Thursday, 27 November 2014

علي قاضي

ڪالاباغ ڊيم ۽ سنڌ جو سياسي ٿيٽر
                                جمع 21 جولاءِ 2000ع



سائين علي مير شاهه کي ته صوبائي وزير جي حلف کڻڻ کانپوءِ پڪ ٿي وئي آهي ته پنجاب. سنڌ جو پاڻي ناهي روڪيو پر سنڌ جي لکين آبادگارن جا تحفظات علي مير شاهه جي ”شاهدي“ سان ختم ناهن ٿي سگهيا، جيڪي پنهنجين اکين آڏو پنهنجن فصلن جا ٻيجارا سڙندي ڏسي رهيا آهن، جيڪي پنهنجن فصلن جي سڙڻ يا نه ٿيڻ جي صورت ۾ پيدا ٿيندڙ ڀيانڪ منظر جو اندازو لڳائي ئي روئي ٿا ويهن. لاڙڪاڻي سان تعلق رکندڙ هڪ ننڍو آبادگار جڏهن اهو ٻڌائي ٿو ته ”هاڻوڪي فصل جي آسري ۾ پنهنجي نياڻيءَ جي شاديءَ جي تاريخ پڪي ڪئي هيم پر هاڻ شادي ته ٺهيو پر ٻچن کي ٻه ويلا ماني ڪيئن ملندي ان جي ئي پڪ ناهي.“ اهڙيون ڳالهيون ٻڌي ٻڌندڙ جي اکين ۾ ئي پاڻي اچيو وڃي! سو جڏهن علي مير شاهه يا سرڪار سڳوري صرف ان نقطي تي اصرار ڪندي نظر اچي ٿي ته ”پنجاب. سنڌ جو پاڻي ناهي کنيو“، ته مٿي تي هٿ ڏئي ويهي رهڻ لاءِ دل ٿي چاهي. ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن پاڻي سرڪار چواڻي ڪنهن نه به کنيو آهي تڏهن به اها حقيقت بدلجي ته نٿي وڃي ته سنڌ ۾ پاڻي جي شديد اڻاٺ آهي. جيڪڏهن ان ڳالهه کان انڪار سرڪار کي به ناهي ته پوءِ حڪومت اهو ٻڌائي ته ان بحران ۾ ورتل سنڌ کي ڪهڙو رليف ڏنو آهي؟ ماڻهن جا فصل پيا سڙن، ماڻهو بکون پيا ڪاٽين. پر ٻئي پاسي 5 سئو رپين جي ڍل لاءِ ماڻهن جي ٻڌ ٻڌان لڳي پئي آهي! زرعي ٽيڪس جي هر حالت ۾ اوڳاڙي جا اعلان پيا ٿين، بجلي جي بلن جي اوڳاڙي جي نالي ۾ ماڻهو جيلن ۾ پيا واڙيا وڃن، زرعي بئنڪ وارا (ننڍن) آبادگارن جي پويان رڻ ٻاري ويٺا آهن، سو اهو ڪٿان جو منطق ۽ ڪٿان جو دستور آهي!! بدين جي هڪ آبادگار زور ڀريندي مون کي چيو ته ”سائين، مهرباني ڪري سرڪار تي زور ڀريو ته بدين ۾ ٺهندڙ جيل جي تعمير مڪمل ڪئي وڃي. اسان جي ماڻهن کي جيڪو 5 سئو يا هزار رپين جي اوڳاڙي جي نالي ۾ حيدرآباد جيل موڪليو ٿو وڃي ته گهٽ ۾ گهٽ بدين جيل ٺهڻ کانپوءِ اهي ماڻهو پنهنجن گهرن کي ته ويجهو هوندا ڇاڪاڻ ته حيدرآباد جيل وارا جڏهن ڪجهه ڏيهاڙا جيل ۾ رکي کين آزاد ٿا ڪن ته انهن مسڪينن وٽ ته حيدرآباد مان بدين واپس پهچڻ جو ڀاڙو به ناهي هوندو،“ انهيءَ مطالبي ڪندڙ جي دل جي تڙپ ته اهو ئي ڄاڻندو هوندو پر ڪنهن با سمجهه سرڪار لاءِ ان مطالبي مان سمجهڻ لاءِ تمام گهڻو ڪجهه آهي جو اڄ ماڻهو جيل وڃڻ پنهنجي نصيب جو حصو سمجهي صرف اهو مطالبو پيا ڪن ته ”خدا جو واسطو اٿوَ، اسان کي پنهنجو جيل ٺاهي ڏيو....“ ”پنهنجو جيل“ جي مطالبي ۾ ڪيتري اذيت ۽ ڪيتري پيڙا آهي،  اهو معاشري  جي  مختلف  ڪيفيتن،  انتشار  ۽ ڪاوڙ بابت سمجهه رکندڙ سمجهي سگهن پيا ۽ اهو مطالبو انهن ماڻهن لاءِ به فڪر جوڳو هجڻ گهرجي جيڪي مستقبل ۾ ٺهندڙ عوامي ٽرينڊز تي نظر رکن ٿا.
        1983ع جي تحريڪ ۾ حصو وٺندڙ ۽ ڪلهي تي ٿيلهو رکي سدائين رولاڪ واري زندگي گذاريندڙ هڪ اڳوڻي سياسي ڪارڪن جو چوڻ هو ته ”تازي پاڻي واري بحران دوران مون 1983ع کانپوءِ پهرين ڀيرو ماڻهن ۾ ايتري شديد ڪاوڙ ڏٺي آهي پر فرق اهو هو ته 17 سال اڳ سياسي پارٽين ۾ دم هو جو انهن ان ڪاوڙ کي گڏ ڪري هڪ تحريڪ جي شڪل ڏني هئي پر اڄ سنڌ جي ڪاوڙ جو ڪو ڌڻي سائين ڪونه ٿو ٿئي نه ته ماضيءَ واري تحريڪ تاريخدانن کي وسري وڃي ها!؟“ ان ڪامريڊ سياسي ڪارڪن جو چوڻ هو ته جيڪڏهن ڪنهن اڳواڻ کي سزا اچي وڃي ها يا ڪنهن کي گرفتار ڪيو وڃي ها ته سڄي سنڌ ۾ وٺ پڪڙ شروع ڪري ڏين ها پر پاڻي جي اڻاٺ ڇاڪاڻ ته نج عوام جو مسئلو آهي، تنهن ڪري ان کي اهميت نه ملي سگهي!!
        پاڻيءَ جي اڻاٺ جي بحران ۾ ورتل ان صورتحال ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ نياپو مليو ته چيف ايگزيڪيوٽو جنرل پرويز مشرف سنڌي اخبارن جي ايڊيٽرن سان ملاقات ڪندو. ملاقات گورنر هائوس ۾ رٿيل هئي جتي هال ۾ اسان کان اڳ پراجيڪٽر لڳائي سلائيڊز ڏيکارڻ جو بندوبست ٿيل هو، جنهن کي ڏسي خيال آيو ته شايد ضلعي حڪومتن جي حوالي سان ڪا بريفنگ ڏني ويندي پر ترت ئي اتي واپڊا جو هڪ ميمبر سلائيڊز ٺيڪ ڪندي نظر آيو، جنهن مان اندازو ٿيو ته پاڻي جي کوٽ جي حوالي سان بريفنگ ڏئي اسان کي سمجهايو ويندو ته سنڌ جو پاڻي ڪنهن نه چورايو آهي. ٿوريءَ دير ۾ جنرل پرويز صاحب اچي ڳالهائڻ شروع ڪيو. سندس گفتگو خاص ڪري ٻن ٽن اشوز جي چوگرد هئي، جنهن ۾ پاڻي جي ذخيرن ۾ آهستي آهستي پيدا ٿيندڙ کوٽ ۽ ان جي حل طور ڪنهن ڊيم جي ٺهڻ، ٻيو اختيارن جي ورڇ جي حوالي سان ضلعي حڪومتن وارو پلان ۽ ٽيون اهو ته جنرل پرويز اها خاطري ڪرائي ته هو پاڻ سنڌي آهي ۽ ڪنهن به ريت سنڌ جي مفادن کي هاڃو رسڻ نه ڏيندو. جنرل صاحب سان گڏ واپڊا جو چيئرمين به موجود هو جنهن سلائيڊز تي انگ اکر ڏيکاري اهو ٻڌايو ته ڊيم ٺهڻ ملڪ ۽ قوم لاءِ ڪيترو ضروري آهي ۽ اهو ته ڪالاباغ ڊيم جي ٺهڻ سان سنڌ کي نقصان نه بلڪه فائدو ٿيندو. جنرل پرويز مشرف صاحب پنهنجي گفتگو ۾ ايڊيٽرن مٿان زور ڀريو ته هو کليل دل ۽ دماغ سان ان اشو تي سوچين ۽ سچ لکن. ان موقعي تي مون جنرل صاحب کي جيڪا گذارش ڪئي اها ان ريت هئي، ”جنرل صاحب، سچ هڪ Relative term (نسبتي اصطلاح) آهي. هڪ سچ توهان وٽ ٿي سگهي ٿو، هڪ سچ منهنجو به ٿي سگهي ٿو. مثال طور اهو سچ آهي ته ملڪ معاشي بحران جي ور چڙهيل آهي، جنهن ڪري حڪومت ٽيڪس هڻي پئي پر ٻيو سچ اهو به آهي ته عوام ۾ ٽيڪس ڀرڻ جي سگهه ڪونهي. سو ساڳيءَ ريت هتي پاڻيءَ جي حوالي سان جيڪي انگ اکر ٻڌائي ڊيم کي ضروري قرار ڏنو ويو آهي، ٿي سگهي ٿو ته اهو حڪومتي سچ هجي، پر اسان جي ٽيڪنوڪريٽس ۽ ماهرين وٽ ٻيا انگ اکر آهن جيڪي ثابت ٿا  ڪن  ته  ڊيم  هاڃيڪار آهي. سو اهي به سچ آهن، تنهن ڪري توهان کي ٻيئي سچ ٻڌڻ کپن. صرف سرڪاري سطح تي جوڙيل اهي انگ اکر ڏسي فيصلو ڪرڻ بدران اسان جي ماهرن جي به بريفنگ وٺڻ گهرجي جيڪا بند ڪمرن ۾ نه پر کليل انداز ۾ هجڻ کپي. جيڪا بريفنگ اڄ چيئرمين واپڊا ڏئي رهيو آهي، لڳ ڀڳ ساڳين انگن اکرن تي ٻڌل بريفنگس اڳوڻيون حڪومتون به ڏينديون رهيون آهن پر اهي صرف هڪ طرفيون آهن. توهان چئو ٿا ته جيڪڏهن ڊيم نه ٺاهجي ته ٻيا متبادل ٻڌايو. بلڪل صحيح آهي, توهان جيڪڏهن ٻڌڻ چاهيو ٿا ته ماهرن توهان کي ان جو متبادل به ضرور ٻڌائيندا. توهان چيو ته اسان جي آبي ذخيرن مان ڏهن سالن ۾ 6 ملين ايڪڙ فٽ پاڻي گهٽ ٿي ويندو، اها ڳالهه اهم آهي. پر سوال اهو ٿو اڀري ته اهو 6 ملين ايڪڙ فٽ وارو انگ ڪٿان آيو آهي؟ ضرور اهو انگ ڪنهن ڪيل اسٽڊي مان آيو هوندو. پر اهڙيون ۽ ان کان علاوه ٻيون اسٽڊيز اسان جي ماهرن به ڪيون آهن، توهان انهن کي به ٻڌو. هتي ڪجهه دوستن توهان کي چيو ته سنڌي اخبارون ان ڪري ڊيم جي خلاف آهن جو عوام ان جي خلاف آهي پر آئون ڪسر نفسي کان ڪم نه وٺندس ۽ اهو ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته آئون ڪالاباغ ڊيم جي خلاف آهيان. ائين ناهي ته ڪو صبح جو اوچتو ننڊ مان اٿي ڪو آئون ڊيم جي خلاف ٿي ويو آهيان بلڪه ان لاءِ مون وٽ Reasonsموجود آهن. سو وري گذارش ڪندس ته اسان جي (سنڌين جي) پاسي وارن ماهرن جي به ٻڌو. توهان ٻي ڳالهه چئي ته صوبي جي ترقي لاءِ اتي رهندڙن کي پنهجائپ جو مظاهرو ڪرڻ کپي پر ڇا اها حقيقت ناهي ته سنڌ جتي سنڌي ڳالهائيندڙن جي اڪثريت آهي اتي جي ڪابينا ۾ صرف هڪ سنڌي ڳالهائيندڙ وزير کنيو ويو آهي.“
        منهنجون اهي ڳالهيون جنرل پرويز مشرف انتهائي تحمل سان ٻڌيون ۽ جواب ۾ چيو ته هو منهنجن خيالن بابت ڄاڻ رکي ٿو ۽ هو چاهي ٿو ته بحث ٿئي، ڳالهيون ٿين. هن اهو پڻ چيو ته جيستائين ڪابينا ۾ سنڌي ڳالهائيندڙ وزيرن جي گهٽ هجڻ وارو معاملو آهي ته کيس ان ڳالهه جو احساس آهي ۽ هو ان ڏس ۾ جلد قدم کڻندو. ان موقعي تي گورنر سنڌ پڻ وضاحت ڪندي چيو ته صوبائي ڪابينا جي جوڙجڪ اڃا مڪمل ناهي ٿي ۽ ان جي واڌاري مهل ان اٿاريل اعتراض کي نظر ۾ رکبو. ان گڏجاڻيءَ کانپوءِ ملندڙ تازن اطلاعن موجب حڪومت ڊيم بابت سنڌي ماهرن سان رابطي جو فيصلو ڪيو آهي، جيئن انهن جو موقف ٻڌي پوءِ ڪو فيصلو ڪجي. هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته واپڊا پاران ظاهر ڪيل انگن اکرن ۽ دليلن جي موٽ ۾ اسان وارا ٽيڪنوڪريٽس ڪيتري سنجيدگي سان ٺوس بنيادن تي پنهنجو موقف رکن ٿا ۽ واپڊا اختيارين سان ڊائيلاگ کان اڳ پنهنجو هوم ورڪ ڪيتري سمجهداري سان ڪري ٿا وٺن جو Once for all (هميشه لاءِ) واپڊا کي ان بحث کان پاسو ڪرائي سگهجي.
        چيف ايگزيڪيوٽو ڪالاباغ جهڙي حساس اشو تي سنڌ ۾ اچي پهريون رابطو سنڌي ميڊيا سان ڇو ڪيو؟ ان سوال جو مختلف حلقن مان جواب اهو ٿو ملي ته سرڪار وٽ شايد اها سوچ موجود آهي ته ڊيم اشو تي ٻين ڌرين کان وڌيڪ ۽ شديد سنڌي ميڊيا جو رد عمل ايندو تنهن ڪري پهرئين مرحلي ۾ ان کي اعتماد ۾ وٺجي. هڪ سنڌي ڪاموري چواڻي ته ”سرڪار سنڌي ميڊيا کي سنڌ جي سرواڻ طور تسليم ڪيو آهي“. مون کي ذاتي طرح ان ڪاموري جي اها ڳالهه ڪا تعريف جوڳي نه لڳي، ڇاڪاڻ ته آئون سمجهان ٿو ته سنڌ جي سرواڻي يا اڳواڻي جو ڪم سياستدانن جو آهي ۽ انهن کي ئي اهو ڪم ڪرڻ به کپي پر بدقسمتيءَ سان اسان وٽ شايد ڪو اهڙو ڪال آيو آهي جو سنڌ جي ان حساس اشو سوڌو ٻين معاملن بابت سرڪار به ميڊيا کي ئي سگهارو صائب الراءِ ادارو تسليم ڪري لهه وچڙ ۾ اچي ٿي ۽ سياستدان به گهڻي ڀاڱي صرف پريس بيان ڪڍي اهو بار پريس مٿان وجهي ٿا ڇڏين ته ٻئي ڏينهن سندن پريس رليز وڏن ڪالمن ۾ ڇپي ميڊيا ”قومي ٻڌي“ جو ثبوت ڏئي. اهڙيءَ صورتحال جي ڪري هاڻ عام ماڻهن جي اڪثريت به ميڊيا ۾ ئي اميدون وڌائيندي پئي وڃي. ان حوالي سان هتي اها ڳالهه چٽي ڪرڻ ضروري آهي ته صحافي نه سياستدان هجن ٿا ۽ نه ليڊر ۽ (گهڻي ڀاڱي) نه ئي ٽيڪنوڪريٽس، بلڪه سندن ڪم مختلف اشوز ۽ مسئلن کي اجاگر ڪرڻ هجي ٿو. ڪو صحافي صحافت ڇڏي وڃي سياست ڪري ته اها ٻي ڳالهه هجي ٿي، پر جيستائين هو صحافت جي پروفيشن جي دائري ۾ رهي ٿو تيستائين ان جي سر تي اڳواڻي يا سرواڻيءَ جي پڳ ٻڌرائڻ ڪا دانشمندي واري اپروچ ناهي.
        سنڌ جي سياست ۽ پ پ جي تاريخ جي حوالي سان 1967ع ۾ ٿيل ”هالا ڪنوينشن“ (ڪانفرنس) کي سنگ ميل جي طور تي ياد ڪيو وڃي ٿو، جنهن ۾ پ پ ٺهڻ جو باقاعده بنياد پيو هو، جنهن کانپوءِ شروع ٿيل سياست، سياست جي ٽرينڊز ۾ ئي تبديلي آڻي ڇڏي. گذريل ڏينهن مخدوم خليق الزمان جي ميزباني ۾ دي ريفارمرز پاران سڏايل ”هالا ڪانفرنس“ ٿي گذري، جنهن ۾ ڪنهن نئين پارٽي ته جنم نه ورتو پر هڪ نئون ٽرينڊ ضرور نظر آيو ته پاڻيءَ جي کوٽ ۽ ڊيم جي اشو اسان جي وڏن زميندارن کي پڻ ايترو سوڙهو ڪيو آهي جو اهي هاڻ نتيجن جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ وڏي واڪ آواز اٿارڻ جي تياري وٺن پيا. اسان جا اڪثر زميندار ته هونئن ئي تمام Vocal (کلي ڳالهائيندڙ) رهيا آهن پر ڪالهوڪي ڪانفرنس ۾ ڪجهه اهڙن ڀوتارن به حڪومت جي خلاف دل کولي ڳالهايو جيڪي ماضيءَ ۾ حد جي صوبيدار خلاف ٻه اکر ڳالهائڻ کان لنوائيندا هئا. ان ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيندڙن جي اڪثريت جو تعلق مختلف پارٽين سان آهي پر ڇاڪاڻ ته پارٽيون اڃا تائين ڪنهن عملي سرگرمي کان پاسيريون رهنديون اچن تنهن ڪري ”دي ريفارمرز“ واري غير سياسي پليٽ فارم تي گڏ ٿي انهن وڏن سياستدانن/زميندارن پنهنجي باهه ڪڍي آهي. اها ڪانفرنس ڪالاباغ ڊيم اشو جي ٻيهر اڀري اچڻ کان اڳ رٿي وئي هئي پر تاريخ جي رڪارڊ تي ان ڪانفرنس کي ان ريت لکيو ويندو ته ”...۽ جڏهن ڪالاباغ ڊيم جي اشو کي ٻيهر جيئاريو ويو ته ان جي خلاف پهريون باضابطا احتجاج هالا ڪانفرنس ۾ رڪارڊ ڪرايو ويو..........“
        چون ٿا ته هالا ڪانفرنس دوران مير هزار خان بجاراڻي پنهنجي تقرير ۾ چيو ته ”اسان کي صرف ٺهراءُ منظور ڪرڻ تائين محدود نه رهڻ گهرجي بلڪه عملي طور جدوجهد شروع ڪرڻ گهرجي،“ مير هزار خان پاران  چيل  ڳالهه اڄڪلهه  لڳ ڀڳ هر عام ماڻهو، سياسي ڪارڪن، دانشور ۽ ٻين شعبن سان لاڳاپيل ماڻهن جي دلين ۽ وات تي آهي پر هو اها ساڳي ڳالهه مختلف لفظن سان هن ريت چون ٿا ”اسان جو ڪو ڌڻي سائين ئي ڪونهي جو ان سڄي صورتحال ۾ رهبري ڪري،“ يا اهو ته ”اسان وٽ سياسي ويڪيوم آهي ۽ ليڊرشپ جي کوٽ آهي تنهن ڪري 3 ڪروڙ ماڻهن (سنڌين) جي مطالبن ۽ مسئلن تي ڪير ڪن ئي نٿو ڏئي“. ٿورو عرصو اڳ تائين اسان جا اڪثر سياستدان اهو چوندي ٻڌا ويندا هئا ته ”عوام وڙهڻ لاءِ تيار ناهي، تنهن ڪري اسين به ماٺ آهيون،“ پر تازو جڏهن پاڻيءَ جي مسئلي تي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ماڻهو بنا ڪنهن سياسي پارٽيءَ جي پنهنجي سر جلوس ڪڍڻ ۽ ڌرڻا هڻڻ شروع ڪيا تڏهن به اهي ماٺ ئي رهيا، جيڪي ٿورا ڏينهن اڳ چئي رهيا هئا ته ”عوام روڊن تي نڪرڻ لاءِ تيار ناهي“. سو جيڪڏهن پاڻ هاڻوڪي صورتحال کي ان ريت بيان ڪريون ته هروڀرو غلط نه ٿيندو ته ”عوام ڪاوڙيل آهي پر اهم سياسي پارٽين وٽ ماٺار آهي ۽ انفرادي طرح وڙهڻ چاهيندڙ سياستدان به ڪنهن سياسي فورم جي نه هجڻ ڪري بي وس آهن!!“

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو