محترمه پنهنجي پرس مان سنڌ
ڪارڊ ڪڍي ورتو
اربع 11 ڊسمبر 1996
ڪارڊ ڪڍي ورتو
محترمه بينظير ڀٽو گذريل ڏينهن لاڙڪاڻي پهچڻ شرط سندس استقبال لاءِ آيل ماڻهن آڏو اهو ئي سنڌ ڪارڊ اڇلايو ته سندس حڪومت ختم ڪرڻ وارو عمل سنڌ جي ورهاڱي واري سازش جو حصو آهي. محترمه بينظير پنهنجي تقرير ۾ ”لاهور جي وزيراعظم“ ۽ ”لاڙڪاڻي جي وزيراعظم“ وارا اصطلاح به استعمال ڪري واضح طور اسٽيبلشمنٽ ۽ سنڌ جي عوام کي تاثر ڏنو ته هن پنهنجي پرس مان سنڌ ڪارڊ ڪڍي ورتو آهي ۽ ان جو ڀرپور استعمال ڪرڻ جي موڊ ۾ آهي. محترمه جو استقبال وڏو ٿيو يا ننڍو اهو اڄوڪي بحث جو موضوع ناهي ۽ نه ئي بحث ان ڳالهه تي آهي ته ايندڙ چونڊن ۾ ڪير ڪيتريون سيٽون کٽندو پر سوچڻ ۽ سمجهڻ جي ضرورت ان نقطي تي آهي ته جيڪو ڪارڊ محترمه پنهنجي پرس مان ڪڍيو آهي اهو واقعي ۾ ساڳيو پراڻو سنڌ يا ڀٽو ڪارڊ آهي يا ٽن سالن تائين فائيلن ۾ دٻيل رهڻ ڪري ان ڪارڊ جي حالت به پگهر سبب ڳري ويل سئو رپئي جي نوٽ جهڙي ٿي وئي آهي، جيڪو گهڻي ڇڪ ڇڪان ۾ ڦاٽي پوي ٿو ۽ ان کي ٻيهر اسٽيٽ بئنڪ ۾جمع ڪرائي نئون نوٽ وٺڻو پوي ٿو. شايد محترمه هن ڳريل سڙيل سنڌ ڪارڊ کي عوام جي بئنڪ مان مٽائي نئون ڪرڻ چاهي ٿي پر عوامي بئنڪ جا ڪيشيئر اهو ڪارڊ مٽائڻ کان اڳ ان ڳالهه جي پڪ ضرور ڪندا ته ڪٿي اهو ڪارڊ ”دو نمبر“(جعلي) ته ڪونهي ۽ ان لاءِ محترمه کي پهريون دفعو پنهنجيون مڪمل صلاحيتون استعمال ڪري عوام کي convince ڪرڻو پوندو ته سندس ڪارڊ ٿوور پراڻو ضرور ٿي ويو آهي پر آهي اصلي ـ
محترمه بينظير وزيراعظم جي حيثيت ۾ پارليامينٽ ۾ پنهنجي آخري تقرير ۽ راولپنڊي ۾ ڪيل جلسي ۾ جڏهن ننڍن صوبن جي ڳالهه ڪئي هئي ته مون پنهنجي هڪ مضمون ۾ تڏهن لکيو هو ته محترمه پنهنجي پرس کي ڦلورڻ شروع ڪيو آهي ۽ ان ۾ سنڌ ڪارڊ ڳولي رهي آهي. گذريل ڏينهن لاڙڪاڻي ۾ محترمه پنهنجي حڪومت جي خاتمي کي سنڌ جي ورهاڱي سان ڳنڍي واضح ۽ کليل انداز سان سنڌ ڪارڊ استعمال ڪيو آهي ۽ ايندڙ ڏينهن ۾ امڪاني طور سنڌين جو ووٽ بئنڪ ورهائجڻ ۽ ايم ڪيو ايم جي بالادستي کان ويندي ”اسلام آباد سنڌين جا حق کسي رهيو آهي“، جهڙن نعرن تي ٻڌل اليڪشن مهم کي هر سياسي سوچ رکندڙ ڏسي سگهي ٿو پر شايد محترمه 1990ع ، 1993ع ۽ اڄوڪي دور ۾ تبديلي محسوس ڪري ڪا نه پئي سگهي يا ٿي سگهي ٿو ته هو ءَ محسوس ڪرڻ ئي نه چاهيندي هجي۽ اهو ئي سبب آهي جو سندس پاليسين ۾ هڪ پيسي جو به فرق ناهي آيو۽ هڪ اهڙو جمود پ پ ۾ برقرار رهندو اچي جيڪو سمجهه کان ٻاهر آهي ۽ پڙهندڙ اها ڳالهه ضرور سمجهندا ته جڏهن ڪا ڌر جمود (اسٽيٽسڪو) برقرار رکي ٿي ته اها تبديل ٿيل حالتن پٽاندر اڳيان وڌڻ ته ٺهيو پر مورڳو پوئتي ڌڪجڻ شروع ئي ٿي، ڇاڪاڻ ته وقت ۽ حالتون ڪنهن ڌر لاءِ هميشه هڪجهڙيون نه ٿيون رهن ۽ پوءِ اها ڌر هڪ Out deated phenomenon بڻجيو وڃي. ساڳيءَ ريت پ پ بحيثيت حڪمران پارٽي يا بطور اپوزيشن پارٽي هڪ جمود جي علامت بڻجي وئي آهي، اهو ئي سبب آهي جو ان جون پاليسيون ۽ حڪمت عمليون ايتريون Status quo جو شڪار ٿي ويون آهن جو عام ماڻهو به سمجهي ويو آهي ته جڏهن اها پارٽي اقتدار کان ٻاهر هوندي ته سنڌ جي حقن کان ويندي جمهوريت، اظهار جي آزادي ۽ بنيادي انساني حقن لاءِ آواز اٿارڻ سندس اولين ترجيح هوندي ۽ جڏهن اقتدار ۾ ايندي ته پوءِ اوچتو ترجيح سنڌ بدران لاهور ۽ اسلام آباد کي ملي ويندي انساني حقن ۽ اظهار جي آزادي لاءِ اٿندڙ آواز کي حڪومت ڊاهڻ جي سازش سمجهيو ويندو ۽ جيڪڏهن پاڻ سنڌ واسي سولي سنڌيءَ ۾ ڳالهه سمجهڻ چاهيون ته اها ائين آهي ته پ پ جڏهن اپوزيشن ۾ هوندي ته سنڌ جو سربراهه قائم علي شاهه هوندو ۽ جيڪڏهن اقتدار ۾ هوندي ته سنڌ واسين کي عبدالله شاهه ٽائيپ ماڻهوءَ جي حوالي ڪيو ويندو. اهو Status quo ناهي ته ٻيو ڇا آهي؟ ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن سنڌ واسي قومپرستيءَ واري فلسفي کي تسليم ڪري به وٺن ته ڇا کين خبر ناهي ته سنڌ ۾ پ پ حڪومت جو مطلب قائم علي شاهه يا عبدالله شاهه ٽائيپ ڪو ماڻهو آهي ۽ اهي سنڌي ماڻهن کي جيڪو پٽڪو ٻڌائيندا اهو 1988ع توڻي 1993ع وارين حڪومتن جي حوالي سان سنڌ واسين کي ساريو پيو آهي، تنهن ڪري محترمه بينظير کي صرف پريس کي پنهنجو مخالف سڏي ۽ سمجهي راءِ عامه ڏانهن اکيون بندڪرڻ واري روش ختم ڪرڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته ماڻهو پ پ سان رڳو ان ڪري گڏ ڪو نه هئا جو سندن ليڊر سنڌي هو. ذوالفقار علي ڀٽو هجي يا بينظير ڀٽو هجي، سنڌ واسين پ پ جي صورت ۾ پنهنجي زندگيءَ ۾ تبديلي جو خواب ڏٺو هو پر جڏهن اڄ هو ڏسن ٿا ته تبديلي رڳو پ پ بحيثيت پارٽي جي صفن ۾ اچي ٿي ۽ عام ماڻهو ”اهڙي جا اهڙا“ رهن ٿا ته پوءِ اها راءِ عامه ٺهي ٿي ته جيڪڏهن معاملو صرف سنڌي قومپرستي جو آهي ته پوءِ اڳي پوءِ سنڌي قومپرستن کي ئي ڇو نه ووٽ ڏجن ـ
انهي مضمون جي حوالي سان تازو پ پ کي ڇڏيندڙن جو ذڪر ڪجي ته اهو به موضوع کان غير واسطيدار نه ٿيندو، پ پ حيدرآباد وارن کي ياد هوندو ته قائم علي شاهه بحيثيت پ پ سنڌ جي صدر جي جڏهن پ پ ضلعي حيدرآباد جو صدر هڪ غير معروف ۽ غير اهم ماڻهو عرفان گل مگسي کي کڻي مقرر ڪيو هو ته پ پ جي پراڻن ڪارڪنن ۾ رڙو رڙ مچي وئي هئي ته ”مار اهو وري ڇا ٿي ويو؟“ پر با خبر حلقن کي خبر هئي ته اهو فيصلو ان ڪري ڪيو ويو هو جو پ پ حيدرآباد جي اڳوڻي تنظيم خورشيد شاهه ۽ ڊاڪٽر اسماعيل اڍيجي مرحوم سان گڏ هئي، تنهن ڪري قائم علي شاهه کي حيدرآباد ۾ خورشيد شاهه جي دوست ڪوثر ڀٽي جيان هڪ پنهنجو ماڻهو گهربل هو جنهن وٽ بنگلو به هجي گاڏي به ۽ ٻيو به گهڻو ڪجهه هجي. پر ٿيو ڇا جو جيئن ئي پ پ حڪومت ختم ٿي ته نه ڪوثر ڀٽي ۽ نه ئي عرفان مگسي پارٽي ۾ رهيا. ساڳيءَ ريت پ پ جي اندرين سياست کي سمجهندڙ يقينن سمجهندا هوندا ته ملڪ اسد سڪندر، پرويز علي شاهه ۽ غالب ڊومڪي ڇو هليا ويا؟ پرويز ۽ غالب کي عبدالله شاهه پنهنجي ڪابينا ۾ ته وڏن جي هدايت تي کنيو هو پر ٻئي اهڙا وزير هئا جن جي کاتي ۾ رڳو ڪلارڪ ئي شايد سندن ڳالهه مڃيندا هئا ۽ عبدالله شاهه کين روئڻ جهڙو ڪري ڇڏيو هو، هاڻ هتي اهو سوال پيدا ٿئي ٿو ته اهي ٻئي همراهه پوءِ حڪومت ۾ نڪ جي پڪائي سان ڇو ويٺا رهيا ۽ اڳ ۾ پارٽي ڇو نه ڇڏي ڏنائون؟ پر ان سوال جو جواب اقتداري سياست ڪندڙ ڄاڻن ٿا، ساڳيءَ ريت اهو ملڪ اسد سڪندر جنهن جو سهڪار نه هجي ها ته شايد عبدالله شاهه چونڊن ۾ کٽي به نه سگهي ها سو حڪومتي ڏينهن ۾ مٿين جي ناراضگي سبب سوڙهو ٿيل هو. بابل خان جکراڻي کي به جڏهن ناهيد خان دڙڪا ڏيندي هجي ته پوءِ حڪومت وڃڻ کانپوءِ به هن لاءِ پارٽي نه ڇڏڻ ڪيئن ممڪن هو؟ پ پ هر دور ۾ ائين ڪندي رهي آهي ۽ وڏيرا پارٽي ڇڏيندا به رهيا آهن ۽ وري موٽي ايندا به رهيا آهن پر اهو دور پراڻو هو ڇاڪاڻ ته ان مهل عام ماڻهن جي اڪثريت پ پ سان هئي پر اڄوڪي صورتحال جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته پ پ چونڊن لاءِ اميدوارن کان درخواستون گهرائڻ جو اعلان ڪري ٿي ته نوانوي سيڪڙو اڳوڻا ميمبر ئي درخواستون موڪلين ٿا ۽ اهي به اڳي وانگر پارٽي ٽڪيٽ لاءِ گهڻيون منٿون نه ٿا ڪن. پ پ قيادت تسليم ڪري يا نه پر اها پارٽي تمام وڏي ۾ وڏي Dilema جو شڪار آهي ۽ اڄ پهريون ڀيرو سندس وڏي ۾ وڏي مخالف نه نگران سرڪار آهي ۽ نه ئي اسٽيبلشمينٽ ڇاڪاڻ ته اهڙن مخالفن کي هو ماضي ۾ به منهن ڏئي چڪي آهي پر کيس وڏي ۾ وڏي ڏکيائي ان راءِ عامه کي منهن ڏيڻ ۾ ٿي رهي آهي جيڪا سندس خلاف آهي. هتي اها وضاحت به ضروري آهي ته راءِ عامه هڪ بيحد وسيع اصطلاع آهي، جنهن جي گهڻ طرفي مطلب ۽ مفهوم کي گهٽ ۾ گهٽ محترمه ضرور سمجهندي هوندي،پر ڏسڻو اهو آهي ته اڳ جيان اڄ به محترمه راءِ عامه کي ignore ڪري ٿي يا نه ۽ ڏسڻو اهو آهي ته محترمه راءِ عامه جي هن بنيادي مطالبي تي تبديلي اچڻ گهرجي کي موٽ ڏيندي، حڪومت ۾ اچڻ کان اڳ چونڊن ۾ اميدوارن جي چونڊ ۾ پنهنجي پارٽي ۾ تبديليون آڻي ٿي يا هڪ دفعو وري واعدا ۽ آسرا ڏئي ٿي ته حڪومت ۾ اچڻ کانپوءِ هوءَ تبديليون آڻيندي، ڇاڪاڻ ته بينظير لاڙڪاڻي جي نياڻي هجي يا سنڌ ڄائي هجڻ وارو نعرا هڻي پر سنڌ واسين ۾ اهو سوال Frustration جي حد تائين وڌي ويو آهي ته بينظير کٽي اچي يا ٻيو ڪير به اسان جي زندگي تي ڪهڙو اثر پوندو؟ پر ظاهري طرح لڳي ٿو ته محترمه اڃا به هن تبديل ٿيل صورتحال کي سمجهي پارٽي کي بچائڻ لاءِ ڪا ڊگهي مدي واري حڪمت عملي ٺاهڻ بدران ان ڳالهه تي وڌيڪ ڌيان پئي ڏئي ته ايندڙ چونڊن ۾ چار يا پنج سيٽون وڌيڪ ڪيئن حاصل ڪري سگهجن ٿيون ۽ سندس انهن ننڍي مدي وارين حڪمت عملين جي ڪري گذريل ٽن سالن ۾ سنڌ ۾ سياسي ويڪيوم پيدا ٿي ويو هو، اهو ويڪيوم هر ڪنهن کي نظر به آيو پئي ۽ هر ڪنهن ان جو ذڪر به ڪيو پئي پر ان جي عملي صورت نظر نه اچڻ سبب پ پ قيادت طنز ڪندي چوندي هئي ته سنڌ ۾ سياسي ويڪيوم پيدا ناهي ٿيو پر اهو ويڪيوم سنڌي دانشورن جي دماغن ۾ پيدا ٿيو آهي پر اڄوڪي صورتحال ثابت ڪري ٿي ته سنڌ ۾ ويڪيوم پيدا ٿي چڪو هو، تڏهن ئي اڄ پ پ کي شهيد ڀٽو گروپ، سنڌ نيشنل فرنٽ کان ويندي مسلم ليگ (ن)جي اميدوار کان کٽڻ به ڏکيو نظر اچي رهيو آهي ـ
۽ جيڪڏهن محترمه جو خيال آهي ته ان ويڪيوم (خلا) کي هوءَ ڪنهن ٺوس عملي فيصلي سان ڀرڻ بدران ڪنهن ڳريل ڪارڊ سان ڀري ڇڏيندي ته عوامي سياست جي اعتبارکان اها سندس هڪ ٻي وڏي غلطي هوندي پر ان غلطي جو احساس به شايد کيس حال ۾ ٿيڻ بدران مستقبل ۾ ٿيندو، جيستائين ممڪن آهي ته گهڻي دير ٿي چڪي هجي ـ
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو