ٽي قصا، ٽي ڪهاڻيون
|
مڪاني چونڊ:
ڇهه يا اٺ مهينا اڳ قوم جي نئين سر تعمير لاءِ جڙيل بيورو (اين آر بي) جي سربراهه جنرل (ر) تنوير نقويءَ کان انٽرويو دوران اهو سوال ڪيو هيم ته ”توهان سڄي ملڪ ۽ قوم جي نئين سر تعمير جو ڪم پنهنجن ڪلهن تي کنيو آهي، ڇا توهان ڪڏهن زندگيءَ ۾ ڪنهن اداري يا شعبي جي نئين سر تعمير ڪرڻ جو ڪم ڪيو آهي، يعني ڇا توهان کي اهڙي ڪنهن ڪم جو تجربو رهيو آهي؟“ ته جواب ۾ جنرل صاحب چيو هو ته کيس اهڙو ڪو تجربو ته نه رهيو آهي پر ڇاڪاڻ ته هو هڪ پاڪستاني آهي، تنهن ڪري کيس خبر آهي ته مسئلا ڪهڙا آهن ۽ اهي ڪيئن ٿا حل ڪري سگهجن! ان جواب سان مطمئن ٿيڻ جي گنجائش ظاهر آهي ته ڪانه هئي پر هاڻ جڏهن 4 آڪٽوبر تي نئين بلدياتي نظام يا جنهن کي سرڪار اختيارن جي هيٺئين سطح جي ورڇ جي پلان جو نالو ڏئي ٿي، لاءِ نڪتل آرڊيننس جو جائزو وٺجي ٿو ته مٿي تي هٿ رکي ماڻهو اهو سوچڻ لاءِ مجبور ٿيو وڃي ته ”تنوير صاحب کي ماضيءَ ۾ ڪو تجربو ته نه هيو، سو نه هو پر هو اسان تي هي ڪهڙو تجربو پيو ڪري؟“ شروعاتي طرح جيڪو پلان پڌرو ڪيو ويو هو ۽ هاڻ جيڪو فائنل پلان پڌرو ڪيو ويو آهي، انهن ۾ ان ڳالهه کانسواءِ ته صوبن جا مالي اختيار کسي ضلعن کي ڏنا ويندا، ٻي ڪابه ڳالهه ساڳي ڪانهي ۽ يقين نٿو اچي ته شروعاتي ۽ پوءِ حتمي پلان ٺاهيندڙ ساڳيو يا ساڳيا ماڻهو آهن!
شروع ۾ پڌرو ڪيل پلان خود تمام گهڻو تڪراري هيو پر ان ۾ هيٺينءَ سطح تي عوامي شرڪت واري اسپرٽ موجود نظر پئي آئي ۽ ان ۾ بنيادي نوعيت جون ڪجهه تبديليون ڪري ان کي جيڪڏهن قابل عمل بڻايو وڃي ها ته پوءِ اهو واقعي به هڪ نئون نظام قرار ڏئي پيو سگهجي، جنهن سان اختيار هيٺينءَ سطح تي ڀلي پهرئين مرحلي ۾ منتقل نه به ٿين ها پر ان لاءِ هڪ رستو ضرور ٺهي پوي ها. ان جي ابتڙ اين آر بي شروعاتي پلان انتهائي ڪتابي نوعيت جو ٺاهيو ويو. جيڪو ظاهر آهي ته عمل جوڳو نه هجڻ سبب عوامي سطح تي قبوليت نه ماڻي سگهيو. پري وري جيڪو هاڻ پلان منظور ڪري پڌرو ڪيو ويو آهي اهو ته ماڳهين سبحان الله آهي! يعني اندازو ڪريو ته نئين پلان موجب يونين ڪائونسل سطح تي عوام صرف هڪ دفعو ووٽ ڏئي گهر اچي سمهي پوندو ته پوءِ تعلقي يا ضلعي جا ميمبر يا سربراهه ڪير ٿيندا. ان ۾ عوام/ووٽر جو ڪو به عمل دخل نه هوندو! اسان جي نئين سر تعمير واري بيورو جي اڪابرن شايد اهو سوچيو هجي ته عام ماڻهو انتهائي مصروف هجن ٿا ۽ انتهائي معزز به هجن ٿا، تنهن ڪري انهن کي تعلقي يا ضلعي وغيره لاءِ بار بار پولنگ اسٽيشنن تي سڏي ووٽ ڏيارڻ جي زحمت کان بچايو وڃي، بس هو رڳو يونين ڪائونسل سطح تي پنهنجا ڪائونسلر چونڊي وٺن جنهن کانپوءِ مٿي جا معاملا يونين ڪائونسلر ۽ مقامي سرڪاري مشينري پاڻهي نبيري وٺندا! عقل دنگ ڪري ڇڏڻ جهڙي ان پلان ۾ حڪم صادر ٿيو آهي ته جيڪي 19 ڪائونسلر يونين ڪائونسل سطح تي ڪامياب ٿي ايندا، اهي پنهنجي اندران يعني چونڊيل 19 ڪائونسلرن منجهان ناظم ۽ نائب ناظم چونڊڻ جا پڻ مجاز نه هوندا بلڪه مسٽر الڻ ۽ مسٽر ولڻ، جن لاءِ شرط آهي ته هو عوام جا چونڊيل نه هجن (يعني ڪائونسلر نه هجن) اچي ناظم ۽ نائب ناظم جا اميدوار ٿيندا ۽ انهن کي اهي چونڊيل 19 ڪائونسلر ووٽ ڏيندا، جنهن کانپوءِ جيڪڏهن مسٽر الڻ کي 19 مان 10 ووٽ ملي ويا ته هو ضلعي اسيمبلي/ڪائونسل جو ميمبر ٿي ويندو ۽ مسٽر ولڻ تعلقي ڪائونسل جو. ان طرح الڻ ۽ ولڻ، جن جو منهن به ڪڏهن ووٽر نه ڏٺو هوندو، اهي نه رڳو يونين ڪائونسل ۾ سندن سربراهه ٿي ويندا بلڪه تعلقي ۽ ضلعي ۾ به انهن جي نمائندگي ڪندا! آهي نه عوامي شرڪت جي جذبي سان ڀرپور شاهڪار پروگرام! حڪمران دعويٰ ٿا ڪن ته اهو نئون بلدياتي نظام جنهن سان اختيار هيٺينءَ عوامي سطح تائين پهچي ويندا، هڪ انقلاب آهي. ان دعويٰ بابت ٻيو ڇا چئجي، سواءِ ان ڳالهه جي ته عوام لاءِ ايندڙ هي ڪهڙو انقلاب آهي، جنهن ۾ عوام کي ئي ان کان پري رکيو ويو آهي!
پاڪستان جي سياست ۽ خاص ڪري بلدياتي سطح جي سياست بابت بنيادي نوعيت جي ڄاڻ رکندڙ به اها ڳالهه آساني سان سمجهي سگهن ٿا ته يونين ڪائونسل سطح تي چونڊجندڙ ڪائونسلرن جي اڪثريت مٿان ڪنهن به بااثر ڌر (جنهن ۾ سرڪاري مشينري ۽ بااثر وڏيرا شامل آهن) جو دٻاءُ ڪيترو هوندو ۽ جيڪڏهن ڊي سي يا ايس ايس پي حضرات چونڊجندڙ 19 ڪائونسلرن کي گهرائي الڻ ۽ ولڻ جا نالا پرچي تي لکي ڏيندا ته اڪثريت پاران انڪار ڪرڻ ممڪن ئي نه هوندو! سو هوا ۾ رهي منصوبابندي ڪرڻ ٻي شيءِ هجي ٿي پر زميني حقيقت اها ئي آهي ته اسان وٽ يونين ڪائونسل سطح تي ضلعي بلڪه تعلقي انتظاميا پاران پنهنجي مرضي سان الڻ ۽ ولڻ کي کٽرائڻ ڪو مسئلو ڪونهي ۽ ظاهر آهي ته ضلعي يا تعلقي سطح جي انتظاميا کي جيڪي نالا ”مٿان “ ايندا، انهن کي ناظم ۽ نائب ناظم چونڊرائڻ سندن ذميواري هوندي، پوءِ لازمي طور جيڪو يونين ڪائونسل جو ناظم ”وڏن“ جي مهرباني سبب ٿيندو، سو تعلقي يا ضلعي ڪائونسل ۾ وڃي اتي انهن کي ئي ناظم لاءِ ووٽ ڏيندو، جنهن جو نالو وري کيس ”مٿان کان“ پرچي تي لکيل ملندو.
حڪومت پاران هڪ سال جي وٺ وٺان ۽ سوچ ويچار کانپوءِ آيل نئين بلدياتي چونڊ نظام کي ڏسي فوري طور تي ذهن ۾ اهو اچي ٿو ته ان نئين نظام کان ته اڳوڻو بلدياتي چونڊ نظام ئي بهتر هو، ڇاڪاڻ ته ان ۾ گهٽ ۾ گهٽ يونين کان ويندي ضلعي تائين جي ميمبرن جي چونڊ ته عوام سڌيءَ ريت ڪري سگهندو هو. پر نئين نظام ۾ ته اهو حق به عوام کان کسيو ويو آهي، جنهن سان عوام جي شرڪت نه صرف گهٽ ڪئي ويئي آهي بلڪه سرڪاري مشينري ذريعي من پسند ماڻهو چونڊرائڻ لاءِ پڻ اڳ کان وڌيڪ آساني پيدا ڪئي وئي آهي.
متحده ۽ پونم:
ڪالهه نيٺ پونم مرڪزي اجلاس ۾ متحده کي شامل ڪرڻ جي مشروط رضامندي ظاهر ڪري ڇڏي آهي. جيتوڻيڪ پونم ۾ شامل سنڌ جي ٽن اهم پارٽين عوامي تحريڪ، ترقي پسند پارٽي ۽ ڊيموڪريٽڪ پارٽي لڳ ڀڳ 20 ڏينهن اڳ هڪ اخباري بيان ذريعي اهو موقف سامهون آندو هو ته متحده جي پونم ۾ شرڪت سان سنڌ کي نقصان رسندو ۽ اهي پارٽيون متحده جي شرڪت جي خلاف آهن پر وري ٻه ٽي ڏينهن اڳ انهن پارٽين مان ترقي پسند پارٽي پنهنجو موقف مٽائيندي پونم ۾ متحده جي شموليت تي مشروط راضپو ظاهر ڪيو. جنهن کانپوءِ متحده جي ڪٽر مخالف طور تصور ٿيندڙ رسول بخش پليجي پڻ پونم ۾ متحده جي شموليت تي مشروط راضپو ظاهر ڪري سياسي حلقن کي حيران ڪري ڇڏيو آهي. باقي رهي يوسف لغاري جي ڊيموڪريٽڪ پارٽي جيڪا في الحال متحده جي شموليت بابت تحفظات رکي ٿي پر يوسف لغاري گڏوگڏ اهو به چيو آهي ته هو پونم جي ڊسيپلين کان ٻاهر نه ويندو، سو خيرن سان اسان جي قومپرستن جو اتحاد پونم متحده لاءِ پنهنجا دروازا کولڻ لاءِ تيار ٿي ويو آهي. پونم جو فيصلو درست آهي يا غلط ان تي ته خير بحث ٿئي پيو ۽ ٿيندو رهندو پر جيڪو سوال انتهائي اهم آهي ته پونم جي بزرگن کي چيو ڪنهن آهي ته متحده، پونم ۾ اچڻ چاهي ٿي؟ جيڪڏهن الطاف حسين پونم جي ڪنهن اڳواڻ جي ڪن ۾ اهڙي ڪنهن خواهش جو اظهار ڪيو هجي ته خدا کي خبر، باقي اڃا تائين متحده پاران آن دي رڪارڊ اهڙو ڪو بيان يا خواهش جو اظهار ناهي ڪيو ويو ته هو پونم ۾ اچڻ چاهي ٿي. سو ڏٺو وڃي ته اها سياسي طرح هڪ غير سنجيده روش آهي ته اڃا ڪو ماڻهو يا ڌر باقاعدگي سان اتحاد ۾ شامل ٿيڻ جي درخواست ته ٺهيو پر خواهش جو اظهار به نه ڪري ۽ اسان وارا يار ڏينهن رات ڪري، وڏا بحث ۽ هڻ هڻان ڪري هڪ ٻئي کي راضي ڪرڻ ۾ پورا هجن ته متحده پونم ۾ اچي يا نه ۽ پوءِ خاص اجلاس ڪري اهو فيصلو ڪن ته متحده فلاڻا فلاڻا شرط مڃي ته پوءِ ڀلي پونم ۾ شامل ٿئي! پر ڀائي، متحده ڪڏهن چيو آهي ته اها پونم ۾ شامل ٿيڻ چاهي ٿي؟ ۽ فرض ڪريو ته جيڪڏهن پونم پاران متحده کي شامل ڪرڻ واري فيصلي کانپوءِ متحده وارا چون ته ”ڀائي صاحب، خير ته آهي، توهان کي چيو ڪنهن آهي ته اسين پونم ۾ شامل ٿيڻ چاهيون ٿا؟“ جيڪڏهن اهڙو ڪو ردعمل آيو ته پوءِ پونم جي سياسي حيثيت ڪٿي وڃي بيهندي؟ پونم ۾ شامل اهي ڌريون جيڪي متحده کي اتحاد ۾ شامل ڪرڻ لاءِ لابنگ ڪري رهيون هيون، انهن کي گهٽ ۾ گهٽ متحده وارن کان ڪو اهڙو بيان ته اڳواٽ ڪڍرائڻ گهرجي ها، جنهن مان متحده جي پونم ۾ شموليت جي ڪا خواهش ته نظر ايندي هجي ها پر ان جي ابتڙ هتي قصو اهو لڳو پيو هو ته اميدوار خواهش به نه پيو ڏيکاري پر اسان وارا اڪابر اڳ ۾ ئي گلن جا هار کنيو بيٺا آهن!.
پيار ۽ احترام جون نئون معاهدو:
ڪجهه عرصو اڳ حيدرآباد مان ڊاڪٽر سراج شيخ جي اغوا جي واردات ۾ ملوث ملزم طارق ميمڻ جي والد عبدالحفيظ ميمڻ جو بيان آيو ته ”مون کي پهريون ڀيرو اها خبر تڏهن ملي ته منهنجو پٽ سگريٽ پيئي ٿو، جڏهن ايس ايس پي آفيس ۾ منهنجي پٽ سان ملاقات ڪرائي وئي.“ عبدالحفيظ ميمڻ صاحب پنهنجي بيان ۾ چيو ته کيس اهو ڄاڻي وڏو صدمو رسيو ته سندس پٽ سگريٽ جو عادي پڻ آهي. ميمڻ صاحب کي پنهنجي پٽ جي ان عادت جي معلوم ٿيڻ کانپوءِ يقينن صدمو پهتو هوندو پر ميمڻ صاحب جو اهو بيان سماج ۾ جاري ٽوڙ ڦوڙ تي نظر رکندڙن لاءِ خود وڏي صدمي جو سبب بڻيو ۽ يڪدم اهو سوال ذهن ۾ آيو ته ”پيءُ ۽ پٽ ۾ ايترا ويڇا ڇو آهن جو پيءُ کي اها به خبر ڪانهي ته سندس 33 يا 34 سالن جو پٽ سگريٽ پيئي ٿو؟“ ڇا والدين ۽ اولاد جي وچ ۾ پيار، احترام ۽ عزت جو رشتو بيگانگيءَ ۾ تبديل ٿي ويو آهي، جو جوان جماڻ اولاد ۽ والدين هڪ ٻئي لاءِ اجنبي ٿيندا پيا وڃن! جڏهن ملزم طارق ميمڻ اهو چوي ٿو ته کيس پوليس کان وڌيڪ پنهنجي پيءُ جو ڊپ هو ته هر باشعور ماڻهو جا وار ڪانڊارجيو وڃن، ڇاڪاڻ ته عام طرح پيءُ جو تصور اولاد جي ذهن ۾ پيار ۽ حفاظت ڪندڙ جو هجي ٿو نه ڪي ڪنهن ڀوائتي شخصيت جو! جڏهن سکر مان آيل اها خبر پڙهيم ته هڪ نوجوان جوڙي گڏجي زهر پي ان ڪري پنهنجو انت آڻي ڇڏيو جو ٻنهي جا والدين سندن شادي جا مخالف هئا ته خواهش پيدا ٿي ته هاڻ وڃي انهن والدين کان پڇجي ته ”ڇا توهان کي اندازو هو ته توهان جو اولاد ايترو سنگين قدم کڻندو؟“ امڪان اهو ئي آهي ته انهن والدين کي اندازو به نه هوندو ته اهي نوجوان ايڏو وڏو قدم کڻي مائٽن کي سدائين لاءِ روئندو ڇڏي ويندا. پر سوال اهو آهي ته کين اهڙو اندازو ڇو نه ٿي سگهيو؟ جيڪر هو پنهنجي اولاد سان ويجهڙائپ رکندا هجن ها يا انهن جي خواهشن ۽ مسئلن بابت ڄاڻ رکندي انهن سان کليل دل ۽ دماغ سان ڪچهريون ڪندا هجن ها ته يقينن کين اندازو ٿي وڃي ها ته سندن اولاد انتهاپسندي ڏانهن وڌي رهيو آهي پر افسوس ته ائين نه ٿيو ۽ ٻه نوجوان زندگيون ختم ٿي ويون. اسان، توهان پنهنجي آڏو روز اهڙا تماشا ٿيندي ڏسون ٿا جو نوجوان ڏوهن ڏانهن وڌن پيا، آپگهات پيا ڪن، منشيات جا عادي پيا ٿين، مرضي جي شادي لاءِ گهران ڀڄن پيا، فراريت اختيار ڪرڻ لاءِ مختلف فلسفن ۽ نظرين ۾ جنون جي حد تائين ڦاسندا پيا وڃن، مطلب ته اسان جا نوجوان گمراهي جي واٽن جا مسافر بڻجندا پيا وڃن. ائين ڇو پيو ٿئي ۽ ان جا ڪارڻ ڪهڙا آهن؟ واري سوال جا هڪ کان وڌيڪ جواب آهن، جن ۾ معاشي صورتحال کان ويندي سوسائٽي ۾ ورهين کان هلندڙ قدرن جي ٽوڙ ڦوڙ وارا انيڪ عوامل سامهون اچن ٿا، پر پاڻ هڪ خاص نقطي کي بحث هيٺ آڻيون ٿا جيڪو منهنجيءَ راءِ ۾ ان سڄي صورتحال جو اهم ۽ وڏو ڪارڻ آهي. اسان کي گهرائي، سان ان نقطي تي غور ڪرڻ کپي ته سماج جي بنيادي يونٽ يعني ”گهر“ جي اسان وٽ ڪهڙي صورتحال وڃي بيٺي آهي، ڇاڪاڻ ته اها طئي ٿيل حقيقت آهي ته اهو گهر ئي هجي ٿو جيڪو سماج کي هڪ سٺو يا خراب ماڻهو ڏئي ٿو ۽ اهو گهر ئي هجي ٿو جنهن جي تربيت گهڻي ڀاڱي ڪنهن ٻار کي مستقبل ۾ ڪاميابيءَ جي منزلن تائين پهچائي ٿي. اسان وٽ گذريل 15 يا 20 سالن کان اهو بنيادي يونٽ (گهر) شديد بحران جو شڪار ٿيندو پيو وڃي، ڇاڪاڻ ته دنيا ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي سبب گهر ۾ جواني ڏانهن وڌندڙ نسل، انهن قدرن سان سهمت نه پيو ٿئي، جن قدرن ۾ يونٽ جا سربراهه (والدين يا ٻيا بزرگ مائٽ) يقين رکن ٿا ۽ شهرن توڙي ٻهراڙين جي هر ٻئي گهر ۾ بزرگ مائٽ پنهنجي اولاد کي اهو چوندي ٻڌڻ ۾ اچن پيا ته ”پٽ، اسان وارن وقتن ۾ ائين نه ٿيندو هو، جيئن تون پيو چوين،“ يا ماءُ پنهنجي ڌيءَ کي سمجهائيندي نظر اچي ٿي ته ”مون تنهنجي پيءُ کي شاديءَ کانپوءِ ڏٺو هو، پر تون چاهين ٿي ته تنهنجي شادي تنهنجي پسند جي ڇوڪري سان ڪرائي ڇڏجي. خدا کي مڃ. ائين نه ڪر نه ته پڻهين بندوق هڻي ماري ڇڏيندئي!“ يا وري اڪثر ائين به نظر اچي ٿو ته يونيورسٽيءَ مان گريجوئيشن ڪيل ڇوڪرو پنهنجي هاري پيءُ کي سخت لهجي ۾ چئي ٿو ته ”آئون توهان وانگر اڻ پڙهيل ڪونه آهيان جو ٻنيءَ ۾ هارپو ڪيان، نوڪريءَ جي ڳولا ۾ آهيان پر جيڪڏهن نوڪري نه ملي ته به ٻنيءَ ۾ هر ڪونه ڪاهيندس ۽ جيڪڏهن مون کي گهڻو تنگ ڪيو ويو ته آپگهات ڪري ڇڏيندس!“ مطلب ته گهر ۾ رت ۽ پيار جي رشتن ۾ ڳنڍيل اهي گهر ڀاتي شديد انتشار جو شڪار نظر پيا اچن.
عام طرح سماجيات جا ماهر ان سڄي صورتحال جو واحد ڪارڻ معاشي صورتحال کي قرار ڏين ٿا پر انهن سان مڪمل طرح اتفاق ڪرڻ صحيح نه ٿيندو ۽ مير منور ٽالپر جي فرزند جي آپگهات ۽ طارق ميمڻ جي ڏوهن جي دنيا ۾ اچڻ جهڙن ڪيترن ئي واقعن کي ڏسڻ کانپوءِ اهو چوڻ ته معاشي صورتحال ئي نوجوانن کي غلط راهه تي آڻي ٿي، درست نه ٿيندو. بلڪه سماج ۽ خاص ڪري گهر اندر بزرگن ۽ نوجوانن ۾ ويليوز جي ٽڪراءُ کي اهم ڪارڻ طور وٺي ان تي بحث ڪرڻ گهرجي. اسان جي بزرگ ٽهيءَ کي ان ڳالهه کي کليل دل ۽ دماغ سان تسليم ڪرڻو پوندو ته تبديليءَ جو ڦيٿو پوئتي نٿو ڦيرائي سگهجي، تنهن ڪري پراڻن قدرن تي ڳنڍ ٻڌي بيهي رهڻ سان هو پاڻ کي ڏکويل ۽ نوجوانن کي باغي ٿيڻ تي مجبور ٿا ڪن. جڏهن ته اسان جي نوجوان نسل کي پڻ اهو سمجهڻو پوندو ته اجاين خواهشن ۽ خوابن جي آسري ۾ رهڻ سان کين ڪجهه به نه ملندو. کين اهو سمجهڻ کپي ته زندگي Compromises (سمجهوتن) جو نالو آهي، جنهن ۾ پنهنجن خواهشن ۽ جذبن سان گڏ انهن مائٽن جي خواهشن ۽ جذبن جي احترام جي ذميواري به کڻڻي پوندي جيڪي کين بي انتها پيار ڪن ٿا. فراريت ڪنهن به ريت مسئلي جو حل ناهي تنهن ڪري نين حالتن آڌار گهر جي يونٽ جي سڀني سينيئر ۽ جونيئر ميمبرن کي گڏجي پاڻ ۾ پيار ۽ احترام جو نئون معاهدو ڪرڻو پوندو.
|
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو