Monday 15 December 2014

آغا سليم

تاريخ جي شاهدي
جمع 26 آگسٽ 2011ع


مان هيءَ ڳالهه سنڌ سان محبت جي ڪري نٿو ڪريان، پر تاريخ ۽ ان کان اڳ واري زباني روايتن جي دور جي شاهديءَ طور ٿو چوان ته شروع کان وٺي سنڌ پنهنجي بقا، آزادي ۽ خود مختياريءَ لاءِ ڪنهن به وڏي طاقت سان وڙهندي رهي آهي. الادين جو لشڪر ايڏو ته وڏو هو، جو ان وقت جي ڪنهن گم نام شاعر چيو 

ڪارا، ڪڪا، ڪابلي، اُت ڪوهستاني به ڪڏن
ماڪڙ وانگر مينهن جي، ٿا اچيو ڪا ن ڪرن
نوَ لک ڏهه ڇليون، اچي سنڌ وڪوڙي تن

پر پوءِ به سنڌي وڙهيا، بي جگريءَ سان وڙهيا ۽ هڪ هڪ ٿي شهيد ٿيا. وري جڏهن سڪندر ڪاهه ڪئي ته درياهه ۾ جيستائين نظر ٿي وئي، تيستائين رڳو جنگي ٻيڙا هئا، ٻنهي ڪنارن سان پيادي فوج، ونجهن جا آواز، هڪ ٻئي کي همٿائڻ لاءِ هوڪارا، سپاهين جو چوٻول. ماڻهن سمجهيو ته ڪا آسماني آفت آهي، جيڪا لشڪر جي صورت ۾ مٿن نازل پئي ٿئي. اروڙ جي حاڪم سڪندر سان مقابلي جي تياري ٿي ڪئي ته شهر جا چڱا مڙس وٽس ميڙ ڪري آيا ته هن آسماني آفت سان پڄي نه سگهنداسين، وڏو قتلام ٿيندو، بيگناهه ماڻهو مرندا، ان ڪري سڪندر سان ٺاهه ڪيو وڃي. هن ٺاهه ڪيو ۽ سڪندر اروڙ تي قبضو ڪرڻ کانپوءِ اڳتي وڌيو ۽ هڪ ٻئي حڪمران آڪسي ڪينس تي حملو ڪيائين، جو هو پيش نه پيو هو. هو قلعه بند ٿي ويٺو ۽ وڏي بي جگريءَ سان وڙهيو، پر هار کاڌائين ۽ قتل ٿيو. سڪندر ڪيترائي شهر تباهه ڪيا، هزارين ماڻهن کي ڪُٺو ۽ هزارن کي غلام بڻايو. اتان هو سيوهڻ ڏانهن روانو ٿيو. سڪندر جي ان انساني ڪوس واري حملي ۾ عجيب ڳالهه اها ٿي ته برهمڻ جيڪي پوٿيون پڙهندا ۽ ماڻهن کي اکرن ۾ اڙائيندا هئا، اهي سڀ کان وڏا سرفروش ۽ آزاديءَ جا علمبردار ٿي بيٺا. سڪندر جو ٻڌي سيوهڻ جو حڪمران پهاڙن ڏانهن ڀڄي ويو، پر پوءِ سڪندر سان ٺاهه ڪري موٽي آيو ته شهر جي برهمڻن کيس شهر ۾ داخل ٿيڻ نه ڏنو. چيائونس ته آزاديءَ لاءِ سڪندر سان جنگ ڪر. سامبس سڪندر سان وڙهيو ۽ شهر جي برهمڻن سان گڏ قتل ٿيو. سڪندر جي هڪ مورخ Diodorousلکيو آهي: هاڻي هن سامبس جي بادشاهيءَ کي تباهه ڪيو. هن گهڻي ڀاڱي شهرن جي رهاڪن کي غلام بڻايو ۽ شهرن کي تباهه ڪرڻ کانپوءِ اسي هزار ماڻهو قتل ڪيا. هن برهمڻن جي قبيلي (هنن کي ان ئي نالي سان سڏيو ويندو آهي) تي ساڳي تباهي آندي. هوڏانهن اروڙ جي برهمڻن ميوسي ڪينس کي به سڪندر سان وڙهڻ لاءِ مجبور ڪيو. هن به آزاديءَ جو جهنڊو بلند ڪيو، هن کي به شڪست ٿي ۽ سڪندر هن کي ۽ کيس جنگ لاءِ آماده ڪرڻ وارن برهمڻن کي وچ شهر ۾ ڦاهيءَ تي لڙڪايو. ان بعد سڪندر برهمڻن جي شهر ڏانهن وڌيو، ان شهر جو ڪن تاريخ نويسن 
Breachman
 ۽ ڪن 
Harmtelle 
نالو لکيو آهي. هتان جي برهمڻن سڪندر سان جنگ جو هڪ نئون طريقو ڳولهي لڌو. هنن پنهنجي هٿيارن تي اهڙو زهر لڳايو، جنهن جي اثر سان سارو جسم سُن ٿي ويو، جسم کي جهٽڪا ٿي آيا ۽ سهپ کان ٻاهر سور ٿي ٿيو، زخم مان رت سان گڏ جهڳ ٿي نڪتي ۽ ماس ڳري ٿي ويو. برهمڻن کي خبر هئي ته جنگ ۾ سڪندر بهادري ڏيکارڻ لاءِ وڏي لاپرواهيءَ سان ڪاهي پوندو آهي، ان ڪري هو زهريلي تيرن جو سولو نشانو بڻبو، پر سڪندر جي بدران هن جو مشهور جرنيل پٽوليمي نشانو بڻجي ويو. جنهن به يونانيءَ کي تير ٿي لڳو، تلوار جو زخم ٿي آيو، ان جو يوناني حڪيم علاج ڪري نٿي سگهيا. پٽوليميءَ کي تير لڳو ته سڪندر پريشان ٿي ويو، پر پوءِ کيس خبر پئي ته ان زهر جو علاج هڪ مقامي ٻوٽي آهي، جنهن جي مکڻ سان زهر جو اثر ختم ٿي ويندو آهي. اها ٻوٽي گهرائي وئي ۽ پٽوليمي بچي ويو. ان لاءِ سڪندر جي خوشامدڙن جيڪي هن کي ديوتا جو پٽ مڃيندا هئا، انهن کي سندس خوشامد جو موقعو ملي ويو ۽ هنن هُلايو ته سڪندر پٽوليمي جي ڀرسان ويٺو هو ته هن کي ننڊ اچي وئي ۽ هن خواب ۾ ڏٺو ته هن جي ماءُ جو پاليل نانگ وات ۾ اها ٻوٽي جهلي سڪندر وٽ آيو ۽ هن کي ڏنائين. سڪندر جي خواب جي اهڙي ڳالهه تي وڏن وڏن ماڻهن اعتبار ڪيو. روم جي مشهور قانون دان ۽ مقرر سِسِرو هن جي ان خواب کي الهامي خواب مڃيو. ان شهر ۾ به برهمڻن هن جو سخت مقابلو ڪيو ۽ سڪندر وڏي بيرحميءَ سان هنن کي ڪُٺو ـ

پاتال جي بندرگاهه ۾ حريت پرست سنڌين هن جي خلاف گوريلا جنگ شروع ڪئي. سڪندر اتي وڏي بندر گاهه تعمير ڪرائي ۽ وڏو آرماڙ رکيو. هن پويان پنهنجي امير البحر کي چاليهه هزار فوج ۽ آرماڙ سان ڇڏيو ۽ پاڻ خشڪيءَ رستي روانو ٿيو. هن جي امير البحر چوماسي جي سَوَلِين هوائن جو انتظار ٿي ڪيو، پر سنڌين هن جي آرماڙ تي حملا شروع ڪري ڏنا. ايستائين جو نيرڪس هوائن جو انتظار ڪرڻ کانسواءِ ئي آرماڙ ڪاهي روانو ٿي ويو ـ
 Starbo
 لکي ٿو ته، ”مقامي وحشي، بادشاهه جي غير موجودگيءَ جي ڪري وڏا دلير ٿي ويا، هنن يوناني فوجين تي حملا شروع ڪري ڏنا ۽ يونانين کي ملڪ مان نيڪالي ڏيڻ لاءِ جدوجهد شروع ڪئي“.

سيوهڻ جي حڪمران سامبس کي سڪندر سان وڙهڻ لاءِ آماده ڪندڙ برهمڻ نوجوانن لاءِ سڪندر جي سوانح نگار
Plutarch
 هڪ دلچسپ واقعو لکيو آهي. هن لکيو آهي ته، انهن برهمڻ مان ڪن کي سڪندر پاڻ وٽ سڏايو ۽ کين چيائين ته، اوهان مان هر هڪ کان سوال پڇيو ويندو، جيڪو سوال جو جواب ڏيئي نه سگهندو يا غلط ڏيندو ته ان کي قتل ڪري ڇڏيندس. هن پهرين برهمڻ کان پڇيو 
 ٻڌايو، ڪنهن ۾ وڌيڪ جاندار ٿا پيدا ٿين، ڌرتيءَ تي يا سمنڊ ۾  
 ڌرتيءَ تي، جو سمنڊ ڌرتيءَ جو ئي حصو آهي  
هڪ ٻئي کان پڇيائين:  تنهنجي خيال ۾ انگ ۾ ڪير وڌيڪ آهن، مئل جا جيئرا؟ 

 جيئرا، ڇاڪاڻ ته مئل ته آهن ئي ڪو نه 
ٽئين کان پڇيائين:  سڀ کان چالاڪ جانور ڪهڙو آهي؟ 
 ان کان ماڻهو اڃا واقف نه ٿيو آهي  

چوٿين کان پڇيائين:  تو ڇا جي ڪري سامبس کي بغاوت لاءِ اڀاريو؟ 
 ڇاڪاڻ جو مون چاهيو ٿي ته هو عزت سان زنده رهي ۽ عزت سان مري 
پنجين کان پڇيائين:   پهرين ڏينهن وجود ۾ آيو يا رات؟ 

 ڏينهن، هڪ ڏينهن اڳ هو.  سڪندر هن جو جواب ٻڌي حيران ٿيو، هن بادشاهه کي حيران ٿيندو ڏسي چيو:  ناممڪن سوالن جا جواب به اهڙا ئي هوندا آهن 
سڪندر هاڻي ڇهين ڏانهن منهن ڦيريو ۽ کائنس پڇيائين،  ڪير پاڻ کي گهڻو مشهور ڪري سگهي ٿو؟ 
 اهو ماڻهو جنهن وٽ تمام گهڻي طاقت هجي، پر پوءِ به ماڻهو هن کان نه ڊڄن 
 ماڻهو ڪيئن ديوتا ٿي سگهي ٿو؟ 

 اهو ڪي ڪرڻ سان، جيڪو ناممڪن آهي 
 ڪيستائين ماڻهوءَ جو زنده رهڻ عزت ڀريو آهي؟ 
 جيستائين هو اهو نه سمجهي ته جيئڻ کان مرڻ بهتر آهي 

ان کانپوءِ سڪندر جج کي فيصلو ٻڌائڻ لاءِ چيو. جج چيو ته هنن هڪ ٻئي کان وڌيڪ خراب جواب ڏنا آهن. اهو ٻڌي سڪندر چيو، ”جيئن ته تنهنجو جواب اهو آهي، ان ڪري سڀ کان پهرين توکي ماريو ويندو 

 اي بادشاهه، ائين نه آهي، تون پاڻ پنهنجيءَ ڳالهه کي رد ٿو ڪرين، تو چيو هو ته جيڪو سڀ کان وڌيڪ خراب جواب ڏيندو، اهو سڀ کان پهرين مرندو 

والٽيئر جڏهن اها ڳالهه پڙهي ته چيائين ته، هيءَ ته ان بادشاهه جي ڳالهه جهڙي آهي، جنهن جادوگرن کي چيو هو ته، جيڪڏهن اوهان مون کي منهنجي ان خواب جي تعبير نه ٻڌائيندا، جيڪو مون کان وسري ويو آهي ته مان اوهان کي قتل ڪري ڇڏيندس، يا الف ليليٰ جي خليفي جهڙي، جنهن پنهنجي زال کي مارڻ ٿي گهريو ۽ هن پنهنجي زال کي چيو ته، جڏهن تون آکاڻي ٻڌائڻ بند ڪندينءَ ته تڏهن مان توکي مارائي ڇڏيندس، پر هيءَ ڳالهه جيئن ته Plutarch لکي آهي ۽ اسان کي هن جو احترام ڪرڻو آهي، جو هو يوناني هو!ـ

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو