سنڌي پريس ۽ سنڌ ڪارڊ
محترمه وزيراعظم جي نظر ۾
محترمه وزيراعظم جي نظر ۾
پ پ جي سنڌ ڪائونسل جي لاڙڪاڻي ۾ ٿيل اجلاس بابت ڪاوش جي عيوضي معشوق اوڍاڻي ذريعن وٽان خبر ڏني آهي ته وزيراعظم بينظير ڀٽو تقرير ڪندي چيو آهي ته سنڌي پريس اسان جي خلاف ٿي وئي آهي، محترمه اهو به چيو ته سنڌ ڪارڊ اڄ به اسان وٽ آهي، ”محترمه وزيراعظم جون هي ٻئي ڳالهيون حيرت جوڳيون به آهن ۽ غور طلب به، ڇاڪاڻ ته محترمه وزيراعظم ٻئي ڳالهيون ڪنهن سبب ۽ دليل ڄاڻائڻ کانسواءِ ڪيون آهن، بهر حال ڇاڪاڻ ته اهي ٻئي ڳالهيون ڪنهن عام ماڻهوءَ نه پر ملڪ جي وزيراعظم ڪيون آهن، تنهن ڪري انهن جون جائزو وٺڻ ضروري آهي ـ
سنڌي پريس
هتي سنڌي پريس جي اصطلاح تي ٻيهر بحث مناسب نه ٿيندو، ڇاڪاڻ ته آئون پنهنجي اڳئين مضمون ”سنڌي پريس- اسان جو ڪنهن سان نڪاح ٿيل ناهي“ ۾ ان بابت تفصيل سان لکي چڪو آهيان ته اهو اصطلاح حڪومت لاءِ ڇاڪاڻ ته فائديمند ٿئي ٿو، تنهن ڪري اها اصلي سنڌي اخبارن (جن جو تعداد تمام گهٽ آهي) جو ذڪر ڪرڻ بدران سنڌي پريس چئي سڀني کي هڪڙي لائين ۾ بيهاري ڇڏي ٿي ـ
۽ بقول سهيل سانگي جي ته اسان کي حڪومت ”هاري پريس“ سمجهي ٿي، تنهن ڪري اسان سان سلوڪ به اهو ئي ڪيو وڃي ٿو، جيڪو وڏيرو پنهنجن هارين سان ڪري ٿو، پر بهرحال حڪومت جي سمجهڻ سان ڇا ٿو ٿئي، ڇاڪاڻ ته Genuine سنڌي اخبارون ايتريون سگهاريون ٿي ويون آهن جو ملڪ جي وزيراعظم ۽ اها به بينظير ڀٽو کي انهن جو خيال اچي ويو آهي، اها بينظير ڀٽو جنهن جو ڪنهن وقت ۾ چوڻ هو ته ”آئون سنڌي اخبارن جي مجبوري آهيان، اخبارون منهنجي مجبوري ناهن“ سو اڄ ساڳيءَ محترمه وزيراعظم ”سنڌي پريس“ جو اصطلاح استعمال ڪري ئي سهي پر ان ڳالهه جو اعتراف ڪيو آهي ته کيس سنڌي اخبارن جي ضرورت آهي، باقي جيڪڏهن هڪڙي صلاح محترمه اڃا مڃي ته کيس مستقبل ۾ پريس بابت راءِ جوڙڻ ۾ اڃا آساني ٿيندي جو هوءَ سڄي سنڌ ۾ يا پوءِ Test Caseطور پنهنجي اباڻي شهر لاڙڪاڻي ۾ ئي سروي ڪرائي وٺي ته ڪهڙي اخبار واقعي سرڪيوليشن رکي ٿي ۽ جي محترمه اها صلاح مڃي ورتي ته پوءِ کيس اهو اندازو تمام سولائي سان ٿي ويندو ته سنڌ ۾
Effective Media
ڪهڙي آهي ـ
اچو ته هاڻ اصل موضوع ڏانهن اچون ته ڇا سنڌي ميڊيا واقعي وزيراعظم چواڻي ته سندس خلاف آهي؟ منهنجو ذاتي خيال آهي ته ائين ناهي ته سنڌي ميڊيا سندس خلاف آهي پر اها ڳالهه پنهنجيءَ جاءِ تي حقيقت آهي ته اها ميڊيا محترمه وزيراعظم جي اتحادي يا همدرد به ڪانهي، اِها اُها باريڪ لائين آهي جنهن کي سمجهڻ جي ضرورت آهي، در اصل اسان وٽ حڪومت توڙي سياسي اڳواڻن جي اڪثريت جو خيال هوندو آهي ته جيڪڏهن پريس سندن دوست ناهي ته پوءِ يقينن سندن مخالف هوندي، اها سوچ در اصل ميڊيا بابت اڻ ڄاڻائيءَ جي ڪري پيدا ٿئي ٿي. ڇاڪاڻ ته جيڪو به ماڻهو اهو ڄاڻي ٿو ته پروفيشنل بنيادن تي نڪرندڙ اخبار ممڪن حد تائين Objective رهڻ جي ڪوشش ڪندي آهي تنهن ڪري اها اخبار يا ان ۾ ڪم ڪندڙ ڪيئن ڪنهن ڌر يا شخص جا دوست يا دشمن ٿي سگهن ٿا پر اسان جنهن شخصيت جي ڪيل تبصري کي اڄوڪي بحث جو موضوع بڻايو آهي سا هڪ تعليم يافته شخصيت آهي ۽ اها توقع نه ٿي ڪري سگهجي ته محترمه بينظير ڀٽو کي ڪو ميڊيا بابت اها بنيادي نوعيت جي معلومات نه هوندي، ڇاڪاڻ ته محترمه ڊگهي عرصي کان سياست ۾ هجڻ ڪري پرڏيهي توڙي ڏيهي ميڊيا سان لهه وچڙ ڪندي رهي آهي ۽ خود ميڊيا جي موضوع تي سندس لکيل هڪ کان وڌيڪ مضمون اخبارن ۾ ڇپجي چڪا آهن، تنهن ڪري اسان کي اهو از خود يقين ڪرڻ گهرجي ته محترمه اها ڳالهه ميڊيا جي ڪردار کان اڻڄاڻائيءَ جي سبب ڪري نه چئي هوندي، باقي اهو ٿي سگهي ٿو ته ڏيهي ميڊيا سان ڏي وٺ ڪندي کيس اهو تجربو ٿيو هجي ته ميڊيا پنهنجي يا پرائي ٿيندي آهي ۽ شايد انهيءَ تجربي جي آڌار تي محترمه 1993ع جي چونڊن ۾ سنڌي ميڊيا سان واڳيل ٻن شخصيتن کي ايم اين اي ۽ ايم پي اي ڪيو. هڪ سنڌي اخبار پنهنجي خرچ تي ڪڍرائي، جنهن جو هاڻ به خرچ سرڪار ڀري رهي آهي ۽ ان کانسواءِ ڪيترين ئي ڊمي سنڌي اخبارن کي لکن ۽ ڪروڙين رپين جا اشتهار ڏنا پيا وڃن ته جيئن اهي اخبارون ”پنهنجن“ وارو ڪردار ادا ڪنديون رهن. ميڊيا سان لاڳاپيل ماڻهو يقينن سمجهي رهيا هوندا ته منهنجو اشارو ڪهڙين اخبارن ڏانهن آهي پر مون کي اها ڳالهه نه پئي سمجهه ۾اچي ته جڏهن سرڪار ٽن سالن کان ايترين اخبارن (جن جي سرڪيوليشن نه اڳ ۾ هئي ۽ نه ئي اڄ آهي) کي راضي رکيو اچي ته پوءِ محترمه جو اشارو ڪهڙي سنڌي ”پريس“ ڏانهن آهي؟،جيڪا بقول ان جي سندس مخالفت ڪري رهي آهي ۽ جڏهن انگن جي اعتبار کان 95 سيڪڙو سنڌي اخبارون سندن پنهنجيون آهن ته پوءِ کين باقي ڪنهن اخبار جي ڇو پرواهه هجڻ کپي، شايد ان جو سبب هي آهي ته پنجانوي سيڪڙو اخبارن جي سرڪيوليشن سنڌ ۾ وڪامجڻ سنڌي اخبارن جو 10 سيڪڙو به ڪونهي شايد اها محترمه جي مجبوري آهي ته هوءَ اهو ڄاڻڻ جي باوجود به سنڌي پريس جو اصطلاح استعمال پئي ڪري جيئن کيس معاملا ميرٽ تي ڏسڻا نه پئجي وڃن ـ
1991ع ۾ تڏهوڪي سنڌي نيوز پيپرز ايڊيٽرز ڪائونسل جي ميمبرن جي مان ۾محترمه بينظير ڀٽو بلاول هائوس ۾ ناشتو ڪيو، جنهن ۾ بينظير ڀٽو (کيس هاڻ شايد ياد نه هجي پر مون کي ياد آهي) اٿندي ئي چيو هو ته”هم آپ سنڌي پريس ڪو شڪريه ڪهتي هين، ڪي آپ همارا ساٿ دي رهين هين“، جنهن جي موٽ ۾ مرحوم فقير محمد لاشاري کيس چيو هو ته اسين توهان جو نه پر صحيح ڳالهه جو ساٿ ڏئي رهيا آهيون. محترمه شايد فقير محمد لاشاري جي ڳالهه کي هڪ دانشور جو ڊائلاگ سمجهيو هجي پر ڇا اها حقيقت نه آهي ته جڏهن (ڄام صادق دور جيان) ماڻهن کي سياسي يا ذاتي مخالفت جي ڪري پوليس هٿان بيعزتيون ۽ ڪجهه موقعن تي مارايو وڃي ٿو ته اهو ڪيئن ممڪن آهي ته پيشه ور صحافي اها خبر نه ڏئي يا جڏهن مهانگائي، بيروزگاري ۽ امن امان جون حالتون برداشت کان ٻاهر ٿين ته هڪ بااصول مضون نگار ويهي حڪومت جي ثنا خواني ڪري، اهو ڪيئن ممڪن آهي يا حڪومت جو هر بيان غير جانبدار اخبار ڇپي پر مخالف ڌرجي حڪومت تي تنقيد کي بليڪ آئوٽ ڪري ڇڏي! منهنجي خيال ۾ محترمه کي هڪ ٽانگا پارٽي واري ليڊر کان سوچ مختلف ڪرڻ کپي، ڇاڪاڻ ته هوءَ هڪ پڙهيل لکيل وڏي پارٽي جي تجربيڪار سياستدان آهي، کيس هاڻ اهو هضم ڪرڻ کپي ته پيشه وراڻا ايپروچ صرف انگريزي يا پرڏيهي اخبارن جي ميراث ناهي پر سنڌي ميڊيا جي ڪنهن اخبار ۾ به اچي پئي سگهي ۽ گڏوگڏ کيس ميڊيا ۾ ٿوري ئي سهي پر آيل ان پروفيشنل ايپروچ جي حوصلا افزائي ڪندي ذهني ۽ دلي طور تي اظهار جي آزادي جو ٻئي کي مليل حق تسليم ڪرڻ گهرجي ۽ اخبارن ۾ پنهنجن ۽ پراون واري سوچ کي به ختم ڪرڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته پنهنجيون يا مخالف صرف اهي اخبارون ٿينديون آهن، جيڪي پروفيشنل سوچ سان نه نڪتيون هجن ۽ ظاهر آهي ته اهي ڪنهن سياسي پارٽي لاءِ ائين به ڪارآمد نه ٿيون رهن، ڇاڪاڻ ته انهن اخبارن کي پڙهي ڪو به نه ٿو، تنهن ڪري محترمه کي اها صلاح هڪ ڀيرو وري ورجائي ڏجي ٿي ته اخبار جيڪا واقعي به اخبار هجي تنهن کي لالچ ڏئي يا داٻو ڏئي پنهنجو ڪرڻ جو دور ختم ٿي ويو، باقي سڄي دنيا ۾ سياسي پارٽيون ميڊيا مئنيجمينٽ ڪنديون آهن ۽ اهو حق پيپلز پارٽي سوڌو سمورين پارٽين کي هجڻ کپي ـ
سنڌ ڪارڊ
محترمه وزيراعظم چيو آهي ته سنڌ ڪارڊ اڄ به اسان وٽ آهي ته پهرين ته اها ڳالهه کڻي فرض ڪري به وٺجي ته واقعي به ”سنڌ ڪارڊ“ محترمه وزيراعظم وٽ آهي ته اتان ئي اهو سوال پيدا ٿئي ٿو ته هن مرحلي تي وزيراعظم ڪنهن کي مخاطب ٿي اها ڳالهه چئي آهي؟ ڇا هي اهي ساڳيون ڌريون آهن جن کي محترمه جي پنهنجن لفظن ۾ ”ڏيکارڻ لاءِ“ هن راولپنڊي ۾ مير مرتضيٰ جو چاليهو ڪرايو هو؟، ”سنڌ ڪارڊ“ کي هر ڀيري انهن کي ئي ڏيکارڻ لاءِ ”شو“ڪيو ويندو رهيو آهي ۽ اڄ تائين هن ڪارڊ حڪم جي پتي وارو ڪردار ادا ڪيو آهي، سنڌ ڪارڊ در اصل ان سياسي ايڪوئيشن جي پيداوار آهي جنهن ۾ هڪ طرف جي ايم سيد بيٺل هو ۽ ٻئي طرف ذوالفقار علي ڀٽو هو، 1971ع کان اڳي ملڪي سياست ۾ اوڀر پاڪستان جو ڪارڊ کيڏيو ويندو هو ۽ ان ڪارڊ جيتوڻيڪ جلوا ته وڏا ڏيکاريا پر ڪارڊ جي مخالفن بنهه ابتي راند ڪئي هئي، جنهن جي نتيجي ۾ اوڀر پاڪستان جو ڪارڊ ۽ ان جا کيڏندڙ راند کان ئي ٻاهر ٿي ويا هئا، جنهن ڳالهه تي رڳو عوام ئي پڇتائيندو رهيو، ڇاڪاڻ جو اوڀر پاڪستان جو عوام سياسي طور تي وڌيڪ سرگرم ۽ باشعور هجڻ ڪري اولهه پاڪستان جي عوام جو ڀرجهلو هو ۽ عوام جي مينڊيٽ ۽ مرضي کي چيڀاٽڻ جي خواهش رکندڙن جي راهه ۾ اها ڳالهه وڏي رڪاوٽ هئي، پوءِ وارين حالتن ۾ جي ايم سيد جي سياست سنڌ ڪارڊ متعارف ڪرايو، جيڪو نين حالتن ۾ بنهه اثرائتو ڪارڊ ثابت ٿيو، جنرل ضياءَ جي مارشل لا کانپوءِ جڏهن پيپلزپارٽي اقتدار ۾ آئي ته ان ۾ جيترو عوام جي مينڊيٽ جو عمل دخل هو اوتري جو اوترو ”سنڌ ڪارڊ“ پنهنجو ڪم ڏيکاريو هو ۽ جڏهن پ پ جي حڪومت کي ييلو ڪارڊ ڏيکاري ميدان مان ٻاهر ڪڍيو ويو هو ته هر سطح تي اها ڳالهه محسوس ڪئي وئي هئي ته سنڌ جي مرضي کي رد ڏنو ويو آهي، اڳتي هلي جڏهن نواز شريف جي حڪومت جي بحالي لاءِ سپريم ڪورٽ فيصلو ڏنو هو ته ان وقت جو جسٽس ( هاڻ جو چيف جسٽس) سيد سجاد علي شاهه پنهنجي اختلافي فيصلي ۾ اها ڳالهه چوڻ کان رهي نه سگهيو هو ته جڏهن سنڌ مان چونڊجي آيل وزيراعظم جي حڪومت ختم ڪئي وڃي ٿي ته ان کي بحال نه ٿو ڪيو وڃي ۽ راند جا اصول ئي مٽايا وڃن ٿا، مطلب ته سنڌ ڪارڊ پنهنجي موجودگي سڌي يا اڻ سڌي طرح ڪيترين ئي جاين تي ڏيکاري ۽ پنهنجي حيثيت مڃائي. محترمه وزيراعظم هن کان اڳي پاڻ ان ڪارڊ جي موجودگي کان به انڪار ڪندي آئي،جڏهن ته ان جي عيوض کيس جيڪي ثمر ملندا آيا آهن تن کي سادگي سان قبول ڪندي آئي، پنهنجي گذريل ٻن اهم تقريرن ۾ محترمه کي سنڌ ڪارڊ جي شدت سان يادگيري آئي آهي ۽ هن ان کي پنهنجي سموري سامان ۾ ڏاڍو ڳوليو آهي پر ڪارڊ گم آهي! هن جو ڀاءُ مير مرتضيٰ ڀٽو جيتوڻيڪ پنهنجي جيئري اهو چئي ويو هو ته هن اهو ڪارڊ پنهنجي ڀيڻ جي پرس مان ڪڍي ورتو آهي، سندس جيئري نه ان ڳالهه تي ٻئي ڪنهن کي ويساهه آيو هو ۽ نه محترمه کي پاڻ کي، هن وقت جڏهن پيپلزپارٽي جي سموري سامان ۾ اهو ڪارڊ ڪٿي به هٿ نه اچي سگهيو آهي ته محترمه بنا ڪارڊ جي ئي راند کيڏڻ شروع ڪري ڏني آهي. هن جڏهن چيو ته فلاڻا فلاڻا عمل ڪري صوبن کي ڪهڙو پيغام ڏنو پيو وڃي ۽ ”ڀٽي جي قاتلن کي ڏيکارڻ لاءِ راولپنڊي ۾ جلسو ڪيم“ ته انهن ڳالهين سندس مخالف رانديگرن ۾ اها گهربل ڦڙڦوٽ ڪا نه وڌي، جيڪا هن کان اڳي نظر ايندي رهي آهي، جيتوڻيڪ هن مرحلي تي محترمه وزيراعظم اڻ سڌي طرح ان ڪارڊ جي استعمال جو ذڪر ڪندي هاڻ نيٺ واضح لفظن ۾ به اهو چئي ڇڏيو آهي ته سنڌ ڪارڊ هن وٽ موجودآهي ۽ هن اهو سنڀالي به رکيو آهي پر پيپلزپارٽي جي سامان ۽ صندوقن ۾ ڳولا ڪرڻ بعد وکريل سامان اهو صاف ٻڌائي رهيو آهي ته ”سنڌ ڪارڊ“ گم ٿي ويو آهي ـ
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو