Saturday, 22 November 2014

ذوالفقار گراماڻي

             اي ڊي چوڪ تي ڇا ٿيندو؟
                         
         آچر 11 مئي 2014ع

چونڊن کي اڃا سال به پورو ناهي ٿيو، جمهوريت کي پٽڙيءَ تان لاهڻ واريون ڪوششون شروع ٿي ويون آهن، اهڙي تبديليءَ جو اندازو ته خود جمهوري حڪمرانن کي به نه هو. موجوده حڪومت کي اڃا مشڪل سان هڪ سال پورو ٿيڻ وارو آهي ته،11 مئي واري تاريخ سامهون اچي وئي آهي. هن وقت هڪڙا ”سياست نه پر رياست بچايو“ جهڙا نعرا ورجائي رهيا آهن، ته ٻيا صرف 4 چونڊ تڪن جي نتيجن جي جاچ جو مطالبو ڪري رهيا آهن. ٻئي طرف وري شيخ رشيد جهڙا سندن اتحادي کلي عام چئي رهيا آهن ته هينئر واپس اچڻ لاءِ نه نڪرنداسين. شيخ رشيد ٽرين مارچ جو اعلان به لال حويليءَ واري جلسي ۾ ڪري چُڪو آهي. ان کان اڳ مسلم ليگ نواز کي اهو گهمنڊ هو ته، وٽن اهڙو ڳرو مينڊيٽ آهي، جو  ڪنهن جي به سهاري جي ضرورت ئي ڪانهي، پر هينئر ڳالهه اهڙي ڳري مينڊيٽ جي ناهي رهي. هينئر ته صورتحال اهڙي رهي آهي، جو ميان نواز شريف بهاولپور واري جلسي ۾ پاڻ ئي اهڙي احتجاج جو جواز پُڇندي چوڻ لڳو ته: ”هي احتجاج ڪرپشن جي خاتمي کي روڪڻ ۽ ترقيءَ جي رستا روڪ ڪرڻ جهڙو احتجاج آهي.“
ميان نوازشريف جي پارٽي جي منشور ۾ هو ته حڪومت ۾ اچڻ سان پنهنجي پاڙيسري ملڪن سان لاڳاپن ۾ بهتري آڻيندو. سندس وزير خرم دستگير هندستان کي ”موسٽ فيورٽ“ ملڪ قرار ڏيڻ واري عمل جي ويجهو پهچندي چيو پئي ته هندستان سان سڀ معاهده اهي ساڳيا آهن، جيڪي پيپلز پارٽي ئي ڪيا آهن. هن حڪومت ڪوبه نئون معاهدو ناهي ڪيو، ايتري قدر جو ”موسٽ فيوريٽ“ واري جملي ۾ به تبديلي ڪئي وئي آهي، پر نواز حڪومت اهڙي اعلان کان في الحال پوئتي هٽي وئي آهي. افغانستان جي مسئلي تي به حڪومت جي موقف ۾ پنڊيءَ جي راءِ کي اڳيان رکڻ اهم سمجهيو پيو وڃي، جڏهن ته پرويز مشرف واري مسئلي تي به ملاقاتن جو سلسلو هينئر تائين جاري آهي. حڪومت هينئر اهڙي ٻه واٽي تي آهي، جنهن کي ڀل ته پارليامينٽ ۾ ڪنهن جي به سهاري جي ضرورت نه هجي، پر پارليامينٽ کان ٻاهر بقول خود ميان نواز شريف جي ته: ”نه کيڏنداسين ۽ نه کيڏڻ ڏينداسين.“ جهڙو منظر لڳو پيو آهي.  جنهن ڊي چوڪ تي ميان شهباز شريف اڳوڻي صدر آصف زرداري کي الٽو ٽنگڻ جو اعلان ڪيو هو، ساڳئي چوڪ تي هاڻي عمران خان جي احتجاجي تحريڪ کان بچڻ لاءِکيس آصف زرداري جي ضرورت گهڻي نظر اچي ٿي.
هينئر تائين جي صورتحال ۾ حڪومتي ڌر سان پيپلز پارٽي، جميعت علماءِ اسلام، اسفند يار ولي جي اي اين پي، ڊاڪٽر مالڪ بلوچ جي نيشنل پارٽي جهڙيون پارٽيون ۽ ميڊيا جو هڪ سيڪشن گڏ بيٺل آهن ته ٻئي طرف عمران خان جي پاسي ڊاڪٽر طاهر القادري جي پاڪستان عوامي تحريڪ، مسلم ليگ (ق)، جماعت اسلامي، شيخ رشيد جي عوامي مسلم ليگ، پرويز مشرف جي اي پي ايم ايل ۽ ميڊيا جو هڪ سيڪشن نظر اچي ٿو. حڪومتي ڌر جي ڪئمپ ۾ نظر ايندڙ پارٽين جو خيال آهي ته، عمران خان 1977ع واري پي اين اي واري تحريڪ جو آغاز ڪرڻ وڃي رهيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ نه رڳو هڪ چونڊيل وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاسي ڏني وئي، پوءِ مارشل لا نافذ ٿيو ۽ ٻين ڊگهين ڪهاڻين به جنم ورتو. هن ملڪ جي تاريخ ۾ اهڙن ڀوائتن خوابن جي ڪري ئي مختلف پارٽيون عمران خان جي اهڙي تحريڪ کي به بذات خود هڪ وڏي ڌانڌليءَ سان تعبير ڪري رهيون آهن. عمران خان جمهوريت کي پهريائين ئي پٽڙيءَ تان لٿل قرار ڏئي تيزيءَ سان اهڙي ڪئمپ طرف وڃي رهيو آهي، جيڪا طاهر القادري جي نعري مطابق ته، ”سياست نه، پر رياست بچايو.“ واري دائري جي ڪئمپ آهي. ڊاڪٽر طاهر القادري جي پارٽي پاڪستان عوامي تحريڪ چونڊن ۾ حصو ناهي ورتو، هو هن نظام کي ئي خراب قرار ڏئي، ”انقلاب“ جا گيت ڳائي رهيو آهي. شيخ رشيد گذريل ڏينهن کان ئي بار بار چئي رهيو آهي ته، ”اسيمبليءَ کان هاڻي دل ڀرجي وئي آهي.“ ان ڪري عمران خان کي به اهڙي موقف طرف محسوس ڪندي چيو پيو وڃي ته اڳتي هلي، هو پنهنجي ئي خيبر پختون خوا واري اسيمبليءَ کي ختم ڪرائي، ملڪ ۾ حقيقي جمهوريت جي نالي تي موجوده سسٽم ۽ پارليامينٽ جي تڏا ويڙهه ڪرائي ڇڏيندو.  
عمران خان جي سياست کي گهرائي سان ڏسندڙن کي خبر هوندي ته، عمران خان بلندين تي پهچڻ جهڙا اعلان ڪري تيزيءَ سان واپس زمين تي اچي ويندو آهي. هينئر جيئن هو هڪ ميڊيا گروپ جي بائيڪاٽ جي مسئلي تي دبئي تائين ان جي مالڪ جي پٺيان وڃڻ جي ڳالهه ڪري رهيو آهي، ائين ئي هو ان کان اڳ ايم ڪيو ايم جي سربراهه الطاف حسين خلاف به لنڊن پهچڻ جا اعلان ڪري ڪوبه حتمي نتيجو حاصل ڪرڻ کانسواءِ ئي واپس ورڻ تي مجبور ٿيو. عمران خان انهيءَ کان اڳ نيٽو سپلاءِ بند ڪرائڻ تائين ڌرڻا جاري رکڻ جو اعلان به تڙ تڪڙ ۾ ڪري چڪو هو. ان بعد هن چيو هو ته،”چونڊن ۾ ڌانڌليءَ جا ثبوت پيش ڪنداسين“ پر هن اهي به سامهون نه آندا. انهيءَ ڪري سندس سياست کي جذبات جي دائري ۾ ڏٺو پيو وڃي. حقيقت ۾، جتي سندس مطالبو چونڊن ۾ ڌانڌليءَ کي پڌرو ڪرڻ يا اليڪشن ڪميشن جي جوڙ جڪ جو نظر اچي ٿو، اتي ئي سندس پارٽي يا سندس اتحادي شيخ رشيد جو زور لوڊ شيڊنگ تي ڳالهائڻ تي نظر اچي ٿو. عمران خان جي ڪئمپ چئي پئي ته، ”حڪومت اسان جي احتجاج کي سامهون رکندي، لوڊ شيڊنگ ۾ گهٽتائي جو اعلان ڪيو آهي.“ چوڻ جو مقصد ته اليڪشن ڪميشن ۽ چئن حلقن جي جاچ کان وڌيڪ معاملو لوڊ شيڊنگ به بڻجي ويو آهي، جنهن ڪري عمران خان لوڊ شيڊنگ ۾ گهٽتائي کي پنهنجي پهرين ڪاميابي قرار ڏئي ٿو. 
هينئر صورتحال ڪهڙو به رُخ اختيار ڪري، عمران خان جون ڪهڙيون به وضاحتون سامهون اچن، پر هينئر تائين جي ماحول ۾ عمران خان پارليامينٽ کان ٻاهر وڌيڪ اثرائتو مخالف ڌر جي اڳواڻ طور سامهون آيو آهي. جڏهن ته عمران خان جي نيت ڪيتري به صاف شفاف هجي، پر عمران خان جي احتجاج، ڌرڻي يا خالي جلسي ميان نواز شريف کي مقابل ڌرين جي سامهون ڪمزور پوزيشن ۾آڻي بيهاريو آهي.  



No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو