Monday 15 December 2014

عبدالمجيد نظاماڻي

سنڌ جي بدحالي 
۽ پاڻيءَ جي کوٽ جون حقيقتون
                                                   خميس 26  فيبروري 2004ع

سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ شدت اختيار ڪندي پئي وڃي. سياسي، سماجي، معاشي ۽معاشرتي سيٽ اپ شهري ۽ ٻهراڙي ۾ تقسيم ٿي پيو آهي، پڙهيل ۽ اڻ پڙهيل جو فرق به ان نسبت سان تمام گهڻو آهي. شهري معيشت جو انحصار نوڪرين، تجارت، صنعت وغيره تي آهي.ٻهراڙين جو دارو مدار خالصتن زراعت، مال مويشي، ماهيگيري وغيره تي آهي، جيڪا معيشتنهري پاڻي جي محتاج آهي. طبعي طور سنڌ نيم خشڪ خطي 
(Semi Erid Zone)
 طور مشهور آهي، پر سنڌ کي
(Erid Zone)
 سڏڻ مناسب ٿيندو، ڇو جو برسات جي سراسري چار، پنج انچ کانوڌيڪ ڪانهي. اهو به تڏهن جڏهن سنڌ درياهه تي بيراجن جا پنجوڙ پيل ڪو نه هئا. سنڌو جي ڪنارن جي اندر 21 لک ايڪڙن مان پنج لک ايڪڙ سنڌو جو پيٽ ڇڏي باقي زمين تي ٻيلا ۽ اٿلتي سڄو ڪچو چيٽي پوکن سان ائين ڍڪيل هوندو هو ڄڻ ته ساوا غاليچا وڇايا پيا آهن. درياههکان ٻاهر ٻنهين ڪپن تي آبڪلاڻي ۾ Inundation واهن جن کي قدرتي ڦاٽ سڏيو ويندو هو، تيوسيع پيماني تي وونئڻ، ٻاجهر، مڪئي مال جو چارو ۽ ساريون پوکبيون هيون. باغن، هٿراديهڙين کان سواءِ به ڪڙين، ڪسين، واهن ۽ ٻنن تي تمام گهڻي وڻڪار هوندي هئي، جيڪيڪڪرن کي روڪي سانوڻي مينهن جو سبب بڻبا هئا. ڊگهي خشڪ سالي سنڌ جي حصي ۾ گهٽايندي هئي، بلڪه سياري جون برساتون به لازمي هونديون هيون. زماني جي ستم ظريفي،انساني نسل جي واڌ ويجهه، جاگرافيائي تبديلين وغيره جي دٻاءَ ايترو مجبور ڪيو آهي جو اسان پاڻ پنهنجي هٿن سان پنهنجي ڌرتي جي اصليت ۽ حسن، قدرتي نظارن ۽ ماحوليات کي بگاڙڻ شروع ڪري ڏنو. انساني تهذيب و تمدن، پاڪيزه ۽ صحتمند معاشري لاءِ جامع قدرتي ماحول
(environment)
 جو تحفظ ضروري آهي، جيڪو عدل انصاف، خدا خوفي، اخلاق ۽ قانون جي عملداريءَ سان وجود ۾ اچي ٿو. وقت گذرڻ سان اهي مڙئي شيون ماضيءَ جو داستان ٿي ويون آهن. مفلسي، افراتفري، بدامني، محتاجي، ذلت ۽ خواري جا ڏينهن سنڌ کي پاڻيءَ جي کوٽ ئيڏيکاري رهي آهي. هر شيءِ جي تخليق پاڻي مان ٿي آهي هر شيءِ جو جياپو پاڻي آهي. اسان پاڻيجي معاهدن سان زيادتي ڪئي آهي. اسان پاڻي جي تقسيم کي پنهنجي انا ۽ عزت جو مسئلو بڻايو آهي. معاهدا جيڪي آئين جي حيثيت رکن ٿا، تن سان غداري ڪئي آهي. الائي ڇو اسان قانون تي هلڻ کي بزدلي ۽ عيب سمجهون ٿا. آئين هر هڪ جي حقن جو انفرادي ۽ اجتماعي تحفظ ڪريٿو. آئين ته بنيادي حقن جي ضمانت آهي، جنهن ۾ معاشي، سياسي، سماجي، معاشرتي، حق اچيوڃن ٿا. اهڙي طرح آئين صوبن جي تعلقات، وسيلن، ٽئڪس، تجارت، زراعت، صنعت،معيشت، ڪاروبار، نقل و عمل پاڻي بجلي وغيره جي تقسيم جي به ضمانت ڏئي ٿو. پاڻي جيورڇ ۾ به ذري پرزي جي صاف صاف وضاحت ٿيل آهي، ڪٿي به ڪو بهانو ڪونهي. باقياسان ويهي”جونءَ جو پتو کوليون“ ته انهيءَ جو ڪو علاج ڪونهي. اهو بحث ئي اجايو آهيته سنڌ ۾ پاڻي ورهاست بابت شڪايت اجائي آهي. انگريز چريا ڪو نه هئا، جو روزانه هر ننڍيوڏي شاخ جي ٽيل جي ماپ وٺندا هئا. پاڻي جي منصفانه ورڇ ۽ بهتر ڪارڪردگيءَ جي ڪسوٽيٽيل جي سپلاءِ تي منحصر آهي، پوءِ ڪيئن ٿو سنڌ جي درياهه جي ڇوڙ يا ٽيل کي نظراندازڪري سگهجي، جيڪو عربي سمنڊ ۾ ٿئي ٿو. سنڌو درياهه صدين کان ڇوڙ واري هنڌ مٺي پاڻي سان گڏ ڪروڙين ٽن
 (Silt)
 مٽي اڇلائي، ڪافي ايراضي سمنڊ کان ڇڏائي آهي. جنهن کي ڊيلٽاسڏيون ٿا. جتي تمر جا ٻيلا سامونڊي طوفان کي روڪڻ، مڇي، جهينگي، پلي ۽ پاڻي جي ٻيمخلوق جي جياپي ۽ واڌ ويجهه، اٺ ۽ ٻين جانورن جي خوراڪ، انساني ضرورتن ديسي ۽پرديسي پکين لاءِ محفوظ اجهو ۽ مستقل آرامگاهه سان گڏ پوري خطي لاءِ خوبصورت ۽خوشگوار ماحولياتي بقاءَ لاءِ قدرت جو انمول تحفو آهي. جنوب مغرب جو وڏي ۾ وڏو ۽ دنياجو ڇهون نمبر وڏو ڊيلٽا حادثو نه بلڪه حڪمت الاهي آهي، جنهن کي نقصان رسائڻ سان خطيجي تباهي ٿيندي. سنڌ جي زمين ساڍا ٽي ڪروڙ ايڪڙ آهي، ڪمانڊيڊ ايريا هڪ ڪروڙ ويهه لک ايڪڙ ٽن بيراجن گڊو، سکر ۽ ڪوٽڙي تي ٿئي ٿي. درياهه جي 21 لک ايڪڙن مان 5 لکپيٽ ڇڏي باقي سورهن لک ايڪڙ ٻيلا ۽ اٿل تي چيٽ ٿئي ٿو. باقي زمين برسات جي محتاج آهي.ٽيئي بيراج پاڪستان کان اڳ جا آهن، سکر 1932ع ۾ تيار ٿيو. ڪوٽڙي 1955ع ۽ گڊو 1957ع ۾ مقرر ٿيا. ليڪن انهيءَ جي منصوبه بندي، منظور ۽ بجيٽ جسٽس رائو جي سفارش تيورهاڱي کان اڳ جي آهي. ٻي جنگ عظيم سبب پاڪستان جي قيام کان پوءِ ڪم شروع ٿيو.پاڪستان ٺهڻ کان وٺي اڄ تائين سنڌ ۾ ڪو به ترقياتي ڪم (پاڻي جي حوالي سان) نه ٿيو، پر1947ع- 08-14 کان 1991ع-03-16 تائين سنڌو درياهه تي ڪئين پروجيڪٽ، لنڪ ڪئنال، بيراج، ڊيم، پاور پروجيڪٽ وغيره ٺهيا. هنڌان هنڌان زخمي ٿيل سنڌو درياهه پنهنجياصل ميراث سنڌ ڌرتي جي اڃ اجهائڻ کان بي وس بڻجي ويو. گهٽجندڙ پاڻي ۽ وڌندڙ ضرورتن سبب صوبن جي وچ ۾ ڪشمڪش پيدا ٿي. 16 مارچ 1991ع تي ملڪ جي چئن صوبن وچ ۾پاڻي جي تقسيم جو يڪراءِ معاهدو ٿيو، جنهن تي وڏن وزيرن، وزيرن ۽ اعليٰ آفيسرن جمله 2 1 ڄڻن صحيحون ڪيون ـ

معاهدي مطابق پاڻي جي ورڇ هيٺين ريت ٿي ـ

صوبي سرحد کي 3 ملين ايڪڙ فوٽ اضافي آهن، جيڪي Rim Station
 کان اوڀاري پاسي آهن. سرحد ۽ بلوچستان کي اها رعايت ڏني وئي ته سندن زير تعمير واهن کي به هلندڙ واهه قبول ڪري 
Ten Daily
 ۾ شامل ڪيو ويندو. باقي سنڌ ۽ پنجاب جا فقط حاضر واهه
 (Functional Canals)
 شامل هوندا. ندين جو اضافي پاڻي جمله ٻوڏ 
(Flood)
 جي ورڇ هيٺين ريت هوندي ـ

پنجاب 37 سيڪڙو، سنڌ 37 سيڪڙو، سرحد 14 سيڪڙو، بلوچستان 12 سيڪڙو ـ

پاڻي جي کوٽ حصه رسي ورهائي ويندي.

شق نمبر 7 معاهدي جو بنياد ۽ روح آهي، جنهن تحت سمنڊ جي کاڌ/واڌ ۽ پاڻي کيروڪڻ ۽ ٻين ضرورتن "To establish the minimal escapages needs" لاءِ گهربل پاڻي جي مقدار جو اڀياس. جنهن لاءِ CCI 91ع-09-16 جي ميٽنگ ۾ ”Inemational Panel of Experts“ لاءِ سفارشڪئي آهي ـ

شق نمبر 3 1 ۾ معاهدي تي عملدرآمد لاءِ بااختيار ارسا جو قيام آهي ـ

91
ع کان اڄ تائين ٿيو ڇا؟

”جهيڙي جا شاهد ڦٽ آهن“ 99ع تائين قدرتي پاڻي جي پوزيشن صحيح هئي يا پنجاب ۾هضم ڪرڻ جي طاقت گهٽ هئي. 2000ع کان سنڌ جون جهڪائون سڪي ويون. ننڍا وڏا فصل 40 سيڪڙو گهٽجي ويا. ٽيوب ويلن جو انگ 5000 کان هڪ لک تي پهچي ويو. اهو ڏسڻ بنا ته جر کارو آهي يا مٺو، سم نالين جي زهريلي پاڻي تي ڊگڊگيون لڳي ويون. مئي ۾ برهاڙو وهندڙ واهن مان آگسٽ ۾ مٽي پئي اڏاڻي. درياهه ۾ ٻيڙين بجاءِ سوزڪين، ڊاٽسنن، ٽريڪٽرن ۽ سائيڪلنجا گس ٿي ويا. سخت اڃ مال کي به زهريلي پاڻي پيئڻ تي مجبور ڪيو. ڪي جانور مري ويا.ماڻهن به دٻن مان پاڻي پئي پيتو. پراڻا مٺا تڙ کارا ٿي ويا. فصل کي بچائڻ لاءِ ٽيوب ويل ڪي هفتن ۾ ڪي ته ڏينهن ۾ ئي لڳي ويا. فصل ۽ زمين سان گڏ گهرن جو الهه تلهه چٽ ٿيندو ويو، پاڻي تانڀائر به پاڻ ۾ لٺين ۽ ڪهاڙين تي وڃي پهتا. بدين ضلعن جي جاتي، شاهبندر، ڪيٽي بندر، کارو ڇاڻ، گهوڙا ٻاري، ساڪرو، گولاڙچي ۽ بدين تعلقن جي ڪمانڊيڊ ۽ نان ڪمانڊيڊ ايريا جي 15لک ايڪڙ زمين سمنڊ ڳڙڪائي ويو. ٽي لک ماڻهن شهرن جو رخ ڪيو. اباڻن ڪکن جي آس تيويٺل ڪي ته بنا غسل مٽي ما ءُحوالي ٿيا. تمر جا ٻيلا، دريائي ٻيلا اٿل جون آباديون، مال مڏيون،جيت جانور، مڇي، پلو، جهينگو، کارائي اٺ، مينهن، گهوڙو قسمتي ڳولي لڀن. مک ۽ مڇر کانپاڪ هر وقت هر قسم جي مڇي ۽ پکي جو مسڪن، کير، ڏڌ، مکڻ جي پالوٽ واري هنڌ سمنڊ جي ڇولين قبضو ڪري ورتو. گڊو ۽ سکر ۾ مئي وارا فصل آگسٽ ۾ پوکجڻ لڳا. ڪوٽڙي بيراججي حالت انتهائي خراب ٿي وئي، سڄي سنڌ مهانگائي، بي روزگاري، بدامني ۽ نراسائي جي لپيٽ۾ اچي وئي، مينهن موڪلائي ويا. ”مروئان موت ملوڪان شڪار“ پنجاب سرڪار معاهدو لتاڙي نه فقط پنهنجي اپت وڌائي ۽ آڳاٽي ڪئي، بلڪه سنڌ کي معاهدي مطابق پاڻي ڏيڻ ۽ DSKوهڪري تان هٿ کڻائڻ لاءِ گريٽر ٿل ڪئنال، ڪالا باغ ڊيم ۽ 91ع معاهدي کان 31 سال اڳ1960ع واري سنڌ طاس معاهدي ۾ هندستان ڏانهن ويل ٽن دريائن ستلج، بياس ۽ راوي جي پوري ڪمانڊ ايريا ۽ جهلم جي ٽيل ايريا تي پوندڙ خراب اثرن ۽ ماحولياتي گدلاڻ جي خاتمي لاءِسنڌ درياهه مان لنڪ ڪئنالن ذريعي 50 ايم اي ايف پاڻي جي پاڻمرادو ۽ يڪطرفه گهر ڪئيآهي. حالانڪه اها گهر نه 60ع واري معاهدي، نه وري 91ع واري معاهدي ۾ ڪيل آهي. هيءَ سڌي سنئين ڪپت آهي. هيءُ اهڙو مطالبو هو، جنهن سنڌ ۾ ٿيندڙ احتجاجن کي اڃا به شديد ڪريڇڏيو آهي ـ

هاڻ جيڪڏهن معاملو سنڀالڻو آهي، صوبن درميان نفرتون ختم ڪرائڻيون آهن ته انصاف، آئين، ايثار ۽ اخلاق جو تقدس برقرار رکڻو پوندو ـ

هاڻي ٿيڻ ڇا کپي؟

(1) متنازع گريٽر ٿل ڪئنال تان هٿ کنيو وڃي، ڇاڪاڻ جو اهو زبردستي تعميرڪيو پيو وڃي، جنهن کي سنڌ اسيمبلي اتفاق راءِ سان رد به ڪري چڪي آهي ـ

(2)
 پاڻي جي عدم دستيابي سبب سنڌ درياهه تي هر قسم جي ڊئم ٺاهڻ تان هميشه لاءِهٿ کڻڻ کپي، ڇو جو مفروضه تحت اهو تاثر ته سراسري 5 3 ايم اي ايف پاڻي ڊائون اسٽريمڪوٽڙي (DSK) ذريعي سمنڊ ۾ ضايع ٿئي ٿو ان جو حساب هي آهي ته 

. غير استعمال شده پاڻي 12.00 ايم اي ايف
. انڊيا جو اڀرندين ندين تي حصو 8.70 ايم اي ايف
. انڊيا جي اولهندين درياءَ ۾ حصو 4.80 ايم اي ايف
. صدر صاحب طرفان قبوليل ڊائون اسٽريم پاڻي 10.00 ايم اي ايف
.ڪابل نديءَ مان تسليم شده (افغانستان جو حصو) 8.00 ايم اي ايف
.منگلا کي وڌائڻ لاءِ 3.00 ايم اي ايف
ايڪنيڪ طرفان ايل بي او ڊي لاءِ 2.24 ايم اي ايف ـ
مٿي ذڪر ڪيل سمورو پاڻي جوڙ ڪجي ته اهو 48.74 ايم اي ايف ٿئي ٿو. ان مانسمنڊ طرف وهڪرو آهي 35.00 ايم اي ايف ـ

پاڻيءَ جي 35 ايم اي ايف جي دستيابي ته ڇڏيو، پر 13.74 کوٽ آهي ته پوءِ14 ايم اي ايف پاڻي جي بي بدل کوٽ ۽ ٽي صوبائي اسيمبليون هڪ کان وڌيڪ ڀيرا هن رٿا کي رد ڪري چڪيون آهن. پوءِ سنڌو ندي جي پاڻي تي ڪنهن به ڊيم جو سوچڻ خودڪشي آهي، انڪري انهيءَ رٿا کي سدائين لاءِ وساري ڇڏڻ گهرجي ـ

(3)
 پنجاب ستلج راوي ۽ بياس جي وڃڻ جي عيوض 50 ايم اي ايف جي مطالبي تاننه فقط هٿ کڻي، پر ان کي ان غلطي جو احساس به ٿيڻ گهرجي، ڇو جو هي ڪنهن به معاهدي ۾ ڪونهي، بلڪه هي سنڌ کي اڃا به بنجر ڪرڻ، معاهدن کي سيوٽيج ڪري ملڪي سالميت کيڇيهو رسائڻ جي برابر آهي ـ

(4)
 سنڌ طاس معاهدي جي رقم مان 1960ع کان 1991ع تائين پنجاب ۾ جيڪيترقياتي ڪم ٿيا آهن، انهي نسبت (Ratio) سان سنڌ جي تلافي ڪئي وڃي.

(5)
 پاڻيءَ جي کوٽ وارن سالن ۾ خشڪ سالي جو بهانو بنائي سنڌ کي هڪ ارب رپيا نقصان رسايو ويو آهي، اهو ڀري ڏنو وڃي، ڇو جو ڪمانڊ ايريا ۾ آبادي 
(Cultivation)
 جي منصوبه بندي فقط نهري پاڻي جي حساب سان ڪئي ويندي آهي ـ

(6)
 پاڻي جي جديد ۽ سائنسي استعمال لاءِ واهه ۽ واٽر ڪورسز پڪا ڪرڻ، ليزرٽيڪنالاجي تحت زمين جي سنوت Sprinkler Drip
 سسٽم متعارف ڪرائڻ سان 61.8 ايم اي ايف پاڻي بچائي آبادي لائق ايراضي کي 37 ملين ايڪڙن مان 59 ملين ايڪڙ تائين وڌائي سگهجي ٿو ۽ 80 سيڪڙو سم ۽ ڪلر روڪي سگهجي ٿو، ان ڪري اهڙي قسم جي اسڪيم لاڳو ڪئي وڃي ـ

(7)
 جتي به ممڪن هجي، فقط برسات جي پاڻي تي حب ڊئم جيان ننڍا يا وڏا ڊئم ٺاهيا وڃن.

پر سڀ کان وڏي ضرورت اعتماد بحال ڪرڻ جي آهي، باقي رڳو اهو چوڻ ته ماضي کي وساري ڇڏيو، ٽيليميٽري سسٽم لڳندو وغيره. اهي رڳو تسليون آهن. مسئلن جو حل فقط ۽ فقط معاهدي تي حرف بحرب عمل ڪرڻ سان آهي. باقي ڪنٽرولڊ ڪميٽيون سياسي هجن يا فني مسئلن جو حل ڪونهن ـ

ملڪ جي فلاح، معاشي خوشحالي، امن امان، 40 لک ماڻهن کي بيرزوگاري کان بچائڻ، اقوام عالم ۾ سرخرو ۽ بقاءَ لاءِ اسان سمجهون ٿا ته حقيقتن کي مڃڻو پوندو. تلخ حقيقتنکي نظرانداز ڪري جيڪڏهن اسان ڪبوتر وانگي اکيون پوري ڇڏيون ته ان سان امڪاني مصيبتن کي نٿو ٽاري سگهجي ـ

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو