Monday 15 December 2014

بينظير ڀٽو

 وردي، جمهوريت ۽ خطري ۾ آيل            
                    انساني حقنجو ذڪر
ڇنڇر 9 آڪٽوبر 2004ع 


پاڪستان جي باني هڪ اهڙي ملڪ جو خواب ڏٺو هو، جنهن ۾ جمهوريت هجي، ۽شهرين کي برابريءَ وارا حق حاصل هجن، جتي صوبن کي خودمختياري هجي، ۽ عوام جيبنيادي انساني حقن جي انحرافي نه ٿيندي هجي. قائد عوام ذوالفقار علي ڀٽو سميت سوين ماڻهنقائد اعظم جي خواب کي تعبير ڏيڻ خاطر پنهنجين زندگين جي قرباني ڏئي ڇڏي ته جيئنپاڪستان جو تصور هڪ پُرامن ۽ جمهوري ملڪ طور قائم ٿئي. اهو امن نه رڳو ملڪ اندرهجي، پر هن جو پنهنجي پاڙيسرين سان به امن قائم هجي. جمهوريت ڏانهن پهريون قدم اهوآهي ته صاف شفاف ۽ غير جانبدار اليڪشن ڪرائي وڃي، جنهن ۾ نه رڳو سمورين پارٽين،پر سمورن فردن کي حصي وٺڻ جي اجازت هجي. پيپلزپارٽي اهو مطالبو ڪندي رهي آهي ته،پاڪستان هيومن رائيٽس ڪميشن جي نگرانيءَ ۾ اليڪشن ڪرائي وڃي، ۽ ان قانون تحتچونڊون ڪرايون وڃن، جيڪي قانون اها پڪ ڏين ته سڄو عمل ۽ ووٽن جي ڳڻپ شفافهوندي. هتي هڪ پاسي اهو چيو ٿو وڃي ته پيپلزپارٽي ختم ٿي وئي آهي، ۽ ٻئي پاسي ملڪجا اقتدار ڌڻي پيپلزپارٽيءَ کان ئي گهڻو ڊنل آهن، ان جي مقبوليت کان ئي انهن کي گهڻي کانگهڻو خوف آهي. جيڪڏهن ايئن نه هجي ها ته اهڙي ڪا به قانونسازي نه ٿئي ها، جنهن جيبدولت پيپلزپارٽيءَ جي قيادت کي ٻاهر ٿيڻو پيو. جنرل مشرف ملڪ ۾ جمهوريت جي ڳالههڪري ٿو، اها ڪهڙي جمهوريت آهي، جتي سمورا اختيار هڪ فرد وٽ هجن؟ سياسي توڙيفوجي اختيار؟ هو صدر به آهي، ۽ فوج جو سربراهه به رهڻ ٿو چاهي. هي ٻئي عهدا وڏينذميوارين جا عهدا آهن، ڪو هڪ ماڻهو اهي ذميواريون نٿو نڀائي سگهي. ڇا ڪو هڪ ماڻهوانهن ٻن اهم عهدن سان انصاف ڪري سگهندو؟ مان سمجهان ٿي ته فوج جي سربراهي هڪوڏي ذميواري آهي، ۽ اهڙي ذميواري آهي، جنهن ۾ غفلت جي نه ڪا گنجائش هجي ٿي، ۽ نهوري ڪا غفلت ملڪ جي فائدي ۾ آهي. هي نج پروفيشنل ڌيان جو گهرجائو عهدو آهي، جنهنکي پارٽ ٽائيم نٿو هلائي سگهجي ـ

ڏٺو وڃي ته چونڊون جمهوريت ڏانهن پهريون قدم هجن ٿيون، جمهوريت لاءِ ته اهوضروري آهي ته برداشت جي قوت هجي، جيڪو ئي ان جو روح هجي ٿو. جمهوريت قانونجي بالا دستي ۽ آزاد عدليه جي گهرجائو هجي ٿي. جمهوريت ته اهو به چاهي ٿي ته تحويل ۾ٿيندڙ تشدد ۽ ناانصافين جي به جاچ ٿيڻ گهرجي. پاڪستان ۾ ڪيترائي قومي مسئلا آهن،جيڪي اختيارين جو ڌيان ڇڪائڻ لاءِ ٻاڪاري رهيا آهن. اسان جي ملڪ جا ماڻهو پاڻ کيانتهائي غيرمحفوظ تصور ڪري رهيا آهن. هو چاهين ٿا ته انهن کي قانون مهيا ڪندڙ ادارنوٽان ڪا مدد ملي، ڪير هجي، جيڪو انهن جو تحفظ ڪري. اهڙا قانون لاڳو ڪندڙ اداراهجن، جيڪي غيرجانبدار ۽ شفاف قسم جي تحقيق ڪري عوام ۾ پنهنجو اعتماد بحال ڪرائيسگهي. پر اسان وٽ ڪير آهي، جيڪو محفوظ هجي؟ جنهن کي پڪ هجي ته هو گهر کانٻاهر نڪرندو ۽ صحيح سلامت واپس موٽندو؟ اسان جا ماڻهو اهڙو عدالتي نظام چاهين ٿا،جيڪو کين انصاف ڏياري سگهي. تازو ئي ڪجهه اهڙا واقعا به ٿيا آهن، جو ڪجهه ماڻهنرڳو ان ڪري خودڪشي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جو هنن کي انصاف نه پئي مليو. هننپاران خودڪشي اصل ۾ عام ماڻهن جي اندر ۾ موجود ان مايوسيءَ جو اظهار آهي، جيڪامايوسي انصاف نه ملڻ جي ڪري پيدا ٿي رهي آهي. پاڪستان جا نوجوان نوڪرين جي ڳولا۾ آهن، ۽ نوڪريون سيڙپڪاريءَ سان ملنديون آهن، ۽ سيڙپڪاري وري اتي ئي ٿي سگهنديآهي، جتي قانون هجي، تحفظ هجي ۽ گهٽين ۾ رت نه وهندو هجي. جڏهن خوڪش بمبار ۽ڏوهارين جو راڄ هلندو هجي ته اتي سيڙپڪاري هڪ سراب بڻجي ٿي وڃي. ملڪ ۾ موجودپاڻيءَ واري کوٽ توڙي ڊيمن جي معاملن تي هلندڙ بحث جو حل به اهو آهي ته پڇڙيءَ وارنحصيدارن کي مڃيل قانون واري مثال تي هلڻ گهرجي. ان سان گڏ اهڙن مسئلن جي حل لاءِآئيني طريقيڪار جوڙڻ کپي ـ

پاڪستان ۾ اسپتالن ۽ اسڪولن جي خراب حالت مون کي ڏاڍي تڪليف رسائي ٿي.اها حالت مون کي ان ڪري به تڪليف رسائي ٿي، جو انهن کي ثانوي حيثيت ڏيڻ سان سڌوسنئون غريب ماڻهو متاثر ٿي رهيا آهن. هڪ پاسي هٿيارن جي خريداريءَ واري بجيٽ ۾اربين رپيا واڌارو ٿئي ٿو، ۽ ٻئي پاسي غربت جي خاتمي واري بجيٽ وڃي ٿي گهٽ ٿيندي.جيستائين عورتن جي حقن جي ڳالهه آهي ته، انهن جي حقن کي صديون پُٺ تي ڌڪيو ويوآهي. عورتن تي ٿيندڙ تشدد ۽ ان حوالي سان جوڙيل قانونن ۾ سڌاري لاءِ پ پ پاران بل پيشڪيو ويو آهي، پر بدقسمتيءَ سان ان تي بحث کي پوئتي ڌڪيو ويو آهي، ان کي بحث لاءِپارليامينٽ ۾ آندو ئي نه پيو وڃي. ايوانن ۾ موجود ڪجهه مرد حضرات جيڪي سمجهن ٿا تهعورت هر حوالي سان مرد کان گهٽ آهي، سي ان بل تي بحث جي مخالفت ڪري رهيا آهن،بلڪه اهي ان بل جي ئي مخالفت پيا ڪن. اقتداري ايوانن ۾ ٿيندڙ ڪرپشن تي ڳالهائڻ تان ميڊيامٿان به سختي ٿي رهي آهي. جيڪڏهن ان باري ۾ ميڊيا ڪجهه به ڳالهائي ٿي ته ان جا کيسنتيجا ڀوڳڻا پون ٿا، لاڳاپيل صحافيءَ کي رستي ويندي مارڪٽ ڪئي ٿي وڃي. قومي احتساببيورو سياسي ٽوڙ ڦوڙ کان سواءِ ٻيو ڪو به ڪم نه پيو ڪري. پ پ پاران اتي داخل ڪيلڪيترين ئي شڪايتن مان ڪنهن به هڪ جو نه ته سنجيده نوٽيس ورتو ويو آهي، ۽ نه وريان جي ڪا ٻڌڻي ٿي آهي. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته احتساب بيورو 96ع ۾ حڪومت وڃڻ کانپوءِ ڪرپشن جي حوالي سان اڄ تائين ڪي به الزام ثابت ناهي ڪري سگهيو. منهنجي ور کيقيد ڀوڳيندي اٽڪل 8 سال پورا ٿيڻ وارا آهن، پر اوهان کي اها ڳالهه ٻڌي حيرت ٿيندي تهڪو هڪ ڪيس به هن خلاف ثابت ناهي ٿي سگهيو. آهي نه حيرت جي ڳالهه جو، 8 سال قيدبنا ڪنهن ڏوهه ثابت ٿيڻ جي! ڪيتري به پروپيگنڊا ڪئي ويندي هجي، پر سدائين انصاف جوآواز ئي گوجندو رهجي ويندو آهي ـ

هن سال ڪيترائي اسان جا ساٿي پاڻ کي باهه ڏئي اسان کان جدا ٿي ويا آهن. انهناهو سڀ ڪجهه احتجاج طور ڪيو آهي. هن سسٽم جي خلاف انهن جون اهي قربانيون ڪڏهنبه وساري نٿيون سگهجن، اهي سدائين ياد رکيون وينديون. پنهنجي زندگيءَ جي تجربي ماناهو سکيو آهي ته عوام ان ڪري جدوجهد ڪري ٿو، جو اهو هڪ حسين دنيا ڏسڻ ٿو چاهي.هن ملڪ ۾ جمهوريت جي قيام لاءِ، انساني حقن جي بحاليءَ لاءِ، صوبن جي خودمختياريءَجو احترام ڪرڻ لاءِ ۽ امن لاءِ اهي تڪليفون، اهي ڏک ڀوڳي سگهجن ٿا. مان پنهنجيڪارڪنن جون قربانيون، پنهنجي خاندان ۽ پارٽيءَ جي قربانين کي قائد اعظم پاران هن ملڪلاءِ ڏٺل خواب کي ارپيان ٿي، جنهن ملڪ ۾ جمهوريت ۽ انساني حقن جو احترام ڪيو وڃي،جتي صوبن کي خودمختياري هجي. ڪجهه عرصو اڳ پ پ سان تعلق رکندڙ اڳوڻي اسپيڪريوسف رضا گيلانيءَ کي ان بنياد تي سزا ڏني وئي آهي ته هن قانونن جي ڀڃڪڙي ڪنديماڻهن کي نوڪريون ڏنيون. ايئن ڪيترائي سياستدان، ڪامورا، واپاري ۽ بينڪر آهن، جنکي ان قسم جون سزائون ٻڌايون ويون آهن. پر اهي ماڻهو جن سزائون ملڻ کان پوءِ حڪومتيپارٽيءَ ۾ شموليت اختيار ڪئي، تن مٿان سڀ الزام معاف ڪيا ويا. پر اهي ماڻهو، جن وڪروٿيڻ کان انڪار ڪيو، انهن کي تڪليفون ڏسڻيون پئجي رهيون آهن ـ

اها ڏاڍي مثبت ڳالهه آهي، جو هلندڙ مهيني واشنگٽن ۾ سنڌ لاءِ ڪم ڪندڙ تنظيمورلڊ سنڌي انسٽيٽيوٽ پاران پاڪستان ۾ ملٽري رول، جمهوريت ۽ سنڌ ۾ امن جي موضوع تيڪانفرنس ڪرائي. مان چاهيان ٿي ته منهنجا هي خيال انهن تائين به پهچن، جيڪي اسان سانگڏ آهن، ۽ انهن تائين به جيڪي اسان کان پري آهن. اسان جو اهو مشن آهي ته هن ملڪ جيحڪمراني واپس عوام کي ڏني وڃي. اسان سچ لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهيون، ۽ سچ اهو آهيته انساني حق صلب ڪري عوام جي ڪا به خدمت نٿي ڪري سگهجي. سچ اهو آهي تهجمهوريت ئي هن ملڪ جي سمورن مسئلن جو حل آهي. سچ اهو آهي ته فردن کان وڌيڪملڪن جي اهميت هجي ٿي ـ

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو