Saturday 22 November 2014

علي قاضي


                                سنڌي پريس
                 اسان جو نڪاح ناهي ٿيل 

              سومر 14 آڪٽوبر 1996ع




اسان جي ملڪ ۾ مختلف سگهاريون ڌريون جن وٽ عام راءِ ٺاهڻ لاءِ سگهه به هوندي آهي ۽ وسيلا به، سي مختلف موقعن تي پنهنجي سهولت ۽ فائدي لاءِ مختلف اصطلاح متعارف ڪرائينديون آهن، هنن ڌرين ۾ حڪومت، سياسي پارٽيون، پڙهيل ڳڙهيل طبقو ۽ ميڊيا کي سرفهرست رکي سگهجي ٿو، مثال طور حڪومت ۾ويٺل ماڻهن جا پسنديده اصطلاح ”سازش“ لوهه جو هٿ، قانون جي بالادستي، عوام جي خدمت، عظيم عوام وغيره هوندا آهن، انهن ۾ تاز اضافو ”ڊس انفارميشن“ جي اصطلاح جو ٿيو آهي، ساڳيءَ ريت مخالف ڌر ۾ ويٺل سياسي ڌريون جيڪي گهڻا اصطلاح استعمال ڪن ٿيون، انهن ۾ ”انتقامي ڪارروائي،“ ”حڪومت جون عوام ۽ جمهوريت دشمن پاليسيون،“ حڪومتي پگهاردار“ وغيره شامل آهن، جڏهن ته پڙهيل ڳڙهيل طبقو جنهن ۾ اديب، شاعر، وڪيل، ڊاڪٽر، استاد ۽ ٻيا ”ووڪل ڪلاس“ جا ماڻهو شامل هوندا آهن سي به پنهنجي سهولت جي آڌار ”وطن دوست،/دشمن، احساس محرومي، دانشور، عظيم قوم، مراعات يافتا طبقو“ وغيره جهڙا اصطلاح ڪتب آڻين ٿا. ساڳيءَ ريت ميڊيا جا همراهه به ”قومي ڪاز، سچ جي بالادستي، ظلم خلاف جاکوڙيندڙ“ وغير جهڙا لقب پاڻ کي ڏين ٿا، اهي سڀ طبقا جڏهن اهي اصطلاح استعمال ڪن ٿا ته اهي انهن جو استعمال پنهنجي ۽ پنهنجي برادري لاءِ هڪDefence line طور ڪتب آڻين ٿا، جيئن هو پنهنجي مخالفن کي اهو Conveyڪري سگهن ته سندن خلاف ڳالهائڻ در اصل انهن وڏين معنائن رکندڙ اصطلاحن خلاف ڳالهائڻ هوندو، مثال طور توهان جيڪڏهن حڪومت تي تنقيد ڪندؤ ته توهان کي سازشي ڪوٺيو ويندو، ڇاڪاڻ ته سرڪار ته اڳ ۾ ئي اهو اعلان ڪري چڪي هوندي آهي ته سندس خلاف سازشي عناصر ڪم ڪري رهيا آهن، جيڪڏهن مخالف ڌر جي ڪنهن گروپ خلاف ڳالهائڻ چاهيندو ته توهان تي فتويٰ اڳ ۾ نڪتل هوندي ته توهان حڪومتي پگهار دار آهيو ۽ جيڪڏهن توهان ڪنهن اديب يا استاد يا وڪيل وغيره بابت ڪجهه چوڻ چاهيندؤ ته توهان لاءِ هنن اڳ ۾ قوم ۽ وطن دشمن جو اصطلاح بيان ڪري ڇڏيو آهي ۽ توهان يڪدم ان اصطلاح جي خاني ۾ فٽ ٿي ويندؤ. ساڳيءَ ريت صحافي برادريءَ جي بزرگن کي توهان Objective رهڻ جو مشورو ڏنو ڪونهي ۽ توهان جي ڳچي ۾ ”قومي ڪاز کي ڌڪ رسائڻ“ واري فلم پئي ڪونهي، مطلب ته اسان جون ڪجهه قوتون سگهاريون هوندي به اندران ايتريون ڪمزور ۽ کوکليون ٿي ويون آهن جو اهي پاڻ تي تنقيد برداشت ئي نه ٿيون ڪري سگهن ۽ سندن وس پڄي ته ٻين جا وات سيليوشن ٽيپ لڳائي بند ڪري ڇڏين ۽ پنهنجي منهن ۾ لائوڊ اسپيڪر هڻي وٺن ته جيئن سڄو جهان رڳو کين ٻڌي ۽ ٻيو ڪجهه به نه ڳالهائي سگهي پر اها خواهش عملي طور ممڪن ناهي تنهن ڪري ڊفينس لائين طور هنن اصطلاحن جو استعمال ڪيو وڃي ٿو ۽ پوءِ نه ڪو لفظن جي حرمت جو خيال ٿو ڪيو وڃي ۽ نه ئي لفظن جي اصل روح جو، رڳو جوش ۾ ان ڳالهه جو مقابلو جاري ٿو رهي ته ڪير ٿو وڌيڪ سخت، ڏکيا ۽ انتهاپسنديءَ وارا لفظ استعمال ڪري ۽ اهڙي روش سبب معاشري ۾ نه صرف مونجهارا پيدا ٿيا آهن پر خود لفظ پنهنجيون معنائون وڃائي چڪا آهن هر چوٿين ڏينهن بيان ٿو اچي ته ”اسين حالت جنگ ۾ آهيون“ يا ” ملڪ تباهي جي ڪنڌي تي اچي ويو آهي“ اهڙي نوعيت جا ڪيترائي بيان اسين سالن کان پڙهون ۽ ٻڌون پيا، هاڻ اهڙي صورتحال ۾ خوف اهو ٿو محسوس ٿئي ته خدا نه ڪري جيڪڏهن واقعي اهڙي صورتحال پيدا ٿي وڃي ته اسان کي يقين ئي نه ايندو ته ڇا واقعي جنگ شروع ٿي وئي آهي، يا جيڪا ڳالهه سالن کان ٻڌندا پيا اچون اها ئي صورتحال آهي ـ
هڪ رسول بخش پليجي صاحب ”سنڌي پريس“وارو اصطلاح استعمال ڪندي تنقيد شروع ڪئي ته مون کيس چيو هو ته ”ڇا توهان کي اها ڳالهه درست لڳندي ته آئون ڪنهن خود ساخته سياستدان جنهن کي سياست جي الف يا ب به نه ايندي هجي تنهن کي گڏائي سمورن سياستدانن تي تنقيد ڪريان؟ منهنجي خيال ۾ مون کي ائين نه ڪرڻ کپي، ڇاڪاڻ ته سياست ۾ اڻ پڙهيل ۽ بيوقوف قسم جا ماڻهو به آهن ساڳيءَ ريت سنڌي پريس نالي ڪا شئي ڪانهي اهي اخبارون آهن انهن ۾ اڪثر ڊمي ۽ غير پيشيوراڻي نوعيت جا ايڊونچر به آهن، تنهن ڪري اهو وڌيڪ بهتر ٿيندو ته توهان اخبار جو نالو کڻي ان جي تعريف ڪريو يا مٿس تنقيد ڪريو“. پليجو صاحب اڪيڊمڪ نوعيت جي تنقيد جي بحثن ۾ انتهائي Reasonable ماڻهو آهي، تنهن ڪري هن انهي نقطي تي وڌيڪ بحث نه ڪيو پر اهو اصطلاح حڪمرانن ۽ خاص ڪري موجوده حڪمرانن جي ته تمام گهڻو فائدي ۾ وڃي ٿو ۽ انهن ته پنهنجي پاران اهڙا وس ڪيا آهن ته انگريزي ۽ اردو اخبارن کي به اهڙي ئي ڪنهن ”بريڪٽ“ ۾ فٽ ڪري وٺن، اهو ڪهڙو منطق آهي ته انگريزي ۾ روزاني ”ڊان“ ۽ ڪنهن روزاني ”انگلش“ ڪراچي کي انگريزي پريس چئي ٻنهي ڏانهن ساڳيو رويو اختيار ڪجي يا روزاني ”جنگ“ کي ڪنهن روزاني اردو ڪراچي کي هڪ لائين ۾ بيهارجي يا سنڌي ۾ روزانه ”ڪاوش“ ۽ روزاني ”سنڌي“ حيدرآباد کي سنڌي پريس جو نالو ڏئي ٻنهي سان ساڳيو ورتاءُ ڪجي؟
اخباري صنعت سان لاڳاپيل ماڻهن جي ذهنن ۾ ضرور اهو سوال هوندو ته آخر سرڪار ائين ڇو ٿي ڪري ۽ سرڪار کي ان سان ڪهڙو فائدو ٿيندو؟ ان جا ٻه جواب ٿي سگهن ٿا، هڪ سرڪارجي ميڊيا مئنيجرن کي پاڻ خبر نه هوندي ته ڪهڙي اخبار موثر ميڊيا آهي يا وري هو به اکيون ٻوٽي ڊمي اخبارن ۾ پنهنجن وزيرن، مشيرن جا وڏا بيان ڇپرائي کين راضي ڪري پنهنجيون نوڪريون پڪيون ڪيو ويٺا آهن. منهنجو ذاتي خيال آهي ته ٻيو جواب وڌيڪ صحيح آهي، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن ڪو ميڊيا مئنيجر ايترو نااهل آهي جو کيس موثر اخبارن جي ڄاڻ ڪانهي ته پوءِ کيس ميڊيا مئنيجر چوڻ ان عهدي جي بيعزتي آهي، پ پ سرڪار خاص طور تي سنڌي پريس جهڙو مبهم اصطلاح ان ڪري به استعمال ڪري ٿي جو ان پارٽي جون پنهنجون جڙون سنڌي ماڻهن ۾ آهن، تنهن ڪري هو ٽي يا چار ڊمي اخبارن کي ڏوڪڙ ڏئي اها ڳالهه رڪارڊ تي رکڻ چاهي ٿي ته اخبارن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ سهڪار ڪيو آهي. ڪير کين سمجهائي الائي ڇو نه ٿو ته وقت مٽجي ويو آهي، هاڻي سنڌي صحافت ۾ پروفيشنل ايپروچ اچي وئي آهي، ڏوڪڙ يا داٻا ڏئي هو صرف ڊمي اخبارن کي ئي مطمئن ڪري سگهن ٿا باقي جيڪي به اخبارون پروفيشنل بنيادن تي هلڻ چاهين ٿيون تن سان سرڪار کي اهڙو ئي ورتاءُ ڪرڻو پوندو جهڙو هو ”ڊان“ يا ”جنگ“ سان ڪري ٿي، باقي جيڪڏهن هو اهو سوچين ٿا ته پروفيشنل سنڌي صحافي سندن ٻانهي يا ڪنيز ٿي ڪم ڪندا ته هو ڀليل آهن ـ
تازو وزيراعظم جي ور آصف زرداري به ”سنڌي پريس“ جي مالڪن، ايڊيٽرن ۽ رپورٽرن کي وزيراعظم هائوس ۾ دعوت ڏني، جنهن بابت ٻئي ڏينهن ڪاوش ۾ خبر پڙهيم ته هڪ اخباري مالڪ اتي اهو فرمايو ته ”سنڌي پريس پ پ سان نڪاح ۾ آهي“، ڪيڏو نه افسوس جو مقام آهي ته هڪ اهڙو ماڻهو جيڪو پاڻ کي اخبار وارو به ڪوٺائي ٿو سو اهڙي سوچ جو مالڪ آهي ۽ ان کان به وڏو ظلم اهو آهي ته موصوف ”سنڌي پريس“ جو اصطلاح استعمال ڪري اسان سڀني جو اسان جي مرضيءَ کانسواءِ نڪاح پڙهائي ڇڏي ٿو! آئون سمجهان ٿو ته جنهن به صحافي يا اخباري مالڪ ۾ ذرڙي به پروفيشنلSpirit هوندي، اهو پ پ يا ڪنهن ٻي پارٽي سان نڪاح ته ٺهيو پر دوستي ۽ نه ئي وري دشمني جو به سوچي سگهي ٿو، تنهن ڪري اخباري صنعت جي بزرگن کي گذارش آهي ته هو ڪنهن به ڌر سان نڪاح ٿا ڪن ياحڪومت مان ان ڌر جي وڃڻ کانپوءِ کيس طلاق ٿا ڏئي ڇڏين، اهو سندن ذاتي فعل آهي پر هو خدا کي مڃين ۽ ”سنڌي پريس“ جو اصطلاح استعمال ڪري پروفيشنل سنڌي صحافين کي خوار نه ڪن، آخر ۾ اها وضاحت ضروري آهي ته مون کي ”سنڌي پريس“ جي اصطلاح کان هرو ڀرو ڪا چڙ ڪانهي پر جڏهن غير پيشيور ماڻهو اچي چار سرڪاري اشتهار حاصل ڪرڻ يا ڪو سياسي يا مالي فائدو وٺڻ لاءِ هن صنعت ۾ پير رکن ٿا ته اهو ڏچو سڀني لاءِ ٿيو وڃي. ساڳئي وقت اهي صاحبان ڊمي اخبارن کي مين اسٽريم ۾آڻڻ لاءِ ”“سنڌي پريس“ جو اصطلاح ٿا استعمال ڪن ته منهنجي ڪوفت فطري آهي، جيڪڏهن صرف Genuine نوعيت جي ئي اخباري ادارن کي ”سنڌي پريس“ جو نالو ڏجي ته منهنجي خيال ۾ ڪنهن کي به اعتراض ڪو نه ٿيندو ـ

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو