Thursday 27 November 2014

علي قاضي

وفا ڪهڙي، ڪٿان جو عشق!؟             
اربع 20 ڊسمبر 2000ع


 تازو حيدرآباد جي قاسم آباد واري علائقي ۾ جڏهن واپڊا ٽيم ۾ شامل هڪ وردي واري اهلڪار هڪ گهر جي مالڪ کي بجليءَ جو ميٽر صحيح نه هجڻ جو دڙڪو ڏنو ته هن همراهه همت ڪري اهلڪار کي چيو ته ”وڏي چور کي ته توهان پاڻ جهاز ۾ ويهاري ملڪ مان وڃڻ ٿا ڏيو، باقي اسان غريب ماڻهن جي ڳچيءَ تي لت رکيو ويٺا آهيو!“ اهو دراصل عام ماڻهو جو موجوده ملڪي وهنوار بابت اهو ردعمل آهي، جنهن کي ظاهري طرح ڀلي اقتداري سياست جا ماهر اهميت نه ڏين پر سياست جي باريڪين کي سمجهندڙ ضرور ان ڳالهه کي تسليم ڪندا ته راءِ عامه حڪومتي ساک کي Erode (کوکلو) پئي ڪري ۽ اها راءِ عامه حڪومت خلاف ميڊيا يا ٻئي ڪنهن ناهي ٺاهي، بلڪه حڪومتي فيصلن سبب عوامي سطح تي اهڙي راءِ عامه جڙي آهي، جيڪا ڪنهن به حڪومت لاءِ گهڻو عرصو افورڊ ڪرڻ مشڪل هجي ٿي. بهر حال اها حڪومت جي خوش قسمتي چئجي يا اسان جي ملڪ جي بدقسمتي جو نواز شريف ۽ سندس خاندان سان حڪومتي ڊيل جو معاملو جيڪو ملڪي تاريخ جو انوکو واقعو هو، ملڪ جي ميڊيا توڙي عوامي بحثن جو موضوع صرف ٽن چئن ڏينهن تائين رهڻ کانپوءِ هاڻ ثانوي حيثيت اختيارڪندو پيو وڃي ۽ هاڻ اصل بحث ان ڳالهه تي ٿئي پيو ته نگران حڪومت ٿي جڙي يا اسيمبليون بحال ٿيون ٿين، فلاڻو ٿو وزيراعظم بڻجي يا فلاڻو. مطلب ته 10 ڊسمبر تي جنهن رازداريءَ سان شريف خاندان کي آزاد ڪيو ويو، ان حڪومتي فيصلي توڙي نواز شريف جي سياسي ساک تي جيڪو ڀرپور بحث ٿيڻ گهرجي ها، اهو گهٽ پيو ٿئي ۽ زور ان تي آهي ته ”هاڻ ڇا ٿيندو؟.“  ڄڻ 10 ڊسمبر تي ٿيل واقعو ملڪي تاريخ جو ڪو وڏو سانحو نه، بلڪه هڪ عام رواجي واقعو هو، جنهن تي هروڀرو گهڻو ڳالهائڻ جو مطلب وقت جو زيان هجي! ڊيل ڪندڙ ٻئي ڌريون يعني حڪومت ۽ نواز شريف ماٺ آهن، جنهن جو سبب پڻ اڻ اعلانيل ڊيل جي اها شق ٻڌائي وڃي ٿي ته ٻنهي ڌرين کي ماٺ ئي رهڻو آهي، باقي منهن جي پڪائي اها آهي ته شريف خاندان چئي ٿو ته معافي نامو ناهي لکي ڏنو ۽ سرڪار جو ضد آهي ته انهن وٽ لکت ۾ معافي نامو موجود آهي، سو لڳي اهو ٿو ته سرڪار وٽ يا ته معافي نامو آهي ئي ڪونه پر جيڪڏهن اهڙي لکت سرڪار وٽ موجود به آهي تڏهن به ڊيل ۾ اها شرط به موجود آهي ته سرڪار شريف خاندان جو اهو معافي نامو ظاهر نه ڪندي ۽ ان ريت عوام لاءِ سر گهورڻ جون دعويدار ٻئي ڌريون (سرڪار ۽ نواز شريف) ڪنهن خانگي نموني جي فيصلي جي شرط هيٺ ”معزز عوام“ کي ان ڊيل جا  ڪي  به  تفصيل  ٻڌائڻ لاءِ تيار  ناهن.  شايد  ان جو سبب اهو هجي ته ان جرڳائي انداز جي ٿيل فيصلي دوران ٻنهي ڌرين کي ياد ئي نه رهيو هجي ته ان ملڪ ۾ جيڪا مخلوق اڪثريت ۾ رهندڙ آهي، ان کي ”عوام“ چئبو آهي ۽ ٻنهي ڌرين کي اصولي طور ان عوام آڏو جوابده هجڻ گهرجي پر ظاهر آهي ته سرڪار ۽ نواز شريف ٻنهي يقينن اها ڊيل ملڪ ۽ قوم جي ”عظيم تر مفاد“ ۾ ڪئي هوندي، تنهن ڪري هروڀرو عوام کي ڊيل ڪرڻ کان اڳ ٻڌائڻ جي ڪهڙي ضرورت؟ باقي هاڻ جڏهن ڊيل ٿي چڪي آهي ۽ هروڀرو عوام کي به ڊيل بابت ڄاڻڻ جو شوق کنيو بيٺو آهي ته ٿوري گهڻي ڄاڻ پهرين سرڪار ۽ پوءِ نواز شريف شايد اڄ نه ته سڀاڻي تبرڪ طور ڏئي ڇڏيندا، جنهن تي عوام اعتبار ڪري ٿو يا نه، ان جي ڪنهن کي به پرواهه نه هوندي! سرڪار جو اصرار آهي (اڳتي به هوندو ته) هڪ سزايافته مجرم کي جيل مان ڀڄائڻ  ۾ ملڪ ۽ قوم جي بهتري هئي ۽ هڪ ”سياسي ڀڳوڙي“ جيان جيل مان ڀڄي جان ڇڏائيندڙ نواز شريف به سڀاڻي اهو ئي چوندو ته جيل مان محل پهچي ڪري هن ملڪ ۽ قوم لاءِ وڏي قرباني ڏني آهي! سو ماضيءَ جيان هڪ دفعو ٻيهر ”قومي مفاد“ وارو اصطلاح هڪ اهڙي شيلڊ طور استعمال ٿيندو، جنهن جي پويان لڪي سمورن ڪڌن ڪمن کي جائز قرار ڏيارڻ جي ڪوشش ڪبي.
        بهر حال هاڻ ڏسون ته ”ملڪ ۽ قوم جي مفادن“ وٽان سرڪار ٻيا ڪهڙا ٿي فيصلا ڪري؟ اسيمبليون ٿي بحال ڪري يا نگران حڪومت ٿي جوڙي يا مرڳو ڪجهه به نٿي ڪري؟ ” پر پنهنجا پاڻ ۾ ويٺا آهيون“ سرڪار جيڪو ڪجهه به ڪري ٿي يا نٿي ڪري ان سان عام ماڻهوءَ جي زندگي تي ڪهڙو اثر پئجي ويندو؟ ۽ جيڪر پنهنجي پيٽ جو سور ياد ڪريون ته چئبو ڪابه تبديلي آئي ته ان سان سنڌ جي صحت تي ڪهڙو اثر پوندو؟ يعني جيڪڏهن اسيمبليون بحال ٿيون ته ڇا سنڌ ۾ جيڪا پاڻي جي کوٽ آهي، اها ختم ٿي ويندي يا وري نگران حڪومت ٺهي ته ڇا سنڌ جون وفاق ڏانهن جيڪي شڪايتون آهن، اهي دور ٿي وينديون؟ آخر اهڙو ڇا بهتر ٿي ويندو، جنهن جي ٿيڻ جو هاڻوڪي دور ۾ به آسرو ڪونهي؟ اتي اهو چوڻ جو مقصد هرگز ائين ڪونهي ته ڪو هاڻوڪي حڪومت سنڌ لاءِ کير جون نديون وهائي ڇڏيون آهن، بلڪه مقصد اهو آهي ته هڪ دفعو وري ملڪ ۾ هلندڙ اقتداري سياست جي راند ۾ ملڪ جي بنيادي اشوز کي Ignore (نظر انداز) ڪيو پيو وڃي ۽ مصنوعي قسم جي تبديلي لاءِ وٺ پڪڙ پيئي ٿئي، جنهن ۾ چهرا ته تبديل ٿي ويندا، پر ملڪ آڏو موجود بنيادي اشوز جيئن جو تيئن موجود رهندا پر ڳالهه اها آهي ته جيستائين انهن اشوز کي بولڊ انداز سان حقيقي بنيادن تي حل نه ڪيو ويندو، تيستائين Power equation (اقتداري توازن) Unbalanced (ڊانواڊول) ئي رهندو ۽ ان ريت هر ٻئي سال اقتداري سياست جو بحران آڏو ايندو رهندو. جيڪڏهن اسين ملڪ ۾ رهندڙ مسلسل اقتداري بحران جون پاڙون کوٽينداسين ته اتي اسان کي بنيادي ڪارڻ ننڍن صوبن ۽ وڏي صوبي ۽ صوبن ۽ مرڪز جي وچ ۾ اختيارن، وسيلن ۽ حقن جو عدم توازن نظر ايندو، اتي اسان کي صوبن جي خواهشن جي احترام جي کوٽ نظر ايندي، اتي اسان کي اڻ برابري ۽ سهپ جي کوٽ نظر ايندي، سو اهو سمجهڻ ته اسان جا اقتدار ڌڻي انهن بنيادي اشوز کي حل ڪرڻ کانسواءِ پنهنجو اقتداري بحران (جيڪو  هر  ٻئي  سال  ٿئي  ٿو) حل  ڪري سگهندا ته اها سندن ڀل آهي، ڇا اها حقيقت ڪونهي ته 1956ع کان وفاقي سرڪار جيڪي ”اقتداري چال بازيون“ ڪيون، ان جو سبب ڪو اقتداري بحران ڪونه هو، بلڪه وفاق هر قيمت تي صوبن منجهه حقيقي اقتداري شراڪت کان لنوائيندي، مصنوعي حل مڙهڻ پيو چاهي. ڇا سهروردي کي سياسي منظر تان هٽائڻ يا ون يونٽ جهڙا نظام مڙهڻ جهڙن واقعن پويان ڪي اقتداري راند جون مصلحتون ڪارفرما هيون؟ هرگز نه، بلڪه اهي حڪمت عمليون صوبن منجهه اڻ برابري واري نظام کي برقرار رکڻ جي لاءِ ڪيل بي ڍنگيون ڪوششون هيون، جيڪي ظاهر آهي ته ڪامياب نه ٿيڻيون هيون ۽ نيٺ 1971ع ۾ ملڪ ٻه اڌ ٿي ويو. ساڳيءَ ريت 1971ع کانپوءِ منظر تي آيل ذوالفقار علي ڀٽو به گهڻو عرصو هضم نه ٿي سگهيو، جيتوڻيڪ ڀٽي مرحوم پنهنجيءَ پر ۾ صوبن ۽ وفاق جي وچ ۾ هلندڙ اڳوڻي واهيات نظام کي ڪمزور ڪرڻ بدران مضبوط ئي ڪيو، پر تنهن هوندي به هو قابل قبول نه ٿيو، ڇاڪاڻ ته (1) کيس عوام جو مينڊيٽ حاصل هو ۽ (2) ته سندس تعلق سنڌ سان هو. ڀٽي مرحوم کي جسماني طرح ڳڙهي خدابخش ۾ لحد ۾ لاهڻ کانپوءِ واڳ ڌڻين آڏو مسئلو ڀٽي مرحوم جو روح (يعني نالو) ۽ سندس ڌيءَ بينظير ڀٽو هئا، جنهن لاءِ انهن نواز شريف جي چونڊ ڪئي، جنهن ۾ ٽي خوبيون هيون (1) سياسي دانش کان آجو هجڻ (2) صنعت ڪار طبقي جو هجڻ ۽ (3) سندس تعلق سينٽرل پنجاب سان هجڻ. جنهن ريت هڪ پاسي ميان نواز شريف جي سياسي نشونما ڪئي وئي ۽ ٻئي پاسي سنڌ ۾ عصبيت ۽ لسانيت کي فروغ ڏئي سياسي ادارن کي ڪمزور ڪيو ويو، اهو ڪو هاڻ راز ناهي رهيو. پوءِ جنهن ريت پنجاب جي ليڊر کي 1997ع ۾ چئن ئي صوبن (سنڌ سميت) مان مينڊڪ (معاف ڪجو) مينڊيٽ ڏياريو ويو، اهو به هاڻ ڪنهن کان لڪل ڪونهي. سو ان پس منظر ۾ ڪير مون کي ٻڌائي ته اهو سڀ ڪجهه ڪرڻ جو مقصد صرف اقتداري مصلحت هو يا سنئون سڌو ننڍن صوبن مٿان پنهنجي بالادستي برقرار رکڻ هو؟ ٿي سگهي ٿو ته ڪجهه دوست اهو چون ته ننڍن صوبن مٿان بالادستي برقرار رکڻ ئي ”اقتداري سياست“ آهي پر آئون خالص ”اسلام آبادي سوچ“ رکندي ”تعصب کان پاڪ“ ٿي اهو معصوماڻو سوال ٿو ڪريان ته اقتداري راند ۾ ته فرد، پارٽيون يا ڌريون هڪ ٻئي کي هيٺ لاهڻ يا مٿي چاڙهڻ جو ڪم ڪنديون آهن، ان راند ۾ سنڌي يا غير سنڌي پنجابي يا غير پنجابي وارو سوال ته نه هجڻ کپي نه!
        12 آڪٽوبر 1999ع تي جڏهن جنرل پرويز مشرف حڪومت سنڀالڻ کانپوءِ پنهنجين تقريرن ۾ اهو چوڻ شروع ڪيو ته نواز حڪومت ۾ صوبن منجهه ٽڪراءُ واري صورتحال پيدا ٿي پيئي هئي. پر هاڻ صوبن منجهه انصاف ۽ برابري وارو ماحول جڙندو، (ننڍن) صوبن کي سندن جائز حق ملندا، ته اهڙيون تقريرون ٻڌي ڪجهه ماڻهن ۾ اميد پيدا ٿي هئي ته متان هاڻ ڪا صورتحال تبديل ٿئي جو جنرل مشرف ان اداري جو سربراهه به آهي، جنهن اداري جي ماضي وارن حڪومتي دورن ۾ ننڍن صوبن جي شڪايتن ۾ اضافو ٿيو هو، پر هن ڀيري شايد ڪو احساس جاڳيو هجي، پر ..........پوءِ ڇا ٿيو، ڪيئن ٿيو، ان جي تفصيل ۾ ڪهڙو وڃجي؟ پر حيرت تڏهن ٿي جڏهن سنڌ واسين اهو ڏٺو ته حڪومت پاران جيڪي هڪ اڌ فيصلا  سنڌ جي حقن ۾ ڪيا ويا ته انهن تي به عملدار آمد نه ٿي سگهيو. اڃا ڪالهوڪي ڳالهه آهي ته جنرل پرويز مشرف پاڻ اعلان ڪيو هو ته صوبن منجهه پاڻيءَ جي ورڇ 91ع واري ٺاهه موجب ٿيندي پر ملڪ جي چيف ايگزيڪيوٽو جي اهڙي اعلان کي ارسا جي تڏهوڪي چيئرمين جيڪو هڪ سرڪاري ملازم (سيڪريٽري ايريگيشن) هو، تنهن رد ڪندي پاڻيءَ جي ورڇ تاريخي حصي موجب ڪرڻ شروع ڪئي، جيڪا اڄ به جاري آهي! آهي نه اچرج جهڙي ڳالهه، ته پنجاب سان تعلق رکندڙ هڪ 19 يا 20 گريڊ جي ڪاموري ملڪ جي چيف ايگزيڪيوٽو پاران ڪيل اعلان تي عمل نه ڪيو؟
        اڄڪلهه وري زور شور سان ان ڳالهه جا چرچا آهن ته ”اسلام آباد/راولپنڊي“ سنجيدگيءَ سان ان ڳالهه تي ويچاري رهيا آهن ته ايندڙ سياسي سيٽ اپ جي سربراهي ڪنهن سنڌيءَ کي ڏني وڃي، اها روش ماضي کان مختلف ڪانهي. يعني ”هر درد جو علاج ٻه گوريون اسپرو جون.“ معنيٰ سنڌ جي هر احساس محرومي جو علاج سال ٻن لاءِ سنڌي وزيراعظم! ضياءُ الحق دور ۾ محمد خان جوڻيجي کي به انهيءَ فارمولي هيٺ وزيراعظم بڻايو ويو هو پر اسلام آباد ۾ ويٺل عقل جي اڪابرن کي الائي ڇو اهو سمجهه ۾ نٿو اچي ته سنڌ جو عوام ان Eye wash (اکين جي دوکي) کي سمجهي ٿو ۽ جيڪڏهن وزيراعظم جو صرف سنڌ سان هجڻ ڪو اشو هجي ها ته 1985ع کانپوءِ چار دفعا سنڌي وزيراعظم رهيا ۽ هاڻوڪو چيف ايگزيڪيوٽو به پاڻ کي سنڌي سڏي ٿو، پر اسان کي اهڙو وزيراعظم کپي، جنهن جي حڪم کي پنجاب جو ڪو ڪامورو مڃڻ کان انڪار جي همت نه ڪري، جيڪو ناڻي جي ورهاست ۾ ننڍن صوبن کي سندن جائز حق ڏيارڻ جا اختيار رکندو هجي، جيڪو ننڍن صوبن جي معاملات ۾ اسلام آباد جي اجائي مداخلت ۽ پنجاب جي بالادستي ختم ڪرائي، جيڪو سنڌ کي زوري پنجاب جي واڌو ڪڻڪ خريد ڪرڻ لاءِ مجبور نه ڪري، جيڪو وفاق کي واپڊا-سنڌ تڪرار ۾ واپڊا جي ڌر بڻجڻ کان روڪي، جيڪو سنڌ جي عوام جي راءِ ۽ مينڊيٽ جو احترام ڪري، باقي مڙئي سنڌ ڊوميسائيل جي بنياد تي ڪنهن کي وزيراعظم بڻائڻ سان مسئلن جو ڪو دائمي حل ڳولهڻ سان پنهنجي پاڻ کي بيوقوف ئي بڻائي سگهجي ٿو پر سنڌ کي ان سان راضي ڪرڻ ممڪن ڪونهي. باقي جيڪڏهن معاملو صرف اقتداري سياست جي شطرنج جا مهرا اڳتي پوئتي ڪرڻ جو آهي ته ان لاءِ اقتدار ڌڻي وس وارا آهن، کين ڪير ۽ ڪيئن ٿو روڪي سگهي؟ تازو لاهور جي هڪ تقريب ۾ اردو اخبار اوصاف جي ايڊيٽر، نالي واري صحافي حامد مير پنهنجي تقرير ۾ چيو ته ”ننڍن صوبن سان ماٽيلي ماءُ واري ورتاءُ سبب اڄ سنڌي اخبارون اهڙا ايڊيٽوريل لکي رهيون آهن، جهڙا ايڊيٽوريل 30 سال اڳ بنگالي اخبارون لکنديون هيون، پر اسان جي سڄاڻ دوستن کي انهن لکڻين يا سنڌ جي عوام جي احتجاج مٿان تعصب ۽ تنگ نظرئي جو ٺپو هڻي انهن کي نظر انداز نه ڪرڻ کپي ۽ اختيار ڌڻين کي انهن جا مسئلا حل ڪرڻ کپن.“ ان تقريب ۾ حامد مير ڪاوش جي 11 ڊسمبر واري اخبار جي ايڊيٽوريل جو به حوالو ڏنو، جيڪو نواز شريف جي آزاديءَ بابت هو. حامد مير پنجاب جي سجاڳ حلقن توڙي اقتدار ڌڻين کي سنڌ جي احتجاج جي آواز طور ڇپجندڙ سنڌي لکڻين تي تعصب جو ليبل نه هڻڻ جي صلاح ڏني آهي. اسان وٽ واقعي به اهو الميو رهيو آهي ته جيڪڏهن  ننڍن  صوبن  جي  حقن  جي ڪو ڳالهه ڪري ٿو ته فورن ان مٿان تعصب جو ليبل هڻي کيس ماٺ ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي ۽ جيڪڏهن هو پوءِ به ماٺ نٿو ڪري ته پوءِ مٿس عليحدگي پسند ۽ ملڪ دشمن هجڻ جو الزام هڻي هيسايو وڃي ٿو. 30 سال اڳ بنگالي اخبارن جا ڇپيل ايڊيٽوريل مون ناهن پڙهيا، تنهن ڪري انهن بابت ڪجهه نٿو چئي سگهان، پر حامد مير توڙي پنجاب جي سجاڳ حلقن آڏو اها ڳالهه رڪارڊ خاطر ضرور ڪرڻ چاهيندس ته في الحال سنڌي صحافين جي اڪثريت اڃا ان سطح تائين ناهي پهتي، جتي بنگالي صحافي 30 سال اڳ پهچي ويا هئا، بلڪه سنڌ جي دانشورن، ليکڪن ۽ صحافين جي اڪثريت اڃا ملڪي فريم ورڪ اندر ئي پنهنجن حقن جي ڳالهه ڪري ٿي ۽ خود سنڌ جي اڪثريتي عوام جو اڃا هڪ وفاقي پارٽي (پ پ) سان گڏ هجڻ ان ڳالهه جو چٽو ثبوت آهي ته سنڌ جو عوام پاڻ سان ٿيندڙ سمورين زيادتين جي باوجود ملڪ ۾ رهندي پنهنجي مسئلن جو حل چاهي ٿو پر ....... ”منهنجا پيارا حامد مير! توهان ڄاڻو ٿا ته وقت هميشه ساڳيو ناهي رهندو، توهان تاريخ جا به شاگرد آهيو، توهان ڄاڻو ٿا ته اڄ جي حقيقت سڀاڻي بدلجي به سگهي ٿي، تنهن ڪري توهان دعا به ڪريو ۽ ڪوشش به ته اسان جا اقتدار ڌڻي اڄ جي حقيقت کي سمجهن ۽ ملڪ جي بنيادي اشوز کي اقتداري راند جي ور نه چاڙهي ڇڏين. پيارا حامد، سنڌ جا ماڻهو نه تنگ نظر آهن ۽ نه ئي تعصبي، پر انهن سان ٿيل مسلسل بي واجبين کين ضدي ضرور بڻائي ڇڏيو آهي ۽ سندن ضد اهو آهي ته سندن حقن، مينڊيٽ ۽ راءِ جو احترام ڪيو وڃي. ڇا اهڙو ضد ڪرڻ غلطي آهي؟ سنڌ جا ماڻهو آمريت مخالف ۽ جمهوريت پسند آهن، تنهن ڪري ئي اتان جو عوام اقتدار ڌڻين جي پاور گيم ۾ هميشه رنڊڪ پيدا ڪري ٿو. ڇا جمهوريت پسند ٿيڻ خراب ڳالهه آهي؟ سنڌ واسين جو هميشه اهو مطالبو رهيو آهي ته انهن سان برابريءَ وارو ورتاءُ ڪيو وڃي، ڇا اهو مطالبو ناجائز آهي؟ حامد، تون پاڻ ٻڌاءِ ته جيڪڏهن ڪنهن کي پاڻي نه ڏجي، ان کان روزگار کسيو وڃي، ان جي خواهشن کي لتاڙيو وڃي ۽ پوءِ جيڪڏهن رڙ ڪري ته چئجي ته اهو شخص تعصبي آهي ته ڇا اهو انصاف ٿيندو؟ اقتدار ڌڻين کي ته الائي اهي ڳالهيون سمجهه ۾ اچن يا نه پر پنجاب جي دانشورن ۽ سجاڳ ماڻهن کي سنڌ سان کليل دل ۽ دماغ سان ڊائيلاگ شروع ڪرڻ کپي، جيئن ننڍن صوبن واري اشو تي صرف ننڍن صوبن ۾ ئي نه پر چئن ئي صوبن ۾ راءِ عامه مضبوط ٿئي. ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن پنجاب ۾ به Realisation (احساس) وڌي ته پوءِ وفاق يقينن ان جو نوٽيس وٺندو. ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن ماڻهن کي سوڙهو ڪبو ۽ کين نظرانداز ڪبو ته متان هو مرزا غالب جو اهو شعر پڙهڻ شروع ڪن ته:
وفا ڪيسي، ڪهان ڪا عشق، جب سر ڦوڙنا ٺهرا
تو ڦر اي سنگدل، تيرا هي سنگ آستان ڪيون هو
        ٿي سگهي ٿو ته ڪنهن دوست کي مٿي لکيل ڳالهيون ”بي وقتي راڳڻي“ لڳن. پر اها ڳالهه ٿورو به شعور رکندڙ هر ماڻهو سمجهي سگهندو ته جيستائين استحصال ۽ ناانصافي واري اسٽيٽسڪو کي برقرار رکڻ لاءِ اقتداري راند جاري رهندي، جيستائين حقيقي اشوز کي کليل انداز سان حل  نه  ڪيو  ويندو،  تيستائين  اقتداري  بحران  ته  ختم  نه  ٿيندو بلڪه  ملڪي  حالتن  ۾ به سڌارو اچڻ ناممڪن آهي، تنهن ڪري اسلام آباد/راولپنڊي ۾ وزارت عظميٰ ۽ وزيرن جي اميدوارن سان جوڙ توڙ ۽ مختلف ڌرين سان ڊيلون ڪرڻ بدران وفاقي حڪومت چئن ئي صوبن جي حقيقي نمائندن جي اسلام آباد ۾ هڪ ڪانفرنس ڪوٺائي جتي صوبائي حقن واري هڪ نقاطي ايجنڊا تي ڳالهيون ٿين، جنهن ۾ ايندڙ وقتن لاءِ صوبن جي وچ جي معاملات ۽ صوبن ۽ وفاق جي وهنوار بابت ”رولز آف بزنس“ نئين سر طئه ٿيڻ کپن. جنهن کانپوءِ فوري طور ملڪ ۾ عام چونڊن جو اعلان ڪيو وڃي ڇاڪاڻ ته اسيمبلين جي بحالي يا نگران حڪومت ٽائيپ فارمولا نه اڳ ڪڏهن اقتداري ايوانن کي بحران کان آجو ڪرائي سگهيا آهن ۽ نه ئي هاڻ انهن مان ڪو کڙتيل نڪرندو.
تازو اطلاع:ملڪ ۾ هلندڙ جوڙ توڙ واري فضا ۾ تازي تبديلي اها ٻڌڻ ۾ اچي پيئي ته حڪومت ۽ پ پ قيادت ۾ ڳالهيون ڊيڊ لاڪ ڏانهن وڌن پيون ۽ تنهن کانپوءِ حڪومت آصف زرداري جي عدالت ۾ هلندڙ ڪيسن ۾ ٻيهر دلچسپي وٺڻ شروع ڪئي آهي، جيئن آصف کي اٽڪ جيل پهچائي سگهجي، جتان تازو نواز شريف کي آزاد ڪيو ويو آهي. بهرحال هر ڏينهن تبديل ٿيندڙ صورتحال ۾ پڪ سان نٿو چئي سگهجي ته سڀاڻي ڇا ٿيندو پر جيڪڏهن واقعي به بينظير ۽ حڪومت ۾ ڊيڊلاڪ ٿي ويو ته پوءِ ايندڙ سيٽ اپ لاءِ ڪنهن سنڌي سياستدان جي وزيراعظم ٿيڻ جا امڪان چٽا ٿي پوندا.

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو