! ٿڌ ۽ ڪراچي ۾ دهشتگردي جي گرمي
خميس 09 جنوري 2014ع
خميس 09 جنوري 2014ع
ملڪ سڄو سياري جي ٿڌ جا مزا وٺي رهيو آهي ۽ شام ٿيندي ئي ماڻهو گرم ڪپڙن ۾ ويڙهجي، گرم کاڌا کائڻ ۾ مصروف ٿي لطف اندوز ٿي رهيا آهن پر ڪراچيءَ وارن جي لاءِ ته جهڙو اونهارو تهڙو ئي سيارو، بلڪه جيئن سياري دوران هڪ ڀيري ٿڌ ۾ واڌ محسوس ٿئي پئي، ساڳي طرح ڪراچيءَ ۾ هن سرد موسم سان گڏو گڏ دهشتگرديءَ ۾ به واڌ محسوس ٿي رهي آهي ۽ سال جي پهرين مهيني جي رڳو پهرين هفتي ۾ 50 کان وڌيڪ شهري ڪراچي۾ دهشتگرديءَ جو کاڄ بڻجي ويا آهن!گذريل سال 2013ع ۾ دهشتگردن پنهنجو ئي 18 سالن جو دهشتگردي جو رڪارڊ ٽوڙيندي ڪراچيءَ ۾ دهشتگردي ڪندي گذريل سالن جي ڀيٽ ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ وڌيڪ ماڻهو ماريا هئا پر هن سال جي شروعات جي پهرئين هفتي ۾ ظالماڻين ڪاررواين ۽ ٽارگيٽ ڪلنگ جي صورتحال ڏسي الائي ڇو لڳي ٿو ته دهشتگرد هلندڙ سال ڪراچي ۾ وري ڪو نئون رڪارڊ ٺاهيندا! سومر ۽ اڱاري جي وچ واري رات گلشن معمار واري علائقي ۾ به دهشتگردن اهڙي بربريت واري واردات ڪئي آهي جو ماڻهن جا لڱ ڪانڊارجي وڃن ٿا. گلشن معمار ۽ ان جي ڀرپاسي واري علائقي جو توهان کي ٿورو پسمنظر ٻڌائيندو هلان ته گلشن معمار، سهراب ڳوٺ، الآصف اسڪوائر، احسن آباد، نيو سبزي منڊي ۽ جنجال ڳوٺ ..... اهي سڀ علائقا ڪنهن نه ڪنهن طرح سان رستن ذريعي هڪٻئي سان ڳنڍيل آهن ۽ نه رڳو رستن ذريعي پر ٿورن ٿورن ٽڪرن کانسواءِ انهن علائقن جي اڪثر آبادي افغانين، پشتون ۽ فارسي بيلٽ جي پٺاڻن ۽ انهن جي ئي ٻين برادرين تي مشتمل آهي، جڏهن ته انهن علائقن ۾ وري وڏا وڏا فارم هائوس ميمڻن ۽ ٻين ملڪيتن وارن ماڻهن جا آهن ۽ اهو به توهان کي ٻڌائيندو هلان ته طالبان جو گهڻو زور به انهن علائقن ۾ آهي، جنهن سبب هڪ طرف ته فارم هائوسن جي مالڪن جو ڪاروبار ٺپ ٿي ويو آهي، ڇو ته جيڪو ماڻهو فيملي سان گڏ به ان طرف فارم هائوس تي وڃي ٿو ته طالبان اتي پهچي وڃن ٿا ۽ هر هڪ ماڻهوءَ بابت پڇاڳاڇا ڪن ٿا، جڏهن ته انهن علائقن ۾ پوليس ڏينهن جي روشنيءَ ۾ نالي ماتر توهان کي نظر ايندي پر شام جو سج جي ڳاڙهاڻ ٿيندي ئي انهن علائقن مان پوليس نڪري پنهنجي محفوظ هنڌن يعني ٿاڻن تي گڏ ٿي ويندي آهي ۽ سج لٿي کانپوءِ انهن علائقن تي رڳو طالبان جو راڄ هوندو آهي!! پوليس آفيسر ڀلي ڪهڙيون به دعوائون ڪن، پر اها حقيقت آهي ۽ انهن علائقن ۾ ٿيندڙ قتلن ۾ ملوث ملزم به گرفتار ناهن ٿيندا. توهان کي ويجهن ڏينهن ۾ جنجال ڳوٺ ۾ ٿيندڙ قصو ٻڌايان ته اتي هڪ همراهه سڄي پاڙي جي سامهون پنهنجي زال ۽ ڌيءُ کي قتل ڪيو، پوليس کي به خبر هئي ۽ پوليس پهرين ته اتي پهچي ملزم کي هٿ ٻڌي پوسٽ مارٽم ڪرائڻ لاءِ اتان ماءُ ڌيءُ جا لاش کڻي اسپتال پهچايا ۽ پوءِ ملزم کي گرفتاري ڏيڻ لاءِ منٿون ڪندي رهي پر هن نه مڃيو ۽ چيو ته اسان پاڻ ۾ فيصلو ڪنداسين، يعني قانون نه رڳو انهن علائقن ۾ ملزمن اڳيان مجبور آهي پر ڪراچي جي ٻين گهڻن علائقن ۾ به قانون ملزمن اڳيان مجبور آهي، ڪٿي طالبان اڳيان، ته ڪٿي انڊر ورلڊ گروپن اڳيان، ته ڪٿي وري سياسي مافيائن ۽ قبضا گيرن اڳيان!!
ڪراچي ۾ جاري دهشتگرديءَ خلاف وفاقي حڪومت جي مداخلت بعد پوليس ۽ رينجرز ذريعي ٽارگيٽڊ آپريشن شروع ڪيو ويو آهي، جنهن کي 5 مهينا گذري چڪا آهن ۽ آپريشن دوران گرفتارين جو انگ ته هزارن ۾ آهي پر ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ گهٽتائي پوائنٽ مائنس ۾ به ناهي!! ٽارگيٽ ڪلنگ سياسي ڪارڪنن جي هجي، مذهبي تنظيمن سان تعلق رکندڙن جي يا وري پوليس اهلڪار هجن، هاڻي ته طالبان بي ڏوهي ۽ غيرجانبدار پورهيتن کي سرعام ڪهي قتل ڪري رهيا آهن، ڦرلٽ، ذاتي دشمنين تان قتل، ڀنگ لاءِ اغوا توڙي ٻيا ڏوهه الڳ آهن. مطلب ته هن جاري نام نهاد آپريشن دوران ڪنهن هڪ ڏوهه ۾ به گهٽتائي ناهي آئي!!
اڄڪلهه اهي خبرون ٻڌڻ ۾ اچن پيون ته ڪراچي آپريشن جو فائنل رائونڊ شروع ٿيڻ وارو آهي.... سوچڻ وارا مٿي کي ٻئي هٿ ڏئي سوچڻ تي مجبور آهن ته آپريشن جي ان فائنل رائونڊ ۾ آخر ڇا ٿيندو؟ ڇو ته آپريشن جي چئن مهينن جي چئن رائونڊن ۾ ته ڪراچيءَ جي حالتن تي ڪو فرق نه پيو، ڪنهن به قسم جو ڪو ڏوهه ختم ته ڇا پر گهٽ به نه ٿيو ته پوءِ حڪومت فوري طور آپريشن جي فائنل رائونڊ تي ڇو پهچي وئي آهي ۽ ان رائونڊ ۾ آخر اهڙو ڇا ٿيندو، جيڪو چئن رائونڊن ۾ نه ٿي سگهيو ۽ هن فائنل رائونڊ ۾ اهو ڪجهه ٿيندو جو امن ٿي ويندو! جيڪڏهن حڪومت واقعي به ڪراچي آپريشن جي فائنل رائونڊ ۾ وڃي پئي ته پوءِ گهٽ ۾ گهٽ گذريل چئن مهينن جي آپريشن جو حڪومت کي اڀياس ضرور ڪرڻ گهرجي ته انهن چئن مهينن جي آپريشن دوران ڪراچي ۾ هٿيارن جي اسمگلنگ ڪندڙن جو ڇا ٿيو؟ هٿيارن جا ڪيترا اسمگلر گرفتار ٿيا؟ ڪيترا هٿيار هٿ ڪيا ويا؟ ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ ملوث سياسي تنظيمن جي ويڙهاڪ ٽولن جا ڪيترا ٽارگيٽ ڪلر گرفتار ٿيا ۽ عوام کي ٻڌايو وڃي ته انهن جو تعلق ڪهڙين تنظيمن سان آهي. قبضا ڪيترا ڇڏرايا ويا ۽ ڪيترا قبضا گير گرفتار ٿيا؟ جڏهن ته حالت اها آهي ته قبضا گير اڄ به قبضو ڇڏائڻ لاءِ ايندڙ پوليس اهلڪارن کي گوليون هڻي شهيد ڪري رهيا آهن، جنهن جو مثال سچل جي شاهنواز شر ڳوٺ جو آهي، جتي ڳوٺ کان وڌيڪ اضافي ڪيل قبضو ڇڏائڻ لاءِ آيل اهلڪارن تي قبضا گيرن فائرنگ ڪئي، جنهن ۾ هڪ پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويو. چئن مهينن جي آپريشن کان پهرين ۽ اڄ به لياريءَ جي حالت ساڳي آهي. فرق پيو آهي ته اهو ته آپريشن دوران لياري انڊر ورلڊ ٻن گروپن ۾ ورهائجي وئي ۽ اتي خونريزي وڌي وئي، هڪ گروپ هجڻ وقت لياري انڊر ورلڊ جو جهيڙو هڪ سياسي تنظيم سان شروع ٿيو هو، آپريشن دوران لياري ۾ ٻه گروپ ٿي ويا ۽ هنن جو جهيڙو پاڻ ۾ شروع ٿي ويو ۽ لياري ۾ مار ڌاڙ وڌي وئي. اهو آهي لياري ۾ آپريشن جو نتيجو!!
مطلب ته حڪومت ۽ پوليس کي هاڻي بجيٽ جي انگن اکرن واري جادوگري کي ڇڏي ڪراچي جي شهرين کي حقيقت، پنهنجون ڪاميابيون ۽ ناڪاميون ٻڌائڻ گهرجي، باقي ڪراچي جي شهرين کي بدامني خلاف ڪراچي آپريشن وارو لالي پاپ کارائڻ بند ڪرڻ گهرجي، ڇو ته ڪيئي ڀيرا پهرين به چئي ۽ لکي چڪو آهيان ته مافيائن جي خلاف ڪٿي به آپريشن ايئن ٿيندا ئي ناهن. آپريشن کان اڳ انهن مافيائن خلاف اتان جي عوام ۾ نفرت پئدا ڪري پاڻ سان ملايو ويندو آهي پر هتي الٽو ئي چڪر آهي. جن خلاف ٽارگيٽڊ آپريشن ڪيو پيو وڃي، اهي چونڊون پيا کٽن ۽ جلسا پيا ڪن، جيڪي آپريشن ڪن پيا اهي وري پنهنجي ٽولي کي من پسند ٽڪيٽون ڏئي کٽرائي پيا اچن، قبضا گيريءَ خلاف آپريشن ته ڪبو پر قبضا گيري ڇڏبي به ڪانه، منشيات فروش ۽ هٿيارن جا اسمگلر همدرد اتحادي رهندا، جڏهن ته ڀتن لاءِ علائقا ورهائي کڻبا!! ته پوءِ ڇا جو آپريشن، ڇا جي ڪارروائي؟ جڏهن ڪراچيءَ ۾ آپريشن شروع ڪيو ويو هو ته گهڻا ئي ماڻهو خوشفهمي ۾ اچي ويا هئا ته هن ڀيري حڪومت سنجيده لڳي ٿي پر مان ان وقت به چيو هو ۽ هينئر به چوان ٿو ته خوشفهمي ۾ نه رهو، ان آپريشن سان نه ڪجهه ٿيو آهي، نه ڪجهه ٿيڻو آهي.
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو