Thursday, 27 November 2014

علي قاضي

ڇا هڪ ڊيل ٻين ٺاهن تان به پردا کڻندي؟
اڱارو 12 ڊسمبر 2000ع


ڪجهه مهينا اڳ جڏهن ميان نواز شريف کي عدالت پاران عمر قيد جي سزا ٻڌائي وئي هئي ته ان مهل لکيل هڪ مضمون ۾ ڪجهه ان ريت لکيو هئم، ”پراڻي هندستاني فلم شعلي ۾ جڏهن گبر سنگهه کي عدالت 20 سال جي سزا ٻڌائي ته گبر سنگهه کيس گرفتار ڪندڙ پوليس آفيسر کي چوي ٿو ته ”اڃا هندستان ۾ اهو جيل ناهي ٺهيو جيڪو گبر سنگهه کي 20 سالن تائين سلاخن جي پويان روڪي سگهي“ ساڳيءَ ريت ”اڃا پاڪستان ڪو اهڙو جيل ناهي ٺاهيو جيڪو پنجاب سان تعلق رکندڙ وزيراعظم کي 14 سالن تائين سلاخن جي پويان روڪي سگهي“ ڪجهه مهينا اڳ لکيل اها ڳالهه اڄ سچ ثابت ٿي وئي ۽ نواز شريف کي سلاخن جي پويان موڪليندڙ فوجي حڪومت ڪالهه پنهنجي فوجي هوائي اڏي (چڪلالا) تان نواز شريف کي هٿ لوڏي رخصت ڪري ڇڏيو.”وفاقي سوچ“ رکندڙ ۽ اسلام آباد سان ويجهڙائپ رکندڙ صحافين جو اصرار اهو آهي ته نواز شريف جي آزاديءَ جو واحد ڪارڻ سندس پنجابي هجڻ نه هو بلڪه سعودي شهزادي عبدالله، قطر جي امير شيخ حماد ۽ دبئيءَ جي شيخ زيد سان نواز شريف جي ذاتي لاڳاپن سبب سندس رهائي ممڪن ٿي آهي. ڪجهه خابروئن جو وري اصرار آهي ته شيخ سڳورن به ان ڪري جي ايڇ ڪيو ۽ ماڊل ٽائون ۾ ٺاهه ڪرائڻ ۾ دلچسپي پئي ورتي جو مٿن آمريڪا بهادر جو دٻاءُ هو ۽ ڪلنٽن سرڪار سڌيءَ ريت سامهون اچڻ نه پئي چاهيو، تنهن ڪري شيخ سڳورن مٿان ان ڪم جو ”بار“ وڌو ويو. هلو پاڻ اهي سڀ ڳالهيون مڃي ٿا وٺون پر پوءِ به ٻه اهم سوال اڀري اچن ٿا، هڪ اهو ته ڪلنٽن ڪو راڄوڻي ماڻهو ته آهي ڪونه جيڪو ذاتي سنگت نڀائيندي نواز لاءِ سنگت ۾ وهنوار ڪندو هجي ۽ اهو به تڏهن جڏهن مهيني کن ۾ هو وائيٽ هائوس خالي ڪرڻ وارو هجي، سو ڪلنٽن يا آمريڪا کي نواز شريف جي آزاديءَ جو ايترو اونو ڇو هيو؟ ٻيو سوال اهو ته هاڻوڪي فوجي حڪومت، آمريڪا جون ٻيون ڪيتريون فرمائشون ائين پوريون ڪيون آهن جيئن نواز جي آزادي واري فرمائش بنا ڪنهن هٻڪ جي پوري ڪئي وئي آهي؟ انهن ٻن سوالن جو ٺيڪ ٺيڪ جواب ته ايندڙ وقت ئي ڏيندو پر ڪامن سينس اهو ٿو چئي ته آمريڪا بهادر، شيخ سڳورن جي معرفت شريف خاندان ۽ حڪومت جي وچ ۾ ٺاهه ڪرائڻ سان گڏوگڏ خود شريف خاندان سان مستقبل بابت ڪو ٺاهه ڪيو آهي، يعني ايندڙ سالن ۾ آمريڪا، پاڪستان جي اندر ڇا ٿو چاهي ۽ پاڪستان بابت ڇا ٿو چاهي وارن معاملن تي شريف خاندان (نواز شريف يا شهباز شريف) پنهنجي ”محسن“ آمريڪا جي خواهشن (پلان) جو ضرور  احترام ڪندا،  آمريڪا  جنهن  لاءِ  جنرل  ايوب  خان  مرحوم  لکيو هو ته هو ”آقا آهي، دوست نه“غلط نه هو ۽ اهو سمجهڻ ٻاراڻي هوندي ته آقا ڪڏهن دوستيون ڪندا آهن يا ذاتي سنگت ۾ ڪنهن لاءِ ڪڏهن ڪجهه ڪندا آهن بلڪه آقا صرف پنهنجا مفاد ڏسندا آهن، هاڻ ڏسڻو صرف اهو آهي ته ”آقا“ (آمريڪا) شريف خاندان جي جان بخشي ڪرائي جيڪا سيڙپ ڪئي آهي ان جي موٽ ۾ هو وقت اچڻ تي شريف خاندان کان ڪهڙو ٿو ڪم وٺي!؟ جيستائين ان سوال جو تعلق آهي ته حڪومت بنا هٻڪ جي ان فرمائش کي ڇو پورو ڪيو ته ان جو جواب اهو ئي سمجهه ۾ اچي ٿو ته حڪومت اهڙو فيصلو آمريڪا يا شيخ سڳورن کي راضي ڪرڻ سان گڏوگڏ اقتداري ايوانن ۾ وڌندڙ ناراضگي ۽ نااتفاقيءَ واري فضا کي نيوٽرل ڪرڻ لاءِ کنيو ڇاڪاڻ ته پنجاب ۾ حڪومت مخالف ٺهندڙ راءِ عامه هاڻ اقتداري ڪاريڊورز تي اثر وجهڻ شروع ڪيو هو، جنهن سبب اسلام آباد ۾ سال اڳ واري اتفاق راءِ واري فضا متاثر ٿيڻ شروع ٿي هئي ۽ بقول هڪ سنڌي دانشور جي ته ”نواز کي ڇڏي پنجاب ۾ جڙندڙ ”احساس محرومي“ واري فضا کي ختم ڪيو ويو آهي!!!“ هاڻ پنجاب ۾ جڙندڙ ان راءِ کي ڪو وزن ناهي رهيو ته سندن ليڊر (نواز شريف) جيل ۾ آهي ۽ غير پنجابي اسلام آباد تي حڪمراني پيا ڪن، سو نواز جي آزاديءَ سان اسٽيبلشمينٽ ۾ موجود ڪٽر پنجابي لابي راضي نه به ٿي هجي تڏهن به کيس ٿڌو ضرور ڪيو ويو آهي، ان کانسواءِ ٻي اهم ڳالهه اها آهي ته اهو سمجهڻ نه گهرجي ته ڪو صرف حڪومت ۽ ماڊل ٽائون وچ ۾ ٺاهه ٿيو آهي ۽ ڪو سرڪار بارگيننگ دوران صرف ان خاطري تي خوش ٿي وئي هوندي ته نواز شريف آئينده سياست نه ڪندو يا حڪومت خلاف بيان نه ڏيندو وغيره، اهو سمجهڻ ٻاراڻي ٿيندي ڇاڪاڻ ته اصل ڊيل ته ٿي ئي حڪومت ۽ نواز کي ڇڏائيندڙن جي وچ ۾ هوندي ۽ ظاهر آهي ته ان ڊيل ۾ سرڪار پنهنجي ”ڊگهي عمر“، مالي سهائتا، بين الاقومي اڪيلائپ مان نڪرڻ وغيره جهڙا مدا رکيا هوندا پر ضروري ناهي ته سرڪار جا سمورا شرط مڃيا ويا هجن، اسان کي اها ئي پوري خبر نٿي پئي ته سرڪار ۽ شريف خاندان جي وچ ۾ ڊيل جا ڪهڙا تفصيل آهن ته باقي ٻين معاهدن جا تفصيل ڪٿان ملندا جنهن مان هڪ شريف خاندان ۽ کين ڇڏائيندڙ وچ ۾ ٿيو آهي ۽ ٻيو سرڪار ۽ شريف خاندان کي ڇڏائيندڙ جي وچ ۾ٿيو آهي.
لڳ ڀڳ 8 مهينا اڳ جڏهن نواز شريف کي وڌ ۾ وڌ سزا ڏيارڻ لاءِ رڌل سرڪاري ٽيم جي هڪ اهم ۽ ذميوار همراهه مون کي ٻڌايو ته نواز شريف فوجي حڪومت سان پنهنجي اڌ ملڪيت ۽ جلاوطنيءَ جي عيوض ٺاهه ڪرڻ چاهي ٿو ته ايمانداريءَ جي ڳالهه آهي ته مون کي ان همراهه تي اعتبار نه آيو پر وري ٿوري بحث کانپوءِ پڇيو مانس ته ”ڇا سرڪار، نواز شريف جي آفر قبوليندي؟“ ته ان همراهه چيو ته ”اسان جي ملڪ ۾ ٿي ته ڪجهه به سگهي ٿو پر في الحال سرڪار ان آفر کي نه پئي قبولي ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن نواز شريف کي سرڪار ڇڏي ٿي ڏئي ته پوءِ سندس رهڻ جو Moral justification (اخلاقي جواز) ڪهڙو بچندو؟“ اڄ جڏهن شريف خاندان جدي ۾ شاهي مهمان طور پهچي چڪو آهي ته اٺ مهينا اڳ واري ڳالهه پئي ياد اچي ۽ وري اهو سوال پيو اڀري ته اهو حڪومتي فيصلو خود ”حڪومتي صحت“ لاءِ ڪيترو ڪارگر  ثابت  ٿيندو؟  ظاهري  طرح  نواز شريف  جي  آزاديءَ  وارو واقعو ڪو Isolated event (الڳ ٿلڳ واقعو) نٿو لڳي بلڪه هي واقعو Chain of events (واقعن جي تسلسل) جو حصو ٿو لڳي يعني ائين نٿو لڳي ته ان واقعي کانپوءِ بس ٿي ويندي ۽ ڪاروهنوار جيئن هو تيئن ئي هلندو رهندو، بلڪه اڃا هڪ ٻئي جي پويان مختلف معاملات Unfold (ظاهر) ٿيڻا آهن، جنهن ۾ مهينو لڳي يا ڇهه مهينا پر نواز شريف جي آزاديءَ وارو واقعو پوري ٽرين جو هڪ دٻو هو ۽ اڃا ٻيا دٻا به اسٽيشن تائين پهچڻا آهن، انهن واقعن جي تسلسل ۾ ڪير ٻيو ٿو جلاوطني اختيار ڪري ۽ ڪهڙو جلاوطن ڏيهه ٿو موٽي ۽ ڪهڙا نوان ماڻهو اقتدار ۾ اچن ٿا ۽ ڪهڙا ٻاهر ٿا نڪرن اهو آهستي آهستي سڀني جي سامهون اچي ويندو.
        ان سڄي سياسي منظر ۾ محترمه بينظير ڀٽو جو ڪردار وقتي طور ڀلي گهٽ اهميت وارو نظر پيو اچي، پر دراصل ايندڙ ڏينهن ۾ بينظير ڀٽو سنڌ ڪارد گڏجي هڪ دفعو ٻيهر ملڪي سياست ۾ نمايان حيثيت اختيار ڪندي نظر اچن ٿا، جيتوڻيڪ اڃا تائين بينظير توڙي سرڪار ٻئي پاڻ ۾ ٿيندڙ انهن ڳالهين جي ترديد ڪري رهيا آهن ۽ سندن دعويٰ ته سندن وچ ۾ ڪابه ڊيل نه پئي ٿئي پر ملين ڊالرز جو سوال اهو آهي ته جيڪڏهن ٻنهي جي وچ ۾ ڪا ڊيل ٿي (جيڪا اڄ نه ته سڀاڻي ٿيندي نظر اچي ٿي) ته پوءِ ٻئي ڌريون ڪهڙن امڪاني نقطن تي راضي ٿي پيون سگهن، ان ڏس ۾ اهو چوڻ ته بينظير ڀٽو صرف آصف زرداري جي رهائي تي سرڪار سان ٺاهه ڪري وٺندي ڪا دانشمندي نه چئبي ڇاڪاڻ ته سال کن اڳ جيڪڏهن ڪا ڊيل ٿئي ها ته ٿي سگهي ٿو ته صرف آصف جي معاملي تي ڪو عارضي ٺاهه ٿي وڃي ها پر نواز شريف جي آزاديءَ کانپوءِ واري تازي صورتحال ۾ بينظير جي بارگينگ پوزيشن ايتري خراب ڪانهي جو هوءَ صرف پنهنجي مڙس جي آزادي تي ڊيل ڪري وٺي بلڪه هاڻ جڏهن به ڊيل ٿي ته اها پوري پيڪيج تي ٿيندي، جنهن ۾ آصف جي رهائيءَ سان گڏ ايندڙ حڪومتي سيٽ اپ ۽ مستقبل بابت پڪ پڪاڻين وارا معاملا به ان پيڪيج ۾ شامل هوندا، ان ڏس ۾ هڪڙي ٿيوري صحافتي مارڪيٽ ۾ اها گردش هيٺ آهي ته حڪومت بينظير کي ڊيل طور آصف جي رهائي ۽ ايندڙ حڪومتي سيٽ اپ ۾ وزيراعظم سندس ماڻهو نه پر اهڙو ماڻهو آڻڻ جي آڇ پئي ڪري جنهن ماڻهوءَ تي بينظير کي هروڀرو اعتراض نه هجي پر بينظير جو ٽن نقطن تي گهڻو اصرار آهي، هڪ اهو ته معطل اسيمبليون بحال ڪرڻ بدران نيون چونڊون ڪرايون وڃن، ٻيو اهو ته چونڊن کان اڳ جيڪو نگران سولين سيٽ اپ ٺاهيو وڃي ان جي سربراهه (وزيراعظم) جو تعلق سنڌ بدران ڪنهن ٻئي صوبي سان هجي (جيڪو پڻ بينظير جي صلاح سان مقرر ٿئي) ۽ ٽيون شرط اهو آهي ته مٿس ۽ آصف خلاف هلندڙ ڪيس عدالتي پراسيس ذريعي ختم ڪرايا وڃن نه ڪي ڪنهن معافي تلافي واري فارمولي هيٺ. اتي ڏسڻو اهو آهي ته حڪومت جيڪا هاڻ اقتداري سيٽ اپ ۾ جيترو جلد ٿي سگهي سولين چهرا آڻڻ ٿي چاهي، اها پنهنجا پتا ڪيئن ٿي اڇلائي. ڇاڪاڻ ته هڪڙي ٿيوري اها به آهي ته جيڪڏهن بينظير ڀٽو جا شرط سرڪار کي ڳرا لڳا ته پوءِ سرڪار بينظير کانسواءِ ئي سولين سيٽ اپ واري پلان تي عمل درآمد  ڏانهن  وڌندي،  جنهن ۾  امڪان اهو پيو ڄاڻايو وڃي ته وزير اعظم سنڌ مان ئي کنيو ويندو، جيئن نواز شريف جي آزاديءَ کانپوءِ هڪ دفعو ٻيهر ”لاهور ۽ لاڙڪاڻي جي وزير اعظمن سان ورتاءَ ۾ فرق“ واري اڀريل فضا کي ٿڌو ڪري سگهجي ۽ گڏوگڏ سرڪار ان نگران سولين دور ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر مسلم ليگ کي منظم ڪرڻ چاهيندي جيئن نواز شريف جي وڃڻ کانپوءِ بينظير لاءِ خالي ميدان بڻيل ملڪي سياست ۾ ٻيهر پ پ جي سامهون  ڪو سگهارو متبادل ٺاهجي، سو حالتون اهو ٿيون ٻڌائين ته سردست حڪومت ۽ بينظير پنهنجا پنهنجا آپشن کليل رکيا آهن ۽ ٻنهي جي وچ ۾ War of nurves (اعصابي جنگ) پنهنجي عروج تي آهي، هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته ڪير ڪنهن کان بهتر اقتداري سياست ڄاڻي ٿو؟ پ پ جي ويجهن حلقن موجب بينظير سمجهي پئي ته حڪومت هن مهل ڪمزور وڪيٽ تي کيڏي پئي تنهن ڪري بينظير شايد پنهنجو سگهارو ڪارڊ يعني فورن ملڪ واپس اچڻ جو به سنجيدگيءَ سان سوچي رهي آهي، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن هن مهل بينظير ڏيهه پهچندي ته حڪومت لاءِ محترمه جي خلاف ڪا ڪارروائي ڪرڻ تمام مشڪل ٿي پوندي جنهن جو سبب بلڪل سادو آهي، يعني جيڪڏهن حڪومت بينظير خلاف ڪو قدم کنيو ته سڄي ملڪ بلڪه دنيا ۾ اها رڙ ٿي پوندي ته ”لاهور جي وزيراعظم کي جيل مان ڪڍيو ٿو وڃي ۽ لاڙڪاڻي جي وزيراعظم کي جيل اماڻيو پيو وڃي!! هڪ غير جانبدار مبصر چواڻي ته ”بينظر کي ملڪ ورڻ جو هاڻوڪين حالتن کان وڌيڪ ڪو ٻيهر بهتر موقعو نه ملندو ۽ کيس سرڪار سان ڊيل ٿيڻ يا نه ٿيڻ جو انتظار ڪرڻ بدران واپس موٽڻ گهرجي جنهن کانپوءِ سرڪار وٽ بينظير سان ڊيل ڪرڻ کانسواءِ ٻي ڪا واٽ ئي نه بچندي.“

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو