Saturday 22 November 2014

رسول بخش پليجو

                           ، ڦرن ٿا چرخ جا ڦيرا
           ڪڏهن ڪهڙا ڪڏهن ڪهڙا
                          ڇنڇر 11 جنوري 2014ع

 اسان گذريل مضمونن کان وٺي انساني تاريخ جي هن دور جي جنهن تمام وڏي مسئلي تي غور ويچار پيا ڪريون، سو اهو آهي ته دنيا جا عيسائي ۽ عيسائي حڪومتون جيڪي شروعات ۾ هيڏيون ڪمزور ۽ تفرقي ۾ هيون، سي اڄ ڇو ۽ ڪيئن سڄي دنيا جون بي تاج بادشاهه ٿيو ويٺيون آهن ۽ مسلمان ۽ سندن حڪومتون، جيڪي ڪئين صديون دنيا جا فاتح ۽ اڳواڻ ٿيو بيٺا هئا، سي اڄ جو عيسائي مغربي حڪومتن جا” گولا جي گولن جا تن جا به غلام“ بنجي وڏي فخر سان پنهنجي قوم جا ڪاسائي ٿيو، پنهنجا ملڪن جا ملڪ رت ۾ ٻوڙايو بيٺا آهن. انساني تاريخ جا قسمين قسمين دور ٿي گذريا آهن، هڪڙو دور تڏهن هو، جڏهن انسان اڃا انسان ٿي رهيو هو. ان دور ۾ يورپ تمام پوئتي پيل هو ۽ آفريقا اڳتي هو. ٻئي دور ۾ جڏهن ماڻهو وڌي ويجهي اڄ جهڙو انسان بنجي ويو، جڏهن يورپ پوئتي رهيو پر ايشيا گهڻو اڳتي نڪري آيو. پهريون انساني تهذيبون ايشيا ۾ اسريون نسريون، پوک، لکڻ، پڙهڻ، شهر اڏڻ، حڪومتون هلائڻ ۽ ٻيا ڌنڌا ايشيا ۾ شروع ٿيا. عراق، بابل، ايران، مهين جي دڙي، چين، هندستان جي بلي بلي هئي. انساني تاريخ جي ٽئين دور ۾ يورپ هڪڙو تمام وڏو تاريخي ڇلانگ هڻي نه رڳو اڳوڻي سڄي دنيا کان صدين جون صديون اڳتي نڪري ويو، پر سندس ان برتريءَ جي ڪن ڳالهين تي سوچي اڄ ڪئين صديون پوءِ جو انسان به دنگ رهجيو وڃي.يورپ جي عظيم الشان عالمي برتريءَ جو اهو دور ٺاهڻ وارا ملڪ هئا يونان ۽ روم.
دنيا جي تاريخ اسان کي ٻڌائي ٿي ته هر ملڪ ۽ علائقي جي هر دور ۾ ٻين ڪيترن تضادن ۽ مقابلن سان گڏ ٻه گروهه هميشه هر هنڌ هڪ ٻئي سان سر ڌڙ جي بازي لڳائي حياتي ۽ موت جي ويڙهه ڪندا رهيا آهن. هڪڙي پاسي هوندا آهن تنگ نظر، ماضي پرست، اکرن ۾ اڙيل انتهاپسند ۽ ٻئي پاسي هوندا آهن روشن خيال، صوفي، علم دوست، محقق ۽ سائنسدان. انتهاپسنديءَ سان ويڙهه ۾ مغرب جا روشن خيال عيسائي انتهاپسندن هٿان صدين جون صديون عذاب سهڻ جي باوجود نيٺ مذهبي انتهاپسنديءَ کي شڪست ڏيئي اڳتي نڪري ويا ۽ اڄ سڄي جهان جا بادشاهه ٿيا ويٺا آهن. تنهن جو هڪڙو تمام وڏو تاريخي سبب اهو هو جو کين يوناني، رومي تهذيب جهڙي هڪڙي زبردست تاريخي، روشن خيال ۽ سائنس دوست قوت جي ڀرپور علمي ۽ فڪري پٺڀرائي حاصل هئي ۽ ان جهڙي قوت جي پٺڀرائي مسلمانن يا ٻين مذهبن جي روشن خيال ماڻهن کي انهن جيتري وسيع حد تائين حاصل ڪانه هئي. يونان ۾ پهريائين ڪيئي شهري حڪومتون هيون، جيڪي پنهنجو سمورو ڪاروبار پاڻ هلائيندي هيون. ڪابه هڪڙي مرڪزي حڪومت ڪانه هئي. انهن شهري حڪومتن ۾ هڪڙا هوندا هئا خانداني امير، ٻيا هئا ”ڊيموز“ معنى عوام، جن ۾ هاري، ڪاريگر، واپاري ۽ ٻيڙياتا شامل هئا. انهن ڏينهن ۾ يونان ۾ به، ٻين ڪيترن ملڪن وانگر، ڪنهن ماڻهوءَ تي ڪنهن جو ڪو قرض رهجي ويندو هو ته ان کي قرض ڏيندڙ جو غلام بنائي ڇڏيندا هئا. انهن کي سڏبو هو قرضي غلام (Debt slaves). سن 590 ق- م (حضرت عيسى جي ڄمڻ کان اڳ جو زمانو) ۾ سولون کي اٿينس شهر جو چيئرمين چونڊيو ويو. هن ماڻهن تي جيڪي به قرض چڙهيل هئا، سي ختم ڪري ڇڏيا، سمورن قرضن جي غلامن کي آزاد ڪري ڇڏيو ۽ اها غلام بنائڻ جي رسم ئي ختم ڪري ڇڏيائين. ان کانپوءِ سن 509- 510 ق – م ۾ ڪليسٿينس چيئرمين چونڊيو، جنهن امير خاندانن جو تسلط ختم ڪري ڇڏيو. هن شهر جو ڪاروبار هلائڻ لاءِ 100 ڄڻن جي ڪائونسل مقرر ڪئي ۽ فوجي اڪيڊمي کي هلائڻ لاءِ 10 چونڊيل فوجي آفيسر مقرر ڪيا. پيريڪلس جڏهن اٿينس جو چيئرمين هو، تڏهن اهو شهر طاقت ۽ خوشحاليءَ جي بلندين تي پهچي ويو هو.
شهر جي حڪومت هلائڻ لاءِ هڪڙي عوامي اسيمبلي چونڊي ويئي. ان جي ميٽنگ هر ڏهين ڏينهن ٿيندي هئي. شهر جي سڀني شهرين کي ووٽ جو حق ڏنو ويو ۽ اهي سرڪاري ڪمن ۾ سڌي طرح شريڪ ٿي سگهيا ٿي. هر شهريءَ کي ڪنهن به عهدي لاءِ نه رڳو ووٽ ڏيڻ جو حق هو پر اميدوار بيهڻ جو به حق هو. اڄ کان اڍائي هزار سال اڳي خاص ڪري پيريڪلس جي دور ۾ اٿينس يونان جو سياسي ۽ ثقافتي مرڪز هو. هن دور اول ٽي يوناني فيلسوف پيدا ڪيا، جن اهو ٻڌايو ته جيڪا دنيا نظر اچي پئي، تنهن جو اصلي جوهر ڪهڙو آهي. اهي هئا ٿيلس، ايناڪسي مينس ۽ ايناڪسي مينڊر. اڄ کان اڍائي هزار ورهيه اڳ هيراڪليٽس فيلسوف پيدا ٿيو، جنهن جدلي فلسفي جو بنياد رکيو. هن چيو ته،”سڀ شيون وهڪري ۾ آهن. توهين هڪڙو ڀيرو ڪنهن نديءَ ۾ داخل ٿيندوء ته پوءِ جڏهن ٻئي دفعي ان ۾ داخل ٿيندوء ته اها ساڳي ندي نه هوندي، جنهن ۾ توهان اڳئين ڀيري داخل ٿيا هئا.“ هيراڪليٽس سيکاريو ته،”وجود ۾ تضاد ۽ مخالفت آهي. هر ڳالهه ۾ ابتڙن جو مقابلو آهي. انصاف ويڙهه آهي ۽ سڀ شيون ويڙهه ذريعي ٿين ٿيون ۽ ائين ئي ڪرڻو اٿن.“ يونان جو هڪڙو وڏو مادي فيلسوف ڊيماڪريٽس هو، جنهن چيو ته ”دنيا ۾ هڪڙا آهن ايٽم يا ذرڙا، ٻي آهي خلا. اهي ننڍڙا ذرڙا خلا ۾ ڊوڙي رهيا آهن، هڪ ٻئي کي ڌڪ هڻن ٿا، هڪ ٻئي سان ملي هڪ ٿين ٿا. ڏسڻ ۾ ايندڙ اها دنيا سڄي ان وڙهڻ ۽ ملي هڪ ٿيڻ جو نتيجو آهي“. پليٽو فيلسوف جو چوڻ هو ته دنيا جو نچوڙ خيال آهن. جڏهن ارسطو پيدا ٿيو (322-384 ق م) ۾ تڏهن ان کان اڳ جيڪا فلسفي ۽ سائنس ۾ واڌ ويجهه ٿي هئي، تنهن کي پاڻ ۾ ملائي هن ان مان نوان نتيجا ڪڍيا.
يونان جا ماڻهو اول مذهبي ناٽڪ پيش ڪندا ۽ ڏسندا هئا. ان کانپوءِ هنن جڳ مشهور المناڪ ۽ مزاحيه ناٽڪ لکندڙ پيدا ڪيا، جن ناٽڪن جي روپ ۾ وڏيون دانائي واريون ڳالهيون سيکاريون آهن. ناٽڪن جي واسطي ايڪرو پوليس ٽڪريءَ جي لاهيءَ تي هڪڙو ناٽڪ گهر ٺهيل هو، جنهن ۾ 30 هزار ماڻهو ويهي ناٽڪ ڏسي سگهندا هئا. ايسڪائيلس، سافوڪلس ۽ يوريپائيس وڏي ۾ وڏا درد ناڪ ڊراما لکڻ وارا هئا، جن مان ڪن 50-50 درد ناڪ ڊراما لکيا هئا. مزاحيه ناٽڪن جا لکندڙ ايرسٽوفينس ۽ ٻيا هئا. يونان جي آس پاس جي ملڪن جهڙوڪ اسپارٽا، ايران وغيره سان ڪافي بري ۽ بحري لڙايون هلنديون رهنديون هيون، جنهن ۾ هن جا ويڙهاڪ گهڻي ڀاڱي فتحون حاصل ڪندا هئا. ايراني جي شهنشاهت سان هن جون ڳچ بري ۽ بحري لڙايون ٿيون، جن ۾ هنن ايران کي اڪثر شڪستون ڏنيون خاص ڪري بحري لڙاين ۾. ”ڪلاسيڪي يوناني فلسفو اڄ ڏينهن تائين پنهنجي عالمي سطح جي اهميت برقرار رکيو اچي ۽ اڄ به اهو عالمي ثقافت جي خزاني گهر ۾ هڪڙي بنيادي املهه تحفي طور تسليم ٿئي ٿو“. (ص: 76- دنيا جي مختصر تاريخ، ايڊيٽر اي زيڊ مئنفريڊ- پراگريس پبلشرس ماسڪو) چوٿين صدي ق - م ۾ بلقان جي علائقي ۾ ميسيڊونيا جي نئين يوناني حڪومت وجود ۾ آئي، جنهن سڪندر اعظم جهڙو بي مثال فاتح پيدا ڪيو. هو 336 ق –م ۾ 20 سالن جي عمر ۾ تخت تي ويٺو ۽ ٻن سالن کانپوءِ هن ايران تي ڪاهه ڪري ان کي قبضي ۾ ورتو ۽ پوءِ 327 ق-م ۾ هندستان تي حملو ڪيو. سندس فوج اڳتي وڌڻ کان بغاوت ڪئي، واپس موٽيو ۽ واٽ تي بابل ۾ مري ويو.
روم 21 اپريل 753 ق-م تي اڏيو ويو. 6 هين صدي ق-م جي پڇاڙيءَ ۾ روم جي آخري بادشاهه تارڪوئن کي زبردستي تخت تان لاٿو ويو، حڪومت جو بادشاهي سلسلو ختم ڪيو ويو ۽ ملڪ ۾ چونڊيل نمائندن جي حڪومت قائم ڪئي وئي. روم جي شهرين کي ملڪيت ۽ آمدنيءَ جي حساب سان پنجن درجن ۾ ورهايو ويو. جيڪي سڀ کان غريب هئا، انهن کي پرولتاري سڏيو ويو. روم ۾ هيٺيان طبقا يعني غلام، هاري ناري ۽ ٻيا پورهيت وقت بوقت مٿين طبقن جي جاگيرداران ۽ شاهوڪارن خلاف احتجاج ۽ بغاوتون ڪري سدائين ڪي نه ڪي حق مڃائيندا رهندا هئا. غلامن جي حالت اول تمام خراب هئي، ايتريقدر جو روم جي ماڻهن کي خوش ڪرڻ لاءِ سندن اڳيان غلامن کي هڪ ٻئي کي مارڻ جو حڪم ڏنو ويندو هو. غلام هڪ ٻئي کي ماري رتورت ٿي ڪري پوندا هئا ته ڏسندڙ زالون مرد زور زور سان تاڙيون وڄائي ۽ ٽهڪ ڏئي کين داد ڏيندا هئا. ان صورتحال خلاف احتجاجن اڳتي هلي غلامن جي بغاوتن جو روپ ورتو، جن جي نتيجي ۾ حڪمرانن کي پنهنجي چال سڌارڻي پئي. تان جو ڏاڪي به ڏاڪي ان وقت جي دنيا جي ٻين ماڻهن جي ڀيٽ ۾ هتي جي غلامن ۽ غريبن جي حالت تمام گهڻو بهتر ٿي وئي ۽ عملي طرح هر ڪم چونڊ ذريعي ٿيڻ لڳو. خانداني بادشاهت ختم ڪئي وئي. پهريائين رڳو مٿين طبقن جا ماڻهو پوءِ اڪثر طبقن جا ماڻهو حڪمرانيءَ ۾ شامل ٿي ويا. علم، تاريخ، ادب ۽ شاعري جي ميدانن ۾ نامور ماڻهو پيدا ٿا. سن 300 عيسوي ۾ شهنشاهه ڪانسٽنٽائين رومي شهنشاهت جو تخت گاهه روم مان ڦيرائي بازنطين (قسطنطنيه) کي ڪيو. 410 عيسويءَ ۾ گوٿن جي قبيلي  الارڪ جي اڳواڻيءَ ۾ روم تي حملا ڪيا، جن رومي شهنشاهت جو بڻ بڻياد ڊاهي رکيو. هڪ ٻئي پٺيان يارنهن ڪمزور شهنشاهه تخت تي ويٺا پر مهينن تائين به جٽاءُ نه ڪري سگهيا. تان جو سن 476ع ۾ دشمنن روم جي 14 سالن جي ڄمار واري شهنشاهه روميولس آگسٽيولس جو تختو اونڌي ڪري جڳ مشهور رومي شهنشاهت جو وجود ختم ڪري ڇڏيو.
مغربي دنيا جا ماڻهو يوناني ۽ رومي حڪومتن کي وڏي فخر سان ياد ڪندا آهن ۽ پنهنجي تهذيب کي يورپي- آمريڪي تهذيب نه پر يوناني، رومي تهذيب (Greeco-Roman Civilization)  ڪوٺيندا آهن. جيتوڻيڪ سندن مذهب ٻيا هئا. يوناني ۽ رومي تهذيب ۾ پنهنجي زماني جون سموريون سياسي، سماجي ۽ فڪري اوڻايون، رجعت پرست ۽ انتهاپسند مذهبي ڳالهيون، رسمون ۽ رواج هئا پر انهن سان گڏ ان تهذيب انسانذات کي ڪيتريون اهڙيون حيرت انگيز، روشن خيال ۽ تخليقي سوچون، سمجهون، روايتون ڏنيون، جن جو ٻين ملڪن ۽ زمانن ۾ تصور ڪرڻ به ڏکيو آهي. پر ان قابل فخر يوناني- رومي تهذيب جي مثبت علمي، ثقافتي ۽ سائنسي حاصلاتن کي پهرين غور سان مطالعي ڪرڻ ۽ ڦهلائڻ وارا يورپي ماڻهو نه پر عرب دنيا جا ماڻهو هئا، جن انهن جي ڪتابن کي وڏي محنت سان روم ۽ ٻين جاين تان گهرائي هٿ ڪيو، انهن جو ٻين ٻولين ۾ ترجمو ۽ مطالعو ڪيو ۽ انهن تي عالمانه تبصرا ڪيا ۽ جن کي وري يورپي عالمن پنهنجي ٻولين يعني لاطيني ۽ ٻين ۾ ترجمو ڪيو. 313ع ۾ ڪانسٽنٽائين رومي شهنشاهه جيڪو هڪ سال اڳ عيسائي ٿيو هو، تنهن عيسائي مذهب تان بندش لاٿي ۽ عيسائين کي پنهنجي دين تي هلڻ جي اجازت ڏني، تنهن کانپوءِ جڏهن عيسائي پادري ۽ لاٽ پادري زور وٺي ويا تڏهن هنن يونان ۽ روم جي روشن خيال عالمن ۽ فيلسوفن جو بڻ بنياد ڪڍڻ لاءِ سندن خلاف رڻ ٻاري ڏنو، جنهن ڪري هو دنيا ۾ ٽڙي پکڙي ويا، جيڪي ايران ويا، تن کي ايرانين پنهنجي قومي روايت موجب پاڻ وٽ رهڻ ڏنو. پر سگهو ئي مسلمانن جو ايران تي قبضو ٿي ويو، جنهن ڪري اهي يوناني ۽ رومي عالم ۽ دانا اتان ڀڳا ۽ ٻين ملڪن ۾ پکڙجي ويا. تان جو بغداد عباسين جو تخت گاهه بنيو ۽ هارون رشيد جي زماني ۾ بين مذهبن جي ماڻهن سان فراخدليءَ وارو ورتاءُ ڪيو ويو. ”اٺين صديءَ جي وچ کان وٺي يارهين صديءَ جي پڇاڙيءَ تائين عربي ٻولي انسان ذات جي سائنسي ۽ ترقي يافته ٻولي هئي“.... هتي ايترو ئي ڪافي ٿيندو ته اهڙين ٿورڙين شاندار شخصيتن جا نالا وٺون، جن جي مقابلي جهڙيون شخصيتون ان دور جي يورپ ۾ ڪونه هيون. اها نالا آهن جابر ابن حيان، الڪندي، الخوارزمي، الفرغاني، الرازي، ثابت ابن قراءِ البطاني، حنين  ابن اسحاق، الفارابي، ابراهيم ابن سينا، المسعودي، الطبري، ابوالوفا، علي ابن عباس، ابو القاسم ابن الجزار، البيروني، ابن سينا، ابن يونس، الڪرخي، ابن الهيشم، علي ابن عيسى، الغزالي، الزر قلي، عمر خيام .... جيڪڏهن ڪوئي توهان کي چوي ته سائنسي لحاظ سان وچيون دور رڻ پٽ ۽ ويران هو ته توهان ان کي اهي نالا ٻڌايو. اهي سڀ 750 عيسوي کان وٺي 1100ع تائين جي نسبتا ”گهٽ تاريخي عرصي ۾ وڌيا ويجهيا هئا.“
”اوائلي دور ۾ فلسفي يا سائنس جو وجود نه هو، انهن کان اسلامي دنيا ڪلاسيڪل عباسي دور ۾ روشناس ٿي، تنهن هوندي به 704ع اموي شهزادي خالد بن بزيد خلافت حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيڻ کانپوءِ ڪيمياگريءَ جو مطالعو شروع ڪيو ۽ ان جي ڪوشش سان ڪيمياگري، جوتش يا علم نجوم ۽ طب جي ڪتابن جو عربي ترجمو ٿيو. هي اهو دور هو، جڏهن اسلام تيزيءَ سان وڌي رهيو هو ۽ اسلامي سماج سرگرم هو. واپار ۽ فتحن جي ڪري فرصت ۽ خوشحاليءَ هڪڙو اهڙو طبقو پيدا ڪيو هو، جيڪو معاشي فڪرن کان آزاد رهي دماغي ۽ ذهني ڪمن طرف ڌيان ڏئي سگهيو ٿي. ان زماني ۾ فنونِ لطيفه ۽ سائنس جي ترقي ٿي. پهرين وک طور يوناني سائنس، فلسفي ۽ طب جي ڪتابن جي ترجمن جو عظيم ڪم سرانجام ڏنو ويو. ان ڪم جي شروعات جند شاپور ۾ ٿي. پوءِ ان جو مرڪز بغداد بڻيو، جتي ڪم ڪرڻ وارا گهڻي ڀاڱي غير مسلم هئا. پروفيسر سابرا جي چوڻ مطابق، ترجمي جو ڪم ڪرڻ وارا گهڻي ڀاڱي نصراني عيسائي هئا. اهي اولهه ايشيا ۽ وچ ايشيا جي عيسائي مدرسن ۽ خانقاهن جا تعليم يافته هئا. سڀني کان وڏو مترجم حنين ابن اسحاق هو، جنهن پنهنجي پٽ اسحاق سميت ماڻهن کي ترجمي جو ڪم سيکاريو هو. انهن ماڻهن يوناني طب، فلسفي ۽ رياضيءَ جا ڪئين ڪتاب عربيءَ ۾ ترجمو ڪيا. هڪڙو ماهر مترجم ثابت ابن قره هو، جيڪو حران جي صابيه قبيلي سان تعلق رکندو هو. ٻيا وڏا  مترجم ابو بشر، مطعي ۽ يحى بن عدي، ٻه يعقوبي راهب هئا. يوناني ترجمن کان اڳ بارا ميڪا، جنهن جو شجرو ٻڌ مذهب سان ملندو هو، ان بغداد ۾ بيت الحڪمته قائم ڪيو ۽ هن  اتي هندو طب، رياضي ۽ فلڪيات جي مضمونن جي تعليم ۽ تدريس شروع ڪئي.
اسلامي سائنسي ارتقا جو هي پهريون دور دراصل يونان مان آيل علمن کي سمجهڻ ۽ هضم ڪرڻ جو دورو هو. ان دور ۾ مسلمان دانشورن ترجمو ڪندڙ طور ٻئي درجي واري حيثيت ۾ حصو ورتو هو. مسلمان حڪمران طبقن جي مڪمل حوصلي افزائي ۽ حمايت کانسواءِ ترجمن جو ڪم ناممڪن هجي ها. خليفن جي درٻارن ۽ شرفا جي محلن ۾ هر مذهب ۽ ملت جي دانشورن ۽ هنرمندن جي پذيرائي ۽ عزت افزائي ڪئي ويندي هئي. انهن ۾ محض رواداري اختيار نه ڪئي ويندي هئي، بلڪه انهن جي عزت ۽ احترام ڪيو ويندو هو.رواداري ۽ مذهبي وسعت نظري جي انهيءَ ماحول ۾ سائنس جون پاڙون اسلامي سر زمين ۾ گهريون ٿيون. وچين زماني جي عروج واري دور تائين ترجمي جو ڪم ختم ٿي چڪو هو،ان کانپوءِ سائنس ٻئي دور ۾ داخل ٿي. يونانيءَ جي بدران هاڻي عربي ٻولي، دانشورن جي خيالن جي ترجمان بڻجي وئي. هاڻي اڳوڻن دورن کان مختلف ڳالهه اها هئي ته غير مسلمانن جي بدران گهڻي ڀاڱي دانشور ۽ سائنسدان مسلمان هئا. ان دور ۾ اسلامي تهذيب ابن الهيشم (1039-965)، البيروني (1051-973)، عمر خيام (1123-1038) ۽ ناصر الدين طوسي (1274-1201) جهڙا سائنسدان پيدا ڪيا. هتي مسلمن سائنسدانن جي وڏن وڏن ڪارنامن جو ذڪر ممڪن ناهي. انهن جون ڪيل ڪئين دريافتون ۽ ايجادون پوءِ نئين سجاڳيءَ واري سائنس جو حصو بڻيون. راجر بيڪن عيسائي ڪليسا جي ناراضگي کڻي ابن الهيشم جي ”علم المناظر“ تي ٻڌل تجربا ڪيا. ابن سينا جي طب جي علم تي لکيل ڪتاب جو لاطيني ترجمو صدين تائين اولهه جي يونيورسٽين ۾ پڙهايو ويندو رهيو ۽ ابن رشد کي (يورپ جي) ريفارميشن دور جو پهريون فلسفي قرار ڏنو ويو. وچين زماني جي اسلامي معاشري ۾ جيڪڏهن ٽيڪنالاجيءَ کي سائنس جي ترقيءَ جو وڏو سبب قرار نه ڏنو وڃي ته اهو بنيادي سوال پيد اٿئي ٿو ته آخر اسلام ۾ سائنس جي ترقيءَ جا ڪهڙا سبب هئا؟
هڪڙو بنيادي عنصر سائنس ۽ علمن ۾ روشن خيال خليفن ۽ شهزادن جي دلچسپي معلوم ٿئي ٿو، انهن دانشورن جي سرپرستي ڪئي. دانشورن کي پنهنجي درٻارن ۾ گهرائڻ لاءِ حڪمران هڪ ٻئي کان گوءِ کڻڻ جي ڪوشش ڪندا هئا. خليفي مامون جي درٻار ۾ الڪندي، سلطان محمد ابن تڪوش جي درٻار ۾ فخر الدين رازي، مختلف سلطانن جي طبيب جي حيثيت ۾ ابن سينا، الحڪيم جي مشير جي حيثيت ۾ ابن الهيشم، المنصور جي ماتحت ابن رشد.... مطلب ته سمورا عظيم دانشور وچين زماني ۾ شاهي درٻارن سان وابسته هئا، جنهن ڪري انهن کي پيشه وراڻي شهرت، سماجي احترام، لائبريرين ۽ تجربيگاهن جو فائدو ۽ (شايد سڀ کان اهم ڳالهه) وڏا وڏا وظيفا ملندا هئا. خليفي جي سرپرستي دانشورن کي اهڙن ڪٽر مذهبي ملن کان بچاءُ ڏيندي هئي، جيڪي سائنسي ۽ علمي ڳولها کي ڪفر جي برابر سمجهندا هئا. ان بچاءَ کانسواءِ اسلام  علم ۽ ڏاهپ جو سونهري دور نه اچي ها. پر شاهي سرپرستيءَ تي ڀاڙڻ مسلم سائنس جي هڪڙي خطرناڪ بنيادي ڪمزوريءَ جو ڪارڻ به هو ڪهڙي قسم جي علمن کي ترقي ملندي ۽ انفرادي طور تي دانشورن جو مقدر ڇا ٿيندو، ان ڳالهه تي هو ته سرپرست جي طبيعت جا لاڙا ڪهڙا آهن، حڪمران خاندان جون موجوده حالتون ڪهڙيون آهن ۽ درٻار ۾ ڪهڙيون سازشون پيون ٿين. حڪمرانن جي تبديليءَ جو مطلب اڪثر ڪري اهو ٿيندو هو ته پراڻي درٻار جي درٻارين ۽ دانشورن تي مصيبت اچڻ واري آهي. مثلاً المامون جي دور خلافت ۾ الڪندي جي ٽولي وارا عقل دوست دانشور گهڻا مقبول هئا، پر المتوڪل جهڙي قدامت پرست خليفي جي تخت نشين ٿيڻ تي انهن کي ڀڄي وڃڻو پيو. ان جي زماني ۾ سموريون يونيورسٽيون بند ڪيون ويون. ادب، سائنس ۽ فلسفي کي ڪفر قرار ڏنو ويو ۽ عقل دوستن جي بغداد مان پاڙ پٽجي وئي. حقيقت اها آهي ته سائنس جو زوال بي روح ۽ هڪ هنڌ ڄمي بيٺل مذهبيت جي عروج سان وابسته آهي. انهيءَ مذهبيت جي ڪري دنياوي ڪاروبارن ۾ ترقي ڏکي کان ڏکي ٿيندي وئي. سائنس جي خلاف انتهاپسند ردعمل ئي ان جي زوال جو اڪيلو سبب نه هو، اقتصادي ۽ سياسي سبب به هئا. پر اها ڳالهه يقيني آهي ته جيئن جيئن تنگ نظري ۽ انتهاپسنديءَ جو گوڙ وڌندو ويو، تيئن تيئن دنياوي سائنس زوال پذير ٿيندي وئي ۽ آخر جڏهن چوڏهين صديءَ ۾ اسلامي ڏاهپ جو سونهري دور پڄاڻيءَ تي پهتو ته سائنس جي شاندار عمارت سڙي رک ٿي چڪي هئي. ان کان پوءِ مسلمان ثقافت هڪ شاندار ماضيءَ جي مضبوط يادگار بڻجي رهجي وئي. سائنس جي خلاف انتهاپسنديءَ جي حقيقت کي سمجهڻ لاءِ اسان کي تيرهن سئو سال اڳ اسلام جي پهرين صديءَ ۾ واپس وڃڻو پوندو. ان وقت اسلام جي نئين مذهب عربن کي هڪ سڃاڻپ، شعور ۽ دنيا کي ڏسڻ جو هڪ نقطه نظر ڏنو، جيڪو قبيلي ۽ نسل جي سوڙهين حدن کان ويڪرو ۽ مٿي هو. اسلام جي ثقافتي انقلاب انهن کي قديم تهذيبن جي ڏاهپ جي جڳمڳائيندڙ خزانن جو وارث بڻائي ڇڏيو. يوناني فلسفو ۽ سائنس، ايراني ادب، هندستاني طب ۽ رياضي ۽ مصري ۽ بابلي سائنس جا ڪي پاسا، جن کان يوناني اڻ واقف هئا، اسلام کان اڳ جون اهي سائنسون، جن کي علوم الاوائل (آڳاٽي زماني جا علم) چيو ويندو هو، ان زماني جي سموري معلومات ۽ فنن تي ڇانيل هيون. مثلاً طب، فلڪيات، فلسفو، رياضي، قدرتي سائنس، موسيقي ۽ پراسرار علم، سچ ته اهو آهي ته آڳاٽي زماني جا علم ڏاهپ جي خزانن جو وڏو ذخيرو هئا. دنياوي علم جي انهن عنصرن کي اسلامي عقيدي ۾ جذب ڪرڻ هڪ وڏو چئلينج هو ۽ ان دور جي مسلمانن ان چئلينج کي قبول ڪيو هو. آڳاٽي دورن جي علمن ۽ علمن ۾ يورپين ۽ مسلمانن جي علمن ۽ علمن کانسواءِ  ٻيا علم ۽ عمل به شامل هئا..... آڳاٽن دورن جي علم ۽ عمل وچ مشرق ۾ جهڙوڪ اولهه ايشيا ۽ حمورابيءَ جو قانون- اشوڪ اعظم جا قانون، جن موجب جنگ ۾ شڪست کائيندڙن کي غلام بنائڻ جو دستور بند ڪيائين ۽ اعلان ڪيائين ته حڪومتن ۾ رهندڙ ماڻهن کي نه رڳو جيئڻ جو حق آهي پر صحتمنديءَ سان رهڻ جو حق به آهي.حڪومتن جو فرض آهي ته نه رڳو ماڻهن جي زندگي کي سلامت رکڻ جو بندوبست ڪن پر اهو به بندوبست ڪن ته ماڻهو صحتمند زندگي گذارين. اڳتي وڌي ان ائين به چيو ته اهي ٻئي حق جانورن کي به آهن. ان ڪري هن جانورن جي صحت منديءَ لاءِ عراق، ايران ۽ اولهه جي ملڪن مان دوائون ۽ ٻوٽا گهرايا. ان سلسلي ۾ هن جانورن لاءِ وڻن جا وڏا لوڙها ٺهرايا ته جيئن ان ۾ رهي جانورن جو علاج ٿئي. چين ۾ 3 هزار سال اڳ هڪڙي ڊڪشنري ٺاهي وئي، جنهن جا هڪ هزار جلد هئا. چين ۾ ئي قديم زماني کان اهو رواج پيو ته حڪومت جا ملازم ۽ اهلڪار حاڪم جنهن کي وڻين، تنهن کي مقرر ڪن، تنهن جي بدران باقاعدي تعليم ڏياري امتحان وٺي جيڪي سڀ کان وڌيڪ اهل ۽ لائق هئا، انهن کي نوڪري ڏني ويندي هئي.
(مضمون ۾ ڏنل حوالا پرويز هود ڀائي جي ڪتاب ”مسلمان ۽ سائنس“ جا آهن، وڌيڪ معلومات  ايندڙ مضمون ۾ تفصيل سان ڏني ويندي)

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو