Thursday, 27 November 2014

علي قاضي

ماضي وسارڻ لاءِ هوندو آهي يا              
 سبق سکڻ لاءِ!؟
آچر 17 سيپٽمبر 2000ع


مهينو کن اڳ هندستان جي رسالي ”انڊيا ٽوڊي“ ۾ شايع  ٿيندڙحمود الرحمان ڪميشن جي رپورٽ بابت ڇاڪاڻ ته اسان جي سرڪار اڄ تائين اهو ناهي چيو ته  اها شايع ٿيل رپورٽ درست ناهي، تنهن ڪري هاڻ ان شايع ٿيل رپورٽ کي مصدقه تسليم ڪيو پيو وڃي، غير سرڪاري طرح شايع ٿيل ان رپورٽ کان پوءِ اميد اها به ڪئي پئي وئئي ته هاڻ شايد حڪومت به ”قومي راز“ بڻيل ان رپورٽ کي سرڪاري طرح پڌرو ڪري ڇڏيندي پر اهڙو ڪجهه به نه ٿيو بلڪه جنرل پرويز مشرف  ان رپورٽ بابت تازو پريس سان ڳالهائيندي چيو ته بنگال جو سانحو هاڻ ماضيءَ جو حصو بڻجي چڪو آهي تنهن ڪري ان کي وساري ڇڏڻ گهرجي. مهينو کن اڳ ڇپيل رپورٽ بابت جنرل صاحب جو اهو پهريون باضابطا رد عمل هو. سڄي ملڪ جي سياستدانن ۽ ٻين شعبن جي ماڻهن ته پهرين ڏينهن کان ان رپورٽ بابت زور شور سان رد عمل ظاهر ڪيو، سو نيٺ جنرل صاحب اها تلقيد ڪئي ته 30 سال پراڻي قصي تي ويهي ڪهڙا ليکا ڪجن ، بهتر آهي ته ان کي وساري ڇڏيون،
وسرڻ يا وسارڻ جيڪڏهن ماڻهوءَ جي وس ۾ هجي ها ته  دنيا ۾  انسان ذات جا اڌو اڌ ڏک ۽ پريشانيون ختم ٿي وڃن ها، تنهن ڪري ئي اسان پنهنجن ڏکن ۽ سورن لاءِ ٻئي کي  صبر ڪرڻ جي تلقين ڪندا آهيون  ۽ اڪثر اهو چوندا آهيون ته ”وقت صبر آڻيو ڇڏي“ پر عام طرح صبر ڪرڻ جي صلاح تڏهن ڏني ويندي آهي جڏهن ڏک يا آفت قدرت طرفان نصيب ۾ اچي ٿي پر جڏهن ڪنهن انسان پاران  ٻئي انسان يا ڪنهن ڌر پاران ٻئي کي ڏک يا تڪليف ڏني وڃي ٿي ته اتي مظلوم کي صبر ڪرڻ جي صلاح نه پر  حوصلو پيدا ڪرڻ لاءِ اتساهيو وڃي ٿو يا پوءِ وقتي طرح برداشت ڪرڻ جي تلقين ڪئي وڃي ٿي پر جڏهن معاملو ماڳهين ئي ملڪي تاريخ جو هجي ته ان کي وسارڻ يا ان تي صبر ڪرڻ  ڪيئن ممڪن ٿي پيو سگهي؟ ها صرف انتظار ڪري پيو سگهجي ته ”آخر تاريخ سان ڪڏهن ته انصاف ٿيندو“.
گذريل ڏهاڪي ۾ سڄي دنيا ڪيترن ئي ملڪن ۽ قومن ماضي ۾ سندن پاران ڪيل غلط ڪارين يا ڏوهن تي ٻين ملڪن ۽ قومن کان باضابطا معافين وٺڻ جو سلسلو  شروع ڪيو آهي،  جنهن ۾ جاپان پاران چين کان نه صرف معافي وٺڻ بلڪه ڏنڊ طور هرجاڻو ڀري ڏيڻ جي رضاڪاراڻي آڇ کان سواءِ  ڪيٿولڪ چرچ پاران  ماضي ۾ڪيل غلط روش جي معافي وٺڻ انهن ڪيترين ئي خبرن مان آهن جن کي ورلڊ  ميڊيا ۾ گهڻي ڪوريج ملي. در اصل جڏهن ڪو ملڪ يا قوم يا ڌر پنهنجن وڏن پاران ماضيءَ ۾   ڪيل  غلط  ڪمن  جي  متاثر  ٿيندڙ  ڌر  کان معافي  ٿي وٺي  ته  ان جو مطلب پنهنجو قد گهٽائڻ يا پنهنجي تذليل ڪرڻ نه ٿو هجي پر معافي وٺندڙ ملڪ جي قوم اهو ثابت ٿي ڪري ته انهن وٽ Realisation (ادراڪ) جي احساس جي سطح ميچوئر حد تائين پهچي وئي آهي ۽ هڪ باضمير ۽ باشعور ملڪ/قوم طور هو ماضي جي ڪنهن غلط ڪم جو بار پنهنجي ضمير مٿان وڌيڪ نٿا کڻي سگهن، تنهن ڪري ان لاءِ هو معافيءَ جا طلبگار ٿي مستقبل ۾ اهڙو ڪنهن ڪڌي ڪم نه ڪرڻ جو اڻ سڌيءَ طرح اعلان ڪن ٿا.  ان ڏس ۾ مختلف ملڪن/قومن ۽ ڌرين سوين سال پراڻين غلطين جو اعتراف ڪيو آهي،  يعني ايترا سال بلڪه صدي جي گذرڻ باوجود غلطي جو احساس انهن ملڪن /قومن کي وسري نه سگهيو پر بنگال جي سانحي کي ته اڃا صرف 30 سال گذريا آهن ۽ جنرل پرويز مشرف  صاحب ان کي تاريخ جو پراڻو باب قرار ڏيئي وساري ڇڏڻ جي نصيحت پيو ڪري! ؟ بنگلاديش جي باني شيخ مجيب الرحمان جي ڌيءَ ۽ بنگلاديش جي هاڻوڪي وزيراعظم شيخ حسينا واجد خواهش ظاهر ڪئي آهي ته پاڪستان 1971ع جي سانحي تي بنگلاديش کان معافي وٺي. شيخ حسينه جي خواهش پنهنجيءَ جاءِ تي پر بنگلاديش جي هڪ وڏي آبادي ۽ تاريخ جي شاگردن جو هڪ وڏو انگ اها خواهش به رکي ٿو ته شيخ حسينه بنگلاديش آزاد ٿيڻ کان فورن بعد مڪتي باهني هٿان هزارين، لکين بنگالين جي قتلام کي به ياد ڪري جيڪو قتلام سندس والد شيخ مجيب الرحمان جي حڪومتي دور ۾ ٿيو هو ۽ جنهن  ڪوس جي باري ۾ هڪ بنگالي صحافي رضوان احمد جي لکيل ڪتاب ”مشرقي پاڪستان سي بنگلاديش  تڪ“ ۾ چيو ويو آهي ته  شيخ مجيب جي مڪتي باهني هٿان مخالف بنگالي ماڻهن جي قتلام جو انگ پاڪستاني فورسز هٿان ماريل ماڻهن کان وڌيڪ نه به ته گهٽ به ڪو  نه هو، سو شيخ حسينه پاڪستان کان  معافي وٺڻ جي خواهش ڀلي رکي پر گڏوگڏ پنهنجي والد جي دور حڪومت ۾ بنگالين جي ڪوس تي پنهنجن ئي ماڻهن کان معافي وٺڻ تي به کيس ضرور ويچارڻ گهرجي. پاڪستان کي بنگال جي سانحي تي رياستي سطح تي ڪهڙو موقف اختيار ڪرڻ گهرجي ان نقطي تي اڳ ۾ ئي گهڻو بحث هلندڙ آهي پر 1971ع کان پوءِ هوش سنڀاليندڙ منهنجي جنريشن وارن جو ته پهريون مطالبو اهو آهي ته  پهرين پاڪستان جي عوام کي  صحيح صحيح ۽ سچ سچ ٻڌايو وڃي ته 1971ع ۾ ڇا ٿيو ۽ ان جي ذميواري ڪنهن ڪنهن تي اچي ٿي ۽ انهن ذميوارن کي اڄ تائين ڪهڙيون سزائون مليون آهن، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن اسين غلطيءَ جو پنهنجي آڏو ئي اعتراف به نه ڪنداسين ته معافي گهرڻ جو حوصلو ڪٿان  ايندو؟ جنرل مشرف صاحب حمود الرحمان ڪميشن تي پنهنجي رد عمل ۾ ٽي ٻيون اهم ڳالهيون چيون آهن، هڪ اهو ته جاچ لاءِ ان ڪميشن کي جوڙيندڙ (ذوالفقار علي ڀٽو) پاڻ سانحي جو ذميوار هو، ٻي ڳالهه اها ته ڪميشن کي مينڊيٽ ئي صرف فوجي ناڪاميءَ جي تحقيقات جو ڏنو ويو هو ۽ ٽين ڳالهه اها ته اسان مان ڪير به ان سانحي تي فخر نٿو ڪري سگهي. جنرل پاران ڀٽي کي سانحي جو اڪيلو ذميوار قرار ڏيڻ سان ظاهر آهي ته تاريخ جو ڪو به شاگرد اتفاق نٿو ڪري سگهي. ڇاڪاڻ ته بنگال ۾ مغربي پاڪستان جي پاليسين جي ڪري علحدگيءَ جا ٻج ته ان مهل ئي پوکجي چڪا هئا.  جڏهن  ڀُٽي  اڃا  عملي  سياست  ۾  ئي  نه  آيو هو. ٻي ڳالهه ته جيڪو ڪجهه بنگال ۾ فوجي حڪومت ڪيو پئي  ڇا سڀ ڀٽي جي چوڻ تي ڪيو پئي؟ بنگلاديش ۾ علحدگي جي تحريڪ ڪجهه مهينن ۾ نه پر 1971ع کان اڳ وارن سالن ۾ بنگالين سان ٿيل مسلسل زيادتين جو نتيجو هئي، جيڪي سمورا سال ملڪ ۾ فوجي حڪمراني هئي. ڇا جنرل يحيٰ وانگر جنرل ايوب خان به ڀٽو جي چئي تي ڍاڪا لاءِ پاليسيون جوڙيندو هو؟ سو گهڻي ڊيگهه ڪرڻ بدران پاڻ اهو چئي ڳالهه اڳتي ٿا وڌايون ته ڀُٽي ته  پنهنجن گناهن ثوابن سان هن دنيا مان لڏي چڪو آهي ۽ کڻي مڃجي به ته ان سانحي جو  جنرل پرويز مشرف  چواڻي ڀُٽي به ذميوار هو پر ان سان  گڏ ٻيا به ته ذميوار هوندا،  جيڪي اڄ به حيات آهن. ملڪ ٽٽڻ جي انهن ذميوارن سان حساب ڪتاب ڪڏهن ٿيندو ۽ ڪير  ڪندو؟ جنرل پرويز مشرف پنهنجي بيان ۾ حمودالرحمان ڪميشن کي صرف  فوجي ناڪامي جي جاچ جي مليل مينڊيٽ تي تنقيد ڪندي تاثر ڏنو آهي ته رپورٽ ۾ صرف فوجي ناڪامين جو ذڪر آهي پر سياسي ناڪامين جو نه. جنرل  صاحب جو اهو اعتراض تمام گهڻو Valid (درست) هجي ها  جيڪڏهن  سانحي مهل يا ان کان اڳ ملڪ ۾ سياسي حڪومت  جو وجود هجي ها پر بدقسمتيءَ سان 1958ع کان 1971ع تائين ملڪ ۾ فوجي حڪومتون هيون سو جيڪڏهن اهي حڪومتون سياسي فرنٽ تي به ناڪام ٿيون ته ان جي ذميواري به ان وقت جي فوجي حڪمرانن مٿان لاڳو ٿئي ٿي، ڇاڪاڻ ته ملڪي حڪمران سياسي نه پر فوجي هئا. هتي ٻي ڳالهه اها به آهي ته جيڪڏهن جنرل جو سياسي ناڪامي مان ٻيو ڪجهه مطلب آهي ته ڀلي ان جي نئين سر جاچ ڪرائڻ جو حڪم ڏئي. پر  ڇا هو اهو نٿو چوڻ چاهي ته حمود الرحمان ڪميشن ۾ جيڪي ڪجهه ڄاڻايو ويو آهي سو سراسر غلط آهي! جيڪڏهن سندس چوڻ  جو مقصد اهو ناهي ته پوءِ گهٽ ۾ گهٽ جيترو ان ڪميشن ۾ چيو ويو آهي ان بابت ته چٽو موقف اختيار ڪري، جنرل جي بيان ۾ چيل اها  ڳالهه ته سانحي بابت اسان مان ڪير به فخر نٿو ڪري سگهي، سورنهن آنا درست آهي ڇاڪاڻ ته ان سانحي ۾ ڪو هڪڙو پهلو به اهڙو نٿو ملي جنهن بابت فخر ڪرڻ جي ڪا گنجائش هجي ۽ اها چڱي ڳالهه آهي ته جنرل صاحب پاڻ به ائين چيو آهي، جنهن جو مطلب آهي ته Realisationاچي پيئي، ڇاڪاڻ ته جنهن ڳالهه کي چئبو آهي ته اها فخر جوڳي ناهي. اها ڳالهه در اصل افسوس جوڳي هوندي آهي  افسوس جوڳي ڳالهه تي افسوس ڪرڻ يا ان لاءِ معذرت ڪرڻ عيب جوڳي ڳالهه ناهي هوندي، سو ڪجي اميد ته اڄ جنهن ڳالهه کي پهريون ڀيرو سرڪاري سطح تي فخر جوڳو نه پيو قرار ڏنو وڃي ان تي سڀاڻي کليل لفظن ۾ افسوس به ڪيو ويندو ۽ پنهنجي غلطيءَ جو اعتراف به ڪيو ويندو؟.
سينيئر صحافي ٻڌائين ٿا ته 16 ڊسمبر 1971ع تي بنگال جي ڌار ٿيڻ ۽ پاڪستان ٽٽڻ واري خبر ٻئي ڏينهن تي اسان جي هڪ وڏي قومي اخبار سنگل ڪالم ۾ شايع ڪئي هئي. صحافت جي شعبي جو ڪو سيکڙاٽ به اها ڳالهه سمجهي سگهي ٿو ته پنهنجو ئي ملڪ ٻه اڌ ٿيڻ واري خبر جي حيثيت ڪنهن به صحافتي معيار موجب سنگل ڪالم نٿي ٿي سگهي، پوءِ سوال ٿو پيدا ٿئي ته  ان وڏي اردو  اخبار ان خبر سان اهڙو حشر ڇو ڪيو؟ جواب سولو آهي، اهو هي ته اخبار پنهنجي ”قومي ذميواري “ نڀائيندي ” ملڪي  قومي  مفادن“  جي ڪري  ايڏي  وڏي سانحي جي خبر kill (تمام گهٽ اهميت سان شايع ڪرڻ) مناسب سمجهي يا حاڪم وقت کيس ائين ڪرڻ تي مجبور ڪيو. قومي مفاد، ملڪي سالميت وغيره جهڙا اصطلاح به عجيب آهن، يعني 1971ع جي سانحي کان اڳ جيڪي ڪجهه ڍاڪا ۾ حڪمران ڪري رهيا هئا اهي خبرون به اخبارن ۾ قومي مفادن ۾ ڇپجڻ نه ڏنيون ويون ۽ جڏهن ”قومي مفادن“ وٽان جڙيل انهن حڪومتي پاليسين هڻي وڃي هنڌ ڪيو، يعني ملڪ ٻه اڌ ٿي ويو ته وري ان سانحي تي ماتم ڪرڻ يا ان جي تفصيلات ڇپجڻ کي ”قومي مفاد“ جي خلاف قرار ڏنو ويو!عجيب تماشو آهي جو جيڪا ڳالهه حڪمرانن کي صحيح ٿي لڳي (پوءِ ڀلي ان جي ڪري ملڪ ۽ قوم جو سر رلي وڃي) اها ته يڪدم ”قومي يا ملڪي مفاد“ جي دائري ۾ اچي ٿي وڃي پر جيڪڏهن ڪو قلم ڌڻي ان ڳالهه تي تنقيد ڪري يا ان سان اختلاف ڪري ته ان مٿان ملڪ دشمن هجڻ جي فتويٰ تيار ٿيل هجي ٿي.
تازو جنرل پرويز مشرف پنهنجي هڪ ٻئي بيان ۾ چيو آهي ته ”اخبارن کي قومي مفادن جي خلاف نه لکڻ گهرجي“. جنرل صاحب اهو به چيو ته هو صحافتي آزادي جي نڙي دٻائي سگهي ٿو پر هو ائين ڪرڻ نٿو چاهي. اها يقينن جنرل صاحب جي  مهرباني چئبي ته هو صحافت کي آزادي سان ساهه کڻڻ جي اجازت ڏئي پيو  نه ته پريس ۾ ڪهڙي طاقت آهي جو اها حڪومت جي مرضيءَ کان سواءِ  آزاد رهڻ جو تصور به ڪري سگهي!!، 12 آڪٽوبر کان پوءِ اها ڳالهه ذري گهٽ هر صحافيءَ جي ذهن ۾هئي ته فوجي حڪومت ۾ آزاد پريس جو پاڻ ۾ ڪو کوڙو ئي نٿو لڳي، تنهن ڪري پارليامينٽ، عدليا ۽ بيورو ڪريسيءَ کان پوءِ دير سوير پريس جو وارو ته اچڻو آهي. پر جيئن جنرل مشرف پاڻ پريس مٿان ڪو ڪريڪ ڊائون نه ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، تيئن ڪجي اميد ته حڪومت پريس مٿان پنهنجي ”ڪاوڙ“ جي باوجود ملڪ ۾ آزاد معاشري جي آخري نشاني يعني پريس کي آزاد ئي رهڻ  ڏيندي، هتي اها ڳالهه دلچسپ آهي ته ويجهي ماضيءَ ۾ اسان تي حڪمراني ڪندڙ بينظير ڀٽو ۽ ميان نواز شريف کي به پريس مان اها ئي شڪايت هئي ته پريس ”قومي مفادن“ وٽان ڪم نه پيئي ڪري. حد ته اها آهي ته ميان نواز شريف جي حڪومتي دور  جي پڄاڻيءَ وارن ڏينهن ۾ سندس ميڊيا  ٽيم جو پريس مٿان اهو زور هوندو هو ته اها ”ڪارگل اشو“ بابت  ”قومي مفادن“ وٽان خاموش رهي. پر جيئن ئي ميان صاحب وزيراعظم هائوس مان اٽڪ جيل پهتا ته نه صرف هن پاڻ ڪارگل اشو بابت وڏا ڦاٽ ڦاڙڻ شروع ڪيا بلڪه پريس مٿان به سندس فرمائش هئي ته اها ”قومي مفادن“ ۾ ڪارگل بابت سندس  بيانن کي وڏي اهميت سان ڇاپي. آهي نه ڪاميڊي!؟ لڳي ائين ٿو ته اسان جا حڪمران ”قومي مفاد“ ۽ حڪومتي مفادن ۾ فرق ڪري نٿا سگهن يا واقعي به  هو ٻنهي کي ساڳي ڳالهه ٿا سمجهن. هڪڙو زمانو هو ته هر ان ليکڪ ۽ اخبار مٿان ”قومي مفاد“ جي نالي ۾ لٺ کنئي ويندي هئي جيڪا صوبن جي حقن ۽ اختيارن جي ورڇ تي زور ڀريندي هئي پر اڄ حڪمران پاڻ اختيارن جي ورڇ جي ڳالهه ڪن پيا، سو جيڪڏهن ايمانداريءَ سان ڏٺو وڃي ته سڀني کان وڌيڪ جيڪڏهن اسان جو ”قومي مفاد“ ڪنهن ڳالهه ۾ آهي ته اهو آهي ”اظهار جي آزادي“، ڇاڪاڻ ته قومي مفاد قوم سان آهن ۽ قوم کي ان بابت ڳالهائڻ ۽ ٻڌڻ جو حق  هجڻ  کان  سواءِ  اقتدار  جي  ايوانن  ۾  ٺهيل  ”قومي  مفاد“ واري  ڪا  اهڙي لسٽ قوم جي مفاد وٽان ڪيئن ٿي سگهي ٿي جنهن بابت قوم کي ڄاڻ ئي نه هجي. ان ڏس ۾ هڪڙي صلاح حڪومت کي ڏيڻ ۾ حرج ڪونهي ته ملڪي سطح تي هڪ ڪانفرنس گهرائي ”قومي مفاد“ جي اصطلاح جي اول ته هڪ صحمتند تشريح عوام آڏو آندي وڃي ۽ ٻيو ته ان ئي ڪانفرنس ۾ اهو به طئي ڪجي ته آخر اسان جا قومي مفاد آهن ڪهڙا؟ ڇاڪاڻ ته ملڪ جي وحدت وغيره جهڙن قومي مفادن جي ته اسان کي اڳ ۾ ئي خبر آهي پر ڪنهن  حڪومتي پاليسيءَ مٿان تنقيد ڪرڻ سان ملڪي سالميت يا ملڪي وحدت کي ڪيئن ٿو نقصان رسي سگهي، ان بابت عوام کي ڪا سمجهاڻي ملڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته حڪومت، ملڪ ناهي هوندي بلڪه ملڪي وهنوار هلائيندڙ هڪ ادارو هجي ٿي، جنهن جا فرد (حڪمران) پڻ وقت به وقت مٽبا رهن ٿا. سو هاڻ وقت ڀرجي آيو آهي ته ”قومي مفاد“، ”ملڪي مفاد“ ۽ ”عوامي مفادن“ وارن  اصطلاحن کي  مبهم رکندي ان جو پنهنجي مرضيءَ واري معنيٰ ڪڍڻ جو سلسلو ختم ڪري انهن جي واضح تشريح ڪئي وڃي. ڇا اسان کي ياد ڪونهي ته ضياءُ الحق سنڌ جي وسندين مٿان گوليون هلائڻ کي 1983ع ۾ قومي ۽  ملڪي مفاد وٽان ئي قرار ڏنو پر وري ٿورو عرصو گذرڻ بعد ساڳئي ضياءُ الحق معصوم ۽ اڻ ڄاڻ ٿيندي اهو چوڻ شروع ڪيو ته ”سنڌ ۾ تمام گهڻي احساس محرومي آهي!“.
 اڄڪلهه هندستاني پريس جي حب الوطني جو به ڪافي ذڪر فڪر هلي پيو پر کيس مليل لامحدود آزادي جو ذڪر ڪير به نٿو ڪري. آئون ان بحث ۾ پوڻ بدران  ته انڊين پريس جو ڪلچر ڇا آهي، صرف هڪ قصو بيان ڪريان ٿو جنهن مان اندازو ڪري سگهجي پيو ته انڊين پريس ڪيتري آزاديءَ سان ڪم ڪري پئي. اهو واقعو راجيو گانڌي جي وزيراعظم هجڻ وارن ڏينهن جو آهي. جنهن ڏينهن اتان جي هڪ وڏي انگريزي اخبار ۾هڪ ڪالم ڇپيو جنهن ۾ چيو ويو ته ”اهو قصو ان عورت (اندراگانڌي) جو آهي جنهن جا ٻه پٽ هئا. ان عورت هڪ پٽ (راجيو گانڌي) کي جهاز هلائڻ جي تربيت ڏياري پائيليٽ ٺاهيو ۽ ٻئي پٽ (سنجي گانڌي) کي سياست جي تربيت ڏئي سياستدان ٺاهيو پر ٿيو ائين جو سياستدان پٽ جهاز اڏائڻ جي ڪوشش ڪئي ته جهاز تباهه ڪري ڇڏيائين ۽ هاڻ ٻيو پٽ جيڪو پائليٽ آهي ملڪ هلائڻ جي ڪوشش پيو ڪري، ڏسون ته اهو ملڪ جو ڪهڙو ٿو حشر ڪري؟“ ان ڪالم ڇپجڻ کان پوءِ بطور وزيراعظم راجيو گانڌي  جو رد عمل هن ريت هو ”آئون ان ڪالم نويس سان اتفاق نٿي ڪريان پر بهرحال کيس پنهنجو  نقطه نظر بيان ڪرڻ جو حق آهي“.
قومي مفاد يا عوامي مفاد وارن اصطلاحن جي لٺ پريس مٿان صرف حڪمرانن پاران مختلف دورن ۾ ناهي  وسندي رهي بلڪ اسان جا اڪثر سياستدان، سياستدان هجڻ جا دعويدار سياستدان (جن کي پيار ۾ ”مبينا سياستدان“ به چئبو آهي) ۽ دانشور/مبينا دانشور به اهڙيون نصيحتون پريس کي ڪندا رهن ٿا، اسان کي اهڙا جملا اڪثر ٻڌڻ ۾ اچن ٿا ته ”ادا اسين سنڌ ۽ سنڌين لاءِ  جاکوڙيون پيا، تنهن ڪري اخبارن مٿان ”قومي فرض“ آهي ته هو  اسان جا بيان وڏين هيڊنگس سان ڇپين“ يا وري مٿن ڪا تنقيد ڇپجي ٿي ته اها قومي /عوامي مفادن جي خلاف وڏي سازش قرار ڏني وڃي ٿي. غرض ته هر ڪو پريس کي پنهنجي سوچ، خواهشن ۽ مفادن وٽان هلائڻ جو حامي آهي پر وري ٻئي پاسي اهي ساڳيا ئي وري آزاد معاشري ۾اظهار جي آزادي جابه وڏا علمبردار بڻجن ٿا! آهي نه الميو!.

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو