Saturday, 22 November 2014

علي قاضي

            اظهار جي دلفريب آزادي ۽
                    المين جا دائرا
 آچر 9 جون 1996ع



آزاد پريس ته ٺيڪ پر .......

مون کي اڳوڻي چيڪو سلواڪيا جي هڪ ڊراما نويس جو جملو ياد اچي پيو، جيڪو هن صحافين سان ڳالهائيندي چيو هو ته



I’m with you on free press but it’s           
th news peper’s I can’t stand.    

(آزاد پريس هجڻ گهرجي، ان ڳالهه تي توهان سان گڏ آهيان پر اصل ۾ اهي اخبارون آهن، جيڪي مون کان برداشت نه ٿيون ٿين) اهڙو ”شاندار“ خيال ڏيندڙ چيڪ ناٽڪ نگار جيڪڏهن اسان جي ملڪ ۾ هجي ها ته يقينن هڪ ڪامياب سياستدان هجي ها، ڇاڪاڻ ته اسان جي ملڪ ۾به سياستدانن جي اڪثريت آزاد پريس جي خلاف ناهي پر در اصل اخبارون کين نه ٿيون وڻن، هاڻ اهو سوچڻ ظاهر آهي ته پريس انڊسٽري جي ماڻهن جو ئي ڪم آهي ته هو سياستدانن جي اهڙي جمهوري خيال سان ڪيترو متفق آهن ۽ منٿن ميڙن ذريعي سندن ان سوچ ۾ ڪيتري تبديلي آڻي سگهن ٿا پر جيڪڏهن اسين پنهنجي ڏيهي سياستدانن جي نقطه نظر سان معاملن کي ڏسون ته اهي چيڪ ناٽڪ نگار جيترا تنگ نظر محسوس نه ٿيندا ڇاڪاڻ ته اهي واقعي ۾ آزاد پريس هجڻ جا حامي هجڻ سان گڏوگڏ ضرورت سارو ۽ وقت سارو خود اخبارن کي به برداشت ڪندي کين لکڻ واري ”عياشي“ جي اجازت ڏين ٿا، مثال طور جڏهن ملڪ ۾ فوجي سولين آمريت هوندي آهي ته جمهوريت، گهڻن ئي ليڊرن کي تمام گهڻي ياد ايندي آهي ۽ هو پورو زور هڻندا آهن ته اخبارن کي لکڻ جي آزادي ملي پر جيئن ئي اهي ئي ليڊر صاحب پاڻ اقتدار ۾ ايندا آهن ته پاڪستاني فلمن جي هيروز جيان سندن يادداشت گم ٿيو وڃي ۽ هنن کان به ”اخبارون برداشت نه ٿيون ٿين“ پر وري يڪدم جيڪا ڌر اقتدار مان نڪري مخالف ڌر ٿي بڻجي ان کي صحافت جي آزادي جو صحافين کان وڌيڪ اونو ٿيو پوي ۽ ائين اهو سلسلو تاحال جاري ۽ ساري آهي ـ

جڏهن کان اسان جي ملڪ ۾ جمهوريت آئي آهي يا الائي جمهوريت جي اچڻ جو صرف سرڪاري پڌرائي ذريعي ڄاڻ ڏني وئي آهي، تڏهن کان ڪجهه ڳالهائڻ ۽ ڪجهه ٻڌڻ جي آزادي به نصيب ٿي آهي پر اقتدار ڌڻين جمهوري فلسفي ۽ اٺين ترميم جيان هڪ ترميم ڪري ورتي آهي، جنهن موجب”ماڻهو ڀلي رڙيون ڪندا رهن پر سندن رڙين تي ڪن نه ڏبو“ جيڪڏهن ڪو پرڏيهه مان اچي ڏسندو ته کيس يقينن محسوس ٿيندو ته هاڻ ماڻهو مظاهرو به ڪن ٿا، بک هڙتالون به ڪن ٿا، نعرا به هڻڻ جي اجازت آهي، غرض حڪمرانن ماڻهن کي ڳالهائڻ جي آزادي ڏئي ٻڌڻ جو ڪم بند ڪري ڇڏيو آهي، اهو ڪيڏو نه تلخ مذاق آهي! پر ڇا ڪجي حڪمرانن جي ته اها ئي مهرباني ماڻهن لاءِ ڪافي آهي ته کين اظهار جي آزادي ڏني وئي پر سندن اظهار کي موٽ نه ڏيڻ جي يا ان کي Ignore ڪرڻ جي آزادي سرڪار خود پنهنجو پاڻ کي ڏئي ڇڏي آهي، توهان اڪثر ٻڌندا هوندا ته مقامي سطح جي مسئلي کان ويندي ملڪي سطح جي اشوز تي سوسائٽي جي هر شعبي پاران تمام گهڻي احتجاج ۽ مطالبن کي سرڪار ائين Ignore ڪريو ڇڏي، ڄڻ هن مسئلي سان سندس ڪو واسطو ئي ڪونهي، بلڪل ائين جيئن هي لطيفو آهي ته ”ڪو وڪيل ڪنهن مئجسٽريٽ آڏو زور شور سان دليل ڏئي رهيو هو پر منصف وڪيل جا دليل ٻڌڻ بدران کونگهرا هڻڻ شروع ڪيا ته وڪيل چڙ ۾ اچي چيو ته سائين آئون ڳالهايان پيو ۽ توهان ستا پيا آهيو“ ته منصف ورندي ڏني ته ”تون ڀلي بڪواس ڪري وٺ فيصلو ته مون اڳواٽ ئي ڪري ڇڏيو آهي“ سو سرڪار سڳوري به اظهار جي آزادي جي نالي ۾ ٿيندڙ ”بڪواس“ ٻڌي ٿي پر ان فيصلو اڳ ۾ ئي ڪري ڇڏيو هوندو آهي، جيڪو ضروري ناهي ته ماڻهن جي خواهشن وٽان هجي ـ
چڱو جو نيوز ويڪ سنڌ مان نه ٿو نڪري
جيڪي ماڻهو ميڊيا کي هڪ Subject طور سمجهڻ چاهين ٿا، تن کي گهرجي ته هو آمريڪا جي نيوي جي ايڊمرل بورڊا جي آپگهات واري تازو ٿيندڙ معاملي کي سنجيدگي سان ڏسن، معاملو سولو ۽ سڌو هو، يعني نيوز ويڪ رسالي جي رپورٽرن آمريڪي نيوي جي ايڊمرل بورڊا کان سندس موقف ڄاڻڻ لاءِ وقت گهريو ۽ کيس اڳواٽ ئي ٻڌائي به ڇڏيائون ته کانئس ڪهڙي معاملي بابت سوال ڪيا ويندا در اصل ايڊمرل بورڊا، کيس مليل فوجي اعزاز کان اضافي ٻلو پنهنجي ڇاتي تي هڻندو هو، جيڪو فوجي اعتبار کان غلط آهي ۽ رپورٽرن کي کانئس ان بابت پڇڻو هو ته هو اهو ٻلو ڇو هڻندو هو پر موصوف ايڊمرل صحافين جا جواب ڏيڻ بدران مرڻ مناسب سمجهيو ۽ آپگهات کان اڳ پنهنجي مائٽن کي اهو ئي ڪارڻ پنهنجي مرڻ جو ٻڌايائين ته پريس ۾سندس اها غلطي ڇپبي جنهن کي ٽارڻ لاءِ هو آپگهات پيو ڪري، ايڊمرل بورڊا بابت اسٽوري ڪندڙ رپورٽرن جو تعلق ٻئي نمبر تي سرڪيوليشن رکندڙ هفتيوار رسالي نيوز ويڪ سان هو، نيوز ويڪ ايڊمرل پاران آپگهات ڪرڻ واري معاملي تي پنهنجي پاران وضاحتي خبر جي شروعات ۾ ئي اهو لکيو آهي ته ڪيئن آمريڪي سوسائٽي جا ڪجهه ماڻهو نيوز ويڪ تي ڏمرجي پيا ۽ رسالي مٿان اهو الزام لڳائيندي به نه مڙيا ته ”نيوز ويڪ ايڊمرل بورڊا جو قاتل آهي، نيوز ويڪ ۾ خبر پڙهڻ کان اڳ جڏهن مون ٽائيم مئگزين ۾ اهو قصو پڙهيو ته پنهجي هڪ ساٿي کي چيو ته شڪر آهي نيوزويڪ پاڪستان ۽ خاص ڪري سنڌ مان نه ٿو نڪري نه ته هن اڻ ڪيل ڏوهه جي سزا ۾ نيوز ويڪ جي اداري کي اهو ڪجهه ڀوڳڻو پوي ها جو ان جا رپورٽر مستقبل ۾ڏٺل وائٺل وڏي ڏوهاري کان به ڪو سوال نه ڪن ها، ته متان اهو ڏوهاري آپگهات نه ڪري وجهي ۽ فلم وري رپورٽرن جي ڳچي ۾ اچي پوي.ساڳيءَ ريت نيوز ويڪ سان ٿيل ان معاملي کي صرف پروفيشنل صحافي ۽ با شعور ماڻهو ئي سمجهي پيا سگهن ته ايڊمرل جي موت جا رپورٽر نه صرف قانوني طور پر اخلاقي طور به ذميوار ڪونهن، ڇاڪاڻ ته اڃا ته نيوز ويڪ خبر ڇاپي ئي ڪانه هئي ۽ جيڪڏهن اڳ ۾ ئي ايڊمرل کي غيرت اچي وئي ته ان ۾ رپورٽرن جو ڪهڙو ڏوهه؟ ساڳئي وقت جس هجي آمريڪي ميڊيا کي جنهن پنهنجي پيشيواراڻي رقابت يا مقابلي واري رجحان ۾ اچي منفي رول ادا نه ڪيو ۽ نيوز ويڪ جي سڌي مقابلي جي رسالي ٽائيم پڻ ان موقعي کي بُل سمجهي Exploit نه ڪيو پر جيڪڏهن نيو ويڪ رسالو پاڻ وٽان نڪرندو هجي ها ته نه صرف هن مهل تائين صحافت جي پيشي کان اڻ واقف ماڻهو ان تي مختلف فتوائون جاري ڪري چڪا هجن ها پر خود اسان جي صحافتي برادري ۾گهڙي آيل غير پيشيواراڻا ماڻهو هن ”سنهري“ موقعي جو ڀرپور فائدو وٺندي نيوز ويڪ جي خلاف پنهنجن اخبارن ۽ رسالن جا ڪالم ڀري ڇڏين ها ۽ گڏوگڏ ظاهر آهي ته سرڪار ۽ پريشر گروپ کي جيڪو اڳ ۾ ئي ان رسالي تي ڪاوڙيل هجي ها ته پوءِ وڃي ٿين ها خير، ڇاڪاڻ ته پوءِ لوفر بنڊل ساڙين ها ۽ سرڪاري مشنري خاموش تماشائي ٿي بيٺي رهي ها ـ

شڪر ٿيو ضياءَ دور ۾ صحافت ۾ نه هئس 

تازو اسلام آباد ۾ هڪ تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن ۾انهن صحافين کي گڏ ڪيو ويو، جن کي مارشل لاءِ جي دور ۾ ڪوڙا لڳا. ان تقريب ۾ حزب اقتدار جي اڳواڻن صحافين کي مارشل لا دور ۾ ڪوڙا کائڻ تي ”شاباس ڏني.“ ظاهر آهي ته آئون هن تقريب ۾ نه هئس ۽ هجڻ به نه کپي ها، ڇاڪاڻ ته مون ڪو ضياءُ الحق جي دور ۾ ڪوڙا ته نه سٺا هئا پر اها خبر اخبار ۾پڙهيم ته مون کي تقريب ۾ شريڪ ٿيندڙ جينيئن صحافين تي ڏاڍو رحم آيو ڇاڪاڻ ته هڪ صحافي طور آائون انهن جي دلي ڪيفيت سمجهي پيو سگهان، انهن صحافين کي ڦٽڪا کائڻ وقت به يقينن الاهي تڪليف ٿي هوندي پر اڄ جڏهن کين اهي ئي ماڻهو آزاد صحافت ۽ جمهوريت تي ليڪچر يا شاباس ڏين ٿا جن جو ماضي ۾ جمهوريت لاءِ ٽڪي جو به Contribution ڪونهي ۽ اڄ هو آزاد صحافت لاءِ سڀ کان وڏو خطرو بڻيل آهن ته يقينن هنن صحافين کي ڦٽڪن جيتري ئي تڪليف ٿي هوندي-آئون سمجهان ٿو ته پروفيشنلزم پنهنجي اصل روح سان تڏهن ئي اسان جي برادري ۾ ايندي، جڏهن صحافين مان ”بچايو ۽ وڌايو“ وارو ٽرينڊ ختم ٿيندو، يعني جڏهن صحافي اهو سوچي ته فلاڻي ڌر يا ماڻهو مظلوم آهي تنهن ڪري سندس ڪالمن ۾ مدد ڪرڻ کپي ته پوءِ اهو صحافي به پاڻ ڌر ٿيو وڃي، پوءِ ڀلي ان صحافي کي ساڳئي سياسي ڌر ۽ ماڻهو چڱو صحافي چون پر پيشيوراڻي اعتبار کان هو هڪ Objective Approach رکندڙ صحافي نه سمجهيو ويندو، ساڳيءَ ريت ڪجهه صحافي حضرات پنهنجي پسند موجب ڪنهن ڌر جي فرد کي خاص ڪري سياسي ميدان ۾ وڌائي چڙهائي پيش ڪرڻ جو ڪم به بي لوث محبت ۽ پسند جي ڪري يا ڏوڪڙن جي عيوض ڪرڻ شروع ڪن ٿا، هاڻ ڏوڪڙن عيوض اهو ڌنڌو ڪندڙ کي ته ماڻهو ئي نه ٿو چئي سگهجي، تنهن ڪري ان بابت ڳالهائڻ ئي اجايو آهي، باقي پنهنجي پسند ۽ نظرين جي اعتبار کان به جڏهن ڪو صحافي اهو ڪم ڪري ٿو ته کيسSubjectivity جو شڪار صحافي چئبو، نه ڪي هڪ سٺو صحافي، سو جڏهن ڪو سياستدان اهو چوي ٿو ته کيس ”بچايو ۽ وڌايو“ ته صحافي کي فوري طور اهو سوچڻ گهرجي ته بحيثيت صحافي اهو سندس ڪم ناهي ۽ جي اڃا منهنجي ڳالهه توهان کي (خاص ڪري صحافين کي) سمجهه ۾ نه ٿي اچي ته انهن صحافين جو انجام ڏسي وٺو، جن سياسي محبت يا نظرين جي تڪميل لاءِ صحافت سان سياست کي mix ڪيو ۽ انهن جو انجام اڄ ڇا آهي؟ سواءِ ان جي ته هو انهن سياسي ڌرين کي ڏوراپا ۽ مهڻا ڏين جن ڌرين کي انهن (صحافين) ڏکئي وقت ۾ بچايو به هو ۽ وڌايو به هو، جيڪڏهن اڃا به يقين نه اچيو ته انهن صحافين جا پٺا به ڏسي وٺو، جن تي اڄ به ضياءُ الحق دور ۾ڦٽڪن جا نشان موجود آهن ـ

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو