Saturday, 22 November 2014

علي قاضي

                 حڪومت جو ڪم حڪومت 
              . کي ئي ڪرڻ گهرجي
                       اڱارو 7 مئي 1996ع

تعليم جو معيار هجي يا صحت جي سهولتن جي کوٽ، راندين جو ماحول صحيح نه هجي يا سياست ۾ ڪرپشن، اسان وٽ هر مرض جي دوا حڪومت کي چيو ۽ سمجهيو وڃي ٿو. ان جو وڏو سبب اهو آهي ته حڪومت هر شيءِ ۾ پنهنجي مداخلت ايتري وڌائي ڇڏي آهي جو لڳي ٿو ته ڪنهن ڏينهن سس ۽ ننهن جي جهيڙي ۾ به حڪومت کي مداخلت لاءِ چيو ويندو، جنهن جو هڪڙو وڏو سبب ڪامريڊ ڄام ساقي پاران هڪ دفعو چيل هن ڳالهه کي قرار ڏئي سگهجي ٿو ته ”اسان جي ملڪ جي حڪومتي/ انتظامي مشنري هن ملڪ جي ضرورت ۽ قد ڪاٺ کان تمام وڏي آهي، تنهن ڪري اسان جي انتظامي مشنري جا ڪل پرزا هر شيءِ ۾ ٽنگ اڙائي پنهنجي ضرورت جو جواز ٺاهين ٿا پر ترقي ڪيل ملڪن ۾ حڪومت جو رول هڪ ريفري جهڙو هوندو آهي، جيڪا ملڪ کي هلائڻ لاءِ بنيادي اصول ٺاهي ڏئي ٿي ۽ مٿان رڳو اها چڪاس رکي ٿي ته ڪو انهن اصولن جي ڀڃڪڙي نه ڪري پر اهو ڪم حڪومت جو تصور ڪو نه ٿو ٿئي ته (بنيادي شعبن کي ڇڏي ڪري) حڪومت پنهنجيون پاليسيون پنهنجي ئي مشنري ذريعي نافذ العمل به ڪري، ڇاڪاڻ ته هنن ملڪن ۾ نجي شعبو ايترو ته مستحڪم ٿي ويو آهي جو ڪنهن به شعبي بابت جڏهن وقت سر نئين پاليسي جوڙي ويندي آهي ته ان شعبي ۾ ڪم ڪندڙ نجي ڪمپنيون ۽ فرمون ان تي عمل درآمد شروع ڪري ڏينديون آهن ۽ حڪومت جو ڪم صرف چڪاس ئي رهجي ويندو آهي ته ڪا گڙ ٻڙ ته نه پئي ٿئي؟ ترقي يافته ملڪن ۾ سرڪاري اسپتالون ۽ اسڪول نالي ماتر آهن پر ڇا اتي صحت ۽ تعليم جو معيار انهن ملڪن جي تعليم ۽ صحت جي معيار کان سئو ڀيرا سٺو ناهي، جتي سرڪاري طور تعليم ۽ صحت جو سهولتون ڏنيون پيون وڃن. راندين کان ويندي ادب تائين ترقي ڪيل ملڪن ۾ سرڪار انهن کي پروموٽ نه ٿي ڪري پر پرائيويٽ ڪمپنيون ۽ ادارا اهو ڪم ڪن ٿا پر اسان وٽ ڇاڪاڻ ته حڪومت وٽ سرڪاري اهلڪارن جي ڀرمار آهي ۽ هر اهلڪار پاڻ کي حڪومت ٿو سمجهي ۽ اهو به چوي ٿو ته صرف پگهار مان گذارو نه ٿو ٿئي، تنهن ڪري هو زندگي جي هر شعبي ۾ پنهنجي مداخلت ڪرڻ کي پنهنجي روزي جو مسئلو سمجهي ٿو ۽ ڪنهن به قسم جي سرڪاري نوڪري جي ڳولا ۾ رهي ٿو، اتي هڪ پراڻو لطيفو ياد اچي پيو ته ڪو وزير اعظم ڪراچي ۾ سمنڊ جي ويجهو وڃي رهيو هو ته اوچتو هڪ همراهه سندس گاڏي جي سامهون اچي ويو، وزيراعظم کانئس پڇيو ته توکي ڇا کپي؟ ته همراهه ورندي ڏني ته ”سرڪاري نوڪري“ وزيراعظم موٽ ۾ کيس چيو ته سرڪاري نوڪريون ته آهن ڪو نه پر همراهه ضد ڪري بيهي رهيو ۽ آخر ۾ چيائينس ته مون کي سمنڊ جون لهرون ڳڻڻ جي ڊيوٽي بنا پگهار جي ڏني وڃي، وزيراعظم ها ڪئي ۽ همراهه ڪم شروع ڪري ڏنو، ڪجهه عرصي کانپوءِ جڏهن وزيراعظم ان هنڌ تان وري لنگهندي ساڳئي همراهه کي سمنڊ جون لهرون ڳڻيندي ڏٺو ته کانئس پڇيائين ته ادا تنهنجو بنا پگهار جي ان مان گذارو ڪيئن ٿو ٿئي، ته همراهه ٻڌايو ته آئون سمنڊ جي ڪناري تي ايندڙ هر جهاز واري کي روڪي چوان ٿو ته تنهنجي جهاز جي اچڻ جي ڪري لهرن جي ڳڻپ متاثر ٿي آهي ۽ تو سرڪاري ڊيوٽي ۾ خلل وڌو آهي، تنهن ڪري ڪڍ سرڪاري جرمانو ۽ ائين آئون ٺيڪ ٺاڪ ڏوڪڙ ڪمايان پيو ۽ توهان جي سرڪار کي دعائون پيو ڏيان. اهو لطيفو پنهنجيءَ جاءِ تي هڪ تلخ حقيقت کي ظاهر ڪري ٿو ته اسان وٽ حڪومت ريفري ته ڇا پر خود هڪ ڌر آهي، جنهن جي اجائي مداخلت ماڻهن لاءِ ڏچو بڻيل آهي ۽ تنهن ڪري ئي فطري طور عام ماڻهو هر مسئلي لاءِ حڪومت کي جوابدار قرار ٿا ڏين ۽ انهن جو حل به ان کان ئي چاهين ٿا، سرڪار چاهي ڪيتري به مخلص ڇو نه هجي ان لاءِ اهي سڀ ڪم پاڻ ڪري وٺڻ ناممڪن آهي ۽ گهڻو ڪم پنهنجي سر کڻڻ سبب ئي حڪومت پنهنجا بنيادي ڪم به سٺي نموني نه ٿي ڪري سگهي، جيڪي نه صرف اڳ ۾ ئي تمام گهڻا ۽ اهم نوعيت جا آهن، جنهن مان ڪجهه ملڪي سرحدن جي حفاظت، پرڏيهي پاليسي، ملڪي معيشت کي مضبوط ڪرڻ، ماڻهن کي سولو ۽ سستو انصاف ڏيارڻ ۽ امن امان جي صورتحال کي ضابطي هيٺ رکڻ شامل آهن ـ

تازو ”ڪاوش“ ۾ عبدالقادر جوڻيجي جو ”ڪارو ڪاري“بابت مضمون پڙهيم ۽ سندس لکڻ ۾ Boldness ڏسي مزو به آيو، ڇاڪاڻ ته اسان جا اڪثر ليکڪ پنهنجي لکڻين ۾ ايتري ”چونڪه، چنانچه“ ڪندا آهن جو ماڻهو پڙهي ڪري بور ٿيو وڃي. قادر جوڻيجو پنهنجي مضمون ۾ ڪارو ڪاري جي روايت جي خاتمي لاءِ ٺلهن بيانن ۽ وڏين هوٽلن ۾ ٿيندڙ سيمينارن کي بي مقصد قرار ڏيندي اهو به لکيو ته ميڊيا (اخبارن) کان وڌيڪ مضبوط ميڊيا ذريعي يعني ماڻهن جي روبرو وڃي کين سمجهائڻ جي ضرورت آهي ته هن ڪاري روايت کي ختم ڪن، عبدالقادر جوڻيجي جي مضمون جو حوالو مون ان ڪري ڏنو ته اهو مٿي ٿيل بحث جي حوالي سان Relevant آهي، اهو ائين جو جڏهن عبدالقادر جوڻيجو اهو لکي ٿو ته ڪارو ڪاري کي ڪيش ڪرايو پيو وڃي ته هو ٺيڪ ٿو چوي پر جڏهن هو هن مسئلي جو حل Face to face رابطي کي قرار ڏئي ٿو ته يڪدم اهو سوال اڀري ٿو ته ڪارو ڪاري يا غيرت يا ڪهڙي به نالي ۾ جڏهن ماڻهو قتل ڪيو وڃي ٿو ته اهو قتل ئي هوندو آهي ته پوءِ اسين سولائي سان ڪارو ڪاري جي خاتمي جو اهو حل ڇو نه پيش ڪريون ته حڪومت، پوليس ۽ انتظاميا کي سختي سان هدايت ڪري ته هو ڪنهن به نالي ۾ ٿيندڙ هن قتل عام کي بند ڪرائي ۽ قاتلن کي بنا ڪنهن رعايت جي گرفتار ڪري، عدالت آڏو آڻي، اسان جي قانون ۾ غيرت جي حوالي سان قاتل کي ڪا رعايت ملي ٿي ته اهو ڏسڻ عدالت جو ڪم آهي نه ڪي پوليس جو. هو قتل جي ايف آءِ آر درج ڪرڻ بدران قاتلن کي گرفتار ڪرڻ بدران اهو سوچڻ شروع ڪري ته قتل جو سبب ڇا هو؟ اهو ڪم پوليس جو نه هئڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته پوليس قانون جي ماتحت ۽ پابند هجڻ گهرجي نه ڪي روايتن جي ٻي ڳالهه اها ته جڏهن قاتل جو عدالت ۾ ڪيس هلندو ته کيس گهٽ ئي سهي پر سزا ته ملندي ۽ گهٽ ۾ گهٽ ماڻهن جي. زندگي ۽ موت جا فيصلا وڏيرن ۽ جاگيردارن جي اوطاقن بدران قانوني عدالتن ۾ ته ٿيڻ شروع ٿيندا تنهن ڪري ڳالهه تمام سڌي ۽ سولي آهي ته ڪارو ڪاري جي نالي يا ٻئي ڪنهن جواز هيٺ قتل ڪندڙ قاتل آهي ۽ قاتل کي گرفتار ڪرڻ پوليس جو فرض آهي ۽ اهو کيس نڀائڻ گهرجي نه ته چئبو ته پوليس قاتلن کي تحفظ پئي ڏئي. جيڪڏهن ڪو دوست اهو سمجهي ٿو ته منهنجي سوچ Idealistic آهي ته آئون ان سان متفق نه ٿيندس، ڇاڪاڻ ته آئون انتهائي پريڪٽيڪل ڳالهه پيو ڪريان ڪا وڏي ٿيوري پيش ڪو نه پيو ڪريان يا دانشوري نه پيو ڪريان. معاملو سڌو آهي ته هر انسان ۾ ٻئي کي جاني يا مالي نقصان پهچائڻ جي گهٽ يا وڌ جبلت هوندي آهي، تنهن کي دٻيل رکڻ لاءِ قانون ۽ سزا جو خوف هڪ اهم فيڪٽر هوندو آهي، (آئون اهو نه پيو چوان ته اهو ئي واحد فيڪٽر هوندو آهي) پر جتي قانون ايترو ڪمزور هجي جو واهيات روايتون ان تي حاوي ٿي وڃن اتي اهو آسرو رکڻ فضول آهي ته ڪو ان روايت جي خلاف راءِ عامه ٺاهڻ سان اها روايت فوري طور ماڻهو پاڻ ئي ڇڏي ويندا، ٻي اهم ڳالهه اها آهي ته اهو ڪم ماڻهو جو يا ميڊيا جو ته آهي به ڪو نه، ڇاڪاڻ ته قانون جي بالادستي ته سنئين سڌي حڪومت جي جوابداري آهي، تنهن ڪري گڏيل طور حڪومت تي پريشر وجهڻ جي ضرورت آهي ته هو سنڌ جي انهن ضلعن ۾ جتي هن ڪاري روايت کي قانون جو درجو مليل آهي، اتي ٻيو ڪجهه به نه پر پاڪستان جو قانون ٻيهر بحال ڪرائي ۽ صرف ڊي سي ۽ ايس پي کي اها هدايت ڪري بلڪه خصوصي اسائنمنٽ ڏئي ته قاتل کي ڪنهن به consideration کان سواءِ گرفتار ڪيو وڃي ۽ جاگيردارن جي ڪورٽن ۾ ڪاري جي الزام هيٺ واڙيل سوين نياڻين کي بازياب ڪرايو وڃي، هتي انساني حقن واري ڪميشن جا صاحبان ۽ سياسي تنظيمن جا ڪارڪن به همت ڪن ۽ صرف حيدرآباد يا ڪراچي ۾ سيمينار يا مظاهرا ڪرڻ بدران اصل هنڌن تي وڃن جتي اهو ڪوس ٿي رهيو آهي ۽ عملي طرح اهو قتل عام بند ڪرائڻ لاءِ انتظاميا ۽ پوليس تي دٻاءُ وجهن ۽ سندن مدد به ڪن، ڇاڪاڻ ته صرف اها راءِ عامه ٺاهڻ (ته ڪارو ڪاري جي روايت خراب ۽ واهيات آهي) سان ڪو وڏو فرق نه پوندو، ڇاڪاڻ ته اهو هاڻ هر ڪو ڄاڻي ٿو تنهن ڪري هاڻ راءِ عامه اها ٺهڻ گهرجي ته پوليس قتل ڪندڙ ۽ هن جي پٺڀرائي ڪندڙ وڏيري کي سوگهو ڪري ۽ جيڪڏهن واقعي به حڪومت چونڊ ڪري ايماندار ۽ بهادر پوليس آفيسر تجربي طور هڪ ضلعي ۾ متعين ڪري ۽ کين ڪارو ڪاري جي نالي ۾ قتل ڪندڙ ۽ انهن جي پٺڀرائي ڪندڙن کي قانون موجب سوگهو ڪرڻ جو اختيار ڏئي ته پوءِ ڏسون ته ڪيترا قتل ٿين ٿا ۽ ڪيتريون معصوم نياڻيون وڏيرن جي ڪوٽن ۾ بند ٿين ٿيون، منهنجو نقطو اهو آهي ته جيڪو ڪم سرڪار جي ڪرڻ جو ناهي اسين انهن جي پورائي لاءِ سرڪار کان مطالبا ڪندا رهون ٿا پر جيڪو ڪم آهي ئي سرڪار جي ڪرڻ جو ان لاءِ اسين سرڪار کي سڌو جوابدار ڇو نه ٿا قرار ڏيون؟ ڇا هندن ۾ زال کي مڙس سان گڏ ستي ڪرڻ جي رسم قانون جي موچڙي جي ڪري بند نه ٿي آهي؟ ۽ اهڙا کوڙ مثال آڻي سگهجن ٿا ـ

سنڌ ۾ سياسي ۽ گروهي کان ويندي معاشي مسئلن کي جواز بڻائي دهشتگرد ۽ ڌاڙيل بڻجي ماڻهو مار مهم واري دور کي ياد ڪجي، جنهن کي گذرئي اڃا ڊگهو وقت ڪو نه ٿيو آهي ته اسان کي ياد ايندو ته دهشتگردن ۽ ڌاڙيلن کان هر شريف ماڻهو نفرت ڪندو هو پر ڇا هنن دهشتگردن ۽ ڌاڙيلن کي راءِ عامه جو ڪو احساس ٿئي ٿو، اخباري ميڊيا فيس ٽو فيس رابطي جي ميڊيا سبب هنن قاتلن پنهنجون ڪارروايون ڪڏهن به روڪيون هيون، يا اڄوڪين حالتن ۾ به ڇا ڀتو وٺندڙ ۽ ڏوهه ڪندڙ عام ماڻهن ۾ وائکا ڪو نه ٿي ويا آهن پر ظاهر آهي ته اڳ وارن ڪرمنلز کي به سرڪاري مشينري ڪرش ڪيو هو ۽ هاڻوڪن کي به قانون لاڳو ڪرڻ جا ذميوار ادارا ئي ڪجهه ڪري سگهن ٿا، اها الڳ ڳالهه آهي ته اهو ڪم هو پنهنجي سهولت ۽ ضرورت موجب ڪندا، ماڻهن جي عذاب ۽ تڪليف کي پيش نظر رکي نه، منهنجي چوڻ جو اهو مقصد هرگز ڪونهي ته ڪو راءِ عامه جي ڪا حيثيت ڪانهي پر گذارش اها پيو ڪريان ته ڪڏهن ڪڏهن اسان صحيح ڳالهه لاءِ غلط انداز ۽ غلط Direction۾ راءِ عامه جوڙي وڃون ٿا، تنهن ڪري ان مان ڪو به مثبت نتيجو نه ٿو نڪري، سو اچو ته جيڪو ڪم اسان جي پنهنجي ڪرڻ جو آهي سو پاڻ ڪريون ۽ جيڪو ڪم آهي ئي سرڪار جي ڪرڻ جو ان لاءِ راءِ عامه ذريعي سرڪار کي مجبور ڪريون ته هو پنهنجون ذميواريون پوريون ڪري ـ

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو