دانش-ورن جي اسيمبلي
آچر 7اپريل 1996ع
دانشور ڪير هوندو آهي؟ ۽ ان لفظ جي تشريح ڇا آهي؟ ان بابت ته دانشور حضرات ئي ڪجهه ٻڌائي سگهندا پر پنهنجي پاڻ کي ڪنهن به صورت ۾ دانشور نه مڃيندڙ حليم بروهي ان لفظ کي ٽوڙي بيان ڪندو آهي، يعني دانش-ور ۽ ان جو مطلب به ائين ئي ڪڍندو آهي ۽ شايد انهيءَ ڪري حليم جهڙو پڙهيو لکيو ۽ ايماندار ماڻهو ڪڏهن به دانشورن جي لسٽ ۾ شامل ناهي ٿي سگهيو، پر حليم جي چواڻي کيس پاڻ شوق ڪونهي ته کيس دانش-ور سڏيو وڃي ۽ وٽس ان لاءِ مضبوط دليل موجود آهي، هو چوي ٿو ته هڪ ڪهاڻيڪار يا مترجم يا شاعر يا صحافي يا وڪيل يا ڊاڪٽر وغيره ضروري ڇو آهي ته دانشور به هجي يعني ائين ڇو ناهي ته هڪ سٺو شاعر صرف سٺو شاعر هجي، هڪ صحافي صرف سٺو صحافي ئي هجي، ڇاڪاڻ ته کيس جيڪڏهن ڪنهن ماڻهو کي پنهنجي شعبي/پروفيشن بابت چڱي ڄاڻ آهي ته اهو ضروري ناهي ته کيس گهڻ طرفي اٿاهه ڄاڻ به هجي ۽ گڏوگڏ هو سوسائٽي کي مثبت ۽ نئين راهه ڏيکاريندڙ باشعور ۽ ايماندار ماڻهو به هجي ـ
گذريل ڏينهن سنڌ ڊيموڪريٽس گروپ پاران سنڌ جي انهن سمورن ماڻهن جو ميڙاڪو ڪوٺايو ويو، جن کي بنا ڪنهن هٻڪ ۽ تعريف جي دانشور قرار ڏنو ويو ۽ اتي زير بحث مک موضوع اهو هو ته سنڌ جي موجوده حالتن ۾ دانشورن جو ڪردار ڇا هجڻ گهرجي؟ يوسف لغاري جي دعوت تي آئون به اتي وڃي پهتس ۽ سوچيم ته پنهنجي هنن دانشورن کي هڪ صحافي طور ڪجهه عرض ڪريان پر وري انشا جي هن شعر جيان ماٺ رهيس ۽ ٿوريءَ ئي دير ۾ اٿي آيس ـ
هم ڀي وهين موجود ٿي، هم سي ڀي سب پوڇا ڪئي
هم چپ رهي، هنس ديئي، منظور ٿا پردا تيرا
هفتو کن اڳ ان ڏس ۾ هڪ ٻي دلچسپ ڳالهه به معلوم ٿي آهي، جيڪا آئون پڙهندڙن سان Share ڪرڻ چاهيندس ته هاڻ دانشورن جا به قسم ٿي ويا آهن، يعني اڳ ۾ جنهن کي اسين دانشور چوندا ۽ سمجهندا هئاسين هاڻ انهن کي عمر وڌي وڃڻ ڪري ۽ رٽائر نه ٿيڻ جي ڪري ”مها ڏاها“ ۽ ”مها دانشور“ چيو وڃي ٿو ۽ سندن جاءِ وري 35 ۽ 45 سالن جي وچ وارن ڏاهن ورتي آهي، جن کي صرف دانشور لکيو ۽ پڙهيو ويندو آهي ۽ وري دانشوري جي کاتي ۾ هيٺينءَ سطح تي نيون پوسٽون ٺاهيون ويون آهن، جنهن کي نوجوان دانشور پڙهيو ۽ لکيو وڃي ٿو پر ان تي ئي بس ڪانهي، دانشوري جي کاتي ۾ انڊر ٽريننگ اسٽاف جي به ڀرتي جاري آهي، جنهن کي اڀرندڙ دانشور چيو وڃي ٿو پردلچسپ ڳالهه اها آهي ته انهن مان ڪنهن به آسامي تي مقرري لاءِ ڪو به باقاعده نوٽيفڪشن جاري نه ٿو ٿئي ۽ نه ئي وري ڪا ڊگهي چوڙي ڪواليفڪيشن گهربل آهي، بس توهان پنهنجي دوست کي دانشور چوڻ يا لکڻ شروع ڪيو ۽ هو توهان کي دير ئي نه لڳندي ۽ توهان ٻئي دانشور ٿي ويندو پر ياد رهي ته ان لاءِ جيڪڏهن توهان ڪنهن اخبار يا رسالي ۾ (ڀلي ڊمي هجن) ٻه يا ٽي ڪالم يا مضمون لکي ان ۾ سارتر، گليلو، اوشو يا ڪنهن ٻئي ڏاهي جا ٻه ٽي ڪوٽيشن ۽ غالب، فيض، ڀٽائي يا شيخ اياز جا ڪجهه شعر به حوالي طور لکي ڇڏيو ته پوءِ پڪ ڄاڻجو ته توهان اڀرندڙ دانشور مان ٽپو ڏئي نوجوان دانشور ٿي سگهو ٿا، جيڪڏهن توهان اڳ ۾ ئي نوجوان دانشورآهيو ته پوءِ ”فل دانشور“ جي پوسٽ لاءِ به Potential Canidate ٿي سگهو ٿا
مٿي ذڪرڪيل ڳالهين ۾ مزاح جو پهلو پنهنجيءَ جاءِ تي پر اها هڪ تلخ ۽ سنجيده حقيقت آهي ته اهڙي صورتحال هجڻ جو وڏو سبب اهو آهي ته اسان وٽ لفظن ۽ اصطلاحن جي ايتري عياشي ڪئي وڃي ٿي جو انهن لفظن جي اصل حرمت ئي ختم ٿيو وڃي، مثال طور اسين جيڪڏهن هڪ سياستدان جي تعريف ڪرڻ چاهيون ٿا ته صرف ايترو نه ٿا چئون ته هو هڪ سٺو ۽ ايماندار سياستدان آهي پر اسان هن سياستدان جو تعارف هن ريت ڪرايون ٿا، ”محترم فلاڻو هڪ دلير، نه جهڪندڙ، قوم جو هڏ ڏوکي، مهادانشور وغيره وغيره آهي، ساڳيءَ ريت شاعرن، اديبن، صحافين وغيره جو تعارف به اهڙن لفظن ۾ ڪرايو وڃي ٿو جو جيستائين هنن ماڻهن کي روبرو ڏسي نه ٿو وٺجي، تيستائين اسان ۽ توهان جهڙن عام ماڻهن کي يقين ئي نه ٿو اچي ته اهي ماڻهو ئي آهن، لفظن جي اها عياشي ئي آهي، جنهن سبب لفظ پنهنجي معنيٰ ۽ اصل روح وڃائي ويٺا آهن ۽ اهو ئي سبب آهي. جو ڪنهن جو تعارف جيڪڏهن توهان هن ريت ڪرايو ته فلاڻو سٺو شاعر يا اديب يا صحافي آهي ته ٻڌندڙ جي نظر ۾ هن لاءِ ڪو به تاثر نه بيهندو، ڇاڪاڻ ته جڏهن کيس خبر هجي ته ملڪ ۾ بيباڪ، برک، جاکوڙي ۽ کاهوڙي قسم جا صحافي موجود آهن ته پوءِ صرف سٺي صحافي جي ڪهڙي حيثيت! جيڪڏهن ڪو دوست ان کي Personal نه وٺي ته هڪ گذارش اها آهي ته ايتري خوشامدي ۽ تعارفي ٻولي جو رواج دربارن مان نڪتل آهي ۽ سنڌي ته ڪڏهن به مغلن جي درٻارن جا سڌا حاضري ڀريندڙ به ڪو نه هئا ته پوءِ هنن اها درٻاري ٻولي ڇو اپنائي آهي؟ ان سوال جو جواب آئون پڙهندڙن تي ٿو ڇڏيان ـ
توهان سوچيندا هوندا ته پاڻ اصل موضوع يعني سنڌ ڊيموڪريٽس پاران ڪوٺايل ”دانشورن جي اسيمبلي“ کان هٽي ويا آهيون پر منهنجي خيال ۾ مٿي بيان ڪيل ڳالهيون انهيءَ موضوع جو حصو آهن ۽ اهي ڳالهيون انهيءَ موقعي تي ڪرڻ مناسب به هيون، ڇاڪاڻ ته هن ڪوٺايل ميڙاڪي ۾ خيرن سان دانشورن جي اصطلاح تي پورا لهندڙ تمام ٿورا هئا پر تنهن هوندي به باقي همراهه به پنهنجي پنهنجي شعبي جي چڱي ڄاڻ رکندڙ پڙهيا لکيا ماڻهو آهن، تلخ ڳالهيون ٻڌڻ ۽ برداشت ڪرڻ لاءِ پڙهيو لکيو ۽ سلجهيل ماڻهو هجڻ ضروري آهي ۽ ساڳيءَ ريت ميزبان ڌر سنڌ ڊيموڪريٽس به گهڻي ڀاڱي پڙهيل لکيل ۽ سلجهيل ماڻهن جو گروپ آهي، جنهن مان اها اميد ڪري سگهجي ٿي ته هو پاڻ تي ٿيندڙ تنقيد ۽ تعريف کي هضم ڪرڻ جو معدو به رکن ٿا ۽ جيڪڏهن آبجيڪٽو ٿي ڳالهائجي ته يوسف لغاري جي ايڏي وڏي Effort کي هڪ اصطلاح (دانشور) بابت Reservation هجڻ جي ڪري Undermine نه ٿو ڪري سگهجي، ڇاڪاڻ ته بلاشڪ اهو هڪ وڏو شو هو ۽ اهو ڪريڊٽ يوسف لغاري ۽ سندس ٽيم کي وڃي ٿو ته هنن ڪجهه عرصو اڳ هڪ ٻئي سان ڳالهائڻ لاءِ به راضي نه رهندڙ سنڌي قومپرست سياستدانن کي هڪ ٽيبل تي ويهاريو هو پر هاڻي هڪ ٻئي جو نالو به ٻڌڻ لاءِ تيار نه هوندڙ سنڌ جي هنن ماڻهن کي وڏي انگ ۾ گڏجي ويهارڻ ۾ ڪامياب ٿيو هو، جن ماڻهن کي عام فهم ۾ دانشور چيو وڃي ٿو ۽ اهي دانشور هئا يا نه پر ميڙاڪي ۾ شامل ٿيندڙ منهنجي خيال ۾ گهڻي ڀاڱي لوئر ۽ اپر مڊل ڪلاس جا Vocal ماڻهو ۽ پنهنجي پنهنجي شعبن ۾ هنن جي Say به آهي هو اتي Effective به آهن، سو فطري طور تي جڏهن اهي گڏجن ٿا ته هنن جو آواز ڪنهن هڪ ننڍي پريشر گروپ يا ٽانگا پارٽي کان تمام وڌيڪ ٿئي ٿو، هن ڪلاس جي ماڻهن کي ون يونٽ جي خاتمي جو ڪريڊٽ به ڏنو ٿو وڃي ۽ پاڻ تاريخي بحث ۾ وڃڻ کانسواءِ ته ون يونٽ جي خاتمي جا ٻيا ڪهڙا مکيه سبب هئا، هن ڳالهه کي For Granted وٺي بحث کي اڳتي ٿا وڌايون ته ون يونٽ انهيءَ ڪلاس جي ماڻهن جي جدوجهد سبب ختم ٿيو پر اتي دلچسپ ڳالهه اها آهي ته ون يونٽ خلاف جڏهن هن ڪلاس جي ماڻهن جدوجهد ڪئي پئي تڏهن سنڌ ۾ Political Vacuum هو پر جيئن ئي ذوالفقار علي ڀٽي جي صورت ۾ سنڌين کي سياسي قيادت ملي، هنن پنهنجي دانشور قيادت کي خدا حافظ چئي موڪلائي ڇڏيو ۽ پوءِ دانشور حضرات مان صرف سهڻين صلاحن وٺڻ جو ڪم ورتو ويو، جيڪي صلاحون به ليڊر حضرات پنهنجن ڊرائنگ رومن ۾ هنن کان وٺندا هئا (شايد صرف فارملٽي پوري ڪرڻ لاءِ) ۽ ڪندا اهو ئي هئا جيڪو سندن سياسي مشير چوندا هئا سو ان ريت دانشورن جو عملي رول ختم ٿي ويو ۽ وري وقت جي گهرج سبب مختلف شعبن جا پروفيشنل حضرات جن دانشوري جو يونيفارم پائي ورتو هو انهن به سياسي قيادت جي اڀرڻ کانپوءِ اهو يونيفارم لاهي پنهنجن پنهنجن شعبن ڏي هليا ويا ۽ ائين استاد واپس استاد ٿي ويا، وڪيل واپس وڪيل، صحافي واپس صحافي، مطلب ته هر ڪو پنهنجي اصل هنڌ ڏانهن موٽي ويو ۽ ان جي ثابتي هن ڳالهه مان به ملي ٿي ته ون يونٽ جي جدوجهد کان عملي طرح تمام وڏي 1983ع جي ايم آر ڊي تحريڪ خالصتن سياسي انداز ۽ سياسي ليڊر شپ هلائي ۽ خود ون يونٽ جدوجهد دوران دانشور طور اڀريل همراهن به ايم آر ڊي جي تحريڪ ۾ شرڪت بطور دانشور نه پر پنهنجي اصل پروفيشن جي حوالي سان ڪئي. مثال طور يوسف لغاري ايم آر ڊي جي تحريڪ ۾ حصو بطور هڪ سياستدان ۽ وڪيل جي ورتو ۽ ساڳيءَ ريت رسول بخش پليجو سياستدان ۽ عوامي تحريڪ جي اڳواڻ هجڻ سبب جيل ۾ وڌو ويو، چوڻ جو مطلب اهو ته اسان جي دانشور ڪلاس وٽ گڏيل طور جدوجهد ڪرڻ جو صرف هڪ ڪريڊٽ آهي ۽ اهو ون يونٽ جي زماني جو آهي ۽ ورجائيندو هلان ته ان مهل سنڌي سوسائٽي ۾ سياسي ويڪيوم هو پر هاڻ جڏهن وري سنڌين جو اهو ڪلاس جنهن ۾ سجاڳ ماڻهو آهن گڏجن ٿا ته ڇا اهي ڪو موثر رول ادا ڪري سگهندا هن سوال جو جواب انهي فارمولا تحت ويچاري سگهجي ٿو ته ڇا سنڌي سوسائٽي ۾ سياسي ويڪيوم پيدا ٿي چڪو آهي ۽ ڇا اسان جا اهي دانشور محسوس ڪن ٿا ته سنڌي عوام هاڻ پنهنجي سياسي قيادت کان بيزار ٿي چڪي آهي؟ ڇاڪاڻ ته جي هنن جو خيال آهي ته هو پريشر وجهي موجوده سياسي قيادت کان اهو ڪم وٺي ويندا ته اها صرف پاڻ کي خوش ڪرڻ جي سوچ ٿي سگهي ٿي، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن ماڻهن سان اهي دانشور، ون يونٽ جيان سڌو مخاطب نه ٿيندا ته پوءِ سياسي پارٽيون يا حڪومت سندن پريشر ڪيئن قبولينديون ۽ ساڳيءَ ريت عوام به دانشورن جون سياستدانن جي معرفت ڇو نصيحتون ٻڌندي، تنهن جي ڪري ضروري آهي ته اهي دانشور پنهنجي ايندڙ اسيمبلي جي اجلاس ۾ پنهنجو عملي رول متعين ڪن ۽ هن ايڪشن پلان ذريعي عوام سان سڌو رابطو ڪن اسان وٽ اها روايت به هاڻ هر سطح تي تمام وڌي وئي آهي ته عوام کان قبوليت وٺڻ کانسواءِ ئي پاور لاءِ Assert ڪجي ۽ ان جو مثال دانشورن جي اسيمبلي ۾ طئي ٿيل ان فيصلي جي صورت ۾ نظر اچي ٿو، هاڻ اهي دانشور فيصلو ڪندا ته ڪهڙو سياستدان، استاد، وڪيل، صحافي يا ٻيا سنڌ جي مفاد وٽان ڪم پيا ڪن ۽ ڪهڙا نه پيا ڪن، يعني هاڻ اهي به مولوين وانگر فتويٰ جاري ڪندا ته هي ڳالهه شرعي آهي ۽ هي غير شرعي، اها وضاحت ضروري آهي ته اهڙن فورمن جي تمام گهڻي ضرورت آهي ته هو هر شعبي ۾هلندڙ بدمعاشي کي وائکو ڪن، ڇاڪاڻ ته اسان جي هر شعبي ۾ اهڙا جعلي ماڻهو اچي ويا آهن جن جو انهن شعبن سان ڪو واسطو به ڪونهي ۽ هو اتي ويهي سمورن کي بدنام ڪري رهيا آهن پرڇا عوام وٽ پنهنجي Acceptability ٺاهڻ کانسواءِ اهڙي ڪنهن فتويٰ جو ڪو اثر ٿيندو؟ ڇاڪاڻ ته هن فتويٰ جي حيثيت قانوني ته ٿيڻي ڪانهي، اها بيٺي ئي هوندي راءِ عامه جي زور تي ۽ ظاهر آهي ته راءِ عامه ئي هنن دانشورن جي اسيمبلي جو Source of Power آهي، تنهن ڪري کين گهرجي ته هو اڳ ۾ پنهنجي Source of Power کي پنهنجي حق ۾ ٺاهين ته جيئن هن اسيمبليءَ مان ٿيل فيصلي جي Validity هجي.
هن اسيمليءَ جي اجلاس جي صدارت يوسف لغاريءَ پئي ڪئي تنهن ڪري يوسف لغاريءَ کي مسٽر اسپيڪر چئي آئون مخاطب ٿيان ٿو ته مسٽر اسپيڪر توهان جي اسيمبليءَ ۾ اهڙا ميمبر به آهن جيڪي سڌي يا اڻ سڌي طرح حڪومت يا مخالف ڌر سان گڏ آهن، ان ۾ ڪا برائي به ڪانهي. پر جنهن مقصد لاءِ هن اسيمبليءَ کي وجود ۾ آندو ويو آهي ته سياسي پارٽيون ماڻهن جا مسئلا حل نه پيون ڪن، تنهن ڪري هن ايوان جي ميمبرن کي غير جانبدار ٿي پنهنجين سياسي وابستگين کان مٿي ٿي ڪم ڪرڻو پوندو، سنڌ جا ماڻهو توهان مان اها اميد ڪري سگهن ٿا ته ان اسيمبليءَ جي ڪارروائي تي پس پرده ڪنهن حڪومت يا مخالف ڌر جي جماعت جو اثر نه هوندو ۽ مسٽر اسپيڪر! توهان تي به هائوس جي ڪسٽوڊين هجڻ جي ناتي پاڻ غير جانبدار رهڻ جي عام ميمبر کان وڌيڪ ذميواري عائد ٿئي ٿي، ان کانسواءِ اسان کي اميد آهي ته ملڪ جي ٻين اسيمبلين جيان اها اسيمبلي صرف ڊبيٽنگ سوسائٽي وارو ڪردار ادا نه ڪندي ۽ ڪجهه عملي قدم به کڻندي. مسٽر اسپيڪر مون کي اها به اميد رکڻ ڏيو ته توهان جو ۽ توهان جي اسيمبليءَ جي ميمبرن جو استحقاق اسلام آباد ۽ ڪراچيءَ وارن اسيمبلي ميمبرن جيان ننڍڙي تنقيد تي مجروح نه ٿي ويندو، ”مسٽر اسپيڪر“! آخر ۾ اسين رڳو اها نيڪ خواهش توهان جي اسيمبلي لاءِ رکي سگهون ٿا ته اها ڪنهن ”اٺين ترميم“ جو نشانو نه بڻجي
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو