! آخري ملاقات جو آخري جملو
جمع 18جون 2004ع
جمع 18جون 2004ع
”منور سهروردي نامعلوم دهشتگردن هٿان قتل ٿي ويو.“ مون جڏهن ڪي ٽي اينتان اها خبر نشر ٿيندي ٻڌي ته ماضيءَ جي انهيءَ رومانوي جدوجهد وارن ڏينهن ۾ گم ٿي ويس، جڏهن بينظير ڀٽو صاحبه جي چوڌاري سپاف جا ڪارڪن سيڪيورٽي جو گهيرو ٺاهي رات ڏينهن جهرجهنگ ۾ هلندا وتندا هئا ۽ منور سهروردي بينظير صاحبه جي چيفسيڪيورٽي انچارج طور سپاف ڪارڪنن سان گڏ هلندو وتندو هو.
منور سهروردي سان منهنجي پهرين ملاقات به هڪ عجيب اتفاق هئي. مان1984ع ۾ لانڍي جيل مان مارشل لا ريگيوليشن 13 ۽ 33 تحت سمري ملٽري ڪورٽ طرفانمليل هڪ سال سخت پورهئي واري سزا پوري ڪري تازو ئي آزاد ٿيو هيس ته قمبر شهر ۾اڃا گهر اندر آزاد يءَ جو لطف پئي ورتم ته نياپو مليو فوري سينٽرل جيل ڪراچي پهچي وڃ،اتي ڪجهه باندي ساٿي توسان ڳالهائڻ چاهيندا. مان فوري طور ڪراچي سينٽرل جيل جيماڙي واري ملاقاتي ڪمري تي پهتس ته ٻاهر منور سهروردي منهنجو منتظر هو. رسمي دعاسلام بعد اسين قيدين جي ملاقات واري ڪمري ۾ آياسين، جتي اسير ساٿي صادق عمراڻي،مسرور احسن، شاهنواز شاني ۽ ٻيا ڪئين باندي مليا، جن مان صادق عمراڻي ۽ مسرور احسن مون کي چيو، جيئن ته ضياءَ مارشل لا انتظاميه پريس تي سينسرشپ هڻي ڇڏي آهي، اخبارون بندوق جي پاڇي هيٺ ٿيون شايع ٿين، اسان سوچيو آهي ته ڳجهه ڳوهه ۾هينڊ بل ۽ ٻيو مواد شايع ڪري عوام تائين پهچائجي ۽ تون ان ۾ مکيه ڪردار ادا ڪندي. وڌيڪ تفصيل توکي منور سهروردي ٻڌائيندو. اهڙي طرح مان ۽ منور سهروردي جيل کان نڪري پير الاهي بخشڪالوني جي هڪ ڪوارٽر نما گهر ۾ وياسين، جنهن لاءِ منور سهروردي ٻڌايو ته، هيءُمنهنجو گهر آهي. مان ۽ منور سڄي رات پنهنجي نئين ذميواري تي ويچاريندا رهياسين، آخرسڀ معاملا طئي ڪري اٿياسين. اهڙي طرح ضياءَ مارشل لا ۾ عوام کي فوجي راڄ دوران ٿيندڙ ظلمن ۽ زيادتين بابت ڳجهه ڳوهه ۾ شايع ٿيندڙ پمفليٽن، هينڊ بلن ۽ وال پوسٽرن ذريعيآگاهي ڏيندا رهياسين. ايئن منور سهروردي سان منهنجو تعلق وڌيڪ مضبوط ٿيندو ويو ۽جڏهن اپريل 1986ع ۾ بينظير ڀٽو صاحبه جلاوطني ختم ڪري لاهور ايئرپورٽ تي آئي تهمنور سهروردي سندس چيف سيڪيورٽي انچارج مقرر ڪيو ويو ۽ سپاف ۽ پي ايس ايف جاچند مکيه اڳواڻ بينظير ڀٽو صاحبه جي سيڪيورٽي لاءِ چونڊيا ويا. منور سهروردي کي آئون هڪ بيباڪ، نڊر ۽ ذهين دوستن ۾ شمار ڪندو هئس، جيڪي پنهنجي مشن سان پڪي پههمحبت ڪندا هئا. مون منور سهروردي کي سخت حالتن ۾ به مستعد ۽ بهادر ڏٺو، ڪڏهن بهبزدلي واري ڳالهه سندس زبان مان ڪو نه ٻڌم. دوستن سان ويهي مسئلي جي حل لاءِدانشمنداڻه دليل ڏيندو هو.
1988 واري پهرين پيپلز پارٽي واري دور اقتدار ۾ جڏهن ڪراچي ۽ حيدرآبادلساني باهه ۾ سڙي رهيا هئا، پيپلز اسٽوڊنٽس فيڊريشن ۽ ايم ڪيو ايم جي ذيلي شاگردن ونگ اي پي ايم ايس او جا ڪارڪن هڪ ٻئي جي ٺڪاڻن کي لبنان جي متحارب مليشيا گروپنجيان نشانو بڻائي رهيا هئا ۽ وري جڏهن پي ايس ايف ڪراچي جي صدر نجيب جي شهادتحالتن کي وڌيڪ خراب ڪيو ۽ جوابي ڪارروائي ۾ هڪ ٻئي جي ڪارڪنن کي هٿيارن جيزور تي اغوا ڪرڻ جون ڪارروائيون انتها تي پهتيون ته اهو منور سهروردي ئي هو، جنهنجي ڪوششن سان هڪ سگهاري شخصيت جي ٽياڪڙي ۾ هڪ ٻئي جا يرغمالي آزاد ڪياويا. منور سهروردي غربت سان گڏ زندگي جو اوج به ڏٺو. بينظير ڀٽو وزير اعظم طور کيس به آمريڪا، يورپ، عرب ملڪن سميت دنيا جي ڪيترن ملڪن جو دورو ڪرايو، پر پارٽيسربراهه پاران ايتري لفٽ ملڻ کان پوءِ به هن ۾ ڪا اهڙي تبديلي نه آئي، جو هو پنهنجا رويا تبديل ڪري ڇڏي، هميشه دوستن جو دوست رهيو. منهنجي ساڻس آخري ملاقات حيدرآباد ۾مرحوم حسين شاهه بخاري جي ورسي واري پروگرام ۾ ٿي. ملندي ئي ڄڻ ڀاڪرين پئجيوياسين. چيائين يار قادري ملندو ته ڪر، زندگي تي ڪهڙو ڀروسو. الائي ڇو ان ملاقات جو اهو هڪ ئي جملو مون کي ياد رهجي ويو، اهو ئي اسان جي آخري ملاقات جو آخري جملو هو. اڄ جڏهن منور سهروردي پاڻ دهشتگردي جو شڪار ٿيو آهي ته يقين ئي نٿو اچي تهماضيءَ ۾ بينظير ڀٽو صاحبه جي چوڌاري حفاظت جو بند ٻڌندڙ پاڻ غير محفوظ ٿي راهه رباني وٺندو، پر مون کي لڳي ٿو ته منور سهرورديءَ جو قتل سنڌ اندر ايندڙ هڪ وڏي طوفان جي نويد آهي
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو