Sunday 14 December 2014

علي قاضي

ڇا اهو ممڪن آهي؟ 
ڇنڇر 04 آڪٽوبر  2008ع

  
هاڻ اهو بحث ڪرڻ گهٽ ۾ گهٽ مون کان زور ٿي ويو آهي ته سنڌ سان لاڳاپيل انيڪ مسئلن جي جڙ ڪهڙي آهي، ڇاڪاڻ ته ڪٿان به ڳالهه ڦيرائي ڏسبي ۽ منجهيل سُٽ جو مُنڍ ڳولهبو ته اهو اچي اسان جي سياست تي بيهندو. مثال طور جيڪڏهن چئون ته اسان کي معيشت سڌارڻي آهي ته ظاهر آهي معاشي خوشحالي معاشي پاليسين، امن و امان، ڪرپشن کان آجي ڪامورا شاهي جهڙن معاملن سان جڙيل آهي ۽ اهي سڀ معاملا ڪير ٿو ٺيڪ ڪري سگهي؟ فطري طور جواب اهو ئي هجي ٿو ته اهي سڀ معاملا حڪومت ئي ٺيڪ ڪري سگهي ٿي، (فوجي حڪمرانن کانسواءِ) ۽ حڪومت هلائيندا آهن سياستدان، جيڪي اچن ٿا اسان جي سياسي ڪلچر مان، سو اهو سمجهڻ ۾ ڪهڙي عربي فارسي آهي ته

Mother of all evils is our political culture
(سياسي ڪلچر ئي سمورين خرابين جي ماءُ آهي)

 سنڌ جي اڄ ۽ سڀاڻ لاءِ فڪر رکندڙ سمورن ماڻهن کي هڪ دفعو وري آئون زور ڀري اهو سوچڻ جو عرض ڪندس ته توهان ڪنهن به مسئلي چاهي اها اسان جي معيشت هجي، تعليم هجي، امن و امان هجي، بي روزگاري هجي، انساني حقن جي لتاڙ هجي، غرض ته ڪنهن به مسئلي جي حل لاءِ پيرا کڻندئو ته اهي وڃي اسان جي اقتداري سياسي ڪلچر تي پهچندا، سو جيڪڏهن فوڪس صحيح نه هوندو ته ڪيترا به بحث ڪري وٺجن، ڪيتري به مٿا خوري ڪري وٺجي، اُن مان ورندو ڪجهه به نه، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن ٽارگيٽ چٽو ڪونهي ته سموريون ڪوششن ۽ ڪاوشن مان حاصل ڪجهه به نه ٿيندو، تنهن ڪري آئون سمجهان ٿو ته It’s high time جو اسين بحث توڙي عمل اهڙا ڪريون، جنهن مان ڪو نتيجه آميز لاڀ حاصل ٿئي، نه ڪي 50 يا 100 سالن کانپوءِ ڪو مورخ ڪاوش اخبار جا فائيل اٿلائي اهو سوچڻ لاءِ مجبور ٿي وڃي ته ”مار! جيڪڏهن اُن دور ۾ سنڌ جو باشعور طبقو پنهنجي مسئلن جي حل بابت ايترو ڪنفيوزڊ هيو ته اُن مهل سڄي سوسائٽي جو ڪهڙو حال هوندو؟“

بدقسمتيءَ سان اسان جي اقتداري سياسي ڪلچر ۾
 پاليٽڪس جو مطلب پاور ۽ پيسو آهي،
 (Politics means Power and Paisa)
 ۽ اهو ئي ڪارڻ آهي ته اسان جي سياسي ڪلچر ۾ اڪثريت ڀوتارن ۽ ڪرپٽ توڙي نااهل ماڻهن جي آهي، پر هڪ منٽ لاءِ تصور ڪيو ته اقتداري سياست مان پاور ۽ پيسي جي چمڪ ختم ٿي وڃي ته پوءِ ڇا اهي ڀوتار يا نااهل قسم جي ماڻهن وٽ سياست ۾ اچڻ جي ڪشش (Charm) ختم نه ٿي ويندي؟ جيڪڏهن هڪ ڀوتار کي اهو معلوم ٿئي ته سندس ايم اين اي يا ايم پي اي ٿيڻ باوجود علائقي جو صوبيدار، مختيارڪار يا ڪو ٻيو آفيسر سندس ڪو به غلط حڪم نه مڃيندو، سندس چوڻ تي سندس مخالف نه ٻڌبا، سندس ماڻهن کي ٺيڪا نه ملندا، هو ڪنهن آفيسر جي بدلي مقرري نه ڪرائي سگهندو، نوڪريون نه وڪڻي سگهندو، غرض ته سندس ڪم صرف اسيمبلي ۾ قانون سازي ڪرڻ ۽ پنهنجي علائقي جي ماڻهن جا مسئلا اجاگر ڪرڻ هوندو ته ظاهر آهي اهڙي ”بور ڪندڙ“ ڪم ۾ ڪو ”شريف ڀوتار“ يا ”معزز ڪرپٽ مڊل ڪلاسي“ ڇو دلچسپي وٺندو؟

توهان ڪنهن وزير، سيڪريٽري يا وڏي پوليس آفيسر جي آفيس ۾ ويندا ته توهان کي اتي اڪثر چونڊيل عيوضي ڪنهن آفيسر جي بدلي، ڪنهن کي ٻڌرائڻ يا ڇڏرائڻ يا پنهنجو واٽر ڪورس منظور ڪرائڻ ٽائيپ ڪمن سان ويٺل نظر ايندا. هڪ سيڪريٽريءَ کي اسان جي هڪ ايم اين اي صاحب داٻو ڏيندي چيو ته، ”9 سالن کانپوءِ حڪومت ۾ آيا آهيون هاڻ به اسان جو ماڻهو اسان جي علائقي ۾ اي ڊي او نه لڳندو ڇا؟“ هڪ ايم پي اي صاحب ڏوراپو ڏيندي چيو ته، ”منهنجي مخالف جو ماڻهو وري ايس ايڇ او ٿي منهنجي علائقي ۾ لڳي ويو، اسان جي ته ٽڪي جي به عزت ناهي بچي!“ اهو سوچي اڪثر حيران ٿيندو آهيان ته سرڪاري ملازم ”منهنجو ماڻهو“ ڪيئن هوندو آهي؟ يا هڪ ايس ايڇ او جي مقرري سان ڪنهن معزز ايم پي اي جي عزت ڇو گهٽجي يا وڌي وڃي ٿي؟ پر جيئن ئي اهو ياد اچي ٿو ته آئون پاڪستان ۽ سنڌ ۾ رهان ٿو ته منهنجي حيرانگي دور ٿيو وڃي ۽ مون کي اي ڊي اوز جي مقرري جا ملندڙ اگهه به ياد اچيو وڃن ۽ ايس ايڇ او ذريعي علائقي ۾ بادشاهي ڪرڻ واري ٺرڪ به ياد اچيو وڃي، پر وري عادت کان مجبور سوچڻ شروع ڪريان ٿو ته خيال اچي ٿو ته جيڪڏهن آفيسرن جي مقرري ۽ بدلي جو ڪو مڪينزم جوڙي وٺجي، سندن مقرري جي ڪا مدت طئي هجي ته هڪ آفيسر ايتري عرصي کان پوءِ پاڻهي بدلي ٿي ويندو (۽ ان جا ٻيا تفصيل طئي ڪجن) يا ٿاڻي سطح جي حالت بهتر ڪجي، اتي گريجوئيشن ڪيل نوجوان اي ايس آءِ ۽ سب انسپيڪٽر طور ڀرتي ڪيا وڃن، انهن ٿاڻن کي سڌي ريت مهيني وار فنڊز ڏنا وڃن ته حالتون ڇو نٿيون بهتر ٿي سگهن. سنڌ ۾ لڳ ڀڳ 480 ٿاڻا آهن ۽ هِن مهل سنڌ پوليس جي ڪُل بجيٽ 21 ارب رپيا آهي، جنهن مان 86 سيڪڙو صرف پگهارن جي مد ۾ خرچ ٿئي ٿو ۽ باقي 14 سيڪڙو، جيڪو لڳ ڀڳ ٽي ارب روپيا ٿئي ٿو، ٻين مدن ۾ خرچ ٿين ٿا. جنهن ۾ بجلي ۽ فون جي بلن کان وٺي ٻيا سمورا خرچ شامل آهن ۽ ٿاڻي لاءِ ڪو به سڌو فنڊ ناهي، باقي ڪنهن ڊي پي او کي رحم آيو ته 5 يا 7 ليٽر ڊيزل پوليس موبائيل لاءِ ٿاڻي کي مليو وڃي. اتي سوال اهو آهي ته امن و امان لاءِ فرنٽ تي پهريون مورچو ٿاڻو هجي ٿو ۽ اُن کي ٽڪو به سرڪار نٿي ڏي. اهو ڪٿان جو منطق آهي؟ انهن ٿاڻن کي ملڻ ته وڌيڪ گهرجن، پر گهٽ ۾ گهٽ ٻه لک رپيا مهيني تي سڌي ريت ٿاڻن کي ملڻ گهرجن ته جيئن پوليس موبائيل ۾ ڊيزل وجهرائڻ ۽ ٿاڻي کي هلائڻ لاءِ خرچي لاءِ پوليس وارن وٽ پنهنجن توڙي ٻين جي کيسن ۾ هٿ وجهڻ جو جواز ختم ٿئي ۽ ٿاڻن جي صورتحال بهتر ٿئي. ان کانسواءِ ان ڏس ۾ ٻيو به گهڻو ڪجهه ٿي پيو سگهي، جيئن ڏوهارين ۽ سوسائٽي وچ ۾ موجود اهو پهريون مورچو وڌيڪ موثر به ٿئي ۽ عوام دوست به. سو ڳالهه هلي پئي ته سياست جو مطلب صرف پنهنجي لاءِ پاور ۽ پنهنجي لاءِ پئسو جيڪڏهن نه رهي ته پوءِ هڪ بدليل اقتداري سياسي ڪلچر اچي سگهي ٿو، جنهن سان اسان جي سوسائٽي ۾ حقيقي تبديلي اچي سگهي، پر ڇا ائين ٿيڻ ممڪن آهي؟ معاملو ڪنهن ڪاروبار يا پراجيڪٽ جي ڪاميابي جو هجي يا ڪنهن جنگ يا ڪنهن راند جو ميچ کٽڻ جو، خواب ڪنهن انقلاب جي اچڻ جو هجي، يا محبوب سان ملڻ جو، ان لاءِ جنهن شيءِ جي ضرورت هر ٻئي ڳالهه کان وڌيڪ هجي ٿي، اهو آهي اُن Passion (جذبي) جو هجڻ جيڪو هر خواب جي ساڀيان لاءِ بنياد بڻجي ٿو. سو جيڪڏهن سنڌ جي ووڪل ڪلاس جي اکين ۾ تبديلي جو خواب آهي ته ان خواب کي ساڀيان ڪرڻ لاءِ جذبو به پيدا ڪرڻو پوندو. سنڌ جو ووڪل ڪلاس، جنهن ۾ زميندار به آهن ته هاري به، صنعت ڪار به آهن ته پورهيت به، شاگرد به آهن ته استاد به، هاڻوڪو سياستدان توڙي سياسي ڪارڪن به ته اديب به آهن. غرض ته جيڪو اسان جي سياسي ڪلچر ۾ تبديلي جو خواب رکي ٿو ۽ ان لاءِ پنهنجي پنهنجي سطح تي آواز اٿاري ٿو، اهو سنڌ جي ووڪل ڪلاس جو حصو آهي ۽ منهنجي خيال ۾ اقتداري سياسي ڪلچر ۾ تبديلي تڏهن ئي ممڪن آهي، جڏهن ووڪل ڪلاس پاڻ سڌيءَ ريت اقتداري سياست ۾ بهرو وٺي جنهن جو سولي سنڌي ۾ مطلب اهو آهي ته ووڪل ڪلاس اليڪشنز ۾ گڏيل طور حصو وٺي. اچو پاڻ انگن اکرن جي جوڙجڪ ڪري ڏسون ته ووڪل ڪلاس لاءِ اليڪشنز ۾ بهرو وٺڻ هڪ Feasible project (لاڀائيتا رٿا) هوندو يا نه؟

ملڪ ۾ ٿيل 1998ع جي آدمشماري جي سرڪاري انگن اکرن موجب سنڌ جي ڪُل آبادي 3 ڪروڙ 44 لک آهي، جنهن مان 60 سيڪڙو سنڌي ڳالهائيندڙ آهن. مطلب ته سرڪاري رڪارڊ موجب سنڌ ۾ ٻه ڪروڙ 64 لک سنڌي آهن. 18 فيبروري 2008ع تي ٿيل چونڊن ۾ سنڌ جا ڪُل رجسٽرڊ ووٽ هڪ ڪروڙ 95 لک ڄاڻايا ويا آهن. جيڪڏهن اسين آبادي جي شرح واري فارمولي هيٺ ڏسون ته ان انگ جو 60 سيڪڙو سنڌي آهن. معنيٰ سنڌ ۾ لڳ ڀڳ هڪ ڪروڙ سترنهن لک رجسٽرڊ سنڌي ووٽر آهن. هاڻ اڳتي ٿا وڌون ۽ اليڪشن ڪميشن جي رڪارڊ کي اٿلائي جائزو وٺون ته پاڻ کي نظر ايندو ته 18 هين فيبروري 2008ع جي چونڊن کان اڳ ٿيندڙ عام چونڊن ۾ سراسري طور هڪ اميدوار ايم پي اي جي تڪ تان 20 هزار ووٽ کڻي ڪامياب ٿيندو رهيو هيو، ڪٿي ڪو اميدوار 22 هزار تي، ڪٿي 18 هزار تي. معنيٰ سراسري طور 20 هزار ووٽن تي سنڌ ۾ ايم پي اي جو اميدوار ڪامياب ٿيندو رهيو آهي. سنڌ اسيمبلي جي ايوان ۾ ڪنهن ڌر کي حڪومت ٺاهڻ لاءِ 85 ميمبرن جي اڪثريت گهربل هجي ٿي، سو جيڪڏهن پاڻ 85 جي انگ کي 20 هزار سان Multiply (ضرب) ڪيون ته سترنهن لک جو انگ سامهون اچي ٿو، معنيٰ سنڌ ۾ ڪُل رجسٽرڊ هڪ ڪروڙ سترنهن لک سنڌي ووٽرن مان جيڪڏهن ووڪل ڪلاس جا نمائندا سترنهن لک ووٽر پاڻ ڏانهن راغب ڪري وٺن ته حقيقي تبديلي اڻٽر ٿي ويندي. جيتوڻيڪ تازو 18 فيبروري 2008ع تي ٿيل چونڊن ۾ ڪامياب ٿيل ايم پي ايز جي حاصل ڪيل شرح تمام گهڻي مٿي چڙهي وئي ۽ ماضي جي ڀيٽ ۾ 30 کان 40 سيڪڙو وڌيڪ ووٽن سان اميدوار ڪامياب ٿيا هئا، پر ان جو ڪارڻ محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت هئي. پر جيڪڏهن هاڻ عام چونڊون ٿيون ته ان ۾ 2002ع يا ان کان اڳ ٿيل چونڊن جيان سراسري طور 20 کان 22 هزار ووٽن تي ايم پي اي جو اميدوار ڪامياب ٿي سگهندو.

هاڻ اتي ساڳيو پراڻو سوال اهو پيدا ٿيندو ته ووڪل ڪلاس جو هڪ اميدوار 20 کان 22 هزار ووٽ ڪيئن حاصل ڪري سگهي ٿو؟ سو ان سوال جو جواب ماضي ۾ به انهن ئي ڪالمن ۾ بحث هيٺ ايندو رهيو آهي ته جيڪڏهن اسان جي ڪنهن شهري علائقي جي صوبائي تڪ (شهري علائقي مان مراد وڏن شهرن کان ويندي تعلقي سطح جي شهر سان آهي) جا 200 ماڻهو گڏ ٿي اهو طئي ڪن ته انهن مان هر هڪ کي 100 ووٽ پنهنجي اميدوار کي ڏيارڻا آهن ته 20 هزار ووٽ وٺي ووڪل ڪلاس جو نمائندو ايم پي اي چونڊجي سگهي ٿو. ان 200 ماڻهن کي مقامي اسيمبلي جو نالو به ڏئي ٿو سگهجي يا
Committee for change 
(تبديلي لاءِ ڪاميٽي)
 جو نالو به تجويز ڪري سگهجي ٿو.

جيڪڏهن ڪو دوست اتي اهو نقطو اٿاري ٿو ته سياست صرف انگن اکرن جي راند ناهي هوندي ته آئون ان سان هروڀرو اختلاف نه ڪندس، پر مٿي ڄاڻايل
Mathematics (حساب ڪتاب)
 جو مقصد اهو هيو ته ان اقتداري سياسي ڪلچر ۾ تبديلي آڻن ناممڪن ناهي ۽ ووڪل ڪلاس پاران اليڪشنري سياست ذريعي حقيقي تبديلي آڻڻ هڪ
 Feasible ۽Doable (عمل جوڳو)
 پراجيڪٽ آهي. اتي اهو به نه پيو چوڻ چاهيان ته ان پراجيڪٽ جي ڪاميابي ڪو
Piece of cake (ٻارن جي راند)
هوندي، پر بهرحال هيءُ ڪو ديواني جو خواب به ناهي. هيءُ هڪ عمل ۾ اچڻ جوڳو پراجيڪٽ آهي، جنهن ۾ جيڪڏهن ووڪل ڪلاس جا ماڻهو پنهنجي جذبي، فهم ۽ انرجي جي سيڙپ ڪن ته هڪ خوشحال ۽ خوبصورت سنڌ جو خواب ساڀيان ٿي سگهي ٿو. جيڪڏهن ووڪل ڪلاس اجائي Skepticism (تشڪيت پرستي)
 کان پاسو ڪري ۽ پنهنجي اندر اهو حوصلو ۽ جذبو پيدا ڪري ته مثبت تبديلي اچي سگهي ٿي، ۽ ايئن ٿيڻ بلڪل ممڪن آهي.           

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو