Saturday 22 November 2014

سحر گل ڀٽي

                     نئين سال کي سماجي ۽
    ! انساني خدمت جو سال ڇو نه بڻائجي
                  خميس 02 جنوري 2014ع



محقق ۽ سماجياتدان جيارج آر گيئِيگر پنهنجي مضمون ”سماجي تبديلي“ ۾  لکي ٿو ته ”ڪو آواز (يعني ڪو به فرد) جيڪڏهن سماجي ذميواريءَ، انساني خدمت ۽ سماجي اهميت سان واڳيل ڪو گيت نٿو ڇيڙي ته اهو حقيقت کان فراريت واري حالت ۾ رهي ٿو“، هن مضمون جو محور حقيقت کان فراريت کي ترجيح ڏيندڙ ۽ حقيقتن کي جيءَ ۾ جايون ڏئي انهن کي بهتر بنائيندڙ اهي فرد آهن، جيڪي يا ته انسان ذات جي مسئلن کان لاتعلق آهن، يا وري انهن مسئلن کي پنهنجو ڪري سماجي سنوار ڪندا هلن ٿا، هن مضمون جو تَتُ اهو آهي ته سنڌ کي رضاڪاريت  ۽ فلئنٿراپي  جنهن کي مان ”سماجي/انساني خدمت“ سڏينديس، جي بيحد ضرورت آهي، جنهن کان سواءِ سنڌ جي ترقيءَ ڏانهن وکَ نسبتن ڪجهه سست رفتار رهندي، اچو ته سمجهون ته رضاڪاريت ۽ انساني خدمت جو مطلب آهي ڇا؟انهن جا ڪهڙا قسم آهن؟ سنڌ کي ڪهڙن حوالن کان رضاڪاريت ۽ خدمت جي ضرورت آهي، سنڌ ۾ اهي ڪم ڪيئن ۽ ڪير ڪري سگهي ٿو؟
رضاڪاريت ۽ فلئنٿراپي/انساني خدمت ڇا آهن؟
رضاڪاريت  ۽ فلئنٿراپي لڳ ڀڳ ملندڙ جُلندڙ مفهوم وارا لفظ آهن، رضاڪاريت مان مراد هڪ اهڙي انسان-دوست سرگرميءَ يا عمل جي آهي، جيڪو ٻئي انسان يا ٻين انسانن جي زندگين مان پيچيدگين ۽ ڏکن کي گهٽائي کين بهتر بنائڻ تي ڇيهُه ڪري ۽ اها سرگرمي يا عمل بنا ڪنهن پئسي يا مالي اُجرت جي ڪجي. انهن ڪمن کي فلاحي ڪم به چيو  وڃي ٿو، جيڪي فلاحي ادارا، يا ڪيترائي دل ۽ پئسي ۾ سرنديءَ وارا فرد ننڍي پئماني تي پاڙن، ڳوٺن ۽ گِروهن جي فائدي ۾ ڪندي نظر ايندا آهن. اهڙا ڪم وڏي پئماني تي به ڪري سگهجن ٿا،فلئنٿراپي لفظَ جي معنى آهي انسانيت سان پيار ۽ ان پيار جي اظهار جي سڌي نسبت، ماڻهن جي زندگيءَ کي بهتر بنائڻ ۽ ان مان تڪليف، غم ۽ تنگي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ آهي. پنجين صدي قبل مسيح ۾ ڊرامه نگار اَئسڪِيليَس پنهنجي ڊرامي جي ڪردار يوناني هيرو پراميٿِيس کي ”انسانن سان محبت ڪندڙ“ سڏي ٿو،جيڪو ڏتڙيل ماڻهن کي اميد ۽ آسرو ڏئي ٿو ۽ سندن واهر ڪري ٿو. انسانيت يا انسانن جو هڏڏوکي بڻجڻ جو خيال دنيا ۾ ايترو ئي پراڻو آهي، جيتري دنيا ۾ جبر جي تاريخ پراڻي آهي، ڇاڪاڻ ته انسانن جي گهڻائي صدين کان ڏاڍَ جي ور چڙهيل رهي آهي، اهو ئي سبب آهي ته علم، ادب ۽ لکڻ پڙهڻ سان واڳيل ڏاهن جي لکڻين جا گهڻا موضوع ڏاڍ جي چنبي ۾ ڦاٿل  انسانن جي آجپي جي خواهش سان وابسته رهيا آهن،يوناني فلسفي پلئٽو (افلاطون) جي مڪالمي ”يُوٿائيفِرو“ ۾  سُقراط پنهنجي هڪ ڪردار کي چوي ٿو ته  شاگردن سان سندس گفتگو اصل ۾ سندس فلئنٿراپي، يعني شاگردن سان پيار آهي يا ان پيار هيٺ کين بهتر خيالَ ۽ قدُرَ ڏيڻ آهي، وڌيڪ تفصيل سان لفظ فلئنٿراپيءَ جي معنى افلاطون جي اڪئڊميءَ جي لُغت ۾ بيان ٿيل آهي ته فلئنٿراپي ”هڪ اهڙي رياستَ جو وڙُ آهي، جنهن ۾ تربيت يافته رويا هجن، جيڪي انسانيت سان محبت جي جذبي هيٺ اڀري اچن ۽ وڌندا رهن“، يونان جي قديم فلسفيانه مواد ۾ تهذيبُن جي اوج کي انسانن سان محبت ۽ انهن جي خدمت سان سڌي نسبت ۾ ڏيکاريل آهي.
جديد فلئنٿراپيءَ جو نظريو 17هين صديءَ ۾ يورپ ۾ سامهون آيو، جنهن ۾ مٿئين طبقي جي ماڻهن غريبن جي فلاح ۽ بهبود لاءِ ڪم ڪرڻ شروع ڪيا، جنهن جي نتيجي ۾ فلاحي ادارن کي قائم ڪرڻ جي رسم پئي، جنهن تحت پهريون ادارو ڪئپٽن ٿامس ڪورام کوليو، جيڪو بي گهر ٻارن جي رکواليءَ جو اهڙو پهريون ادارو هو، جنهن ۾ غريب ۽ يتيم ٻارڙن کي رهائش ۽ سار سنڀال مهيا ڪئي ويندي هئي، ان جو نالو ”فائونڊلنگ اسپتال“ رکيو ويو. 17هين صديءَ جي وچ ڌاري فلاحي ادارن جي انگ ۾ واڌارو ٿيو. ان ئي صديءَ ۾ غريبن جي روزگار، ڏتڙيل نارين جي سنڀال، گھٽيءَ ۾ رُلندڙ ٻارڙن لاءِ تعليمي توڙي پوڙهن ۽ بيمارن لاءِ ادارا کُليا، ان کان سواءِ غلاميءَ خلاف،  گهرن ۽ مِلُن ۾ پورهيو ڪندڙ ماڻهن جي حقن جي جاکوڙ جو ڪم به اهڙن ئي ادارن شروع ڪيو. جن سماج جي بدمزه حقيقتن کي سنڀال ۽ اجهو ڏئي، انهن کي سنواري سماج ۾ بهتري آندي، اوڻيهين صديءَ ۾ پورهيتن جي پسمانده رهڻي ڪهڻيءَ کي بهتر بنائڻ لاءِ “پورهيت-دوست معاشرو“ جي عنوان سان ادارو کليو، جنهن کي هڪ ئي وقت گهڻن سرنديءَ وارن خاندانن هلايو ٿي،ان کان سواءِ الائجي ڪيترا ئي ادارا ان اصول تحت به کوليا ويا ته هر ڪو ماڻهو پنهنجي ڪمائيءَ جا ٻه يا پنج سيڪڙو ڏئي اهي ادارا هلائيندو، جيڪي انسانن جي فلاح لاءِ ڪم ڪندا،ان ۾ ڪو به شڪُ نه آهي ته جن سماجن ۾ انسان سان بي غرض محبت جا مثال گهٽ يا نا پيد آهن، انهن سماجن جي جوڙجڪ ۽ ترقي تمام ڏکي ٿي آهي، انهن سماجن ۾ منفيت جو واهپو به جام آهي، سنڌي سماج به اهڙي سماج جو بنهه سڌو مثال آهي، جتي سگهارا گروهه (جيڪي اقليت ۾ آهن)سماج جي پيڙيل طبقي (جيڪي اڪثريت ۾ آهن) کي يا ته سڌو سنئون پيڙي جبر جو شڪار بنائين ٿا، يا اُهي جيڪي جابر نه آهن پر اهي جبر جي شڪار ماڻهن جي واهر ڪرڻ لاءِ آڏو اچڻ بدران خاموش رهن ٿا، حقيقت اها آهي ته ڏاڍ تي خاموش رهڻ به دراصل ڏاڍ جو ساٿ ڏيڻ آهي، هاليوُوڊ جي  فلم ”اي فِيُو گُڊ مين“ يعني ”ڪجهه ڀلا ماڻهو“ اهڙن قدُرن تي ٻڌل هڪ فلم آهي، جنهن ۾ هڪ ڪردار چوي ٿو: ”اسان جو فرض آهي ته اسين انهن ماڻهن جي حقن لاءِ وڙهون ۽ جاکوڙيون، جيڪي پنهنجي حقن لاءِ نٿا وڙهي سگهن،منهنجو خيال آهي ته سنڌ کي ترقي وٺرائڻ لاءِ ان کي سياسي ڏيوالپڻي مان ڪڍڻ سان گڏ و گڏ رضاڪاريت ۽ عام عوام جي خدمت جي رسمَ شروع ڪرڻ جي به سخت ضرورت آهي، سنڌي عوام افسوس آهي ته محبت کان محروم عوام جو هڪ مثال آهي، جنهن جي اڪثريت ڏتڙيل آهي، جن جي واهر نه ته رياستَ نه وري تر جا وڏا ڪن ٿا، محبت ۽ واهروئن کان وانجهيل سنڌ کي راتيون ڏينهن هڪ ڪري تبديل ڪري سگهجي ٿو، جيڪڏهن سنڌ جا ڏاها، دانشور، وچولي طبقي جا سرنديءَ وارا ماڻهو،  ڀلا زميندار، ساک وارا سماجي ڪارڪن سماجي خدمت جا ڪم شروع ڪن، يا گڏجي سڏجي فلاحي ادارا کولين ته قوم کي ترقيءَ جي اڳاهين وک ڏاڍي سولائيءَ سان  وٺرائي سگهجي ٿي. ان شفا جي سنڌي ماڻهوءَ کي ضرورت آهي، ته جيئن هو سُرخرو قوم بڻجي پنهنجي ۽ دنيا جي سماج جي آڏو اچن. جيئن يونانين شعوري تربيت لاءِ انسانيت جي خدمت کي تعليم سان سلهاڙڻ پنهنجو اعلى قدر سمجهيو ۽ ان احساس ۽ جذبي کي تعليمي ۽ تربيتي نظامن جي جوهر ۾ شامل ڪيو ويو، تيئن ئي اهڙي تبديليءَ جي سنڌ کي به ضرورت آهي. سنڌ جي حڪمران ۽ زميندار طبقي مان اهڙن فردن جو اڀري اچڻ بنهه اڻ ٿيڻي نه آهي، دنيا ۾ ان جا کوڙ مثال آهن ته حڪمران ۽ جاگيردار، ويندي بادشاهي طبقن منجهان به فرد  ڏتڙيلن جي حقن لاءِ اُٿي بيهندا رهيا آهن، جنهن کي صنعتي سماج ۾ قومي سرمائيدار (نيشنل بورجوا) ۽ زرعي سماج ۾ محب وطن زميندار سڏبو آهي، مثال پرنس پيٽر ڪروپوٽڪِن شاهي طبقي جو ماڻهو هو. گوتم ٻڌ بادشاهي خاندان سان واڳيل هو ۽ انسان دوست ٿي اڀريو. ائين نه آهي ته سنڌ ۾اهڙن يگانن انسان دوست فردن جو ڏُڪار پيل آهي،سنڌ جي تاريخ ۾ ڀٽائيءَ جي سُر ڪاموڏ ۾ تماچي پنهنجو پاڻ کي طبقاتي فرق کان آجو ڪري ٿو، راءِ ڏياچ سنڌ جي تاريخ ۾ يگانو ماڻهو، جنهن سئن تي سِر ڏنو. مير علي نواز ناز (خيرپور جي پرنسلي اسٽيٽ جو والي) سنڌ جو ڀلو شاعر  هو، سورهيه بادشاه انگريز سرڪار سان مهاڏو اٽڪايو، بئريسٽر رئيس غلام محمد ڀرڳڙي زميندار هو ۽ سنڌ جي بمبئي کان عليحدگيءَ واري تحريڪ جو اهم اڳواڻ هو، سائين جي ايم سيد زميندار گهراڻي جو هو پر قومي سياست کي ترجيح ڏنائين،  مخدوم طالب المولى فقير صفت شاعر هجڻ، عبدالڪريم وفا پلي ۽  رئيس ڪريم بخش نظاماڻي، اهي سڀ شاعر، اهل سخن، فن شناس ۽ ادب دوست ماڻهو هئا. تازي مثال ۾ شهيد فاضل راهو وچولو زميندار هو ۽ عوام دوست هو. جي ماضيءَ ۾ اهڙا ماڻهو رهيا آهن ته هينئر به سنڌ سنڍ نه آهي پر پوءِ به  اهو انسانيت دوستيءَ وارو جذبو هاڻي سنڌ ۾ وِرلي نظر اچي ٿو، مثال اهو نظر اچي ته سنڌ جي ڪيترن جاگيردارن هزارن ايڪڙن جي زمين جي مالڪي هوندي به ڳوٺن ۾ ڪي اسڪول کولرايا هجن؟ ڪا اسپتال کولرائي هجي، جيئن سنڌ ۾ هندو سيٺيا ڪندا هئا، اهڙا انساني خدمت وارا انيڪ ڪم ٿي سگهن ٿا، جيڪي علم، پئسي يا وقت ذريعي ادا ڪري سگهجن ٿا، چون ٿا ته آمريڪا ۾ ساڍا ڇهه ڪروڙ ماڻهو رضاڪاريت ۽ ٻين ماڻهن جي خدمت جو ڪم ڪن ٿا، يا ان لاءِ پنهنجن وسيلن مان ڪجهه حصو لازمي ارپين ٿا. انگلينڊ ۾ پڙهائيءَ دوران مون کي ياد آهي ته يونيورسٽي سان لڳل شهر برائيٽن ۾ اڪثر شاگرد رضاڪارانه طور تي ادارن طرفان کوليل دڪانن تي وڃي مفت ڪم ڪندا هئا ۽ اها اُجرت فلاحي ڪمن تي ويندي هئي.
رضاڪاريت يعني انساني ۽ سماجي خدمت جا هزارين لکين طريقا آهن، جيڪي گهٽ هوند وارن فردن کان وٺي سرنديءَ وارا ادا ڪري سگهن ٿا، سنڌ کي ڪجهه لازمي گهربل سماجي خدمتُن جي قسمن کي هيٺ پيش ڪجي ٿو، جيڪي مختلف سطح جي هُوندَ رکڻ وارا ماڻهو ادا ڪري سگهن ٿا:
1. غريب ٻارن لاءِ جتي اسڪول نه هجن، اتي اسڪول  کولي مفت تعليم جو بندو بست ڪري سگهجي ٿو،کليل اسڪولن ۾ جتي استادن جي کوٽ آهي، اتي ذاتي خرچ مان استاد رکرائي ڏئي سگهجن ٿا،ڀڳل ٽُٽل اسڪولن جي مرمت ڪرائي سگهجي ٿي، پيئڻ جي صاف پاڻيءَ جي سهولت مهيا ڪري ڏئي سگهجي ٿي، ذهين ٻارن کي بهتر ادارن ۾ داخلا ۽ پڙهائيءَ جو خرچ ڏئي سگهجي ٿو.
2.مفت  علاج لاءِ بهتر اسپتالون کولي سگهجن ٿيون، جن ۾ ڪينسر، اکين ۽ دل جون اسپتالون ٿي سگهن ٿيون، شهرن ۾ موجود اسپتالن ۾ علاج ڪرائڻ جي جن ماڻهن ۾ سگهه نه آهي، اتي سرنديءَ وارن جي مدد سان اهي ماڻهو بهتر علاج مفت ۾ حاصل ڪري سگهن ٿا، مختلف ڳوٺن ۾ ميڊيڪل ڪيمپون هڻائي بيمارن کي سڏ پنڌ تي علاج جي سهولت مهيا ڪري سگهجي ٿي.
3.سنڌ کي بهتر، صاف سُٿري ماحول وارن حفاظتي دارالامان جي به  ضرورت آهي، جيڪي نارين توڙي مردن کي محفوظ اجهو مهيا ڪن. (ڪارنهن جي ڪيسن ۾ ورتل نوجوانن کي سڀ کان اولين مسئلو حفاظتي رهڻيءَ جو هوندو آهي، ان جي اشد ضرورت آهي). اهڙي قسم جا ادارا کولي سگهجن ٿا.
4. شهرن، ڳوٺن جي رستن ۽ گهٽين کي صاف رکڻ ماحولياتي خدمت آهي، فرد، ڪٽنب ۽ پاڙا ملي ڪري صفائيءَ جا انيڪ اُپاءَ وٺي سگهن ٿا، شهرن، ڳوٺن ۽ گهٽين کي سائو ڪرڻ لاءِ ٻوٽا پوکي وڻڪاري ڪري سگهجي ٿي.
5. هنر جا تربيتي ادارا کولي نوجوان نينگرين ۽ نينگرن لاءِ سکيا جا موقعا فراهم ڪري سگهجن ٿا .
6. سنڌ جي ڳوٺن ۽ شهرن ۾ ڪتب خانه/لائبريريون ننڍن پاڙن جي سطح تي به کولي سگهجن ٿيون ته جيئن ماڻهن ۾ پڙهڻ جي عادت پيدا ڪجي.
 7. نوجوانن جي ذهني تربيت ۽ منجهن همه گيريت پئدا ڪرڻ هڪ اهڙو عظيم سماجي خدمت جو ڪم ٿي سگهي ٿو، جيڪو نفرت ۽ انتهاپسنديءَ کي ختم ڪري سماج کي بهتريءَ ڏانهن نيئي سگهي ٿو.
8. شهرن ۾ نوڪريءَ سان واڳيل نينگرين لاءِ هاسٽلون کولڻ جي ضرورت آهي، اها سهولت نارين جي زندگيءَ ۾ انقلابي تبديلي آڻيندي.
نه رڳو اهو پر فقط ٻن مثبت لفظن ذريعي ڪنهن کي همٿائي ان کي ڪنهن پيچيده ڪيفيت مان ڪڍي اچڻ به هڪ بهترين خدمت ٿي سگهي ٿي. ڪنهن چيو آهي ته  ”ٻين جي خدمت ڪرڻ کي، ڌرتيءَ تي پنهنجي رهڻ جو قرض ادا ڪرڻ برابر سمجهجي“ ۽ اهو قرض ادا ڪرڻ هر انسان جو فرض آهي، اسان منجهان هر هڪ فرد کي اهو لازمي سوچڻ گهرجي ته هن روزمره جي ڏينهن ۾ هن ڪهڙو انساني خدمت جو ننڍو يا وڏو عمل ڪيو؟ اچو ته  سال 2014 کي سماجي ۽ انساني خدمت جو سال بنائي سنڌ جي سماج کي حسين، انسان دوست ۽ ڪارج سان ڀريل بنايون.

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو