!فاسٽ بالر جي بي صبري ۽ بي چيني
اڄڪلهه اسلام آباد ٻن برساتن جي گهيري ۾ آهي، هڪ اها برسات جيڪا آسمان تان وسي رهي آهي، ٻي آهي الزامن جي برسات! اسان جهڙا ملڪ، جتي ماڻهو بارشن جون خواهشون ته ڪندا آهن، پر بارشن جو مزو وٺڻ انهن جي وس ۾ ناهي هوندو. ڇو ته برسات رڳو ڀِڄڻ جو نالو ڪونهي، برسات هڪ احساس به آهي، ۽ ان جو مزو رڳو اهو ئي وٺي سگهندو آهي، جيڪو برسات ۾ رڳو پسي نه، پر ان جي ڪڻين کي محسوس به ڪري سگهي...اسان وٽ اقتدار به برسات وانگر ئي هجي ٿو، جنهن ۾ هرڪو پسڻ چاهيندو آهي، زودار نموني پُسڻ چاهيندو آهي، ۽ ان چاهت ۾ گهڻو ڪجهه ڌوپجي ويندو آهي. اهي واعدا به ڌوپجي ويندا آهن، جيڪي اقتدار جي مومل ماڻڻ لاءِ غربت جي ماريل ماڻهن سان ڪيا ويندا آهن، اهو ضمير به ڌوپجي ويندو آهي، جنهن جو حوالو ڏئي ووٽ ورتو ويندو آهي، ۽ اهي احساس به ڌوپجي ويندا آهن، جن جو اظهار اقتدار کان ٻاهر هجڻ دوران بار بار ٿيندو رهندو آهي. ڪنهن خوب چيو آهي ته ”زندگي ڪنهن طوفان جي گذري وڃڻ واري انتظار جو نالو ڪونهي، پر زندگي ته مينهن ۾ رقص سکڻ جو نالو آهي.“ پر اسان جيڪڏهن ڪجهه سکيو آهي ته اهو طوفان جي گذري وڃڻ جو انتظار، ۽ اهڙي انتظار ۾ گهڻو ڪجهه طوفان جي نذر ٿيندو رهيو آهي. هن وقت نواز سرڪار هڪ ئي وقت اسلام آباد ۾ لڳل ڌرڻن کي طوفان سمجهي انهن جي گذري وڃڻ جو انتظار ته ڪرڻ لڳي آهي، پر ان انتظار ۾ ممڪن آهي ته ڪجهه طوفان جي نذر ٿي وڃي.
برسات جي ڪري هن وقت اسلام آباد جا سمورا ساوا وڻ ڌوپجي ويا آهن، ايترا ڌوپجي ويا آهن، جو ممڪن آهي قادري انهن وڻن کي ڏسي پنهنجي ”سبز انقلاب“ کي ويجهو ٿيندي ڀائيندو هجي. پر انقلاب اهو ميوو ڪونهي، جيڪو وڻن ۾ ڦٽندو هجي. قادري صاحب ته ايئن ئي سمجهي ٿو، ۽ اهو عمران خان به ايئن ئي سمجهي ٿو، جيڪو ڪالهه ڌرڻي واري اسٽيج تي چڙهڻ شرط پاڻ کي مستقبل جو وزير اعظم سمجهڻ لڳو، ۽ چيائين ته ”مان وزير اعظم ٿيس ته عوام سان ڪوڙ نه ڳالهائيندس.“ ڇا اسان جي سياستدانن جا سمورا انقلاب، سموريون آزادي مارچ وزارتِ عظميٰ جي ڪرسي تي ٿڪ ڀڃڻ لاءِ هجن ٿيون؟ انقلاب روڊن تي بعد ۾ ايندو آهي، سڀ کان پهرين ته انسان جي اندر ۾ ڦٽندو آهي. جڏهن اسان انقلاب کي سوچيون ٿا، تڏهن تاريخ جا وڏا ماڻهو اسان جي ذهن ۾ اچن ٿا، جن ڪڏهن به پنهنجا ٿڪ لاهڻ لاءِ اقتدار کي ٽارگيٽ نه ڪيو، پر هي اهڙا انقلابي آهن، جن ٿڪ لاهڻ لاءِ پنهنجي منزل به مطعين ڪري ڇڏي آهي. چي گويرا به ته هڪ انقلابي هو، جنهن چيو هو ته ”انقلاب ڪو صوف ناهي، جيڪو پاڻهي پچندو ۽ پاڻهي هيٺ ڪري پوندو.“ چي گويرا جهڙن ماڻهن لاءِ ته انقلاب محبوبه وانگر هو، ۽ هتي جي انقلاب جو تصور ڪنهن ديوَ وانگر آهي، جيڪو ايندو ۽ سڀ ڪجهه کائي ويندو. پاڪستان ته اهڙن ”انقلابن“ لاءِ اها زرخيز زمين آهي، جتي روڊن تي ڌرڻو هڻڻ کي به انقلاب چيو ويندو آهي، ۽ اهڙن ”انقلابن“ جو اقتدار ڌڻين تي ته ڪو به فرق ناهي پوندو، پر هتان جو عام ماڻهو معاشي لحاظ کان روڊ تي اچي ويندو آهي.
هن ملڪ جي اها ڪهڙي اليڪشن آهي، جيڪا ٿي هجي ۽ پوءِ ڌانڌليءَ جي الزامن جنم نه ورتو هجي؟ پاڪستاني اليڪشن ۽ اليڪشن کان پوءِ ڌانڌليءَ جا الزام ته ڄڻ هڪٻئي سان لازم ۽ ملزوم رهيا آهن، پر ڪڏهن ايئن ناهي ٿيو، جو انهن کي بنياد بڻائي اسلام آباد کي سوڙهو ڪيو ويو هجي، جهڙي نموني هن ڀيري ٿيو آهي. ماضيءَ ۾ نواز ليگ ۽ پيپلز پارٽي ٻن اڍائي سالن کان پوءِ هڪٻئي جون حڪومتون ڊاهڻ لاءِ بي چين ٿينديون هيون، پر وقت انهن کي سيکاريو ته هو ان بي چينيءَ جو نتيجو ڊگهي جلاوطني ۽ ملڪ کان ٻاهرين دربدريءَ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ناهي ته انهن 2008ع ۾ ٿيل اليڪشن کان پوءِ هڪ ٻئي کي مدو پورو ڪرڻ جو موقعو ڏنو...پيپلزپارٽي ته پنهنجو مدو پورو ڪيو. هاڻي جڏهن نواز ليگ جي حڪومت جڙي ته پيپلز پارٽي ته بي چينيءَ جو اظهار نه ڪيو، پر بي چيني مئي ته ناهي! بي چيني بس پنهنجي جوءِ تبديل ڪئي آهي، اها ساڳي بي چيني هن ڀيري پنهنجي جڳهه تبديل ڪري عمران خان وٽ پهچي وئي آهي. اهڙي قسم جي بي چينيءَ جو اظهار عمران خان واضح نموني سان نواز شريف سان مخاطب ٿيندي اهي لفظ چئي ڪيو ته ”فاسٽ بالر کان صبر نٿو ٿئي، اوهان جلدي استعيفيٰ ڏيو.“ نه فقط ايترو، پر هو چئي ٿو ته ”جنون کي ڪنٽرول ڪري ويٺو آهيان.“ هاڻي اندازو ڪريو ته ڪنهن به مهذب قسم جي سياست ۾ جنون جو تصور ممڪن آهي!؟ جيڪڏهن ”جنون“ مان هن جي مراد اها آهي ته هن جا ڪارڪن جنون ۾ آهن، جن کي هو ڪنٽرول ڪري ويٺو آهي، ۽ جيڪڏهن هن ڪنٽرول ڇڏيو ته اهي ڪجهه به ڪري سگهن ٿا ته اها ڳالهه خود هڪ انارڪي ڦهلائڻ واري ڌمڪي آهي. جيڪڏهن عمران خان اهو سوچي ويٺو آهي ته هڪڙي حد تي پهچي هو پنهنجي ڪارڪنن کي ”ريڊ زون“ ڏانهن وڌڻ لاءِ چئي ٿو ته اتي جو ڪنٽرول فوج وٽ آهي، ته ڇا فوج ماٺ ڪري ويهندي ۽ عمران خان جي ”جنون“ کي ڪنٽرول نه ڪندي؟
عمران خان هڪڙي پاسي اسپورٽ مين اسپرٽ جي ڳالهه ڪري ٿو، ٻئي پاسي جهڙي جنهن تڪڙ ۽ بي چينيءَ جو اظهار ڪري ٿو، ان مان اهو گمان ٿيڻ لڳي ٿو ته ڪڏهن هو اسپورٽ مين به رهيو هوندو. عمران خان اندر جيتري ڪاوڙ ڀريل آهي، جو عالمي ميڊيا به هن کي پاڪستان جي هڪ ”ڪاوڙيل سياستدان“ وارن خطابن سان ياد ٿي ڪري. انگريزي رسالي The Economist هن تي جيڪو مضمون شايع ڪيو آهي، ان جو عنوان ئي The Wrath of Khan (خان جي ڪاوڙ) ڏنو آهي. جيڪڏهن عمران خان ۾ اوترو سياسي تبدر هجي ها ته هو مارچ شروع ڪرڻ کان پهرين انتهائي سطح جو مطالبو نه ڪري ها. سياسي ماڻهو ته اهڙي حڪمتِ عملي جوڙيندا آهن، جو جيڪڏهن انهن کي ٻه قدم پوئتي هٽڻو به پئي ته ان سان سياسي ساک خراب ٿيڻ جو انديشو گهٽ هجي، پر عمران خان پنهنجي شروعات ئي وزير اعظم جي استعيفيٰ واري مطالبي سان ڪئي آهي. اهو اهڙو مطالبو آهي، جنهن کي عمران بار بار ورجائيندو به رهيو آهي ته استعيفيٰ کان سواءِ واپس نه وينداسين. هاڻي جيڪڏهن عمران خان اسعيفيٰ کان سواءِ ڌرڻو ختم ڪري هليو ٿو وڃي ته ان سان انهن ڌرين مٿان ته ڪو به فرق نه پوندو، جن عمران خان کي اهو سڄو شو ڪرڻ لاءِ اتساهيو، پر هن جي سياسي ساک ضرور خراب ٿيندي. ڪالهه عمران خان پنهنجي تقرير اها ڳالهه به ڪئي ته هو ڪوڙ ناهي ڳالهائيندو، اهڙي ڳالهه کان پوءِ ته جيڪڏهن عمران خان وزير اعظم کان استعيفيٰ وٺڻ کان سواءِ اٿي هليو ٿو وڃي ته هن جي پهرين ڳالهه ئي ڪوڙي ثابت ٿيندي.
عمران خان ۽ قادري جيڪي ڌرڻا هنيا آهن، ڪي ماڻهو انهن کي مصر جي تحرير اسڪوائر تي لڳل ڌرڻن سان به ڀيٽي رهيا آهن. انهن کي شايد اهو فرق نظر نٿو اچي ته پهرين ڳالهه ته نواز شريف اقتدار ۾ ايترو وقت ناهي رهيو، جيترو وقت حسني مبارڪ رهيو هو. نواز شريف ته ٻه ٻه سال مس اقتدار ۾ رهيو، حسني مبارڪ ته ٻه ٽي ڏهاڪا اتي متلق العناني قائم رکي هئي. ٻي ڳالهه اها ته تحرير اسڪوائر تي ماڻهو حسني مبارڪ جي اقتدار کان تنگ ٿي پنهجي طور تي اتي گڏ ٿيا هئا. نه انهن کي ڪير ”انقلاب“ جو سبق پڙهائي وٺي آيو هو، نه وري انهن جي اڳواڻي ڪو اهڙو ماڻهو ڪري رهيو هو، جيڪو چوندو هجي ته حسني مبارڪ جي استعيفيٰ کان پوءِ مان وزير اعظم ٿيندس. عمران خان جو سياسي تدبر ۽ سطح اها آهي ته هن ايترو وقت نواز شريف تي نه ڳالهايو، جيترو وقت هن جيو ٽي وي جي مالڪ تي ڳالهايو. سموري دنيا جي ميڊيا ڪٿي نه ڪٿي، ڪنهن نه ڪنهن پاسي هوندي آهي، پر اتي ڪو سياستدان ٻيون ڳالهيون وساري ڪنهن ميڊيا گروپ تي ڳالهائڻ ناهي ويهي رهندو.
هن وقت جيڪو نظام آهي، ان کي به ڪنهن ريت ڪو آئيڊيل نظام نٿو چئي سگهجي، پر هڪڙو نظام هلي پيو آهي ته ان کي هلڻ ڏجي، جو جيڪا به چڱائي جنم وٺندي، سا انهيءَ نظام جي هلڻ سان جنم وٺندي. جيڪڏهن عمران خان جي بي صبري ۽ جنون سبب جمهوري نظام هيٺ مٿي ٿئي ٿو ته پوءِ هن جو ”آزادي مارچ“ وري هڪ اهڙي غلاميءَ جو رستو کوليندو، جيڪا غلامي اسان وقفي وقفي سان ڏهه، ڏهه سال ڀوڳيندا رهيا آهيون.
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو