Saturday 22 November 2014

ستار سروهي

                     !!  طالبان سان ڳالهيون
                             اڱارو 04 فيبروري 2014ع


 اهو بحث ته اليڪشن جي ڏهاڙن ۾ ئي شروع ٿي ويو هو ته ملڪ هاڻي واضح نموني ٻه طبقن ۾ ورهائجي چڪو آهي، هڪ اهي جيڪي طالبان جا حامي  ۽ ٻيا اهي جيڪي طالبان جا مخالف آهن،  پوءِ دنيا ڏٺو ته طالبان جي حامي سياسي جماعتن ڪيئن نه کلي عام، بنا خوف سياسي ۽ چونڊ مهم هلائي ۽ دنيا اهو به ڏٺو ته جيڪي جماعتون طالبان خلاف کليل اعلان جنگ ڪنديون رهيون آهن، ڪيئن نه انهن جي چونڊ مهم ۽ جلسن تي حملا ڪري کين گهرن تائين محدود ڪيو ويو،اليڪشن به خيرن سان گذري وئي، نئين نواز حڪومت جو قيام به عمل ۾ اچي ويو، ملڪ اندر اڄ به ساڳي ئي صورتحال آهي، دهشتگردي زور تي آهي، ۽ اهو فرق اڃا به واضح ٿي سامهون آيو آهي ته ڪهڙيون جماعتون طالبان نواز آهن ته ڪهڙيون طالبان جي نشاني تي.. اي پي سي مان واضح مينڊئيٽ ملڻ باوجود حڪومت طرفان طالبان سان ڳالهين جي مامري تي اکٻوٽ توڙي گهڻي گوٿناٿ دوران ٿيندڙ دهشتگردن جي واقعن ۾ سوين بيگناهه ماڻهن جون حياتيون ضايع ٿيڻ ۽  شديد سياسي دٻاءَ بعد حڪومت شدت پسندن سان ڳالهين لاءِ جيڪا 4 رڪني ڪميٽي جوڙي آهي، ان ابتدائي طور تي ڪم به شروع ڪري ڇڏيو آهي،ان ڪميٽي ۾ 2 صحافي رحيم الله يوسفزئي، عرفان صديقي(جيڪو وزيراعظم جو خصوصي معاون پڻ آهي)، ميجر (ر)عامر ۽ رستم شاهه مهمند شامل آهن،حڪومتي ڪميٽي جي جوڙجڪ جي ٺيڪ ٻن ڏينهن کانپوءِ طالبان شوريٰ حڪومت سان ڳالهين لاءِ تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان، مولانا سميع الحق، مفتي ڪفايت الله، مولانا عبدالعزيز ۽ پروفيسر ابراهيم تي ٻڌل 5 رڪني ڪميٽي جوڙڻ جو اعلان به ڪيو آهي.حڪومتي ڪميٽي توڙي طالبان جي ڪميٽي ۾ شامل ڪيل نالا بحرحال اچرج جوڳا آهن، عام طور تي اهو محسوس پئي ڪيو ويو ته جيڪڏهن حڪومت ڪا ڪميٽي جوڙيندي ته ان ۾اپوزيشن ۽ حڪومت تي ٻڌل ڪجهه پارليامينٽيرينز به ضرور شامل ڪيا ويندا ته جيئن معاملي جو سياسي نموني ڪو حل نڪري سگهي، پر حڪومتي ڪميٽي ان جي ابتڙ جوڙي وئي، ڪميٽي ۾ شامل ڪيل رحيم الله يوسفزئي  جو شمار ملڪ جي برک صحافين ۾ ٿئي ٿو، جنهن جون پاڙون وري به قبائلي ۽ افغان علائقن تائين ڦهليل آهن،ميجر (ر)عامر بابت ٻڌايو پيو وڃي ته هو اڳ به حڪومت ۽ طالبان ۾ ٿيندڙ پس پرده رابطن ۾ مک ڪردار ادا ڪندو رهيو آهي، آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي عملدار  ميجر عامر بابت تاثر آهي ته هو  طالبان سان سافٽ ڪارنر رکندڙ آهي، حڪومتي ڪميٽي جو چوٿون ميمبر رستم شاهه مهمند افغانستان ۾ پرڏيهي سيڪريٽري ۽ پاڪستان جو پناهگيرن بابت ڪمشنر به رهي چڪو آهي.
حڪومت ۽ طالبان وچ ۾ اڳ جيڪي ڳالهيون ٿيڻيون هيون، جيڪي آمريڪي ڊرون حملي ۾ حڪيم الله محسود جي مارجڻ بعد ملتوي ٿي ويون هيون، ان لاءِ طالبان جي ڪميٽي ۾ نج طالبان شامل ڪرڻ تي غور ڪيو پئي ويو  پر ماضيءَ جي روايتن جي ابتڙ هن ڀيري طالبان حڪومت سان ڳالهين لاءِ جيڪا ڪميٽي جوڙي آهي، ان آزاد حلقن کي بحرحال حيرت ۾ وجهي ڇڏيو آهي، ڇاڪاڻ ته ان ڪميٽي ۾ پي ٽي آءِ، جي يو آءِ، جماعت اسلامي ۽ لال مسجد جي نمائندن کي شامل ڪيو ويو آهي، مولانا سميع الحق کي طالبان جو ابو تصور ڪيو وڃي ٿو، اها به سڀني کي خبر آهي ته مولانا عبدالعزيز جي لال مسجد مان ڪيترا کٿابي نڪتا ۽ وڃي طالبان جي ويڙهاڪ گروپن ۾ شامل ٿي ويا.پروفيسر ابراهيم جو تعلق جي يو آءِ ف گروپ ۽ مفتي ڪفايت الله جو تعلق جماعت اسلامي سان آهي، جن جي جماعتن لاءِ به  اهو عالم آشڪار آهي ته نه رڳو اهي طالبان جون حامي آهن پر مسلسل حڪومت مٿان طالبان جي مطالبن جي منظوري لاءِ دٻاءُ به وجهنديون رهيون آهن، انهن مان جماعت اسلامي جي امير ته تازو هڪ تڪراري بيان ۾ ته  طالبان سان ويڙهه ۾ شهيد ٿيندڙ فوجي جوانن کي ”شهيد“ قرار ڏيڻ کان به انڪار ڪيو هو، عمران خان ته هنگو ۾ بمبار کي ڀاڪر پائي اسڪول جي سوين شاگردن جون زندگيون بچائيندڙ قومي هيرو اعتزاز حسن واري معاملي تي ئي ٽئين ڏينهن ڳالهايو هو، سو به اهڙو،جيئن سندس  ”سنگت“ناراض نه ٿئي، جنهن تي مٿس کليل نموني تنقيد ڪندي هڪ تجزيه نگار ته اهو به چئي ڏنو هو  ته خان صاحب کي گهٽ ۾ گهٽ دهشتگردي جي حملي جي مذمت ڪندي ايترو ضرور چوڻ گهرجي ها ته جن به اهو حملو ڪيو،اهي دهشتگرد ۽ معصوم ماڻهن جا قاتل آهن. پر مجال آهي جو خانصاحب رت جي پياسن لاءِ ڪو گستاخيءِ جو لفظ ڪڍي.طالبان حڪومت سان ڳالهين لاءِ جوڙيل پنهنجي ڪميٽي جي نگراني ۽ رهنمائي لاءِ مولوي فضل الله جي سربراهي ۾ هڪ ڪميٽي به جوڙي ڇڏي آهي،ان کان علاوهه قيدين جي آزادي سميت 20 مطالبن جي لسٽ به تيار ڪئي وئي آهي، جنهن مان لڳي ٿو ته  طالبان حڪومت مٿان مطالبن ۽ شرطن جي ڀرمار ڪرڻ جي موڊ ۾ آهن ۽ شايد معاملو ڪميٽين جي وچ ۾ ئي ڦاٿل رهجي وڃي. جيتوڻيڪ حڪومتي ڪميٽي طالبان ڪميٽي جي آجيان ڪندي ان خواهش جو اظهار ڪيو آهي ته  اهي فوري طور ڳالهيون ڪرڻ چاهين ٿا ۽ ٿي سگهي ٿو ته اڄ يا سڀاڻي تائين اهو به واضح ٿي وڃي ته عمران خان(جنهن ابتدائي طور طالبان کي چيو آهي ته هو پنهنجا نمائندا پنهنجي صفن مان تلاش ڪن) هاڻ پيو آهي ته طالبان پاران ڳالهين لاءِ ٺاهيل ٽيم ۾ هو شامل نه ٿيندو، پر اهڙي صورتحال ۾ جڏهن  حڪومت توڙي طالبان جي ڪميٽين ۾ شامل اڌ کان وڌيڪ ميمبر طالبان جا حامي ، همدرد ۽ هڏڏوکي تصور ڪيا وڃن ته پوءِ اهي ڳالهيون ڪهڙيون هونديون ۽ ڪهڙا نتيجا ڏينديون، اها ڳالهه بحرحال سواليا نشان بڻيل آهي، اهو به پنهنجي جاءِ تي سوال موجود آهي ته بيانن جي ڪمزوري مان پنهنجي ” هيڻائي“ ظاهر ڪندڙ حڪومت طالبان سان ڳالهين کان اڳ ڪهڙي پلاننگ ڪئي آهي؟، ڪهڙن قائدن ۽ ضابطن تحت ڳالهيون ٿينديون، حڪومت وٽ ڳالهين جي ناڪامي جي صورت ۾ ڪهڙا ۽ ڪيترا اثرائتا آپشنز موجود آهن؟ ان کان علاوه خود اهو به سوال آهي ته ”ڊائيلاگ“ جي نتيجي ۾ ڪو کڙتيل به نڪرندو يا بس رڳو ” وقت وڃائڻ“ واري مشق ئي ٿيندي ۽ آخر ۾ وري ساڳيا لاٽون ساڳيا چُگهه هوندا.
جيتوڻيڪ ملڪ جو هر امن پسند ماڻهو اها ئي اميد رکي ٿو ته حڪومت ۽ طالبان وچ ۾ ڳالهين ذريعي ئي معاملا حل ٿي وڃن، دهشتگردي جا رستا هميشه لاءِ بند ٿي وڃن ۽ رت جي راند جو سلسلو رُڪجي وڃي  پر ساڳي وقت ٻن ”هڪجهڙين ڪميٽين “جي قيام ۽ ”هڪجهڙين ڪميٽين“ جي ڳالهه ٻولهه واري عمل تي ڪجهه حلقن کي ضرور خدشا آهن ۽ سندس خيال آهي ته ڪٿي ائين نه ٿئي، جو بلاول ڀٽي چواڻي ته ڳالهيون ڪندڙ ”اسٽاڪ هوم سينڊروم“ جو شڪار نه بڻجي وڃن  ۽ اها شايد گهٽ ماڻهن کي خبر هجي ته ”اسٽاڪ هوم سينڊروم“ هڪ اهڙي ذهني ڪيفيت جو نالو آهي، جنهن ۾ ماڻهو خود انهن ئي عنصرن کان متاثر ٿي ويندو آهي، جيڪي عنصر کين ظلم۽ زيادتين جو نشانو بڻائيندا هجن، بلڪل ائين جيئن 23 آگسٽ 1973ع تي سوئيڊن جي شهر اسٽاڪ هوم ۾ ٿيو هو، جتي هٿياربندن پنهنجي مطالبن جي مڃتا لاءِ هڪ بئنڪ ۾ گهڙي سموري عملي کي پنجن ڏينهن تائين يرغمال بڻائي ڇڏيو  هو، پوليس ۽ اغوا ڪندڙن وچ ۾ ڳالهيون جاري ئي هيون ته ان دوران يرغمالين کي انهن ئي هٿياربندن سان همدردي ٿي پئي هئي ۽ انهن نه رڳو پوليس جي مدد وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو پر اغوا ڪندڙن جو دفاع ڪرڻ به شروع ڪري ڇڏيو هو،  هن وقت ملڪ اندر به ڪجهه اهڙي ئي صورتحال آهي، جتي ڪجهه طالبان نواز جماعتون ۽ خود ڪميٽي ۾ شامل ٿيل ڪجهه ماڻهو ته طالبان جي دهشتگردي وارن خوفناڪ حملن جي ” مذمت“ ڪرڻ ئي پسند نه ڪندا هجن، اهڙين ڪميٽين جي ڳالهه ٻُولهه ۾ ڪٿي اسٽاڪ هوم سينڊروم جهڙي ڪيفيت ظاهر ٿي پئي ته پوءِ ملڪ جو ڇا ٿيندو”؟ اهو سوال بحرحال قابل غور آهي!!

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو