ڪراچيءَ ۾ انتهاپسندن جي
موجودگي
نيٽ ورڪ ۽ ڪم جو طريقيڪار
جمع 24 جنوري 2014ع
موجودگي
نيٽ ورڪ ۽ ڪم جو طريقيڪار
جمع 24 جنوري 2014ع
پاڪستان ۾ طالبان ويڙهاڪن خلاف آپريشن ڪيو وڃي، يا انهن سان ڳالهيون ڪيون وڃن، حڪومت ان حوالي سان توڙي جو ڪو به واضح فيصلو نه ڪري سگهي آهي، پر اهو ضرور ٿيو آهي ته، بنون ڇانوڻي ۽ راولپنڊيءَ ۾ جي ايڇ ڪيو ويجهو بم ڌماڪن کانپوءِ فوج مير علي جي علائقي ۾ گن شپ هيليڪاپٽرن جي مدد سان ويڙهاڪن جي ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو آهي، جنهن کي ردِ عمل چيو پيو وڃي. جڏهن ته انهن ٻنهي واقعن کان پهرئين سوين عام ماڻهو دهشتگرديءَ جو شڪار بڻجي چڪا آهن پر ان نويت جو عسڪري اداري طرفان ردِ عمل سامهون نه آيو هو، ڇا انهن ڳالهين يا آپريشن جي نتيجي ۾ سنڌ جو گاديءَ وارو شهر محفوظ بڻجي سگهندو يا صوبائي حڪومت ۽ ان جا ادارا ايترا اهل آهن، جو ايندڙ ڏينهن ۾ ڪراچيءَ کي سنڀالي ۽ عام ماڻهن کي تحفظ فراهم ڪري سگهندا؟! انهن بنيادي سوالن جو جواب، جيڪو ڪنهن جامع پاليسيءَ جي صورت ۾ٿي سگهي ٿو، اهو سنڌ حڪومت وٽ موجود نه آهي. افغانستان ۾ جڏهن آمريڪي مدد سان سرخ حڪومت خلاف جهاد جو اعلان ڪيو ويو هو، ته افغان پناهگيرن جي هڪ وڏي آباديءَ ڪراچي جو رُخ ڪيو، جيڪا اڃان تائين اُتي هزارن جي تعداد ۾ موجود آهي ۽ مقامي آباديءَ لاءِ پريشاني ۽ تڪليف جو سبب، جڏهن ته پوليس لاءِ ڪمائيءَ جو ذريعو بڻيل آهي. هر سال پناهگيرن بابت گڏيل قومن جو ادارو انهن جي واپسيءَ لاءِ حتمي تاريخ مقرر ڪري ٿو ۽ پوءِ مجبور ٿي ان ۾ واڌ ڪري ٿو ڇڏي. سهراب ڳوٺ ۽ ڀرپاسي جي افغان وسندين ۾ وڃڻ جي لاءِ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا تيار نه آهن، جنهن جي تصديق سپريم ڪورٽ ۾ ڪراچي بدامني ڪيس جي ٻڌڻيءَ دوران ٿي چڪي آهي. آمريڪا جڏهن طالبان يا اڳوڻن مجاهدن تان پنهنجي شفقت جو هٿ هٽايو ۽ افغانستان تي جنگ مسلط ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، ته پاڪستان آمريڪا جو ساٿ ڏيڻ کي ترجيح ۽ ڪراچيءَ جي عالمن سميت ملڪ جي وڏن عالمن کي ملان عمر کي سمجهائڻ لاءِ ڪابل موڪليو. جنرل مشرف جو اهو خيال هو ته، مُلان عمر، جنهن ڪجهه عرصو ڪراچيءَ جي مدرسن ۾ گذاريو آهي، سو پنهنجن اُستادن جي ڳالهه ضرور مڃندو، پر هن انهن سمورن برک عالمن کي موٽائي ڇڏيو. اها ٻِي ڳالهه آهي ته، انهن مان ڪجهه عالم اهڙا هئا، جن بعد ۾ افغانستان ۾ آمريڪا خلاف جهاد کي جائز قرار ڏئي ڇڏيو. انهن جون اُهي فتوائون اڄ به ڪراچيءَ جي ريگل چوڪ تي پراڻن ڪتابن جي انبارن ۾ نظر اچي ٿيون وڃن.
پاڪستان جي بدلجندڙ پرڏيهي پاليسي ۽ داخلي پاليسيءَ ڪراچيءَ جو چهرو مسخ ڪري ڇڏيو ۽ ان جا خوفائتا نتيجا ماڻهن کي ڀوڳڻا پيا. افغان پاليسيءَ ۾ ڊرامائي تبديليءَ کانپوءِ ڪراچيءَ کي هڪ نئين مقامي ۽ بين الاقوامي سڃاڻپ ملي. هتي فرانسيسي انجنيئرن جي بس ۾ ڌماڪي، ڪور ڪمانڊر جي قافلي تي حملي، صحافي ڊينئل پرل جي اغوا ۽ قتل، آمريڪي سفارتخاني تي حملي، اڳوڻي صدر پرويز مشرف تي حملي جي منصوبابنديءَ جهڙي دهشتگرديءَ جون ڪئين وارداتون ٿيون، جن ۾ هاءِ ويليو ٽارگيٽ کي نشانو بڻايو ويو. اهڙيءَ طرح هتان يمني شهري رمزي بن الشهيب ۽ ملان برادر جهڙا اهم القاعده اڳواڻ به گرفتار ٿيا. رمزي بن الشهيب تي آمريڪا جو اهو الزام آهي ته، اهو نائن اليون جي منصوبي جوڙڻ ۾ شريڪ هو، جڏهن ته ملان برادر، ملان عمر جو اهم ڪمانڊر آهي. پاڪستان ٺهڻ کان اڳ هتي ڪراچيءَ ۾ بين المذاهب جو مرڪز هو، جتي هندو، پارسي، مسلمان ۽ عيسائي گڏجي رهندا هئا ۽ اهي سمورا واپار سان وابسته هئا. پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ غير مقامي آبادي ايندي وئي، جنهن هتي جي ثقافت، روايت، تهذيب ۽ تمدن کي تبديل ڪري ڇڏيو ۽ اهو سلسلو اڃان تائين جاري آهي. هڪ ڀارتي آرٽسٽ افسوس سان چيو هو ته، هن شهر جو پنهنجو ڪو به ڪلچر نه آهي، سڀ ڪجهه ٻاهران آيو آهي، جهڙيءَ ريت ممبئي، ڪلڪتي ۽ حيدرآباد دکن ۾ آهي، ائين هتي ڪجهه نه نظر نٿو اچي.
ڪراچيءَ جي آباديءَ ۾ هر سال هزارين ماڻهن جو اضافو ٿي رهيو آهي، هتي ايندڙ ماڻهو پنهنجو سماجي ۽ مذهبي پسمنظر به پاڻ سان گڏ کڻي ايندا آهن. هتي ايندڙ صرف ٻين صوبن سان ئي تعلق نٿا رکن، پر ايندڙن ۾ پاڙيسري ۽ ڀَروارن ملڪن افغانستان، بنگلاديش، نيپال، سريلنڪا ۽ برما جا شهري به شامل آهن، جيڪي لِڪ ڇُپ ۾ هتي پهچي ويا. انهن جون آباديون سندن اصلوڪن علائقن جا منظر پيش ڪن ٿيون. مڇر ڪالوني ننڍڙو بنگلاديش، جڏهن ته ارڪان آباد برمي ڪالوني آهي.گذريل ڏينهن ۾ جڏهن برما جي صوبي ارڪان ۾ ٻڌ ڀڪشوئن مسلم آبادين تي حملا ڪيا، ته انهن ارڪاني مسلمانن جو وڏو تعداد لڪ ڇپ ۾ ڪراچي پهچي ويو. هتي نادرا جي مهربانيءَ سان صرف 15 کان 20 هزار رپين ۾ غير قانوني رهندڙ پرڏيهين جو شناختي ڪارڊ به آسانيءَ سان ٺهي وڃي ٿو. ڪورنگي، اورنگي، سهراب ڳوٺ ۽ منگهي پير جي نادرا سينٽرن تي اهو ڪاروبار عام آهي. ائين به ڪونهي ته، ان غير قانوني ڪم ۾ صرف غير سنڌي شامل آهن، آئون ڪجهه پنهنجن نوجوانن کي به سُڃاڻان ٿو، جيڪي ان ڪڌي ڪاروبار جو حصو بڻيل آهن. ڪراچيءَ ۾ طالبان جي موجودگي
2008ع کان پهرين طالبان جي هڪ اڻ اعلانيل پاليسي هئي ته، ڪراچي آرام ۽ علاج معالجي جي جاءِ آهي، هتان کين فنڊ به ملن ٿا، جيڪي اهي گهڻي ڀاڱي بينڪن ۾ ڌاڙن ۽ ڀنگ خاطر اغوا جي وارداتن مان حاصل ڪندا هئا پر پوءِ جڏهن 2009ع ۾ حڪومت سوات ۾ آپريشن جي شروعات ڪئي، ته صورتحال تبديل ٿيڻ لڳي. اِهي ئي اُهي ڏينهن هئا، جڏهن رحمان ملڪ ۽ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ڪراچيءَ ۾ طالبان جي موجودگيءَ کي ايم ڪيو ايم جو شوشو قرار ڏيندا ۽ رد ڪندا هئا. سوات ۽ مهمند ايجنسيءَ ۾ طالبان خلاف آپريشن دوران روپوش ٿي ويل ۽ ٻيا ڪيترائي متاثر ڪراچي پهچي ويا. انهن ئي ڏينهن ۾ آمريڪي ڊرون حملن ۾ واڌ آئي، جنهن کان بچڻ لاءِ وزيرستان جا محسود ڪمانڊر به ڪراچي پهچي ويا ۽ ڪراچي اچي اُهي انتهاپسند آسانيءَ سان پشتون آباديءَ ۾ شامل ٿي ويا ۽ روايتي طور تي هتي جا قانون لاڳو ڪندڙ ادارا اُن کان بيخبر رهيا. جتي انهن انتهاپسندن ڪنهن حد تائين مقامي ماڻهن جي راضپي ۽ ڪنهن حد تائين بندوق جي زور تي پنهنجي رٽ قائم ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي. ڪراچيءَ ۾ محسود قبيلي جا ماڻهو تعداد ۾ گهڻا ۽ با اثر آهن، تحريڪ طالبان جو ڪمانڊر به ان ئي قبيلي مان مقرر ڪيو ويندو هو، جنهن کي محسود قبيلو پنهنجي لاءِ اعزاز سمجهندو رهيو آهي. سهراب ڳوٺ ۾ نظر ايندڙ ڳري تعميراتي مشينري، ريتي بجريءَ جون ٽرڪون ۽ پاڻيءَ جا ٽينڪر ان ئي قبيلي جي ماڻهن جا آهن، شهري حڪومت جا وڏا ٺيڪيدار به انهن مان ئي آهن.
ڪراچيءَ ۾ بندش پيل تحريڪ طالبان جا ٽي گروهه موجود آهن. اها گروهه بندي انهن جي پنهنجن علائقن مان ٿي آهي، جتي هر علائقي جو ڪمانڊر مقرر آهي پر اهي جڏهن ڪراچي آيا، ته انهن اهو سلسلو هتي پڻ جاري رکيو، هاڻ ڪراچيءَ ۾ بندش پيل تحريڪِ طالبان وزيرستان، سوات ۽ مهمند ۾ ورهايل آهي. هن وقت پشتون آباديءَ جي هر علائقي ۾ تحريڪِ طالبان جو اثر ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ موجود آهي، منگهي پير کان وٺي شهر جي ريڊ زون قرار ڏنل علائقي هجرت ڪالونيءَ ۾ سندن موجودگي ڏسي سگهجي ٿي. سندن تعداد ڪيترو آهي، انهن جا همدرد ڪيترا آهن، اهو اندازو لڳائڻ ممڪن نه آهي، ها البت ڪراچي بدامني ڪيس جي ٻڌڻيءَ دوران پوليس اختيارين جو بيان هو ته، ڪراچيءَ ۾ 7 هزارن کان وڌيڪ سخت گير طالبان موجود آهن. طالبان جو اثر رسوخ گهڻي ڀاڱي غريب آباديءَ وارن علائقن ۾ آهي، جتي انفرا اسٽرڪچر، صحت، تعليم ۽ پيئڻ جي پاڻيءَ جهڙيون بنيادي سهولتون موجود نه آهن يا انهن جي اڻاٺ آهي. انهن علائقن ۾ تيزيءَ سان مدرسا به کلي رهيا آهن. ملڪ جي ٻين علائقن کان ايندڙن انهن ناپسنديده مهمانن کي رهڻ لاءِ زمين به دستياب نه هئي، ان ڪري اهي شهر کان ٻاهر ٽڪريون ڪٽي نجي ۽ سرڪاري زمينن تي قابض ٿي ويا ۽ ڪالونيون ٺهنديون ويون. زمين، تعميراتي سامان، پاڻي، بجليءَ جي سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ ڪيتريون ئي مافيائون پيدا ٿي پيون، ۽ جيڪو ڪم رياست جي ذميواري هو، اهو انهن مافيائن جي هٿ ۾ اچي ويو. انهن اهو ڪم بنا ڪنهن رڪاوٽ جي جاري رکڻ لاءِ طالبان جي مدد حاصل ڪري ورتي. افغانستان ۾ نيٽو فورسز کي تيل ۽ ٻيو سامان سپلاءِ ڪندڙ ٽرانسپورٽرن جو ڪراچيءَ کان ڀتو شروع ٿي ويندو آهي، جيڪو افغانستان تائين جاري رهندو آهي. شهر ۾ جتي جتي طالبان جو اثر رسوخ آهي، اُتي صنعتي علائقا به موجود آهن، جتي جا صنعتڪار مرضيءَ سان يا خوف سبب ڀتو يا چندو ڏيندا آهن ۽ اهڙيءَ ريت اهي صنعتڪار، جيڪي ڏوهاري گروهن جا نالا ته کڻندا آهن پر اهي طالبان جو نالو کڻڻ کان ڪِيٻائيندا آهن. منگهي پير ۾ هڪ فيڪٽريءَ جي مالڪ ٻڌايو هو ته، هتي 50 لکن کان هڪ ڪروڙ تائين ڀتو گهريو وڃي ٿو ۽ ڳالهيون ڪري ان ۾ گهٽتائي ڪرائي سگهجي ٿي پر نه ڏيڻ جي صورت ۾ حياتي ۽ ملڪيت ٻئي خطري ۾ هونديون آهن. هڪ صحافي دوست ٻڌايو ته، گذريل ڏينهن ۾ جڏهن هو وزيرستان ۾ هڪ اهم طالبان ڪمانڊر جي انٽرويو جي سلسلي ۾ موجود هو، ته هن هڪ معروف ڪمانڊر وٽ هڪ اهڙي لسٽ ڏٺي هئي، جيڪا ڪراچيءَ جي واپارين ۽ ڪاروباري ماڻهن جي هئي، جن کي هو اُتان ٽيليفون ڪري چندي جي وصوليءَ جي باري ۾ آگاهه ڪري رهيو هو. فون تي جيڪڏهن انهن مان ڪنهن کيس اهو ٿي چيو، ته هو غريب واپاري آهي، ته ان ڪمانڊر کيس سندس ملڪيت ۽ ڪاروبار جا تفصيل ٿي ٻڌايا، جنهن مان اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته، طالبان جو نيٽ ورڪ ڪيترو باخبر ۽ متحرڪ آهي. زور زبردستيءَ کان سواءِ رضاڪاراڻي طور تي به ڪراچيءَ مان چندي جي وصولي ڪئي وڃي ٿي. مقتول ايس ايس پي سي آءِ ڊي چوڌري اسلم هڪ ڀيري ٻڌايو هو ته، هن تحريڪِ طالبان جي هڪ گروهه کي حراست ۾ ورتو هو، جن قربانيءَ جي کلن جي مد ۾ 5 لک رپيا جمع ڪيا هئا، جيڪي هنن پنهنجي قيادت کي موڪليا هئا.
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو