Monday 15 December 2014

عبدالقادر جوڻيجو

سامونڊي زلزلو
اربع 29 ڊسمبر 2004ع

2001
ع ۾ 7.8 ريڪٽر اسڪيل تي اُٿيل زميني زلزلي جڏهين گجرات جي سنڌي آباديءَ واري علائقي ”ڪڇ“ کي ڌونڌاڙي ڦٽو ڪيو هو ته انهيءَ زلزلي تي مون ڪاوش اخبار۾ هڪ ٻئي پويان ٻه مضمون کڙڪايا هئا. پر ڪنهن به اخبار ۾ ايترن صفحن جي گنجائش نه هوندي آهي، جو زلزلي جهڙي گهڻ رُخي ۽ وڏي موضوع جي باري ۾ زير بتير ڳالهيون لکي سگهجن ته جيئن ڪا کوٽ ڦوٽ نه رهي. اهو ئي ڪارڻ آهي جو ڪجهه يارن تائين پوريڳالهه پهچي نه سگهي هئي ۽ ڪجهه مونجهارا رهجي ويا هئا. انهن مونجهارن کي سلجهائڻلاءِ ٽيون مضمون لکڻ وارو هوس ته ڪنهن پڙهئي لکئي ۽ هُجائتي دوست مون کي ٽوڪهڻندي چيو ته، ”لڳي ٿو ته توکي زلزلي جي فوبيا ٿي پئي آهي. ڇڏ زلزلن کي، ٻئي ڪا ڳالههلک.“ پنهنجي دوست جي انهيءَ مناسب ٽوڪ کان پوءِ ٽئي مضمون تان هٿ کڻي ويس. انهنٻن مضمونن مان هڪ مضمون ۾ مون نقشا ڪڍي چڱيءَ طرح ڄاڻايو هو ته جيڪڏهن انهيءَزلزلي جو مرڪز (EPICENTER)
 ڪارونجهر/ڪارو جبل جي بدران سمنڊ جي بنهينويجهو يا سمنڊ اندر هجي ها ته ڪر ڪراچيءَ کان وٺي ممبئي تائين جي سامونڊي ڪناريسان لڳ وڏي ڀينگ ٿئي ها ۽ راڄن جا راڄ رُلي وڃن ها، جو اک نه ڏسي گوڏي کي. ظاهرآهي ته اها ڳالهه مون ٺلهين ٻلن تي لڳي نه لکي هئي. انهيءَ جي پويان کريون (Solid)
حقيقتون موجود هيون، جن جو مثال 
Asian Quake
 جي صورت ۾ اڳيان اچي ويو آهي ـ

26 ڊسمبر 2004ع تي آچر جي ڏينهن صبح جو جيڪو 9.0 ريڪٽر اسڪيل تيجيڪو سامونڊي زلزلو اٿيو آهي، تنهن جي نتيجي ۾ سمنڊ مان اٿندڙ غضب ناڪ ڇولين جيچاڙهه ۽ لاهه جي ارڙي ۾ اچڻ کان پوءِ ڏکڻ ڀارت، سري لنڪا، مالديپ، انڊمان، نڪوبار،بنگلاديش، برما، انڊونيشيا، ٿائلينڊ، سوماليه (سنڌي شيدين جو ڏاڏاڻو ملڪ) ڪينيا ۽ ڪورياجي سمنڊ سان لڳندڙ علائقن کي هڻي ڌوڻي ڦٽو ڪيو آهي. اڄ تائين مرڻ وارن جو انگ 25هزار ماڻهن تائين پهچي چڪو آهي، جيڪو اڃا وڌندو ويندو. خدا ٿو ڄاڻي ته اهو انگ الائيڪٿي وڃي ڇيهه ڪندو. هزارين ٻيڙيائتا ۽ ٻيا ماڻهو گم ٿي چڪا آهن ۽ هزارين ماڻهو زخميٿي چُڪا آهن. سوين گهر، ڀيڻيون، واٽون ۽ رستا رُڙي ويا آهن، سوين گاڏيون وهڪرن جيور چڙهي ويون آهن. هزارين وڻ پاڙئون پٽجي وڃي سمنڊ ڀيڙا ٿيا آهن ۽ ڪئين تفريح گاهون،ريڙها ۽ هوٽلون وڄن وانگر وراڪا ڏيندڙ ڇولين جو بک بڻجي چُڪيون آهن. ڇوڌاري ريهورڙ، ڀڄ ڀڄان ۽ وٺ وٺان لڳي پئي آهي. ڪَکُ ڪَکَ سان نه گڏيو ۽ ڀت ڀت کان ڌار ٿي ويئي.حڪومتون پريشان آهن ۽ بين الاقوامي امدادي ادارا حرڪت ۾ اچي ويا آهن. مطلب ته قصوگوڙ کان چڙهيل آهي. هيءَ هڪ اهڙي تباهي آهي، جيڪا نه ڪنهن ٻڌي ۽ نه ڪنهن ڏٺي.ميڊيا تي ريهون ڪندڙ طوفاني هوائون ڇانيل آهن ـ

انهيءَ تباهيءَ جي نتيجي ۾ اڳتي هلي ڪهڙا ۽ ڪيترا انگ اکر نڪرندا، اها خبرميڊيا مان پوندي. هن اندوهناڪ سامونڊي زلزلي کان اڳ ۾ ڪهڙا ڪهڙا زلزلا ڪٿي ڪٿياچي ڪيترو نقصان ڪري چُڪا آهن، انهن جو وستار به ميڊيا تي اچي چُڪو آهي ۽ اڃاڪجهه ايندو. پر هتي پاڻ کي عام خلقت کي سوليءَ سنڌيءَ ۾ اهو سمجهائڻو آهي ته سامونڊيتوڙي زلزلي جي قدرتي آفت ڪٿان ۽ ڪيئن ٿي اچي ٽُٽي ـ

سمجهو ته اوهان سنڌ جي ڪنهن ڳوٺ مان بيهي ڪا دُورانَ (وڌ ۾ وڌ ڊگهي) سيخکڻي زمين اندر ايستائين بورنگ ڪندا ٿا وڃو، جو اها سيخ ڌرتيءَ جي ٻئي پاسان وڃي ٿينڪري ته اها سيخ برابر ٿيندي ”قطر“ جي. انهيءَ جو مطلب اهو ٿيو ته ڌرتيءَ جي مٿاڇريکان وٺي وچ تائين جيڪو فاصلو ٿيو، اهو برابر ٿيو. اڌ قطر 
(Radius)
 جي جنهن جو نقشوهن ريت بيهي ٿو ـ

هيءُ جيڪو زلزلو اچي ٿو، اهو جنم وٺي ٿو اڌ قطر جي ڏهين پتيءَ وٽ. انهيءَ هنڌتي وڏيون رپون (Titanic Rocks) پاتيون وڃن ٿيون. سائنسي قائدن قانونن موجب گرميءَ ۾اهي رپون وڌنديون آهن، جڏهين ته ٿڌ ۾ اهي رپون سوڙهيون ٿينديون آهن. زمين اندر گهٽ وڌٿيندڙ گرمي پد جي ڪري اهي رپون ڪڏهين هڪ ٻئي کان ٿوريون پري ٿينديون آهن تهڪڏهين وري هڪ ٻئي ۾ ڀچي وينديون آهن. پري ٿيڻ ۽ ڀچڻ جو اهو عمل جڏهين تيز ٿيويندو آهي ته ڀچڻ جي صورت ۾ انهن مان هڪ اڻ ڏٺي سگهه پيدا ٿيندي آهي، جنهن کيعرف عام ۾ ”شڪتي“ چيو ويندو آهي. اها اڻ ڏٺي، پر سگهاري شڪتي جڏهين پيدا ٿيندي آهيته اها شڪتي وڏي اسپيڊ سان زمين جي مٿاڇري تي موجود ٻرندڙ جبل جي پاڙ ڏانهن ڇلنوانگيان سفر ڪندي آهي، جو ٻرندڙ جبل جي پاڙ ۽ رپن جي وچ ۾ اڳ ۾ ئي هڪ قسم جورابطو هوندو آهي. شڪتيءَ جي انهيءَ اٿياڪ جو نقشو ڪجهه هن ريت ٿئي ٿو:

اها شڪتي ڊوڙندي جتي ٻرندڙ جبل جي پاڙ سان وڃي لڳندي آهي، انهيءَ هنڌ کيچئبو آهي زلزلي جو مرڪز (EPICENTER). مرڪز کي لڳڻ کان پوءِ اها شڪتي پنهنجواڀو رُخ بدلائي ڏنگي رخ ۾ 1800 ميل في ڪلاڪ جي رفتار سان ڪنهن هڪ طرف رخرکندي آهي، شڪتي جي اها ڊوڙ اڳتي پوئتي هلڻ
 (Push & Pull)
 جي صورت ۾ زمين جياندر ئي اندر سفر ڪندي پنهنجي ”نشاني“ تائين پهچندي آهي. انهيءَ نشاني کي چئبو آهي”اسٽيشن“. اصل ۾ اسٽيشن زمين جي مٿان ڦهليل اها جڳهه هوندي آهي، جتي وڃي زلزلو ڌڪهڻي نقصان ڪندو آهي، انهيءَ شڪتيءَ جو پورو سفر ڪجهه هن ريت آهي ـ

اسٽيشن يا نشاني واري هنڌ يا تباهيءَ واري هنڌ پهچڻ کان پوءِ زمين ڌٻڻ لڳنديآهي ۽ پنهنجي ريڪٽر اسڪيل جي حساب سان نقصان ڪندي آهي. پر زمين جي ڌٻڻ کان پوءِاهو نقصان اڃا ٿئي ئي ٿئي، تنهن کان اڳ ۾ اها شڪتي ساڳئي شڪتي سان اڳتي پوئتي ٿيڻ
(Push & Pull)
 جي صورت ۾ 900 في ڪلاڪ جي رفتار سان سفر ڪندي جڏهين مرڪز
(EPICENTER)
 وٽ پهچندي آهي ته ڇنڊجي ختم ٿي ويندي آهي، پر اسٽيشن وٽ تباهيءَ جوسلسلو جاري رهندو آهي. ظاهر آهي ته اهڙيون رپون، مرڪز، ٻرندڙ جبل ۽ اسٽيشون جتيخشڪيءَ تي موجود آهن، اتي اهي ساڳيون شيون سمنڊ اندر هيٺ به موجود آهن. پر جيئن تهڌرتي 5 2 سيڪڙو ۽ سمنڊ 5 7 سيڪڙو جڳهه والاري ٿو ته انهيءَ حساب سان سمنڊ ۾ اهيبلائون ٽيڻ تي وڌيڪ هاڃيڪار به آهن ته مقدار ۾ به گهڻيون آهن. رب جي ذات الائي ڇا ڇاخلقي ڇڏيو آهي.

هاڻي جيڪڏهين ٻرندڙ جبل، زلزلي جو مرڪز (EPICENTER)
۽ زلزلي جوناسٽيشنون زمين جي ڪنهن اهڙي علائقي ۾ آهن، جيڪو سمنڊ کي تمام ويجهو آهي ته پوءِ اهوزلزلو ڇولين کي اُٿاري سامونڊي ڪنارن تي نقصان ته ڪري سگهي ٿو، پر اهو ايڏو نقصاننه هوندو آهي، جيڏو هينئر ٿيو آهي. پر جيڪڏهن اهي ساڳيون مصيبتون زمين کان تمام گهڻوپري وچ سمنڊ ۾ هونديون آهن ته اهڙي قسم جو زلزلو پاڻي اندر موجود مخلوق ۾ تباهي آڻيسگهي ٿو يا انساني صورت ۾ موجود زميني مخلوق کي تين وال ڪري سگهي ٿو. پر جي اهيساڳيون بلائون جيڪڏهين زمين کي ويجهيون آهن ته پوءِ اهو زلزلو 9.0 سيڪٽر تي هُجي،ته پوءِ اهو رهڙو ڌار ڌار ملڪن ۾ موجود سامونڊي ڪنارن وارن ملڪن کي رڻ ڪريسگهي ٿو. موجوده زلزلي جي باري ۾ چيو وڃي ٿو ته اهو زلزلو يا 
Asian quake
 انڊونيشياملڪ جي سوماترا واري علائقي جي ويجهو سمنڊ ۾ اٿيو آهي، تڏهين ايڏو وڏو نقصان ٿيوآهي ـ

انهن ڳالهين مان جيڪا وچان ئي ٽي حقيقت ظاهر ٿئي ٿي اها اهيا آهي ته سامونڊيزلزلو ته سمنڊ اندر ئي ايندو آهي ۽ سمنڊ جي هيٺان واري ئي زمين ڌُٻندي آهي، پر انهيءَزلزلي جي نتيجي ۾ سمنڊ جي پاڻيءَ جون ڇوليون اٿنديون آهن، اهي ڇوليون ٻوڏ ۽ طوفان جيصورت ۾ زميني علائقن کي رهڙا ڏيئي تباهه ڪنديون آهن ۽ وڏي ڀاڃڙ وجهنديون آهن ـ

زلزلن جي باري ۾ ٿيل اڀياس مان اها ڳالهه به ظاهر ٿئي ٿي ته جيڪي به علائقازلزلي جي رهڙي ۾ رکي رکي ايندا آهن انهن علائقن کي Earth quacke zones چئبو آهي.زمين تي زلزلي جا اهڙا زون جيڪي اسان کي ويجها آهن، انهن ۾ وچ ايشيا جو ملڪترڪمانستان ۽ ڀارت جو امير ڪبير صوبو گجرات اچي وڃن ٿا. اهڙي ساڳئي طرح سمنڊ جوزون وڏي هندي سمنڊ ۾ ڏکڻ ايشيا ۽ اوڀر ڏکڻ ايشيا جي ويجهو آهي. هيءُ اهو ئي زون آهي،جنهن ۾ ڪلهه زلزلو آيو آهي. چيو وڃي ٿو ته ماضي ۾ انهيءَ زون ۾ جيڪي زلزلا آيا آهن،انهن وڌ ۾ وڌ نقصان انڊونيشيا کي پهچايو آهي، پر هن ڀيري جيئن ته 9.0 ريڪٽر اسڪيل تيتمام وڏو زلزلو انهيءَ زون ۾ آيو آهي، تنهن ڪري زلزلي جي سٽ ۾ ڪيترائي ملڪ اچي وياآهن ـ

ڪيترائي اهڙا ملڪ آهن، جتي زلزلي يا ٻئي ڪنهن قدرتي آفت کان بچاءُ وٺڻ جااڳواٽ انتظام ٿيل هوندا آهن. موجوده زلزلي جو شڪار ٿيندڙ اهڙو ملڪ مالديپ آهي، تنهنڪري اتي ايترو هاڃو نه ٿيو آهي، جيترو ٿيڻ کپي. جڏهين ته ٻين ملڪن ۾ اهڙا اپاءَ گهٽورتل آهن، تنهن ڪري انهن ملڪن ۾ گهڻي تباهي آئي آهي. انسان جتي ”جبر“ جو شڪار ٿئيٿو اتي انسان کي ”اختيار“ به مليل هوندو آهي. جيڪڏهن ماڻهو پاڻ کي مليل اختيار جو وقتائتو۽ مناسب استعمال ٿو ڪري ته گهڻين بلائن کان بچي وڃي ٿو ـ

· زلزلو زميني هجي يا سامونڊي يا وري ٻئي ڪا قدرتي آفت هُجي، انهيءَ جي نتيجي۾ وبائن جو شڪار ته ٿئي ئي ٿو، پر وبائن کان علاوه ماڻهوءَ کي نفسياتي سطح تي به لوڏواچي ٿو. زلزلي جي اچڻ کان پوءِ بچيل ماڻهن کي رکي رکي ڦيري ايندي آهي، ڪڏهن زمين نهلڏڻ جي باوجود لڏندي نظر ايندي آهي، ڪڏهين اوٿارا ٿيندا آهن ۽ ڪڏهين اوچتا ڇرڪنڪرندا آهن. انهيءَ نفسياتي بيماري کي ”Shock After Shock چئبو آهي. ماڻهوءَ کي هڪڙو شاڪ تڏهين رسندو آهي، جڏهين زلزلو ايندو آهي. مٿان ٻيو شاڪ تڏهين رسندو آهيجڏهن مصيبت ٽري ويندي آهي، پر ذهن ۾ ويٺل هوندي آهي. هيءَ نفسياتي بيماري بظاهر تهڳري لڳندي آهي، پر ڪو به سئڪياٽرسٽ ڊاڪٽر انهيءَ بيماريءَ جو علاج سولائيءَ سانڪري سگهندو آهي ۽ بلائون ذهن مان ڪڍي ڇڏيندو آهي ـ

هڪ ٻيو به شاڪ هوندو آهي، جيڪو قدرتي آفت جي رهڙي ۾ آيل ملڪن کانپري رهي ڪري به اڄ ڪلهه ميڊيا جي ذريعي ماڻهوءَ کي ڏسڻ ۾ ايندو آهي ۽ شاڪ رسندوآهي. انهيءَ شاڪ کي اسان ڏک جو نالو ڏيئي سگهون ٿا. ڏک هوندا ئي ونڊڻ لاءِ آهن. ڪوانسان جيڪڏهين انهيءَ ڏک ۾ شريڪ نٿو ٿئي ته اهو ماڻهو ئي ڪهڙو. انسانيت به ڪا شيءِٿيندي آهي يار ـ

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو