Monday 15 December 2014

عبدالحئي پليجو

مصر جا اهرام يعني مخروطي مقبرا          

ڇنڇر 26 آگسٽ 2006ع 

جيڪڏهن گهڻو اڳي نه تڏهن به قديم مصري تهذيب واري سمي ۾ پهرئين حڪمران گهراڻي جي شروعات ۾ جيڪو قبرجي مٿان واري ۽ پٿرن جو ڍڳ شايد قبر جي سڃاڻپ لاءِ ٺاهيو ويو هو، سو ازلي پيداواري دڙي سان واڳجي ويو.

مصر جا آڳاٽا بادشاهه صحرا ۾ آبدوز واري هنڌ وٽ زمين اندر ٺهيل مقبرن ۾ دفن ڪيا ويا هئا. انهن مقبرن جي مٿانواريءَ جا وڏا دڙا کڙا ڪيا ويا. انهن جون چوٽيون چورس يا مستطيل هيون. انهن چوٽين کي مصر بابت ڄاڻ رکندڙ ماڻهو مستباسڏين ٿا. اهي قديم مصري حاڪم ڀانئڻ لڳا ته جهڙي طرح قدرتي آفتون جهڙوڪ برساتون، ٻوڏون ۽ طوفان وغيره پيدائش جيقدرتي عمل ۾ بيجا دخل ڏيئي منجهس رخنو وجهيو ڇڏين، ساڳيءَ طرح هنن مقبرن ۽ دڙن يا منارن کي پڻ تباهه ۽ فنا ڪري ڇڏيندا ۽اسان جي وري جيئري ٿيڻ واري عمل ۾ رخنو وجهندا، تنهن ڪري انهن جي حفاظت نهايت ضروري آهي ـ

سو مٿيون دڙو پهرئين يعني هيٺئين دڙي جي حفاظت لاءِ اهڙي ڪاريگري ۽ مضبوطيءَ سان جوڙيو ويو، جنهن ۾ هنتوڙي ايندڙ دنيا يعني آخرت ۾ به قائم رهڻ جي اميد هئي. دڙي جي ڪثرت ۽ انهن جي هڪ ٻئي جي ميلاپ سان باهمي حفاظت واريعنصر موجود عظيم مخروطي منارن جي تعمير لاءِ مکيه اصول وارو ڪردار ادا ڪيو.

اهڙيءَ ريت هر نسل دوران اڏجندڙ مقبرا وڌيڪ شاندار ۽ ڪشادا ٿيندا ويا. انهن ۾ بادشاهن جي زالن جون قبرون، گهرومزدورن ۽ پالتو جانورن جي رهڻ جو پڻ بندوبست ڪيو ويو. ڪيترن قسمن جون مقرر رسمون ادا ڪرڻ لاءِ بيشمار گهربل شيونپڻ انهن مقبرن ۾ رکجڻ ۾ آيون ـ

آبدوز واري ماڳ وٽ اڏيل آخري شهنشاهي مقبرو خاصخيموي نالي بادشاهه جو آهي. اهو ٻيو نمبر قديم شاهي گهراڻي جوآخري بادشاهه هو. هن بادشاهه مصر تي سن 2686 ق م تائين حڪومت ڪئي. سن 1995ع کان جرمنيءَ جي ماهر آثار قديم مسٽرگنٽر ڊريئر مذڪوره بادشاهه جي مقبري جي نئين سر صفائي ڪرائي، وڌيڪ کوجنا ۾ لڳل آهي. مقبري ۾ موجود قيمتي دخينوچورائڻ لاءِ مختلف ڦورن ڀتين کي کاٽ هڻڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي ڀانئجي ٿي. ڳچ صديون پوءِ وچ واري بادشاهي دوران پڻ سارسنڀال جي بهاني هن مقبري مان قيمتي شيون چورايل معلوم ٿين ٿيون. هن مقبري وارو اهو ڪمرو جنهن ۾ بادشاهه مدفون آهي، سهڻيگهڙيل پٿر جو ٺهيل آهي. پٿر جو اهو گهاڙيٽو پنهنجي دور ۾ بهترين ۽ بي مثال هو. انهيءَ زماني ۾ بادشاهه اهڙي قسم جي چيمبر کيپنهنجي ڇوٽڪاري ۽ هميشه واري ايندڙ زندگيءَ جي رهائش گاهه تصور ڪندا هئا، جتي هر قسم جي ضروريات زندگي ميسر ڪئيويندي هئي. تنهنڪري سڀني بادشاهن صحرا جي ڪناري اڌ ميل کن پنڌ تي پنهنجو پنهنجو مقبرو يا چيمبر اڏيو، جتي سرڪاريتقريبون توڙي ٻيون مذهبي رسمون ادا ڪرڻ لاءِ جوڳو بندوبست ڪيو ويندو هو. هن قسم جي مقبرن يا چيمبرن کي اهڙي سٺي نمونيسينگاريو ويندو هو، جهڙي نموني بادشاهن جي محلن کي سينگاريندا هئا ـ

بادشاهن جي نالي واري تختيءَ جي ايجاد کان اڳ هنن مقبرن ۾ بادشاهن جي مورتين کي مهاڙيءَ ۾ ٺهيل جارن ۾ سڃاڻپطور آراسته ڪيو ويندو هو، پوءِ بادشاهن جا نالا مقبرن جي دروازن جي چوڪن ۽ جارن جي ڪارن تي اڪرڻ شروع ڪيائون.آبدوز وٽ مذڪوره مقبرن يا ابدي آرامگاهن مان فقط هن بادشاهه خاصخيموي جو مقبرو ئي ڏسڻ ۾ اچي ٿو. هن مقبري جي اوچائي6 3 فوٽ آهي ۽ ڀتيون اٽڪل ارڙهن فوٽ ٿلهيون اٿس. اهو چار سئو فوٽ ڊگهو ۽ ٻه سئو تيرهن فوٽ ويڪرو آهي. اهو مقبرو دنيا ۾قديم ترين سرن جي ٺهيل عمارت آهي.

ٻين مقبرن جي ڀيٽ ۾ هي اڃا قائم ڪيئن ۽ ڇو رهيو؟. تنهن بابت اڃا تائين ڪا مڪمل ڄاڻ ڪانهي. البت اهو مفروضواختيار ڪيو ويو آهي ته گهڻن مقبرن جو هڪ ٻئي جي مٿان حفاظتي ڍڪ طور تعمير ڪرڻ سان هن مقبري جو بچاءُ ممڪن ٿيسگهيو. ڇو ته کوٽائي سبب مقبري جي وچ ڌاري اڃا هڪڙو وڌيڪ مقبرو لڌو ويو آهي، جيڪو پڻ سرن جي ڀت سان ٺهيل آهي. ٻيوته خود بادشاهه جي سياڻپ به هن شاهي عمارت جي تعمير ۾ يقينن شامل ڀانئجي ٿي، جنهن وڏي ڏاهپ سان ڪاريگرن کان هيءَعظيم عمارت سازي سر انجام ڏياري. هن مقبري ۾ مجموعي طور ڪروڙين سرون ڪم آيل آهن ـ

هن بادشاهه جو دور اوائلي مصري تهذيب جو ترقي يافته دور هو. جنهن ۾ عمارت سازي ترقي ڪرڻ لڳي. هنر ۽ فن ۾سڌارو ۽ واڌارو ٿيو. هن کان پوءِ بادشاهت جو نئون دور شروع ٿيو، جنهن دوران پائرامڊ پهاڙين ۽ ٽڪرين کي ٽڪي تعمير ڪرڻشروع ڪيا ويا. اٽڪل ٽيهارو کن مصري بادشاهه جن کي انهي وقت فرعون سڏيندا هئا، مذڪوره مقبرن ۾ مدفون آهن. جن جي مٿانٻيا ۽ ٽيان مقبرا اڏيل آهن، جن پائرامڊ جي صورت اختيار ڪئي. هنن مقبرن واري علائقي کي بادشاهن جي وادي سڏيندا آهن. هربادشاهه سرسبز لاله زار جي ڪناري پنهنجي پنهنجي ابدي آرامگاهه اڏائي. اهڙي طرح هنن مخروطي منارن اندر اڏيل مندرن ۾بادشاهن پنهنجي عقيدي موجب آمُن را (سڀ کان وڏي مصري ديوتا) سان گڏ پنهنجا مجسما به آويزان ڪرايا ۽ پنهنجي هستي ۽ حيثيتجو تاثر برقرار رکڻ جي ڪوشش ڪئي ـ

مصري اهرامن بابت اڃا تائين سئو سيڪڙو مڪمل معلومات حاصل ڪانهي. بهرحال اهي شاندار ماضيءَ جا عظيمشاهڪار ۽ عالمي عجائبات ۾ پڻ خاص عجائب آهن. چوڻ ۾ اچي ٿو ته خُو فُو نالي مخروطي مزار اڏڻ ۾ تقريبن هڪ لک مزدورنکي ويهارو کن سال لڳا هوندا. هن پائرامڊ جي تعمير ۾ ٽيويهه لک بلاڪ ڪم ۾ آيا ـ

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو