نتيجن جي نتيجي ۾ پکڙيل وائڙائپ
خميس 6 فيبروري 1997ع
سمجهه ۾ نٿو اچي ته 3 فيبروري وارن چونڊ نتيجن اسان سنڌين کي ايڏو مايوس ۽ ڪنفيوز ڇو ڪري ڇڏيو آهي، اڪثر سنڌي ڪالم نويس سنڌين جي مينڊيٽ ورهائجڻ ۽ اسلام آباد جي ايندڙ حڪومتي سيٽ اپ ۾ سنڌين جي عدم موجودگي کي ڏسي ايترا Frustrate ٿيندي نظر اچن پيا جو کين پاڻ سمجهه ۾ نه پيو اچي ته هو چاهين ڇا ٿا ۽ لکن ڇا پيا، هڪ سنڌي اخبار (ڪاوش نه) پنهنجي پاران لکيل خصوصي مقالي ۾ سنڌين کي ”بي وفا“ جو خطاب ڏيندي لکيو آهي ته پنجاب ۽ بلوچستان پنهنجا ليڊر چونڊيا آهن پر سنڌين بقول هن اخبار جي، کل جوڳو فيصلو ڪندي پنهنجو مينڊيٽ ورهائي ڇڏيو آهي پر اڳتي ساڳئي مقالي ۾ پ پ تي به ڀرپور تنقيد ڪئي وئي آهي، هاڻ سمجهه ۾ اهو نٿو اچي ته جيڪڏهن پ پ به خراب آهي ته پوءِ سنڌ ۾ ڪهڙي پارٽي هئي، جنهن کي سنڌي گڏيل طور ووٽ ڏئي پنهنجو مينڊيٽ Intact (سالم) رکن ها، ڇاڪاڻ ته سنڌ اسيمبلي جي هڪ سئو مسلم سيٽن مان رڳو 74 سيٽون اهڙيون آهن، جتان سنڌي اميدوار کٽي پيا سگهن ۽ سواءِ پ پ جي ٻي ڪنهن به پارٽي انهن سمورن تڪن تي سگهارا اميدوار نه بيهاريا هئا، سو هڪڙي ئي وقت پ پ کي خراب چئجي ۽ سنڌين کي گڏيل مينڊيٽ نه ڏيڻ جو مهڻو به ڏجي، اها منطق سمجهه ۾ نٿي اچي، سنڌ ڪارڊ ايڏو ته سستو ٿي پيو آهي جو اهو تاش جي پتن وانگر ورهائجي ويو آهي ۽ جنهن تنهن جي هٿن ۾ پيل اهو سنڌ ڪارڊ ڏاڍي بي سري نموني استعمال ٿي رهيو آهي، ٻئي طرف عام سنڌي ماڻهن ۾ به (جيڪي ڪنهن سياسي پارٽي سان لاڳاپيل ناهن) مايوسي صاف نظر اچي رهي آهي پر انهن جي مايوسي جو سبب بينظير جي هارائڻ يا سنڌين جي مينڊيٽ ورهائجڻ کان وڌيڪ نواز شريف جو پنجاب مان وڏي اڪثريت سان کٽڻ سمجهه ۾ اچي ٿو ۽ محسوس ائين ٿئي ٿو ته جيڪي ليکڪ سنڌين کي بيوفا ۽ ٻيو گهڻو ڪجهه لکي رهيا آهن انهن کي به بينظير سان ڪا ڊگهي همدردي ناهي پر کين نواز شريف جو کٽڻ ڏکيو پيو لڳي، اسان جي ڪالمسٽن ۾ نيم پڪل دانشورن جي جيڪڏهن اها راءِ آهي ته ڪنهن کي هروڀرو اعتراض نه هجڻ کپي، پر اعتراض رڳو ان ڳالهه تي آهي ته سياست ۽ اها به عوامي سياست تي گفتگو ڪرڻ مهل دوستن کيLogic (منطق) کي هٿ مان ڇڏي ڏيڻ نه گهرجي، ان حوالي سان پهرين اسان کي پنهنجو پاڻ کان هڪڙو منطقي سوال پڇڻ گهرجي ته اسين ڇا آهيون، ڊيموڪريٽ (جمهوريت پسند) يا قومپرست؟ جيڪڏهن اسين پنهنجو پاڻ کي ڊيموڪريٽ چئون ۽ سمجهون ٿا ته پوءِ ڳالهه سڌي آهي ته اڪثريت جي فيصلي کي صحيح سمجهڻ گهرجي پر جيڪڏهن پاڻ قومپرست آهيون ته پوءِ واقعي به پريشاني ٿيڻ گهرجي پر گهٽ ۾ گهٽ اهو سچ اسان کي هاڻ پاڻ سا ڳالهائي وٺڻ گهرجي ته آخر اسين آهيون ڇا؟ ڇاڪاڻ ته 1970ع کان جمهوريت جو قصو اسان وٽ ٻين کان گهڻو رهيو آهي، ڇا اڄ اهو سمجهڻ گهرجي ته دراصل اسان کي شروع کان جمهوريت جو ايترو فڪر نه هو، بلڪه اسان جو مسئلو سنڌي ”ذوالفقار ”يا“ بينظير“ وزيراعظم جو هو، ائين هو يا نه پر گهٽ ۾ گهٽ ٻن ڏينهن کان سنڌي ڪالم نويس اهڙو ئي تاثر رومال ۾ ويڙهيل لفظن ۾ ڏئي رهيا آهن، جي ائين ناهي ته پوءِ 1988ع ۽ 1993ع ۾ جڏهن پ پ پنجاب مان اڪثريت حاصل ڪري ٿي ته ان مهل ڇو جهمريون پاتيون وڃن ٿيون؟ اهي جهمريون جمهوريت لاءِ هجن ٿيون يا سنڌي وزيراعظم لاءِ؟ هتي سنڌي نيم دانشورن کي هڪ ٻي ڳالهه جي به کليل طور وضاحت ڪرڻ گهرجي ته ڇا هو پ پ ۽ سنڌين کي هڪ ڳالهه سمجهن ٿا يا سندن خيال ۾ اهي ڪي ٻه شيون آهن؟
مرتضي ڀٽو واري سانحي کانپوءِ هڪ مضمون ۾ مون لکيو هو ته سنڌ جي سياست ۾ هڪ وڏو وبڪيوم پيدا ٿئي پيو، جنهن جو سبب پ پ حڪومت جي ڪارڪردگي آهي ۽ ساڳئي مضمون ۾ اهو به لکيو هو ته اسلام آباد جي ايندڙ حڪومتي سيٽ اپ ۾ پ پ جو ڪردار نه هوندو، تنهن ڪري سنڌين ۾ وفاق لاءِ وڌيڪ ويڳاڻپ پيدا ٿيندي ۽ اج ذري گهٽ اهائي صورتحال پاڻ سڀني جي آڏو آهي، اهو هڪ حساس موقعو آهي نه صرف وفاق لاءِ پر خود سنڌين لاءِ تنهن ڪري وقت کان اڳ ۽ صورتحال کي سمجهڻ کانسواءِ ان تي Sweeping remarks ڏيڻ سان سڀني کي نقصان ٿيندو، تنهن ڪري اڳ ۾ ذڪر ڪيل سنڌي نيم دانشورن کي گذارش آهي ته هو جيڪڏهن قومپرست به آهن ته به اهو سمجهن ته سنڌين جو وفاق آڏو جمهوريت پسند هجڻ جو هڪ ڀرم آهي، جنهن کي تڪڙ ۾ پنهنجي ئي واتان ڪوڙ ۽ ڊرامو ثابت ڪرڻ، ڊپلوميسيءَ جي اصولن جي خلاف آهي، ڇاڪاڻ ته سنڌين به پهريون ڀيرو لاهور جي رهواسي کي ووٽ ڏئي هڪ Gesture جو مظاهرو ڪيو آهي، هاڻ ڏسڻو آهي ته اتان ڇا ٿي موٽ ملي ۽ ان کانپوءِ ان تي رد عمل ظاهر ڪرڻ گهرجي، پر جيڪڏهن ”دانشور“ حضرات تڪڙ ۾ پنهنجو جمهوريت پسنديءَ وارو چوغو لاهي قومپرست
ٿي بيهي رهيا ته امڪان آهي ته وفاق سان اسان جو پنجويهه سالن جو
Interaction
ٽٽي پوي ۽ هڪ ڊيڊ لاڪ پيدا ٿي پوي ۽ گڏو گڏ اهو خدشو به پنهنجي جاءِ تي آهي ته سنڌي سياسي مارڪيٽ ۾ ويڪيوم يا گنجائش کي ڀرڻ لاءِ ڪي ڇڙواڳ ڌريون اچي وڃن ۽
Hostile
ٿيل وفاق/اسٽيبلشمينٽ انهن ڌرين جي پٺ ڀرائي شروع ڪري ڇڏي ۽ اسان کي ڪو
Made in sindhi
ڏچو ڳچيءَ ۾ پئجي وڃي ـ
اڄوڪي صورتحال ۾ اسلام آباد ۽ اسٽيبلشمينٽ ۽ هاڻ خاص ڪري نواز شريف جو ڪردار انتهائي اهم ٿي ويو آهي، نواز شريف کي بطور وزيراعظم گهڻائي ماڻهو اهو سمجهائڻ جي ڪوشش ڪندا ته ٻهراڙيءَ جي علائقن مان مسلم ليگ (ن) جي اميدوارن جي ڪاميابي کانپوءِ ڪابه ڳڻتي جوڳي صورتحال ناهي، پر نواز شريف کي سندس سنڌي ڪامريڊز کي اهو ضرور ٻڌائڻ گهرجي ته سنڌين جي Nationalistic Feelings
هڪڙي حساس ترين پوائنٽ تي آهن ۽ ڪنهن به هڪڙي غلط فيصلي سان اهي جذبا ڀڙڪي به سگهن ٿا، تنهن ڪري نواز شريف کي ڪجهه معاملن ۾ پنجاب کان سنڌ کي ترجيح ڏيڻ کپي ۽ وفاقي وزارت ۾ سنڌي وزيرن جي نمائندگي، ايم ڪيو ايم، پاڻي ۽ ناڻي جي ورڇ جهڙن معاملن تي سنڌين جي جذبن جو خيال رکڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته 1990ع واري نواز شريف حڪومت ۾ سنڌين جي مفادن خلاف ٿيندڙ فيصلن تي گهڻي ڀاڱي سنڌي پاڻ کي پ پ جو ووٽر تصور ڪندي، اهو خيال ڪندا هئا ته پ پ ٻيهر اسلام آباد ۾ حڪومت ٺاهي حساب ڪتاب ٺيڪ ڪري وٺندي ۽ گهڻي ڀاڱي معاملا پارٽي سياسي (پ پ-مسلم ليگ) جي تناظر ۾ ڏسندا هئا پر هاڻ سنڌي پنهنجي خلاف ٿيندڙ فيصلن جو سڌو ذميوار وفاق ۽ پنجاب کي قرار ڏيندا، گڏو گڏ سنڌين وٽ اهو آسرو به نه هجڻ جي برابر هوندو ته ڪو سڀاڻي پ پ اسلام آباد ۾ حڪومت ٺاهي معاملا سنڌين جي حق ۾ ڪري وٺندي، تنهن ڪري فطرت جي قانون موجب جڏهن ڪنهن مخصوص هنڌان مسئلي جو حل يا حل ٿيڻ جو آسرو نظر نه ايندو آهي ته معاشري ۾
Frustration
عروج تي پهچندي آهي ۽ ان جو انجام ڇا ٿيندو آهي اهو سڀ ڪو سمجهي ٿو ـ
حليم بروهيءَ چواڻي ”آئون ڪنهن کي پنهنجي کوپڙي نه پيو ڏيان، پر ٻين کي صلاحون ڏئي دراصل اڄوڪين حقيقتن بابت ڳالهيون رڪارڊ تي رکان پيو“ ۽ اهڙي ڳالهه يا صلاح اسان جي ملڪ جي اسٽيبلشمينٽ جي ڏٺل ۽ اڻ ڏٺل قوتن کي به ڏيڻ ضروري آهي ته سڀاڻي جيڪڏهن هي نواز شريف مان بيزار ٿي کيس هٽائڻ لاءِ هٿ پير هڻن (جيڪو يقينن هڪ ٻيو سياسي الميو هوندو) ته کين اهو ضرور ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته سنڌ مان پنهنجي ان ايڊوينچر جي شروعات نه ڪن، ڇاڪاڻ ته پوءِ ان تحريڪ يا هلچل کي صرف وزيراعظم هٽايو تحريڪ تائين محدود رکڻ، اسٽيبلشمينٽ جي وس ۾ به نه رهندو، بهر حال ان ڳالهه ۾ هاڻ ڪو به شڪ ڪونهي رهيو ته جيڪڏهن سنڌ جي معاملن کيRationally (عقلي طرح) هلايو ويو ته وفاقي نظام کي هڪ نئين طاقت ملندي ۽ جيڪڏهن ائين نه ٿيو ته وفاقي نظام جي ناڪاميءَ تي مورخ جيڪي ڪتاب لکندا، تن جو وڏي ۾ وڏو باب شايد هن عنوان وارو هوندو ته What went wrong in sindh?
(سنڌ سان ڪهڙي ماجرا ٿي؟)
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو