ڇا سنڌي هڪ اسپيڪر ۽
ڪجهه وزيرن تي گذارو ڪندا؟
جمع 14 فيبروري 1997ع
ڪجهه وزيرن تي گذارو ڪندا؟
سنڌين کي گذريل ٽيهن سالن کان هڪ ئي وقت سنڌي قومپرست سياستدانن ۽ پنجابي دانشورن پاران مهڻا ۽ الزام برادشت ڪرڻا پيا آهن، اسان جي اڪثر قومپرستن جي نظر ۾ سنڌي بي وفا قوم آهي، جيڪا وفاق جي سياست ڪندڙن کي ترجيح ڏئي ٿي ۽ خاص ڪري اليڪشن جي ڏينهن ۾ ووٽ قومپرستن بدران وفاق پرستن کي ڏئي ٿي پر جتي خود سنڌي قومپرست سنڌين کي وفاق پرست هجڻ جو طعنو ڏين ٿا، اتي ئي لاهور ۾ ويٺل ڪيترائي دانشور سنڌين کي علحدگي پسند قرار ڏيڻ لاءِ ننهن چوٽي جو زور لڳائين ٿا، جيڪڏهن عوامي نفسيات جو اندازو ووٽ ٽرينڊ مان لڳائجي ته ڳالهه چٽي آهي ته 1970ع کان وٺي 1997ع تائين ٿيندڙ سمورين چونڊن ۾ سنڌين وفاق پرست جماعت يعني پاڪستان پيپلز پارٽي جو ساٿ ڏنو آهي ۽ جيڪڏهن لاهوري دانشور ان مان به قومپرستي جو اهو پهلو ڏسن ٿا ته بينظير ڀٽو وفاقي ليڊر هجڻ جي باوجود آهي ته سنڌي، ۽ تنهن ڪري ئي سنڌي هن کي ووٽ ڏين ٿا ته پوءِ کين تازو ٿيل چونڊ نتيجن کي ڏسڻ گهرجي، جن ۾ سنڌ جي ٻهراڙيءَ جي علائقن مان مسلم ليگ (ن) (جنهن جي ليڊر جو تعلق لاڙڪاڻي بدران لاهور سان آهي) کي 8 قومي اسيمبلي ۽ 10 صوبائي اسيمبلي جي تڪن تان ڪاميابي ملي آهي. انهن نتيجن جو مکيه ڪارڻ پ پ جو گراف ڪرڻ پنهنجيءَ جاءِ تي آهي پر پوءِ به ڏسڻ جي ڳالهه اها آهي ته سنڌين هڪ وفاقي پارٽي يعني پ پ جي متبادل طور وري به هڪ ٻي وفاقي پارٽي (مسلم ليگ) کي ئي چونڊيو نه ڪي انهن پنهنجو لاڙو ڪنهن علائقائي يا قومپرست پارٽيءَ ڏانهن ڪيو.
چونڊ نتيجن اچڻ کانپوءِ سنڌين ۾ پهريون ڀيرو اهو احساس شدت سان پيدا ٿيو آهي ته اسلام آباد ۾ انهن جو بطور سنڌي، حصو ختم ٿي ويو آهي ۽ اسلام آباد سان اقتداري شراڪت جو سنڌين پاران جيڪو اڻ لکيل معاهدو ذوالفقار علي ڀٽي ڪيو هو اهو هاڻ نه رهيو آهي ۽ ڇاڪاڻ ته جمهوري نظام ۾ جنهن پاسي اڪثريت هوندي آهي اهو ئي حڪومت ڪندو آهي ۽ ڇاڪاڻ ته پاڪستان ۾ اڪثريت پنجاب جي آهي ۽ هاڻ جڏهن اهو هڪڙي پاسي ٿي ويو آهي، تنهن ڪري هاڻ سنڌين کي اسلام آباد ۾ سڌو پاور ملڻ تمام گهڻو ڏکيو ٿي پيو آهي، جڏهن بينظير کي وفاق جي علامت چيو ويندو هو ته ان جو سولو مطلب اهو هو ته بينظير پاڻ سنڌي آهي پر کيس پنجاب جا ماڻهو به پنهنجو ليڊر تسليم ڪن ٿا، پر هاڻ جڏهن بينظير جي پارٽي پنجاب مان هڪ به سيٽ کٽڻ ۾ ناڪام رهي آهي ته سنڌين کي سڌو نياپو مليو آهي ته پ پ جا پنجاب ۾ (ٿي سگهي ٿو ته وقتي طور) تڏا ويڙهجي چڪا آهن ۽ هاڻ بينظير جو سنڌ ۽ پنجاب جي وچ ۾ جيڪو سياسي پل وارو ڪردار رهيو آهي، سو پورو ٿي چڪو آهي، سو هاڻ ان پل جو ڪم لاڙڪاڻي بدران لاهور جي وزيراعظم ميان نواز شريف کي ڪرڻو پوندو ۽ اڄ جو ملين ڊالر جو سوال به اهو ئي آهي ته ڇا هو سنڌين ۾ خطري جي نشان تائين پهتل قومپرستي واري ٽيمپريچر کي هيٺ لاهي سگهندو؟
جيڪڏهن بينظير ڀٽو جي ٻنهي دور حڪومتن بابت Rationallyجائزو وٺبو ته هر پڙهيل ڳڙهيل سنڌي ان راءِ جو بيهندو ته پ پ به سنڌين کي ڪي پٽڪا ڪونه ٻڌرايا هئا پر جنهن سوچ يا جذبي جو نالو قومپرستي آهي ان ۾Rationality (عقلي جواز) ڳولهڻ خود Irrational (غير عقلي) ٿيڻ جي مترادف آهي ۽ تازن چونڊ نتيجن کانپوءِ عام سنڌي وٽ اها سوچ ٺهي آهي ته ملڪ جي ٻين ٽن صوبن پنهنجي پنهنجي ليڊرن کي ووٽ ڏنا ۽ سنڌ جي شهرن ۾ به اها ئي صورتحال رهي پر ڳو سنڌين جو مينڊيٽ ورهايل آيو آهي، عام سنڌين جو سروي ڪبو ته هو توهان کي منجهيل نظر ايندا، ڄڻ ته سوچيندا هجن ته انهن سان ڪا وڏي بي ايماني ٿي وئي آهي! سنڌين کي وڌيڪ Frustrate (بتال) اهو سوال به ڪري پيو ته ڇا هاڻ ڪڏهن به اسلام آباد ۾ کين سڌو پاور نه ملندو؟ اتي ئي مٿي اٿاريل سوال تي بحث شروع ڪيون ٿا ته ڇا نواز شريف ۽ سندس ٽيم سنڌين کي پنهنجن عملن ذريعي ايترو مطمئن ڪري سگهندا جو سنڌين ۾ اسلام آباد کان خوف ۽ Rejection (رد ٿيڻ) جا احساس گهٽ ٿي سگهن ۽ ڳالهين ۾ ”پنجابي“ بدران جمهوريت، نظام ۾ ميرٽ جي اصطلاحن جو استعمال شروع ٿي سگهي، جيڪڏهن نواز شريف ۽ سندس صلاحڪار اهو سمجهن ٿا ته ڪنهن سنڌي کي قومي اسيمبليءَ ۾ اسپيڪر بڻائي ۽ ڪجهه همراهن کي وزير بڻائي يا چار سنڌين کي نوڪريون ڏئي هو سنڌين جي Nationalistic Feelings (قومپرستيءَ واري جذبي) کي ٿڌو ڪري سگهندا ته پوءِ اهڙي سوچ جي صحيح هجڻ بابت صرف دعا ئي ڪري سگهجي ٿي ته شل ائين ٿئي، ڇاڪاڻ ته قومپرستيءَ جي وڪڙ ۾ آيل ماڻهو هڪ جذباتي ڪيفيت ۾ هوندا آهن ۽ انهن کي موٽ ۾ به جذباتي وابستگيءَ جي گهرج هوندي آهي ۽ اهو ممڪن ناهي ته اهڙي ڪيفيت ۾ هوندي ڪنهن قوم کي صرف چار ڪم ڪري مطمئن ڪري سگهجي، ڇاڪاڻ ته ان مهل اها قوم ايتري حساس هوندي آهي ۽ مختلف گروپ ان جي جذبن کي ايترو ڀڙڪائي رهيا هوندا آهن جو جيڪو ڪم سندن بهتري ۾ ٿيندو آهي تنهن کي به هو پنهنجو حق سمجهندا آهن ۽ جيڪو نه ٿيندو آهي ان کي پنهنجي قوم سان اجتماعي ظلم ۽ زيادتي تصور ڪيو ويندو آهي، تنهن ڪري اهڙي صورتحال ۾ عوامي نفسيات موجب ئي معاملا طئه ڪرڻ جي ضرورت هوندي آهي.
سنڌين کي تازن چونڊ نتيجن کانپوءِ اسلام آباد مان پنهنجي نيڪاليءَ واري (صحيح يا غلط) احساس جتي منجهايو آهي اتي ئي کين سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ ٺهندڙ حڪومت تي به پنهنجي گرفت ڪمزور ٿيندي نظر پئي اچي ۽ کين اهو صاف نظر اچي رهيو آهي ته سندن ووٽن تي ڪامياب ٿيندڙ گروپ هڪ ٻئي کي هيٺ ڏيکارڻ ۽ حڪومت حاصل ڪرڻ خاطر ايم ڪيو ايم آڏو مڪمل طور تي بيوس ٿي ويا آهن، اقتدار جي ڪشمڪش ۾ مصروف اقتداري رانديگر پنهنجي اڪثريت ٺاهڻ واري انگن اکرن واري راند ۾ ايترا منڌل آهن جو کين ان ڳالهه جي ٽڪي جي به پرواهه ڪانهي ته سندن ووٽرن تي ان جو ڇا اثر پوندو، حد ته اها آهي جو پ پ ۽ ايم ڪيو ايم پاڻ ۾ ٺهڻ لاءِ ڪوشش پيون ڪن، اهڙي اتحاد کي ڪنهن لساني تنگ نظريءَ جي بنياد تي رد نه ڪرڻ گهرجي پر سوال سياسي اخلاقيات جو هجڻ کپي ڇاڪاڻ ته ٻئي پارٽيون پ پ ۽ ايم ڪيو ايم گذريل ٽن سالن واري پ پ جي اقتداري دور ۾ هڪ ٻئي ڏي جيڪو رويو رکيو ويٺيون هيون سو ڪٿان به سياسي مخالفت وارو نه هو جو چئجي ته هاڻ اهي اختلاف ختم ٿي ويا آهن، بلڪه ٻئي ڌريون ائين پئي وڙهيون ڄڻ ڪا قبيلائي ويڙهه هجي، حڪومت وڃڻ کانپوءِ ٻنهي پارٽين پنهنجي چونڊ مهم جو اهم نقطو به هڪ ٻئي جي مخالفت کي ٺاهيو سو هاڻ جيڪر حڪومت ٺاهڻ واري خيال کان اهي ڌريون ٺهن ٿيون ته سنڌي ووٽر پ پ کان ۽ مهاجر ووٽر ايم ڪيو ايم کا اهو پڇڻ جا يقينا حقدار هوندا ته ڇا ماضي جو جهيڙو نورا ڪشتي هئي؟ جيڪر جهيڙو اصلي هو ته پوءِ اڄ جيڪو نبيرو ڪريو ٿا ته ان ۾ ماضيءَ جي جهيڙي جو ڏوهي ڪنهن کي قرار ٿا ڏيو؟ اتي ٻيهر وضاحت ڪجي ته مسئلو سنڌي يا غير سنڌي واري تنگ نظري جو ناهي پر مسئلو سياسي Ethics (اخلاقيات) جو آهي.
تازو هندوستان ۾ پهرئين ۽ ٻئي نمبر تي ڪامياب ٿيندڙ سياسي پارٽين ڀارتيا جنتا پارٽي ۽ ڪانگريس حڪومت ٺاهڻ خاطر سياسي اخلاقيات جي سوديبازي نه ڪئي ۽ ٻنهي پارٽين ڪنهن غير اخلاقي ۽ گهٽيا قسم جي توڙ جوڙ ڪرڻ بدران اقتدار کان ٻاهر رهڻ پسند ڪيو ۽ آخر ۾ سياسي بحران ٽارڻ خاطر ڪانگريس، حڪومت ٺاهڻ ۾ ڊيو گوڙا جي مدد ڪئي پر پاڻ پوءِ به اقتدار ۾ سڌي شرڪت ڪانه ڪئي، عام خيال اهو آهي ته سنڌ ۾ پ پ کي به ڪانگريس جيان رول ادا ڪرڻ گهرجي، جنهن سان نه صرف سنڌ ۾ ڪا پ پ کانHostile (دشمناڻي) حڪومت وجود ۾ نه ايندي ۽ گڏوگڏ پ پ جو ڪريل ووٽ بئنڪ به واپس بهتر ٿيندو ۽ سنڌ جي سياست ۾ هڪ سٺي سياسي روايت جو به آغاز ٿيندو پر ائين ٿيڻ ڏکيو لڳي ٿو ڇاڪاڻ ته پ پ ٽڪيٽ تي ڪامياب ٿيندڙ اڪثر سنڌي وڏيرن کي جهنڊي واريون گاڏيون کپن ۽ ماڻهن جا ڪم ڪرڻ جي نالي ۾ پنهنجا ذاتي ”کانچا“ ڪرڻ لاءِ اختيار کپن پر بينظير ڀٽو کي نيٺ هاڻ ته اهو سمجهڻ کپي ته جيڪر هن سنڌ حڪومت جي ٺهڻ ۾ بردباري جو مظاهرو نه ڪيو ته پوءِ اها سندس هڪ ٻي وڏي سياسي غلطي هوندي ڇاڪاڻ ته سڀاڻي ايم ڪيو ايم سان گڏجي حڪومت ٺاهيندڙن تي پ پ ڪهڙيءَ ريت تنقيد ڪري سگهندي جو اڄ هو پاڻ ايم ڪيو ايم سوڌو ڪنهن سان به ٺهڻ لاءِ تيار آهي؟ ان سان ٺاهه نه ڪيو تڏهن ئي هاڻ پ پ وارا انهن کي سنڌ دشمن ۽ دهشتگرد چون پيا ۽ جيڪر ٺاهه ٿي وڃي ها ته ساڳيائي همراهه عزت ماب اتحادي هجن ها! جيڪڏهن 3 فيبروري تي ٿيندڙ چونڊن ۾ پنجاب مان پ پ کي به ڪو حصو پتي ملي ها ته شايد مسلم ليگ (ن) جي سنڌ ۾ به حڪومت کي عوامي مڃتا جي حوالي سان ڪو وڏو مسئلو نه ٿئي ها پر چوٿين فيبروري تي ٽي وي ۽ اخبارن ۾ آيل نتيجن مان جڏهن سنڌين کي خبر پئي ته پنجاب صرف ۽ صرف مسلم ليگ کي مينڊيٽ ڏنو آهي ته ان کانپوءِ مسلم ليگ بابت پنجابين جي پارٽي هجڻ جو تاثر بيٺو آهي جيئن پ پ بابت تاثر هو ته اها سنڌين جي پارٽي آهي ۽ بينظير ڀٽو ته پاڻ کي لاڙڪاڻي جي وزيراعظم چئي ڄڻ ته ان جي تصديق به ڪندي رهي آهي، ضروري ناهي ته اهي تاثر صحيح هجن پر عام ماڻهن وٽ بهرحال ٻنهي پارٽين لاءِ انهي قسم جا تاثر موجود آهن، جن کي ختم ڪرڻ اڄوڪي وقت جي ضرورت آهي ۽ خاص طور جڏهن مسلم ليگ ايم ڪيو ايم سان گڏجي سنڌ حڪومت ٺاهي رهي آهي ته ميان نواز شريف کي سوچي سمجهي فيصلا ڪرڻا پوندا ته جيئن اهڙو ڪو تاثر سنڌين ۾ نه اڀري ته لاهور، اسلام آباد ۽ ڪراچي جي معرفت مٿن حڪومت پيو ڪري، جيڪر اهڙي تاثر کي ڪنهن به غلط حڪومتي فيصلي ذريعي هٿي ملي ته پوءِ پ پ ان کي Highlight ڪري نه ڪري پر سنڌي دانشور، اديب، شاعر، بيورو ڪريسي ۽ ميڊيا حڪومت جي عوامي مڃتا کي لوڏي ڇڏيندا، جيئن ڄام حڪومت سان ٿيو هو پر اهو سمجهڻ کپي ته اڄ 1997ع آهي، تنهن ڪري صورتحال 1990ع کان اڃا وڌيڪ خراب به ٿي سگهي ٿي.
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو