ۾ 13.29 سال 11-2010ع ۾ 11.11 ۽ سال 12-2011ع ۾ 9.68 ملين بيرل تيل پيداوار ڏني آهي، جنهن کي اگر مجموعي طور آسان ۽ سولي ٻوليءَ ۾ پيش ڪجي ته گذريل پنجن سالن اندر سنڌ صوبي مان 6 ڪروڙ، 27 لک، 80 هزار بيرل تيل جي پيداوار حاصل ڪئي وئي. پيٽروليم وزارت جي صلاحڪار، ڄاڻايل عرصي دوران سنڌ مان نڪتل تيل جي قيمت هن ريت سال وار ڄاڻائي آهي؛ سال 8-2007ع ۾ سنڌ مان نڪتل تيل جي قيمت 1292.52، سال 9-2008ع ۾ 960.11 سال 10-2009ع ۾ 1099.22، سال 11-2010ع ۾ 1167.83، ۽ سال 12-2011ع ۾ 1027.89 ملين آمريڪي ڊالر آهي. ڄاڻايل 5 سالن جي عرصي دوران سنڌ مان نڪتل تيل جي اهڙي ريت مجموعي طور تي قيمت 5547.57 ملين آمريڪي ڊالر ٿئي ٿي. اگر سولي ٻوليءَ ۾ ان کي پيش ڪجي ته 5 ارب، 54 ڪروڙ، 75 لک، 40 هزار آمريڪي ڊالرن جو سنڌ مان ڄاڻايل 5 سالن جي عرصي دوران تيل نڪتو آهي، ان کي اڃا اگر آسان ڪري پاڪستاني رپين ۾ رقم پيش ڪجي ۽ 98.20 رپيا في ڊالر جي قيمت لڳائجي ته ڪل رقم پاڪساني رپين ۾ 5 کرب، 44 ارب، 77 ڪروڙ، 13 لک، 74 هزار رپيا ٿئي ٿي. اهڙي ريت پئٽروليم وزارت لکت ۾ ايوان کي ساڳئي سوال جي جواب ۾ ٻڌايو آهي ته، 8-2007ع ۾ سنڌ صوبي مان 1033.13، سال 9-2008ع ۾ 1037.68، سال 10-2009ع ۾ 1049.99، سال 11-2010ع ۾ 996.00 ۽ سال 12-2011ع ۾ 1052.50 بلين ڪيوسڪ فٽ گيس پيداوار ٿي آهي. ڄاڻايل عرصي دوران مجموعي طور تي 5179.3 ارب ڪيوسڪ فٽ گئس پيداوار 5 سالن ۾ سنڌ مان حاصل ڪئي وئي آهي. اهڙي ريت سال 8-2007ع ۾ سنڌ مان نڪتل گئس جي قيمت 134185.68، سال 9-2008ع ۾ 188513.52، سال 10-2009ع ۾ 138122.08، سال 11-2010ع ۾ 224159.92، سال 12-2011 ۾ 190498.32، ملين رپين جي گئس نڪتي آهي. مجموعي طور تي پنجن سالن ۾ سنڌ اندر گيس پيداوار سنڌ مان ٿي آهي، جنهن کي اگر آسان ٻوليءَ ڏسجي ته 8 کرب، 75 ارب، 47 ڪروڙ، 95 لک، 20 هزار رپين جي 5 سالن ۾ گئس نڪتي آهي. سنڌ مان نڪتل تيل ۽ گئس جي پنجن سالن جي ڄاڻايل آمدنيءَ جو جوڙ ڪريون ته ڪل رقم 14 کرب، 20 ارب، 25 ڪروڙ، 8 لک، 94 هزار رپيا سنڌ جي آمدني تيل ۽ گئس جي مد ۾ ٿئي ٿي.
هاڻي اچون ٿا پنهنجي ان سوال تي ته وسيلن سان مالا مال ۽ شاهوڪار سنڌ جي غربت ۾ ورتل ماڻهن جي حالت ڪيئن بدلائي سگهجي ٿي؟ ان حوالي سان عرض اهو آهي ته ملڪ اندر هر سال جيترو به ٽيڪس وصول ٿئي ٿو، ان ۾ 60 سيڪڙو سنڌ جو حصو آهي. مطلب ته ملڪ جي ڪل آمدني ۾ 60 سيڪڙو سنڌ حصو ڳنڍي ٿي. هلو ان مامري کي ڇڏي ڏجي ۽ ان شڪايت کي به پاسي تي رکي ڇڏجي ته سنڌ کي آمدنيءَ جي حساب سان اين ايف سي ايوارڊ ۾ مناسب حصو نٿو ملي. رڳو وفاقي حڪومت پاران سينيٽ جي ايوان ۾ تيل ۽ گئس جي آمدنيءَ جي حوالي سان پيش ڪيل سرڪاري انگ اکرن تي غور ڪجي ۽ ان بعد ان سوال تي غور ڪجي ته سنڌ مان غربت جو خاتمو ڪيئن ٿي سگهجي ٿو؟ ته ان سوال جو هڪ جواب اهو به ٿئي ٿو ته وفاقي حڪومت رڳو اگر ايندڙ 5 سالن جي سنڌ مان گئس ۽ تيل جي ٿيندڙ آمدني جي رقم سنڌ مان غربت ختم ڪرڻ تي لڳائي ته سنڌ اندر بي زمين، بي گهر، بي روزگار ۽ غربت ۾ نسلن کان زندگي گذاريندڙ گهراڻن جي غربت جو خاتمو ٿي سگهي ٿو ۽ وسيلن سان مالا مال ۽ شاهوڪار سنڌ جا ماڻهو به خوشحال ٿي سگهن ٿا. ان لاءِ ڪا وڏي قرباني ڏيئي، ڪٿان قرض وٺڻ يا ڪا وڏي جاکوڙ ڪرڻ جي به ضرورت نه پوندي. رڳو وفاقي حڪومت کي سنڌ کي ايندڙ سالن جي تيل ۽ گئس جي آمدني حوالي ڪري وڏي تبديلي آڻي سگهي ٿي. اهو سولو ۽ آسان حل آهي. اقتداري ايوانن ۾ ويهي جوڙ ڪٽ جي ڏکين فارمولن بجاءِ سڌو سادو جواب آهي، جنهن کي سمجهڻ هر ماڻهوءَ لاءِ آسان آهي. رڳو سوال سنڌ کي پنهنجي گئس ۽ تيل جي پنجن کان ڏهن سالن جي آمدني غربت جي خاتمي ۾ لڳائڻ جو اختيار ملڻ جو آهي. سوال هي به آهي ته ڇا سنڌ جو ڪو اهڙو اختيار ڌڻي ايندو، جيڪو سنڌ جي وسيلن کي سنڌ جي ماڻهن جي مسئلن جي حل لاءِ استعمال ڪرڻ جي اجازت حاصل ڪرڻ لاءِ وفاق سان ڳالهائي ۽ ڪاميابي حاصل ڪري سگهي؟
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو